Thursday, November 10, 2011

وري يادگيرين ورايو اسان کي... - الطاف شيخ


وري يادگيرين ورايو اسان کي...
الطاف شيخ

PNSC جي بلڊنگ لتاڙي جيئن ئي منهنجي ڪار جناح بِرج تي چڙهي ته کاٻِي هٿ تي، ڪياماڙي پاسي وارو ايسٽ وهارف (بندرگاهه) صاف نظر اچڻ لڳو. ڪيترن ئي ملڪن جا جهاز اڌ پاڻيءَ ۾، اڌ ٻاهر، ائين بيٺا هئا جيئن پراڻي رستي ذريعي هالا کان حيدرآباد اچبو هو ته ڦليليءَ ۾ مينهون نظر اينديون هيون. هينئر ته خبر ناهي اهو رستو به آهي يا نه. وڏي ڳالهه ته ڦليليءَ ۾ پاڻي به آهي يا نه! بهرحال مون سان گڏ ويٺل منهنجي ڌيءَ مريم جليل، هڪ جهاز ڏي اشارو ڪري پنهنجي تيرهن سالن جي پٽ احسن کي چيو ته؛ ”اهو جهاز مالاڪنڊ آهي جنهن تي آئون ستن سالن جي هيس ته تنهنجي ناني سان گڏ رهندي هيس.“

هن جو اشارو مون ڏي هو. مون ڪجهه گهڙيءَ لاءِ سامهون رستي تان نگاهون هٽائي، کاٻي پاسي بندرگاهه ڏي نهاريو. مختلف ملڪن جي جهازن جي ميڙ ۾، منهنجي PNSC لکيل چمني (Funnel) واري جهاز تي يڪدم نظر پئجي وئي. سندس Bow (اڳئين حصي) تي M.V. Malakand لکيل هو. لڳو ٿي ته ڪنهن مڇريل سمنڊ مان يا طوفاني موسم مان لنگهي پهتو هو، جو جتان ڪٿان سندس رنگ اکڙيل هو.
”ايندڙ هفتي اِن جهاز کي اسڪريپ ڪري رهيا آهن.“ منهنجي ڌيءَ منهنجي ڏوهٽي کي وڌيڪ ٻڌايو. آئون هن جهاز کي وڌيڪ ڏسي نه سگهيس. مون پنهنجي ڪار کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر پنهنجي اکين تي ڪنٽرول ڪري نه سگهيس، جن مان ٻه ڳوڙها ڳڙي اچي ڳلن تي پيا. مون آڱر سان اهي اگهندي پنهنجو پاڻ تي حيرت کاڌي.
ڇا اهي ڳوڙها خوشيءَ جا سڏجن؟ خوشي ان ڳالهه جي ته هڪ جهاز، جيڪو اسان جي جهازران ڪمپنيءَ لاءِ ڏهه سالن جي مختصر لائيف لاءِ ٺاهيو ويو، تنهن کي اسان دلدل وانگر سٺي پرگهور سان ٽيهه سال هلايو.
