ماسي
حاڪم زاديءَ جي ڌيءَ رشيده حجاب
الطاف شيخ
پاڻ گذريل ڪالم ۾ سسئي پليجو ۽ سندس ڳوٺ جنگشاهي
جي ڳالهه ڪئي. هڪ ٻه ڳالهيون رهجي ويون اهي هتي لکان ٿو. رسول بخش پليجو، سياسي
طرح جيتوڻيڪ ”عوامي تحريڪ“ سان تعلق رکي ٿو، پر سندس ڀاءُ غلام قادر ۽ ان جي ڌيءَ
سسئي پيپلز پارٽيءَ سان آهن. غلام قادر پليجو به ٻه دفعا، صوبائي اسيمبلي جو ميمبر
چونڊجي چڪو آهي ۽ هينئر به سياست ۾ فعال آهي. سسئي پليجو، واحد صوبائي اسيمبلي جي
ميمبر آهي جيڪا عورتن جي سيٽ تي ٺٽي جي ميرپورساڪرو PS-85 تڪ ۾ چونڊجي وئي آهي. پاڻ هن وقت وزير ثقافت ۽ سياحت آهي. پاڻ ڊبل
گريجوئيٽ آهي. سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ڪرڻ بعد، هن لنڊن مان بين الاقوامي قانون ۾
ڊگري حاصل ڪئي. سسئي پليجو جي والده اختر بلوچ 17 سالن جي هئي ته ايوب خان جي
مارشل لا واري دور ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ دوران جيل ۾ سال کن رهي. رسول بخش پليجو
سنڌين ۾ سڀ کان گهڻو عرصو جيل ۾ رهيو آهي. آئون ملائيشيا ۾ هوس ته 1989ع ۾
ملائيشيا جي انگريزي اخبار New Straits Times رسول بخش پليجو صاحب تي صفحو ڪڍيو هو ته هو ايشيا جو اهو انسان
آهي جيڪو وڏي ڄمار جيل ۾ گذاري آزاد ٿيو آهي. ان جو ذڪر مون ملائيشيا واري سفرنامي
”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ۾ به ڪيو آهي.
جنگشاهي ٻي ڪنهن ڳالهه کان
مشهور هجي يا نه پر فوجي تاريخ ۾ پاڪستان جي ٿيڻ واري پهرين ”ڪمانڊر ان چيف“ جنرل
محمد افتخار خان جي حادثي کان مشهور آهي. پاڪستان ٿيڻ وقت پاڪستان جو آرمي چيف
فرئنڪ ميسروي هو ان بعد 11 فيبروري تي سر ڊگلس ڊيوڊ گريسي ”ڪمانڊر ان چيف“ ٿيو ۽
1951ع تائين يعني رٽائرمينٽ تائين، گريسي ان پوسٽ تي رهيو. ان کان اڳ اهو فيصلو
ٿيو ته گريسيءَ بعد، پاڪستان جو فوجي ڪمانڊر ان چيف، انگريز بدران هن نئين ملڪ
پاڪستان جو رهاڪو ٿيندو. جنهن لاءِ ميجر جنرل محمد افتخار جو نالو منتخب ٿي چڪو
هو. پر جنرل صاحب، انگريز فوجي آفيسر گريسي جي رٽائرمينٽ کان اڳ، 1949ع ۾ جنگشاهي
وٽ هوائي حادثي ۾ وفات ڪري ويو. جنگشاهي ٺٽي ضلعي جو وڏو ۽ اهم شهر آهي، جيڪو ريل
رستي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن سان ڳنڍيل آهي ۽ ٺٽي کان 13 ميل اولهه ۾ آهي.
