Saturday, November 05, 2011

ماءُ جا اديب پٽ - الطاف شيخ


ماءُ جا اديب پٽ
الطاف شيخ
سنڌ جا هندو نه فقط ورهاڱي کانپوءِ پر ان کان گهڻو گهڻو اڳ، هندستان جي ٻين رياستن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نوڪرين ۽ واپار وڙي لاءِ ويندا رهيا. ملائيشيا ۽ ڀر واري ٻيٽ سنگاپور ۾، منهنجو تمام گهڻو رهڻ ٿيو. جتي رهندڙ سنڌي هندن سان منهنجو گهڻو واسطو رهيو. 1968ع کان جڏهن جهاز جي نوڪري شروع ڪيم. منهنجو ڪولمبو، هانگ ڪانگ، بئنڪاڪ، ٽوڪيو، يوڪوهاما کان ڪوالالمپور ۽ سنگاپور جي هندو سنڌين سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ رهيو. وقت سان گڏ پوڙها گذاري ويا. انهن جو اولاد به هن وقت ٻارن ٻچن وارو ٿي ويو آهي ۽ اڄ به ملائيشيا ۽ سنگاپور وڃڻ ٿئي ٿو ته مختلف دڪانن تي، ملئي ماڻهن جي دعوتن ۾، روٽري ڪلب جي ميٽنگن ۾، عيد برات ۽ ڏياريءَ جي ڏينهن تي، هنن هندو سنڌين سان ملاقات ٿئي ٿي. هتي سمجهو ته ورهاڱي بعد آيلن جي به ٽين ٽهي هلي رهي آهي. هن نئين ٽهيءَ سان به مون کي ڳالهائڻ ۾ دقت نٿي ٿئي. پر هن صديءَ جي شروعاتي سالن کان جڏهن پهريون دفعو انڊيا جي مختلف شهرن دهلي، احمد آباد، بڙودا ۽ خاص ڪري پوني ۽ ممبئي وغيره ۾ سنڌ کان لڏي آيل هندو سنڌي ۽ انهن جي اولاد سان ڳالهايان ٿو، ته مون کي حيرت ٿئي ٿي، ته سندن سنڌي زبان جا ڪيترا لفظ مون کي سمجهه ۾ نٿا اچن ۽ ڪيترا منهنجا ڳالهايل لفظ کين سمجهه ۾ نٿا اچن. اهو شايد ان ڪري جو اڌ صديءَ کان وڌيڪ گذرڻ ڪري انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين، خاص ڪري نئين ٽهيءَ تي هندي ۽ مڪاني زبانن مراٺي، گجراتي ۽ سنسڪرت وغيره جو ايڏو اثر ٿيو آهي، جو هنن جي سنڌي زبان ۾ انهن زبانن جا ڪيترا ئي لفظ اچي ويا آهن. جن کان اسين پاڪستان ۾ رهندڙ سنڌي اڻ واقف آهيون، جئين هو اسان جي سنڌي زبان ۾ عربي ۽ فارسي جي لفظن کان اڻ واقف آهن. هي ائين آهي جيئن اسان جي ملڪ جا اردو ڳالهائيندڙ سنڌيءَ جا ڪي ڪي اهڙا Typical لفظ استعمال ڪن ٿا، جن کان مون کي پڪ آهي ته دلي ۽ لکنؤ جا اردو ڳالهائيندڙ اڻ واقف هوندا جيئن ته؛ ”يه سودا واري مين نهين آتا.“ يا وري همت آهي ته ڪم ڪري ڏيکار لاءِ ”......هي تو ڪر ڪي دکهائو“ وغيره چون ٿا.