يا ڇا اهي ڳوڙها ڏک جا سڏجن؟ ڏک ان ڳالهه جو ته هي جهاز تري واري ڪاٺي (Keel) کان کوهي (Mast) تائين منهنجي اڳيان ٺهيو، سندس ڊليوري (شپ يارڊ مان ڪڍي مالڪن حوالي) منهنجي اڳيان ٿي ۽ سندس پهرئين سفر (Maiden Voyage) ۾ آئون هن جو چيف انجنيئر هوس ۽ ان کان پوءِ به آئون کيس سئيز ڪئنال مان لنگهائي يا ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦيرائي يورپ ۽ آفريڪا جي مختلف بندرگاهن ۾ وٺي پئي ويس. اڄ ان جهاز جي موت جون گهڙيون ويجهو اچي ويون آهن ۽ چند ڏينهن ۾  Scrap(ڀاڱا ڀاڱا) ٿي ويندو. يا منهنجي انهن ڳوڙهن کي ناستلجيا جا لڙڪ سڏي سگهون ٿا. ناستلجيا لاءِ ملئي زبان ۾ ته Rindu لفظ آهي پر افسوس ته سنڌي يا اردو زبانن ۾ فڪشن، رومانس يا بائيڪاٽ لفظن وانگر Nostalgia لاءِ ڪو به لفظ ناهي. ناستلجيا ڇا آهي؟ بقول هڪ انگريز جي:
“Alonging for the Past, one often Feels in idealized form”
جي ها. آئون هن ڪنهن زماني جي ’موسٽ ماڊرن ۽ موچاري‘ جهاز جو چيف انجنير هوس، جيڪو ٽوڪيو (جپان) جي اڄ به مشهور شپ يارڊ IHI (اشيڪاوا هاريما هيوي انڊسٽريز) اسان جي جهاز ران ڪمپني جي آرڊر تي ٺاهيو ۽ هي جهاز منهنجي فئملي لاءِ آخري جهاز هو جو ان بعد ٻارن جي وڏي ٿيڻ ڪري سندن اسڪول خاطر سامونڊي نوڪري ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪرڻي پئي. آخري جهاز هجڻ ڪري منهنجي زال ۽ ٻارن کي هي جهاز ايم. وي مالڪنڊ هر وقت ياد رهندو آهي. اڄ تازين خبرن مطابق ارڙهن هزار ٽن وزني، جهاز مالاڪنڊ (ڊيگهه پنج سؤ کن فٽ) پنهنجي آخري سفر جي تياري، ان قبرستان ڏي ڪندو، جتان ڪو وري نه موٽيو آهي.
جڏهن ڪو وهٽ، مالڪ کي کير ڏيڻ ڇڏيو ڏئي يا جڏهن ڪو هاري زمين کيڙڻ لاءِ پنهنجي جانور کي ڪارآمد نٿو سمجهي، ته هو ان پوڙهي ۽ ناڪاري وهٽ کان آجو ٿيڻ لاءِ، جيڪي چار ڏوڪڙ ملنس ٿا ان ۾ به خوشي محسوس ڪري ٿو. ڪاسائي ان پوڙهي جانور جي گوشت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري مختلف سستين هوٽلن وارن حوالي ڪري ٿو ۽ کل ۽ کُرَ شهر جي کلگورن حوالي ڪري ٿو، جيئن ان مان وڃي جوتا ۽ جيليون ٺهن.
ساڳي ڪهاڻي سمنڊ تي سينو تاڻي هلندڙ هنن لوهي جهازن جي آهي. جيسين نوان هوندا، مالڪ کي ڪمائي پيا ڏيندا، سندن وڏي مک چک پئي ٿيندي. هر جهاز ڪنوار وانگر پيو سينگاربو. شايد اهو ئي سبب آهي جو انگريزيءَ ۾ جتي هر غير جاندار شيءِ لاءِ `It` استعمال ٿئي ٿو، اتي جهاز لاءِ `She` لفظ استعمال ٿئي ٿو. ڪجهه سالن جي سروس بعد جڏهن جهازن