بهرحال ويٺي ويٺي هي پراڻيون ڳالهيون ياد اچي
ويون، جيڪي سٺ واري ڏهي جون آهن. سسئي جو پيءُ غلام قادر پليجو، چاچو عبدالرحمان ۽
اسان سڀ اڃا شاگرد هئاسين. پنجاهه سي سي هونڊا تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چڪر هڻندا
هئاسين. اڄ ان کي اڌ صدي کن اچي ٿي آهي. مون کي ان قسم جون ڳالهيون هيڪانديون عجيب
ٿيون لڳن جو آئون وچ وارو عرصو، يعني 30-40 سال کن، پنهنجي ملڪ جي Scene مان ئي آئوٽ رهيس. 1963ع تائين يعني 18-19
سال پنهنجي ڳوٺ هالا، پيٽارو جتي پڙهندو هوس ۽ حيدرآباد (جتي منهنجا ناناڻا رهيا
ٿي ۽ گرمين جي موڪل ۾ حيدر چوڪ وٽ ناني جي گهر رهائش ٿيندي هئي) ۾ رهڻ بعد پوءِ
آئون يڪا 30-40 سال، پنهنجي ملڪ کان ئي ڏور ٿي ويس ۽ هاڻ جڏهن 60-65 ورهين جو ٿي
موٽيو آهيان ته ڪيتريون ئي ڳالهيون عجيب ٿيون لڳن. حيرت ۽ خوشيءَ جا مختلف جذبا
پيدا ٿا ٿين. جيئن اڄ 44 سالن بعد شمس جعفراڻيءَ کي ۽ پهريون دفعي سسئي کي ڏسي
حيرت ۽ خوشي ٿي اٿم. ان سان گڏ، هڪ ٻئي ماڻهو سان منهنجي تازي ملاقات جو احوال هتي
لکڻ بي محل نه ٿيندو ۽ ان عظيم شخصيت جو هتي مون کي ضرور ذڪر ڪرڻ کپي، جنهن کي
اسان جي ڪيترن ادب دوست ماڻهن وساري ڇڏيو آهي.
مٿي آئون ٻڌائي چڪو آهيان ته انٽر تائين جيڪي سال
آئون پاڪستان يعني سنڌ ۾ رهيس، ان ۾ پيٽارو کان علاوه موڪل جا ڪجهه ڏينهن ڳوٺ هالا
۾ گذرندا هئا ته ڪجهه ڏينهن حيدرآباد ۾ ناني جي گهر. اسان جي ناني جو گهر اڄ واري
حيدر چوڪ کان ڪجهه وکون ڏکڻ طرف هو. ٻه چار گهرن بعد خالد هاشماڻي جو گهر هو، جيڪو
پڻ ٻه سال رکي پيٽارو آيو ۽ هاڻ آمريڪا ۾ رهي ٿو. هن جي گهر سامهون مغلن جو گهر هو،
جنهن جي ٻاهران نوراحمد مغل لکيل هوندو هو. هنن جي گهر ۾ به منهنجي ڀاءُ ۽ مون
جيڏا ٻار هئا ۽ ڪڏهن سندن گهر ته ڪڏهن ٻاهر راند ڪندا هئاسين. اسان جيڏو رشيد ۽
مقبول هئا. سندن هڪ وڏي ڀيڻ رشيده نالي هئي. ڪا خاص وڏي نه هئي. مون کان کڻي ٻه
سال کن وڏي هجي، جو اتي جي گاڏي کاتي واري اسڪول ۾ رشيده ۽ اڄ جي V.C ادا مظهر جي ننڍي ڀيڻ سلطانه صديقي، جيڪا اڄ ڪلهه ٽي وي چئنل ’هم‘
۽ ’مصالا‘ جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي، چوٿين ڪلاس ۾ هيون ته اسان ٻئي ڪلاس ۾
هئاسين. ڊاڪٽر فهميده حسين جن جو پڻ، پاڙي ۾ گهر هو جيڪا اسان کان به ٻه ٽي سال کن
ننڍي هئي. رشيده جو والد نوراحمد مغل صاحب انهن ڏينهن ۾ مختيارڪار هو ۽ منهنجو
پيءُ به روينيو ۾ ئي هو. شايد اسسٽنٽ ڪمشنر، ٻنهي جي پاڻ ۾ سٺي دوستي هئي. سندن
ٽيون دوست جمال الدين جماڻي هو، جنهن جو گهر ٿورو اڳيان هو. جماڻي صاحب جو پٽ
اقبال (جيڪو هاڻ انڪم ٽئڪس ڪمشنر ۽ D.G
جي عهدي تان، گذريل سال رٽائرڊ ٿيو آهي، اهو) پڻ اتي ايندو هو جنهن لاءِ ماسي
حاڪمزادي (رشيده جي ماءُ) چوندي هئي ته هي منهنجو سڳو ڀاڻيجو آهي. گهڻو گهڻو پوءِ
هڪ دفعو ناني جي گهر آياسين ته خبر پيئي ته ادي رشيده جي شادي راڄپرن ۾ ايڏانهن
موري پاسي ٿي آهي.
