Friday, November 11, 2011

امن جا سفير، محبتن جي علامت - الطاف شيخ


امن جا سفير، محبتن جي علامت
الطاف شيخ

پرديسي پکين (Migratory Birds) بابت هي مضمونَ، هتان اتر يورپ جي ملڪن، خاص ڪري ناروي، سئيڊن ۽ فنلئنڊ مان لکي رهيو آهيان. ننڍپڻ ۾ سنڌ ۾ آڙيون، ڪونجون، تلور، بدڪون، ڪاز، ٻگهلا ۽ ٻيا پرديسي پکي ضرور ڏٺاسين، پر کين غور سان ڏسڻ جو موقعو هنن اتراهن ملڪن ۾ اچي مليو آهي. جهازن کي جڏهن هنن سرد اتراهن ملڪن ناروي، فنلئنڊ وغيره ڏي وٺي اچبو هو يا سئيڊن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ رهائش دوران يا هاڻ انهن ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ اونهاري جي موسم ۾ ٿو اچجي ته هنن سهڻن ۽ رنگين ڊگوشن، بدڪن، نيرڳن، آڙين جهڙن پکين کي شهر جي بس اسٽاپن تي، اسان جي پيرن اڳيان چڳندو ڏسي يا وري پارڪن ۾ اسان جي بينچن تي اسان سان گڏ وهندو ڏسي دل خوش ٿيو وڃي.

آئون سئيڊن يا ناروي جي ماڻهن کي هميشه چوندو آهيان ته توهان ته هتي فقط پنهنجي ملڪ يا وڌ ۾ وڌ پاڙي واري ملڪ جا چند پکي ٿا ڏسو، پر اسان وٽ ڪينجهر ۽ هاليجي، منڇر ۽ سانگهڙ جي ڍنڍن تي هلي ڏسو ته توهان کي توهان جي يورپ جي هڪ هڪ ملڪ جا ۽ سائيبيريا ۽ وچ ايشيا جا پکي نظر ايندا! ڪڏهن ڪڏهن پکين جي لڏ پلاڻ کان اڻواقف ماڻهو پڇي ويهندا آهن ته هي ته سرديءَ جا پکي آهن، توهان جو ملڪ ته گرم آهي، اتي ڇو ٿا وڃن؟ آئون کلي کين چوندو آهيان ته اسان جو ملڪ گرم ضرور آهي، پر فقط اونهاري ۾. سياري جا چار پنج مهينا ته ٿڌو آهي. ڪن کي يقين نه ايندو آهي ته چوندو آهيان ته پوءِ هتي جي سياري شروع ٿيڻ سان توهان جا هي پکي ڪيڏانهن ٿا وڃن؟ اهي ڏکڻ طرف اسان جي علائقن سنڌ، پنجاب، راجستان ۽ گجرات ڏي وڃي ٽِڪن ٿا. يا وري چرچي طور چوندو آهيانءِ ته توهان کي جي اعتراض آهي ته توهان جا پکي توهان کي ڇڏي اسان ڏي نه اچن ته کين سينٽرلي هيٽيڊ آکيرا ٺهرائي ڏيو يا کين ڪوٽ ۽ سئيٽر ٺهرائي ڏيو ته هتي ئي ويٺا هجن، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾، سياري جي موسم ۾ ٻڪرين کي لنڊا بازار جا ڇنل سئيٽر پارائي ڇڏيندا آهن.