جا مالڪ اهو ڏسن ٿا ته جهاز، جيترو ڪمائي پيا ڏين، ان کان وڌيڪ انهن جي مرمت، جهاز هلائيندڙن جي پگهارن، تيل پاڻي ۽ انهن کي Saworthing (سمنڊ ۾ هلڻ جوڳو) رکڻ لاءِ خرچ ٿي رهيو آهي ته پوءِ اهي خوبصورت جهاز، هُنن لاءِ هلندڙ چلندڙ فائيو اسٽار هوٽلون نه پر لوهه جا ٽڪرا ثابت ٿين ٿا، جن کي هاڻ وڌيڪ رکڻ سان هنن کي وڌيڪ ئي زنگ لڳندو. هو جهاز کي اسڪريپ ۾ وڪڻڻ جو اعلان ڪن ٿا. لوهه، ٽامي ۽ پتل ۾ دلچسپي رکڻ وارا ڪٻاڙي (ردي وارا، جهوني پراڻي وارا) اهڙي ڪنهن جهاز جو ٻڌي ان کي ڏسڻ وقت اهو نٿا سوچين ته ان جهاز ۾  ڪمرا ڪيترا آهن، اهو ائٽلانٽڪ يا پئسفڪ سمنڊجهاڳي سگهندو يا نه، اهو خط استوا جي گرم علائقن ۽ نارٿ سمنڊ جي ٿڌن علائقن ۾ هلي سگهندو يا نه، جهاز جي مختلف پمپن ۽ ڊيڪ کي اوچو رنگ لڳل آهي يا نه... هو فقط اهو ڏسن ٿا ته هن جهاز ۾ ڪيترو ڌاتو موجود آهي. جيئن ڪاسائي ٻڪر خريد ڪرڻ وقت اهو نٿو ڏسي ته ان جو نسل ڪهڙو آهي، يا ڪهڙي مالڪ وٽ رهيو... هو فقط اهو ڏسي ٿو ته ان ۾ گوشت ڪيترو موجود آهي. اهڙيءَ طرح ڪو جهاز مسافر بردار طور دنيا جا بادشاهه ۽ راڻيون ڍوئيندو رهيو يا ٽويوٽا ۽ ڊاٽسن ڪمپنيءَ جون ڪارون کڻندو رهيو، يا اهو جهاز ڪنهن ملڪ جو فلئگ شپ ٿي رهيو (معنيٰ وڏي عزت وارو ليکيو ويو ٿي)، يا ان جهاز تي فائيو اسٽار هوٽل جا بورچي هئا... اسڪريپ ڊيلر (ردي خريد ڪرڻ وارا) جهاز جي ”آن، مان ۽ شان“ ۾ Interestedنه هوندا آهن، بلڪ هن جي جان کي لالچي نظرن سان ڏسندا آهن ته ان مان هنن کي ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪهڙو ڌاتو ملي سگهندو.
جهاز جي نيلام بعد، جهاز جا نوان خريدار جهاز کي گڊاني وٺي ويندا آهن، جيڪو اسان جي ملڪ ۾ جهازن جو قبرستان آهي. گڊاني شهر ڪراچيءَ جي اولهه ۾، بلوچستان صوبي ۾، سمنڊ جي ڪناري تي آهي. هتي مڙهه پوڙهن، اڻ گهربل ۽ اَن تي چٽي قسم جي جهازن کي، ڪوشش ڪري گهڻي کان گهڻو ڪناري ڏي آندو وڃي ٿو، جيئن مزور ان کي سولائيءَ سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ٽرڪن ذريعي ڪٻاڙي مارڪيٽ موڪلي سگهن. مزي جي ڳالهه اها ته ان ڪم لاءِ خاص تجربيڪار ڪئپٽن ۽ انجنيئر ٿين ٿا جيڪي خاص وقت تي، جڏهن هاءِ ٽائيڊ (وڏي ويرَ) چڙهيل هوندي آهي، ان وقت جهاز جي انجڻ کي فل رفتار تي رکي، جهاز کي سمنڊ  ڏي نه پر ڪناري ڏي ڌڪي ويندا آهن. پوءِ اهو اتي ئي زمين تي ڦاسي بيهندو آهي. وير لهڻ تي چوڌاري خشڪي ٿي ويندي آهي پر جي ٿورو گهڻو پاڻي هوندو آهي ته به ان ۾ جهاز ڀڃڻ ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ وارا ويلڊر، گئس ڪٽر ۽ ٻيا مزدور سولائي سان بيهي ڪم ڪري سگهندا آهن، جيئن ڪاسائي تکين ڇرين سان جانور کي چيري ٻوٽيون ٻوٽيون ڪن ٿا، تيئن ويلڊر ۽ گئس ڪٽر گرم شعلي (Flame) سان جهاز جي لوهي پليٽن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪن ٿا. جهاز جون سوين مشينريون: پمپ، ڪمپريسر، جنريٽر، ڪئبنن جو فرنيچر، ڊائننگ سئلون جي ڪراڪري، ويندي ٽئاليٽن جا ڪمبوڊ، بئسن، گينڊيون ۽ وهنجڻ جا سهڻا ٽب، وڪري لاءِ شير شاهه جي سيڪنڊ هئنڊ مارڪيٽ ۾ پهچي وڃن ٿا ۽ لوهي پليٽون ۽ پائيپ ملڪ جي رولنگ ملرز ڏي روانا ٿين ٿا، جتي انهن کي ڳاري لوهي گارڊر، ٽيئرون، لوهي سيخون ٺاهيون وڃن ٿيون. اسان جي ملڪ جو هي گڊاني وارو جهاز جو قبرستان Ship Scrapyad  دنيا جي وڏن اسڪريپ يارڊن مان آهي، جتي اسڪريپ ٿيڻ لاءِ ويندي تاريخي ۽ وڏو جهاز  ’ڪئنبيرا‘ (Canberra) پڻ اسڪريپ ٿيڻ لاءِ آيو هو ۽ هاڻ ڪجهه ڏينهن بعد، هي جهاز ايم. وي. مالاڪنڊ (موٽر ويسل مالاڪنڊ) پنهنجي اجل جو شڪار ٿيندو. ’بيچنگ ڪئپٽن‘ هن کي بندرگاهه جي هن حصي مان ڪڍي گڊاني شهر جي سامونڊي ڪناري تي وڃي ڦٽو ڪندو ۽ هي سندس اهو آخري سفر ٿيندو، جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو به جهاز واپس نه وريو آهي. آئون انهن ڪاسائين، يعني ويلڊرن ۽ گئس ڪٽرن کي وڏين ۽ طاقتور ٻرندڙ ٽارچن سان ٽوڪيو (جپان) جي IHI شپ يارڊ ۾، اڄ کان پورا ٽيهه سال اڳ ٺهندڙ هن جهاز کي، ڪپيندو ڏسي رهيو آهيان.
ٽيهه سال اڳ 1979ع ۾، جڏهن هن جهاز مالاڪنڊ جو وجود فقط ليڪن ۽ ٽٻڪن جي صورت ۾ ڊرائنگ جي پنن تي هو ته مون کي هن جهاز ٺهڻ دوران ان جي سنڀال ۽ ان بعد هن جهاز تي چيف انجنيئر جي حيثيت سان Sail ڪرڻ (هلائڻ) جي عزت بخشي وئي. ان وقت آئون ملڪ جي قومي جهازران ڪمپني جي هڪ ٻئي جهاز ’ايم. وي چناب‘ تي چيف انجنيئر هوس. منهنجو اهو جهاز جيئن ته يورپ ۽ آفريڪا جي اولهه ڪناري جي بندر گاهن جو سفر جهاڳي ڪراچي پهتو ته هيڊ آفيس طرفان مون کي نئين اسائينمينٽ جو ليٽر مليو. مون سان گڏ چناب جهاز تي Sail ڪندڙ فئملي کي، ڳوٺ ڇڏي في الحال آئون اڪيلي سر جپان روانو ٿيس.
ٽوڪيو جي ناريتا هوائي اڏي تي جنهن وقت PIA جو هوائي جهاز لٿو ته ان وقت جپان جي سرزمين تي بهار جو پهريون وسڪارو ٿي رهيو هو. شايد ههڙي مينهن لاءِ جپان جي ارڙهين صدي جي شاعر يوسا بوسون (Yosa Buson) پنهنجي هائڪو ۾ لکيو آهي ته:
Ire to kawa,
Hitotsu ni narinu,
Haru no ame!