 
منهنجي خيال ۾ ته ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ڳالهائي ويندڙ سنڌيءَ ۾ به ڪافي فرق اچي ويو آهي. پر جيئن ته منهنجو به اتي وڏو عرصو رهڻ ٿيو ۽ ملئي زبان کان واقفيت هجڻ ڪري مون کي اتي جي ملئي لفظن واري سنڌي نرالي نٿي لڳي. پر هتي ممبئي ۽ پوني ۾ ننڍي ٽهيءَ جي سنڌي ۾ ته فرق محسوس ڪريان ٿو. پر هتي جي جهونن سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي سنڌيءَ ۾ به مون لاءِ ڪيترا ئي لفظ ڏکيا ثابت ٿين ٿا، جن کان آئون پنهنجو پاڻ کي اڻ واقف محسوس ڪريان ٿو.
هڪ ڳالهه مون پهرئين ڏينهن ئي محسوس ڪئي ته منهنجي ميزبان ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي سنڌي بلڪل اهڙي لڳي جيڪا اسان پاڪستان ۾ ڳالهايون ٿا. ٻلديو سان ملڻ کان اڳ، مون سندس ٻه ڪتاب: هڪ ”شاهه ۽ سچل جو تقابلي اڀياس“ جيڪو انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ڇپيو آهي ۽ ٻيو سندس آمريڪا جو سفرنامو ”اڳ نه ڏٺو ڪڏهن“ پڙهيا هئا. انهن ڪتابن ۾ به اها ئي سنڌي هئي، جيڪا اڄ ڪلهه سنڌ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. بهرحال پوءِ خبر پئي ته ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي سنڌي ان ڪري سٺي آهي (بقول اسان جي) جو هن پرائمري ڪلاس کان مئٽرڪ، انٽر کان ويندي M.A ايڪانامڪس ۽ M.A سنڌي ادب، سنڌ جي اسڪولن ۽ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيو.
ٻلديو (سڄو نالو ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي) 24 ڊسمبر 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ بختراءِ ۽ ڪوشليا ٻائي جي گهر ۾ جنم ورتو. دراصل ڊاڪٽر ٻلديو جا وڏا رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ لاشاري ديهه بنگل ديرو جا رهاڪو هئا. ”1942ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ آئي، ته اسان جي سڄي فئملي ڳوٺ لاشاري ڇڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهي،“ ٻلديو وڌيڪ ٻڌايو؛ ”لاڙڪاڻي ۾ اسان جو گهر، سيئو بازار جي اولهه ۾ هڪ مدرسي اسڪول جي ڀرسان هو. جنهن جي سامهون سوڀي گيانچنداڻي جو گهر آهي.“
ڊاڪٽر ٻلديو جي ڏاڏي ٽنڊڻ مل (جنهن جو مرتيو 1940ع ۾ ٿيو) کي، ٽي پٽ هئا: ويرو مل، بختراءِ ۽ پارومل. بختراءِ مٽلاڻي وچون پٽ هو، جنهن جو ديهانت 1959ع ۾ ٿيو. بختراءِ انگريزن جي ڏينهن ۾ سپروائيزر تپيدار هو. محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ تي، گورنر آف بامبي پريزيڊنسي کان ميرٽ سرٽيفڪيٽ مليو هوس.
”بابا 1947ع کان اڳ رضاڪارانه رٽائرمينٽ حاصل ڪئي،“ ٻلديو ٻڌايو.
بختراءِ مٽلاڻيءَ کي ٽي ٻار ٿيا. وڏو پريم چند 1950ع ۾ ڄائو، سندس شادي سکر جي گوبند رام جي ڌيءَ دروپديءَ سان ٿي. پروفيسر ٻلديو پريمچند کان ٻه سال ننڍو آهي ۽ منوهر لعل جي پيدائش جي تاريخ 20 مئي 1959ع آهي. منوهر پنج ڇهه مهينن جو هو ته سندن پتا بختراءِ گذاري ويو. ٻلديو ۽ منوهر انڊيا اچي شادي ڪئي. ٻلديو جي هيما سان ٿي ۽ کيس ٽي ٻار آهن. منوهر الهاس نگر مان ڀاونا نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.