هڪ دفعو مالمو شهر (سئيڊن) جي پارڪ ۾، پنهنجي هم پيشه جهازي انجنيئر ظهير بابر قريشيءَ کي ڪجهه خوبصورت هنجر ۽ چيڪلا قسم جي پکين ڏي اشارو ڪندي چيم ته هتي جا ماڻهو ڪيڏا خوش نصيب آهن جن وٽ هن قسم جا سهڻا پکي آهن، پر پاڻ وٽ ته رڳو ڪٻريون ۽ ڪارا ڪانوَ آهن! ظهير بابر جيڪو دادوءَ جو آهي، تنهن منهنجي ڳالهه تي پهرين ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ وراڻيو، ”ادا هتي جي ماڻهن کان ته پاڻ وڌيڪ خوش نصيب آهيون. منڇر ڍنڍ ته هلي ڏسو، خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن ملڪن جي پکين سان ڀري پئي آهي.“
پر اها ڳالهه 1990ع جي آهي، جڏهن ظهير بابر مالمو شهر جي يونيورسٽي مان MSc ڪري رهيو هو ۽ منهنجي جهاز ڊئنمارڪ جي بندرگاهه ڪوپن هيگن ۾ لنگر ڪيرائڻ سان آئون فيريءَ ذريعي بالٽڪ سمنڊ اڪري، هن جي شهر مالمو ۾ هن وٽ ٻه ڏينهن وڃي ترسيو هوس، اڄ ان کي 20 سال اچي ٿيا آهن. اڄ نه اها منڇر رهي آهي، نه اهو پکين جو وڏو تعداد، جنهن جو تفصيلي ذڪر دادوءَ جي اديب، محقق ۽ صدارتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ سائين تاج صحرائيءَ پنهنجي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Lake Manchar (منڇر ڍنڍ) ۾ ڪيو آهي، جنهن ڪتاب لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته؛ هن ڪتاب جو هڪ هڪ چئپٽر ريسرچ ورڪ آهي ۽ بقول محمد ابراهيم جويو صاحب جي هي ڪتاب تواريخ، آرڪيالاجي ۽ ائنٿرا پولاجي جو مڪسچر آهي.
ڳالهه هيءَ آهي ته سائيبيريا پاسي جو يا هنن اتراهن يورپي ملڪن جو سيارو ايڏو سخت ٿئي ٿو، جو آئون ته هر وقت اهو سوچيندو رهان ٿو ته جڏهن اليڪٽرسٽي ايجاد نه ٿي هئي ته هنن ماڻهن جو ههڙن ٿڌن ملڪن ۾ ڪيئن گذارو ٿيندو هو! جتي اونهاري ۾ به اسان جهڙو سيارو ٿئي ٿو. مثال طور هي جولاءِ جو آخري هفتو آهي ته به هتي، ناروي جي هن شهر اوسلو جو پد 16 ڊگريون آهي. يعني سخت سياري ۾ سکر پاسي ايتري ٿڌڪار هوندي آهي. اهو ته آهي اونهاري جو حال، سياري ۾ هنن ملڪن ڏي ڪاٽو 25 ڊگريون ٿڌڪار ته هڪ عام ڳالهه آهي. ٿڌ جو اهو پد، ڊيپ فريز جي ٿڌڪار کان به وڌيڪ ٿڌو ٿيو، ڇو جو فريزر واري خاني جي ٿڌ وڌ ۾ وڌ ڪاٽو 15 يا 20 تائين هوندي آهي. اها ٿڌڪار به ايتري ته گهڻي ٿي لڳي، جو ان ۾ گوشت يا مڇي رکڻ سان اٺن ڪلاڪن ۾ پٿر ٿيو وڃي.
ڪنهن چيو ته هي سڀ پکي سياري ۾ هتان (يعني يورپ جي اتراهن علائقن مان) ڏکڻ ڏي ڇو ٿا هليا وڃن؟
سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن اليڪٽرسٽي نه هئي، ته به انسان وٽ ته قدرت طرفان اها ڏات هئي ته هو جانورن جون کلون به پائي سيءَ کان پنهنجو بچاءُ ڪري، سڄي رات باهه ٻاري پاڻ کي گرم رکي، برف جي سرن جو ڪمرو يا Igloo ٺاهي، پاڻ کي ٿڌيءَ هوا کان بچائي، جو هوا جي ڪاٽو 25 ڊگرين کان وري به برف گهڻي گرم آهي، جنهن جو ٽيمپريچر وڌ ۾ وڌ ڪاٽو هڪ يا ٻه ٿئي ٿو، پر پکي ڇا ڪن؟ اهي ته هتي جي سياري جي هن ٿڌ ۾ رهن ته ڄمي برف ٿي وڃن. پکي ته ڇا سئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ جهڙن ملڪن جي سياري ۾ انسان ذات به رات جو هيٽنگ سسٽم بند ٿيڻ تي يا دري کُلڻ تي ننڊ ۾ برف ٿي وڃي! انهيءَ ڪري هتي اوسلو ۾، چاهي اسٽاڪهوم يا مالمو وغيره ۾، گهرن ۾ ٺهيل درين کي ٻه ٻه شيشا ٿين ٿا جيئن هڪ شيشو پاڻهي يا ڪنهن کان ڀڄي پوي يا ٽڙڪي پوي ته بچاءَ لاءِ ٻيو ته هجي.
سو اهڙين حالتن ۾ هنن پکين لاءِ ههڙي ظالم موسم کان ڀڄي جان بچائڻ ۾ ئي عاقبت ۽ عافيت آهي. هتي جي پکين لاءِ هجرت ڪري سنڌ، پنجاب يا جهونا ڳڙهه، ڪاٺياواڙ ۽ راجستان جهڙن هنڌن ڏي وڃڻ ڄڻ فطرت ۾ شامل آهي.  ڇو جو سندن نسلي بقا جو راز ئي انهيءَ ۾ آهي، ۽ اهو هجرت جو عمل قدرت ئي کين سمجهايو آهي. هو يورپ جي اتراهن ملڪن کان، جيڪو سندن اصلي وطن آهي ۽ جتي هو آنا ڏين ٿا ۽ ٻچا ڪن ٿا، سردي جي موسم ۾ هجرت ڪري ڏاکڻن ملڪن ڏي وڃن ٿا، جتي ايتري سردي ناهي.هو ڏاکڻن علائقن ۾، جن ۾ اسان جي سنڌ به شامل آهي، عارضي قيام ڪري، وري واپس موٽن ٿا. اهو سندن فطرت ۾ شامل آهي. اتر جي سخت ٿڌ کان بچڻ لاءِ هو ٻه ٻه ٽي ٽي هزار ڪلوميٽر سفر ڪن ٿا، جنهن ۾ هنن کي جابلو سلسلن ۽ سمنڊن مٿان به لنگهڻو پوي ٿو ۽ اها هنن جي هر سال جي روٽين آهي. هوائي جهاز وانگر هو ساڳيا رستا ۽ ساڳيا Stop Overs ڏئي ڏکڻ ڏي سيارو گذارڻ وڃن ٿا ۽ وري واپسيءَ وارين مقرر واٽن تان موٽن ٿا. اها انهن جي ڄڻ ته لائيف سائيڪل آهي يا فطري مجبوري آهي. رب پاڪ انهن پکين کي جديد مواصلاتي نظام جهڙي جبلت عطا ڪئي آهي، جنهن ڪري هو موسمن جي تبديلين مطابق پنهنجا يورپ پاسي جا ڪک ڇڏي سنڌ ڏي مهمان ٿي وڃن ٿا ۽ وري ساڳن ماڳن تي موٽن ٿا! باوجود ماڊرن اوزارن جي اسان جهازين کان پائيليٽن کان ڪڏهن ڪڏهن رستو ڳولڻ ۾ غلطيون ٿيو وڃن پر هنن پکين کان هرگز نه!
ڪجهه عرصو اڳ سنڌيءَ جي هڪ اخبار ۾ نواز ڪنڀر صاحب جو هنن پرديسي پکين بابت مضمون پڙهيو هوم، جنهن ۾ هن لکيو هو: ”هي پکي سنڌ ۾ اچڻ مهل صفا ڪمزور هوندا آهن، پر موٽڻ وقت ڏاڍا متارا ٿي ويندا آهن، ايستائين جو آخري ڏينهن ۾ شڪار ٿيل پکين کي ترڻ وقت گيهه وجهڻ جي به ضرورت محسوس ڪونه ٿيندي آهي، ايتري چرٻي هوندي اٿن! شروع ۾ جڏهن پرديسي پکي سنڌ ۾ لهندا آهن ته بک جي ڪري مسلسل کائيندا رهندا آهن، پر ڪجهه ڏينهن بعد کائڻ گهٽائي ڇڏيندا آهن...“
ڪنهن مون کان پڇيو ته ڇا هتي يورپ پاسي، جتان هو سنڌ ڏي روانا ٿين ٿا، کائڻ لاءِ نٿو ملين ڇا، جو هو ايڏو ڪمزور حالت ۾ سنڌ ۾ لهن ٿا؟
نه، اها ڳالهه ناهي. هيڏانهن يورپ پاسي ته پکين لاءِ تمام گهڻو کاڌو آهي. هن پاسي تي روڊ رستن تي به ڪيترن ئي فروٽن جا وڻ آهن، جن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي پکي پيا کائين. ان کان علاه هتي جا ماڻهو رستي جي ڪپرن تي، پارڪن ۾ ۽ بس اسٽاپ تي مختلف قسم جا ٻج ۽ Nuts پکين کي ڏيندا رهن ٿا. سياري جي ٿڌي هوا شروع ٿيڻ سان جڏهن هي پکي (Migratory Birds)  ڏکڻ ڏي روانا ٿين ٿا ته ان وقت هو بيحد ٿلها متارا هوندا آهن. بلڪه هڪ زولاجسٽ ٻڌايو ته اها قدرتيPhenomenon آهي