قمر
شهباز: هڪ قداور ليکڪ ...
الطاف شيخ
مئي مهيني جو امرتا مليو آهي. توهان جو ’امرتا‘
هاڻ ’سُهڻي‘ ۽ ’روح رهاڻ‘ جون سڪون ٿو لاهي. مواد ۽ ڇپائيءَ جي لحاظ کان اُتم ۽
اُتاهون ٿيندو وڃي. باقي اشتهار نه هجڻ ڪري، اهو ضرور احساس ٿئي ٿو ته هي رسالو
ڪڍڻ وارا ڪيڏي وڏي عذاب ۾ هوندا. ڪٿي ته اخبارن ۽ رسالن کي ايڏا اشتهار ملن ٿا جو
هُو مفت ۾ ورهائين ته به وڏي فائدي ۾ وڃن ۽ ڪٿي وري ’امرتا‘ جا مسڪينيءَ وارا حال
ٿا ڏسجن ته ڏک ٿو ٿئي. ڇپڻ وارا هن رسالي کي جياري رکڻ لاءِ جيڪي جَتَن ڪري رهيا
هوندا، ان جو اندازو لڳائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. توهان (فقير محمد ڍول) جا هن پرچي ۾
قمر شهباز لاءِ لکيل جذبات حقيقت تي مبني آهن. ان قسم جا تاثرات عبرت، ڪاوش ۽
عوامي آواز جهڙين اخبارن ۾ به ڇپجڻ کپن، جيئن پرديس ۾ رهندڙ مون جهڙا، هن قسم جو
لاجواب مضمون انٽرنيٽ تي به پڙهي سگهن.
قمر شهباز هڪ تمام قداور ۽ Great ليکڪ
چئي سگهجي ٿو. گذريل 45 سالن کان آءٌ بلڪل سندس ويجهو رهيو آهيان. هو منهنجو دوست
به رهيو آهي ته امر جليل ۽ تاج بلوچ وانگر، لکڻ جي معاملي ۾ منهنجو استاد به. سندس
لکڻين جو اندازو ته’امرتا‘ ۾ ڇپيل سندس ڪهاڻي ’ڏاڏي آدم جو سوال‘ مان ئي لڳائي
سگهجي ٿو. ڇا ته هو Talented ماڻهو هو. سندس لکڻين ۾
طنز ۽ مزاح آهي. سندس لکڻين ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن، دردن، ڪوتاهين ۽ معاشري
جي خامين لاءِ ڏک ۽ ڳڻتي آهي. ڪارو ڪاريءَ تي، گهڻن ئي ماڻهن لکيو آهي، پر هن جي
ڪهاڻيءَ ’ڏاڏي آدم جو سوال‘ ۾ اسان جي کوکلي ماحول، ڪوڙي وڏائي ۽ ڪوڙي لئي تي
ڀونڊو آهي...
’لک جي نالت اٿو سڀني جي ٻوٿ ۾! ڀاڙيا ڪنهن جَاءِ
جا! معصومن ۽ گگدامن کي ماري کڳيون ٿا هڻو کوٻلا؟ وڏ گيرتي پٽ ٿا سڏايو پاڻ کي؟
سڄي سنڌ پئي سڙي، ماءُ پئي ليلام ٿيئي، جيجل پئي ڌارين هٿان جُهري، اتي گيرت ڪا نه
ٿي اچو...؟‘ سندس اهي جملا پڙهي دل مان اهو ئي نڪتو ته قمر توکي اڃا وڃڻو ڪو نه
هو... ڪاش توهان جو رسالو (امرتا) Net تي هجي ها ۽ هيءَ ڪهاڻي
ٻيا به پڙهي سگهن ها. هيءَ ڪهاڻي اسان جي هڪ هڪ سنڌيءَ لاءِ پڙهڻ ضروري آهي...