پيٽارو ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد مئرين انجنيئرنگ
(جهاز هلائڻ جي انجنيئرنگ) جي تعليم ۽ پوءِ نوڪري ٻاهر ئي ٿيندي رهي. اسڪول، ڪاليج
۽ هاڻ نوڪري جي ڏينهن ۾ آئون هر وقت رسالا ۽ اخبارون پڙهندو رهيس ۽ افسانا لکندڙن
۾ منهنجا جيڪي دلپسند لکندڙ هئا، رشيده حجاب انهن مان هڪ هئي. مون کي اها خبر ئي
نه هئي ته ناناڻن جي پاڙي ۾ جيڪا ماسي حاڪمزادي جي ڌيءَ رشيده نظر ايندي هئي، اها
رشيده حجاب ئي آهي، جنهن جا افسانا نئين زندگي ۽ مهراڻ جهڙن رسالن ۾ هميشه پڙهندا رهون ٿا. ان ڳالهه جي خبر
مون کي اڌ صديءَ بعد، گذريل هفتي اقبال جماڻي جي ڌيءَ جي شادي تي پيئي، سو به آخر
۾ اٿڻ وقت. شادي ۾ آيل مهمان، هاڻ وڃي رهيا هئا. هڪ ٽيبل تي اڃا ڪجهه مهمان ويٺا
هئا. وٽانئن جيئن ئي منهنجو لنگهه ٿيو ته سامهون ويٺل فضل قلباڻي اٿي مليو ۽ مون
کي ڀر ۾ ويٺل محترمه ڏي اشارو ڪري چيو ته ”ادي رشيده حجاب سان نه ملندؤ؟“
”رشيده حجاب!“ حيرت مان مون نالو ورجايو.
هيستائين مون ته رشيده حجاب جو نالو ٻڌو هو. ملڻ
جي شوق جي باوجود مون کي ڪڏهن کيس ڏسڻ جو به موقعو نه مليو هو ۽ هاڻ جيئن کڻي ڏسان
ته وڏي عرصي جي تبديلي جي باوجود، هوءَ ماسي حاڪمزادي جي ڌيءَ لڳي رهي هئي، آئون
ويهي رهيس؛ ”آپا توهين هتي ڪيئن؟“
”اقبال جماڻي منهنجو ماسات ته ٿئي ۽ هي قلباڻي به
اماني جي مائٽيءَ ۾ آهن.“
جيتوڻيڪ جلدي ۾ هوس پر هن عجيب ملاقات ڪري، ڪلاڪ
کن ويهي ادي رشيده حجاب کان سندس ۽ سندس فئملي جو احوال وٺندو رهيس. ان ڏينهن مون
کيس تقريباً 50 سالن جي Gap
کانپوءِ ڏٺو هو. آخري دفعو سندن گهر 1961ع ۾ ويو هوس، جڏهن مئٽرڪ ۾ هوس.
No comments:
Post a Comment