ته لڏڻ وقت هنن تي چرٻي چڙهيل هجي، جيڪا هنن جي سفر دوران ڳري ٿي. ذرا اندازو لڳايو ته هي پکي ڇا ته ڊگهو سفر ڪن ٿا، جنهن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن بلڪه ڪيترائي هفتا هنن کي پَرڙا هڻڻا پون ٿا ۽ چرٻي جي صورت ۾ هو انرجي ساڙين ٿا، پوءِ ظاهر آهي ته منزل تي پهچڻ مهل هو ڳري هلڪا ٿيو وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح وري واپس موٽڻ کان اڳ هنن لاءِ ضروري ٿيو پوي ته گهڻو کائي جسم تي چرٻي چاڙهين، جيئن هو ڊگهيءَ اڏام جي مشقت ڪري سگهن. واپسيءَ جو سفر پورو ڪري، هو جڏهن يورپ جي هنن اتراهن ملڪن ۾ پهچڻ شروع ڪن ٿا ته ان وقت به هو بيحد ڪمزور ۽ ڏٻرا هوندا آهن. هتي جي (يعني يورپ جي) ماڻهن جو پکين لاءِ پيار جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته هو هنن پکين جي اچڻ کان اڳ هنن لاءِ اناج ۽ ٻيون کائڻ جون شيون وٺي رکن ٿا ۽ جتي ڪٿي هنن پکين اڳيان اڇلائيندا رهن ٿا، جيئن هيڏي وڏي سفر بعد پهچڻ تي کين آرام ملي ۽ کاڌي جي ڳولا ۾ يڪدم تڪليف نه وٺن، ان ڪري هنن ملڪن ۾ پکي انسانن کي پنهنجو دوست سمجهي ٿو، ڇو جو هتي سندن قتل عام نٿو ٿئي، پر اسان وٽ سنڌ ۾ هي پکي انسانن جي آواز کان پيا ڇرڪن.
ماڪن شاهه رضويءَ جو هنن پرديسي پکين بابت هڪ مضمون: ”مارجي ويل مهمان پکي ۽ احساس کان خالي دليون“ پڙهيو هوم، جنهن ۾ هو صاحب لکي ٿو ته، هنن پکين جي قسمت به عجيب، ته پنڌ به بنهه ڊگها آهن. الائي ڪهڙا ڪهڙا ڊگها سفر ڪري، هي پکي سنڌ سان پريت نباهڻ خاطر اچن ٿا، پر افسوس جو اسان اهڙا بي حِس ٿي ويا آهيون، جو اسان مان ڪنهن کي به هنن جي اکين ۾ لڪل عاشقي نظر نٿي اچي. هي پکي وڏا ويساهي آهن. هنن جي معصوم مَن ۾ ماريءَ جي مڪر جو ڪو به ڀؤ نه هوندو آهي. هي پنهنجي ويساهه ۾ ئي مارجي ويندا آهن.
دلبو منجهه درياهَه، پکي پسي آئيا،
ويچارنِ ويساهَه، آڻي ات اڙائيو.
(شاهه)
لطيف سرڪار جي وقت ۾ ۽ ان کان اڳ به اهي شوق شڪار هوندا هئا، پر اڄ جي شڪارين ته سنڌ ۾ باهه ٻاري ڇڏي آهي. هڪ هڪ ڏينهن ۾ هزارين پکي ماريا وڃن ٿا. ڊگوش، لاکا، ڄاڃي، چيخلا، آڙيون، هنجهر، ڪانئرا، هنج، ڪونجون... الائي ڪهڙي ڪهڙي نسل جا ناياب ۽ حسين پکي مارجيو وڃن ٿا. ڪن شڪارين ته نه رڳو ڍنڍن تي، پر ٿر تائين پرديسي پکين جو قتل عام شروع ڪري ڇڏيو آهي. تلور جي پويان ته شڪاري ائين ٿا لڳن ڄڻ اها ڪا ڏوهه ڪري ماڻهو ماري آئي هجي. ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته پکي، جيڪي امن جا سفير ۽ محبتن جو نشان هوندا آهن، انهن کي اسان وٽ سنڌ ۾، پنهنجا ۽ پراوا اچيو بيدرديءَ سان ماريو وڃن.

No comments:

Post a Comment