مون کي خوشي ٿي آهي ته ’امرتا‘ وارا، قمر شهباز
جون ڪهاڻيون هٿ ڪري ’امرتا‘ ۾ ڇپڻ جو ارادو رکن ٿا. منهنجو قمر سان هر وقت- بلڪ
گذريل چاليهه سالن کان، ان ڳالهه تي جهيڙو رهندو هو ته ههڙيون لاجواب ڪهاڻيون ۽
ڪالم ٿو لکين، انهن کي گڏ ڪري ڇپائين ڇونٿو سندس جواب هميشه، سراج ميمڻ وارو هوندو
هو؛ ”وقت ملڻ تي اهو وڌيڪ لکڻ ۾ استعمال ڪريو ڇڏيان. پراڻيون ڇپيل ڪهاڻيون ڪٿي
ڳولهيان؟“ هاڻ پهريون دفعو، وفات کان ٽي يا چار ڏينهن اڳ، ڊفينس جي UBL
بئنڪ ۾ مليو. مون کي ٻاهر وٺي پنهنجي گاڏيءَ ۾ رکيل ڪجهه رسالن ۽ اخبارن ڏي اشارو
ڪري چيائين؛ ”هيءُ ڪجهه مواد هٿ ڪيو اٿم ۽ باقي ملڻ ته ناممڪن ٿو لڳي. الائي ڪيڏانهن
گم ٿي ويو.“ مون سان گڏ ملائيشيا جي نيول اڪيڊميءَ ۾ تدريس جو ڪم ڪندڙ ۽ گڏ جهاز هلائيندڙ ڪئپٽن عثمان خان به هو.
تنهن کي قمر شهباز سان ملايم ته قمر ٽهڪ ڏيئي هن کي چيو: ’سنڌي ادب کي ٻن ماڻهن
چڱو سڃاتو آهي. هڪ امر جليل ۽ هڪ هن توهان جي دوست.‘
’ڪيئن ڀلا؟‘ ڪئپٽن عثمان خان پڇيو.
’ان ڪري جو هنن ٻنهي وٽ لکڻ لاءِ ڪينواس آهي.
الطاف دنيا جو سفر ڪري ٿو ۽ وڃي لکندو. اسان کي ته هر دفعي سوچڻو پوي ٿو ته ڪهڙي
عنوان تي لکون.‘
مون قمر کي چيو؛ ’پوءِ ته امر جليل کي شاباس هجي،
هو توهان وانگر هتي ئي ويٺو آهي، پوءِ به لکندو رهي ٿو. هن وٽ مصوري ڪرڻ لاءِ ڪهڙو
پردو آهي؟‘
قمر کِلي چيو، ’امر جليل وري اهو خول ٺاهي ڇڏيو
آهي ته آئون هڪ چريو آهيان. آئون هڪ موڳو مَٽر آهيان، آئون ڊڄڻو گدڙ آهيان ۽ پوءِ
وتي هر عنوان تي لکندو. چريو ماڻهو ٿيو ته ڪجهه به ڪري سگهي ٿو... ڪجهه به لکي
سگهي ٿو...‘
پوءِ گاڏيءَ مان اپريل يا شايد مارچ مهيني جو
’امرتا‘ رسالو ڪڍي مون کي چيائين؛ ”هي رسالو ڏٺو اٿئي...؟“
”سالن کان پڙهندو اچان! جڏهن کان ان جو جنم ٿيو
آهي.“ ٻڌايومانس.
”بس هاڻي تون اهو پڙهندو رهجان. مون به هڪ Canvas
ڳولهي لڌو آهي ۽ ان تي آئون ايترو لکندو رهندس جو توهان به پڄي نه سگهندؤ.“
اڄ جڏهن فقير محمد ڍول جو قمر شهباز بابت ليک
’اوهان جي پڄاڻان‘ ۾ هيءُ جملو پڙهان ٿو: ”هن مون سان واعدو ڪيو هو، ته تون رڳو
’امرتا‘ ۾ ڪهاڻيون ڇپيندو وڃ، آئون امرتا لاءِ ڪهاڻيون لکندو ويندس...“ ته اهو لڳي
ٿو ته ڪيترا ئي پڙهندڙ فقير محمد ڍول جي لکيل ان جملي کي من گهڙت يا فقير محمد ڍول
جي Fabrication
سمجهن، پر آئون اهو ئي لکندس ته اها هڪ حقيقت آهي...