ٽوڪيو جو رهاڪو شاعر چوي ٿو ته مينهن اهڙو وٺو جو:
تلاءَ (Pond) ۽ ندي، (اِيڪي تَو ڪاوا)
ٻئي هڪ ٿي ويا آهن، (هتاتسو نِي نارِي نُو)
بهار جي بارش! (هارو نَو اَمي)
اسان وٽ نه اهڙا تالاب آهن ۽ نه وري ڪي نديون. هڪ ئي ندي آهي جيڪا هماليه تي برف ڳرڻ تي وهي ٿي. نديون ۽ تالاب بنگال (جتي مون تعليم حاصل ڪئي)، ملائيشيا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ جام ۽ هتي جي ندين جو مينهن سان واسطو آهي. صبح جو وسڪارو ٿيو ته درياهه ڪپر پيو ڪندو، منجهند جو وري خالي خالي! بهرحال ٽئڪسيءَ جي دريءَ مان ٽوڪيو شهر مان وهندڙ ندي سُميدا کي ڏسندو آيس. اها ڪٿي به تارو تار نه هئي. ان جي معنيٰ ڪو خاص مينهن نه وٺو آهي. بهرحال يوسا بوسون، ماتسو باشو ۽ ڪوباياشي اِيسا منهنجا دلپسند جاپاني شاعر آهي. توهان شايد فقط اهو ٻڌو هجي ته جپان ڪئميرائن، ڪارن ۽ ڪمپيوٽرن جو ملڪ آهي پر جپان ادب، شعر و شاعري ۽ ثقافت ۾ به مالامال آهي.
ٽوڪيو ۾ منهنجي رهائش، شپ يارڊ جي گيسٽ هائوس ۾ هئي، جيڪو ٽوڪيو شهر جي صدر واري علائقي گنزا ۾، سُميدا نديءَ وٽ آهي. هن Fullyآٽوميٽڪ ٺهندڙ جهاز جي تري واري لوهي پليٽ  (Keel) رکڻ جي رسم ادا ٿي چڪي هئي. جاپاني زبان جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ۽ آٽو ميشن ۽ انسٽرومينٽيشن جهڙن سبجيڪٽن ۾  (Additional)تعليم هجڻ ڪري، ٽوڪيو جي هن شپ يارڊ ۾ ڪم ڪندڙ مڪاني مزدورن سان رلي ملي وڃڻ ۾ مون کي ڪا خاص ڏکيائي نه ٿي. هن جهاز جا ڪيترا ئي سسٽم ڪمپيوٽرائيزڊ نوعيت جا ٺاهيا ويا ۽ جنهن حد تائين ان دور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ترقي ڪئي هئي، ان حد تائين هن جهاز جي هرهڪ شيءِ کي آٽوميٽرڪ بڻايو ويو. جيئن سمنڊ اندر شام ٿيڻ تي جهاز جا انجنيئر انجڻ روم کي تالو هڻي وڃي ننڊون ڪن ته سڄي رات جهاز پاڻهي پيو هلي. تيل جي هڪ ٽانڪي ختم ٿي وڃي ته ٻيءَ جو Valve (نلڪو) پاڻهي کلي وڃي. جنريٽر هڪڙو خراب ٿي پوي ته ٻيو Stand-by جنريٽر نه رڳو پاڻهي هلڻ شروع ٿي وڃي پر لوڊ تي به چڙهي وڃي. (اها ڳالهه اليڪٽرسٽي سان واسطو رکندڙ وڌيڪ بهتر نموني سان Appreciate ڪري سگهندا) آڌي رات ڌاري جهاز خط استوائي گرم سمنڊ ۾ موسم مان لنگهي ته جهاز جو مرڪزي ايئرڪنڊيشنر هر هنڌ هڪ جيتري ۽ انساني جسم کي فرحت ڏيندڙ حد تائين، ٿڌڪار پهچائي سگهي. جهاز جي ڪنهن به حصي ۾ باهه لڳي وڃي ته باهه جون ڄڀون (شعلا) پيدا ٿيڻ کان اڳ، پاڻي يا فوم (گجيءَ) ذريعي اها باهه وسامي وڃي...