ٻلديو، سنڌيءَ جا پنج درجا، لاڙڪاڻي جي P.V پرائمري اسڪول مان پڙهيا. مئٽرڪ 1967ع ۾ پائلٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪئي. انٽر، ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ B.A، 1971ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي.
”ڪامرس ڪاليج ۾ سائين غلام حسين جوڻيجي مون کي سنڌي پڙهائي،“ ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو؛ ”سائين غلام حسين ”ڌامراهه ڳوٺ“ جو آهي. پاڻ هڪ سچو صوفي آهي ۽ منهنجي وجود تي هن جو ڄڻ ته ٺپو لڳل آهي. آئون ڪجهه به نه آهيان. جيڪي ڪجهه مون ۾ خوبيون آهن ته اهي سائين غلام حسين جوڻيجي جي دين آهن. اڄ آئون به هن وانگر پڙهايان ٿو.“
لاڙڪاڻي جي سائين غلام حسين جوڻيجي آخر ۾ گورنمينٽ ڪاليج رتوديرو مان پرنسپال جي پوسٽ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. پروفيسر ٻلديو، لاڙڪاڻي جون ڳالهيون ياد ڪندي سيد خادم حسين شاهه جو به ذڪر ڪيو؛ ”سيد خادم حسين اديب به هو. سندس اوطاق تي سنڌي ادبي ڪچهري ٿيندي هئي،“ ٻلديو ٻڌايو؛ ”اتي مون کي سائين عبدالمجيد ميمڻ صاحب مليو هو. آئون اڃان اسڪول جو شاگرد هوس. اختر جانوري، پوليس جو DIG به اتي ايندو هو. هو به مون وانگر اسٽوڊنٽ هو.“
پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ ايم. اي سنڌي لاڙڪاڻي مانExternal  جي حيثيت ۾ 1973ع ۾ ڪئي.
”1974ع ۾ NDVP اسڪيم هيٺ اڌ پگهار تي گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار ٿيس. ٽي سال نوڪري ڪيم. سنڌ يونيورسٽي ۾ 1974ع ۾ ليڪچرار لاءِ جيڪا چونڊ ٿي، ان ۾ فائنل سليڪشن ۾ آئون چونڊجي نه سگهيس.
ٻلديو ٻڌايو ته ان تي هو ڏاڍو دل شڪستو ٿي پيو. هن NDVP ۾ ٽي سال نوڪري ڪئي، جتان 1977ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. 18 آگسٽ 1977ع تي هو لاڙڪاڻي کان لاهور آيو، جتان پوءِ وايا اٽاري انڊيا پهتو. ان بعد سڄي فئملي ممبئي آئي. ”عورتون باءِ ايئر پهتيون، ڀائرن: پريم ۽ منوهر دوارڪا نالي جهاز ذريعي سامونڊي رستي آياسين. سنڌ ۾ هن وقت فقط اسان جي ڪزن بلند راءِ مٽلاڻيءَ جو پٽ ڊاڪٽر سنتومل رهي ٿو. هو لاڙڪاڻي جي دڙي محلي ۾، الله والي مسجد جي ڀرسان رهي ٿو.“
ڊاڪٽر ٻلديو جو وڏو ڀاءُ پريم، ممبئي ۾ بزنيس ڪري ٿو. کيس ٻه ٻار؛ رشي ڪيش پٽ ۽ گيتا نالي ڌيءَ آهي. ٻلديو جو ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر منوهر لعل به ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. سندس شادي الهاس نگر ۾ ٿي ۽ کيس ٻه پٽ پرشانت ۽ آدتيه آهن. ٻلديو جي شادي ممبئي ۾ 4 مئي 1980ع تي مٿراداس باٿيجا جي ڌيءَ هيما سان ٿي. کين ٽي ٻار آهن. ٻه پٽ؛ ونود جنهن کي گهر ۾ گولڊي سڏين ٿا ۽ ڌيرج (سني) ۽ ڌيءَ ورشا آهي. ٻنهي پٽن ڏيڍ سال کن اڳ تعليم ختم ڪئي ۽ هاڻ ڪنهن اليڪٽرانڪ فرم ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن.