قمر شهباز اهڙو ماڻهو هيو، جنهن کي مون هميشه Composed
۽ کلندو مرڪندو ڏٺو، دل جي آپريشن لاءِ ٿيٽر ۾ وڃي رهيو هو ته، چرچا ڪندو پئي ويو.
هو گهڻو ڪري پاڻ تي ئي چرچا ڪندو هو. زبردست Sense of Humor
جو ماڻهو هو. گهڻو گهڻو اڳ سندس چوڻ تي آئون پنهنجي پيٽارو جي دوست ENT
سرجن سرفراز شاهه کي ساڻس ملائڻ لاءِ وٺي ويس. ڊاڪٽر سرفراز تازو ويانا (يورپ) مان
پلاسٽڪ سرجريءَ جو هُنر سکي آيو هو ۽ تمام ڪاميابيءَ سان آپريشنون ڪري رهيو هو.
قمر شهباز سان جڏهن اها ڳالهه ڪيم ته يڪدم پنهنجي هڪ ڌيءَ کي ڊرائنگ روم ۾ گهرائي
سرفراز کي چيائين؛ ”ادا هن جي نڪ جي پلاسٽڪ سرجري ڪندؤ!“ پوءِ کلندي ڌيءَ کي چيائين: ”پٽ ! شرماءِ
نه. چاچا کي ٻڌاءِ ته تنهنجو ڪنهن جهڙو نڪ ٺاهي... ڊمپل ڪپاڊيا جهڙو يا سري ديويءَ
جهڙو يا رتي اگني هوتريءَ جهڙو؟“ ڊاڪٽر سرفراز ته ويچارو گذاري ويو، پر مون کي اڄ
به قمر شهباز جي اهاڳالهه ياد ٿي اچي ته کل از خود اچيو وڃي.
قمر کي هڪ ڏينهن چيم؛ ”تنهنجي اها ڳالهه ڏاڍي سٺي
آهي جو هر حال ۾ پاڻ کي خوش ٿو رکين.“ ڳنڀير شڪل ٺاهي وراڻيائين؛ ”اهو رڳو ٻاهران
ٿو ڏسين اندر ڦٽيو پيو آهي.“
”ڇو ڀلا؟“ پڇيومانس.
”ادا ڪهڙو پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور سنڌي هوندو، جيڪو
اڄ جي دور ۾ خوشي محسوس ڪندو هوندو؟ اهو ملڪ جنهن جو ٻچو ٻچو ڄمڻ سان قرضي ٿي پيو
آهي. اها اسان جي ڌرتي جنهن جا پنهنجا ئي بي گهر ۽ بيروزگار آهن. اغوا اسين پيا
ٿيون، يتيم اسين پيا ٿيون... هن ايڪهين
صديءَ ۾ به اسان جي ٻارن لاءِ نه تعليم آهي نه صحت، نه نوڪري آهي نه اجهو...“
”قمر! هڪ ڏينهن پاڻ وٽ به ضرور جمهوريت ايندي،
پنهنجا ئي
ماڻهو حڪومت ۾ ايندا ۽
پوءِ خوشحالي ضرور ايندي...“ چيومانس.
”ڀلي کڻي پنهنجا ئي اچن، اهي به اسان سنڌين لاءِ
اهو ئي ڪندا... رڳو آسرا ۽ اميدون اسان جي نصيب ۾ رهندا...“
اڄ قمر جي مرڻ پڄاڻان، سندس ڳالهين تي ٿو سوچيان.
سندس مرڪندڙ چهري پويان بيان ڪيل غمن جي جهلڪ ٿي نظر اچي... خوشيون ڄڻ ته اسان کان
موڪلائي ويون هجن.
نه چرچو نه تاڙي، رهي آ
اسان وٽ،
رڳو رات ٻاڙي، رهي آ
اسان وٽ،
مڃان ڪيئن ڀٽائي! ته سنڌ
آ ساڳي،
نه اجرڪ نه ساڙهي، رهي آ اسان وٽ،
ڪٿي ماءُ مومل، ڪٿي ڀيڻ
ڪاري،
ڪُهڻ لاءِ ڪهاڙي، رهي آ
اسان وٽ.
No comments:
Post a Comment