بهرحال روزانو سوين مزدور ۽ انجنيئر، ويلڊر ۽ مستري، اليڪٽريشن ۽ مڪينڪ، سپروائيزر ۽ ڊارفٽ مين، واڍا ۽ پلمبر هن جهاز تي ڪم ڪرڻ لڳا. ننڍا ننڍا لوهي حصا ملائي سامان رکڻ لاءِ گدام، تيل ۽ پاڻيءَ جون ٽانڪيون، رهائش لاءِ ڪئبنون، مشينن ۽ نيويگيشن لاءِ انجڻ روم ۽ ڪنٽرول روم ٺاهي، جهاز کي ڇهن مهينن اندر مڪمل ڪيو ويو. مڪمل ٿيڻ کان هفتو کن اڳ منهنجي مدد لاءِ، ڪراچي هيڊ آفيس طرفان ڪجهه ٻيا مئرين انجنيئر ۽ هڪ ٻه اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ ريفريجريٽر انجنيئر پڻ پهچي ويا ۽ شپ يارڊ مان جهاز جي ڊليوري ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، جهاز جو باقي عملو به ڪراچيءَ کان ٽوڪيو پهچي ويو. ٽوڪيو ۾ موجود اسان جي مڪاني جهاز ران آفيس ۽ اسان جي سفارتخاني طرفان، جهاز جي ڊليوري،جهاز تان جپاني جهنڊو لاهي پاڪستاني چاڙهڻ ۽ ٻيون رسمون، ڌوم ڌام سان سرانجام ڏنيون ويون.
رسمي طرح جهاز اسان جي حوالي ٿيڻ بعد، اسان ان کي شپ يارڊ جي جيٽي ۽ ٽوڪيو جي بندرگاهه مان ڪڍي، ڀر واري شهر يوڪوهاما جي بندرگاهه ۾ آندو، جيڪو اسان جو پهريون First Port of Call هو.
چيف انجنيئر جي حيثيت سان مون هن کان اڳ به ڪيترا ئي جهاز هلايا هئا پر ڪنهن فئوريٽ ٻار وانگر، مالاڪنڊ مون لاءِ خاص ۽ دلپسند جهاز هو جنهن جي سرجڻ کان وٺي مڪمل ٿيڻ تائين ۽ ان بعد ڊليوري تي پڻ منهنجي موجودگي، لڳاتار قائم رهي ۽ پوءِ سندس پهرئين سفر ۾ (جيڪو جهاز جو تاريخي سفر سمجهيو ويندو آهي ۽ جنهن کي Maiden Voyage سڏبو آهي.) ان جو چيف انجنيئر ٿي رهيس. جيئن نئون ڄاول ٻار ماءُ کي ڪجهه عرصي لاءِ اوجاڳا ڪرائيندو آهي تيئن هر نئون جهاز، پهرئين سفر (Maiden Voyage) ۾ جهاز جي انجنيئرن کي رلائي رکندو آهي. ڇو جو جهاز کڻي جپان ۾ ٺهي يا جرمني ۾، باوجود ڪوششن جي هن ۾ ڪجهه خاميون ۽ نقص رهجي ويندا آهن، جن جي صحيح معنيٰ ۾ سمنڊ تي ئي خبر پئجي سگهي ٿي ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ۽ صحيح ڪرڻ، جهازي انجنيئرن (Marine Engineers) جو ئي ڪم آهي.