ڊاڪٽر منوهر کان پڇيم ته؛ “ننڍپڻ جا ڏينهن ياد اچن ٿا يا نه؟”
وراڻيائين؛ ”آئون سڀ کان گهڻو پنهنجن ڪلاس ميٽن کي ياد ڪريان ٿو. روزانو ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ڪتاب پڙهي، لاڙڪاڻي جا ڏينهن ياد ڪندو آهيان. هن ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي جي شخصيتن جو احوال ڏنل آهي.“
منوهر کان سندس ننڍپڻ جي دوستن جو پڇڻ تي هن جيڪي نالا ٻڌايا انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
·                سنڌ جي مشهور وڪيل، ڪالم نگار ۽ سابق سينئر وزير عبدالوحيد ڪٽپر صاحب جو پٽ سڪندر ڪٽپر، منوهر جو ڪلاس ميٽ هو، جنهن سان گڏ هو لاڙڪاڻي جي سينٽ جوزف اسڪول ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيو. ان بعد سڪندر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو هليو ويو.
·                اشفاق منگي، جيڪو لاڙڪاڻي جو رهاڪو آهي.
·                زيب سنڌي. (اصل نالو محمد خان شيخ ولد عبدالستار) 1957ع ۾ خيرپور ۾ ڄائو. پاڻ مشهور ڪهاڻيڪار، ڊرامانويس ۽ ريڊيو ڪمپيئر آهي. 1981ع ۾ ايم. اي ڪيائين. 1989ع کان سچل آرٽس ڪاليج ۾ پروفيسر آهي.
·                ڊاڪٽر ڌرم پال پوهواڻي جيڪو صاحب لاڙڪاڻي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ آهي.
15 ڊسمبر 1975ع تي عيد جو ڏينهن هو. منوهر پنهنجن دوستن سان گڏ ڀر واري شهر ۾ ڪنهن دوست وٽ وڃي رهيو هو ته وين کي آرائين روڊ تي خطرناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ 16 ڄڻا اڦٽ مري ويا، باقي ٻن مان منوهر هڪ هو. منوهر کي ڪافي زخم رسيا. ”ٻه ڏينهن مون کي سکر جي اسپتال ۾ رکيائون. ان بعد ڪراچيءَ ڊاڪٽر عنايت جوکئي جي اسپتال ۾ منتقل ڪيائون، جتي منهنجي مختلف هڏن جون ڪيتريون ئي آپريشنون ٿيون ۽ ساڍا ٽي مهينا اسپتال جي بستري تي هوس.“ ڊاڪٽر منوهر ٻڌايو.
ڊاڪٽر ٻلديو ۽ منوهر، جن جي والد جو ته تڏهن انتقال ٿي ويو، جڏهن منوهر پنجن مهينن جو هو ۽ ٻلديو ستن سالن جو هو. کين سندن ماءُ ڪوشليا ٻائيءَ نپائي وڏو ڪيو ۽ تعليم ڏني. هو اڄ به سندس صلاح کان سواءِ ڪو به ڪم نٿا ڪن. پريمچند (ڊاڪٽر ٻلديو جي وڏي ڀاءُ) ٻڌايو ته؛ ”اڄ به ٽئي ڀائر هر مهيني جو پگهار پنهنجي ماءُ جي هٿن تي اچي رکندا آهيون. پوءِ هوءَ اسان کي ۽ اسان جي زالن کي ضرورت موجب خرچ لاءِ ڏيندي آهي. اسان جي هر وقت اها ڪوشش هوندي آهي، ته اسان سادگي ۾ رهي پئسو بچائي پنهنجي لاءِ گهر حاصل ڪريون، جنهن ۾ اسان جو اولاد سکي زندگي گذاري سگهي.“

No comments:

Post a Comment