بهرحال سامونڊي لوڏن، طوفاني بارشن ۽ مشيني مصيبتن جي باوجود، مجموعي طور، اسين سڀ جهازي سڄي سفر ۾ خوش رهياسين. واٽ تي اسان جپاني بندرگاهن: اوساڪا، ڪوبي ۽ نگويا مان ڪراچي لاءِ ڪارگو کنيوسين. ان بعد باقي سامان پوسان (ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهه) هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ڪولمبو مان کنيوسين. جنهن به بندرگاهه ۾ اسان جي هن جهاز لنگر ڪيرايو ٿي ته اتي جي ماڻهن هن جهاز جي موچاري مُک (ٻاهرين Shape) ۽ اندروني ڊيڪوريشن جي واکاڻ ڪئي ٿي. هر بندرگاهه (Port of Call) ۾ اسان جي مڪاني آفيس وارن ۽ اسان جي سفارتخانن، جهاز جي مانَ ۾ دعوت ڪئي ٿي. چيف انجنيئر جي حيثيت سان، مون ٻيا به ٽي چار سفر (Voyages) هن جهاز تي ڪيا ۽ کيس سئيز ڪئنال مان لنگهائي يا ڪيپ آف گڊ هوپ جو ڦيرو ڪرائي اسان کي يورپ ۽ آفريڪا جي مختلف بندرگاهن ۾ وٺي وڃڻو پيو هو.
اڄ جڏهن انهن ڏينهن جو ٿو سوچيان ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو... جڏهن آئون 35 سالن جو جوان هوس. اڄ، 65 سالن جي ڄمار تي پهچڻ تي آئون هن جهاز ۽ ان تي گهاريل ڏينهن لاءِ سخت قسم جي نوستلجيا (Nostalgia) ٿو محسوس ڪريان، جڏهن منهنجي اڳيان، ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ جپاني مزدورن، لوهي ٽڪرا ڳنڍي ڳنڍي، هي جهاز ٺاهيو، جنهن جو اسان ”مالاڪنڊ“ نالو رکيو... ۽ هاڻ ڪجهه ڏينهن اندر اسان جا پاڪستاني مزدور ڀائر، هن جهاز کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندا...
عہد پیری شباب کی باتیں،
ایسی ہیں جیسے خواب کی باتین۔
اڄ ماضيءَ کي ياد ٿو ڪريان ته دل ۾ جهڙي هلچل ٿي مچي. ڪاش! گذريل وقت وري واپس اچي وڃي. ڪو حاتم طائي ملي وڃي جيڪو ”هڪ ڀيرو ڏٺو اٿم ٻيو ڀيرو ڏسڻ جو شوق آهي“ جو سوال پورو ڪري. پر اهو ناممڪن آهي...!
ملائيشيا ۾ جڏهن ڪو موڪلائي، سفر لاءِ روانو ٿيندو آهي ته موڪلائڻ وارا اڪثر هي مشهور ملئي شعر جهونگاريندا آهن:
“Kalau umer Panjang”
Boleh Jumpa lagi”
(الله جيڪڏهن وڏي ڄمار ڏني، ته هڪ ڏينهن وري توسان ملڻ ٿي ويندو.) (جيئن اسان پڻ سنڌيءَ ۾ چوندا آهيون: يار زنده، صحبت باقي)
پر ’مالاڪنڊ‘ جهڙو، پنهنجي زماني جو سهڻو جهاز، هاڻ جنهن سفر تي روانو ٿيڻ وارو آهي، ان جو سوچي آئون فقط اهو چئي سگهان ٿو ته:
”باءِ باءِ مالاڪنڊ! هاڻ توسان ملڻ محال آهي!“ ۽ اُهي جپاني، جن هن جهاز کي ٺاهيو، اهي به ساڳيا ئي لفظ ورجائي سگهن ٿا:
“Sayonara Malakand! Mo Aemasen!

No comments:

Post a Comment