ماڻهو نو مسلم جو واعظ غور سان
ٻڌن ٿا
الطاف شيخ
گذريل ڪالم ۾ لکيو اٿم ته يورپ جي اترانهن ملڪن، جهڙوڪ ناروي، سئيڊن،
فنلئنڊ ۽ ڊئنمارڪ وغيره ۾، جتي سخت ٿڌ ۽
اونداهين ڏينهن ڪري فقط ايسڪيموز ۽ ڀورا رڇ ئي خوشءَ سان رهي سگهن ٿا، اتي سائنس
جي ترقي ۽ دنيا جي آدمشماري وڌڻ ڪري، هاڻ ڪيترا ئي ماڻهو سُک چين سان رهن ٿا.
1970ع ڌاري جڏهن منهنجو جهاز ناروي ۽ سئيڊن پاسي آيو هو تڏهن کان اسان جا ايشين
نظر اچڻ لڳا هئا ۽ هاڻ ته ڪيترا ئي پاڪستاني، انڊين، عرب، ايراني ۽ آفريڪي نظر اچن
ٿا ۽ وڃي پيو انهن جو تعداد وڌندو. غير مسلم ته مقامي ماڻهن سان ملي ڄڻ انهن جهڙا
ٿي ويا آهن پر سک ۽ مسلمان پنهنجو مذهبي ۽ سماجي ڪلچر قائم رکندا اچن. هنن ملڪن ۾
سک عورتون کڻي سڃاڻپ ۾ نه اچن جو ننڍي کنڊ جون مسلمان ۽ هندو عورتون به ساڳي ڊريس
شلوار قميص يا ساڙهي اوڍين ٿيون، پر سک مرد وڏي ڏاڙهي ۽ پٽڪي مان پري کان پڌرا نظر
اچن ٿا. اهڙيءَ طرح مسلمان مردن ۽ عورتن ۾ فقط انهن عورتن لاءِ هتي جا
يورپي خاطريءَ سان چئي سگهن ٿا جيڪي مٿي تي حجاب ٻڌن ٿيون. هن پاسي سِکن جو ايڏو
وڏو تعداد ناهي جو هو ڪو کڻي هتي گردوارو ٺهرائين. منهنجي خيالن ۾ ته پارسين وانگر
سِک اُهو ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو سک جي گهر ۾ ڄائو هجي. ڇو جو مون کي ڪوبه آفريڪا جو
ڪارو شيدي يا ناروي سئيڊن جهڙي ملڪ جو گورو يورپي سکن واري پڳڙي ۽ ڏاڙهيءَ ۾ نظر
نه آيو. پارسي (باهه جا پوڄاري زوروسٽر) به فقط اهي آهن جيڪي سندن گهرن ۾ ڄمن ٿا،
بلڪه جن جو ماءُ ۽ پيءُ ٻئي پارسي (Zoroasitrian)
آهن. پارسين جي ڪا به ڇوڪري يا ڇوڪرو غير پارسيءَ سان شادي ڪري ته کيس پنهنجي مذهب
۽ ڪميونٽيءَ مان خارج ڪيو وڃي ٿو. نتيجي ۾ پارسين جو تعداد روز بروز گهٽبو وڃي.
مسلمانن جو شمار ان ڪري وڌندو وڃي جو دنيا جو ڪو به ماڻهو اڇو هجي يا ڪارو، غريب
هجي يا امير، اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هنن دور دراز
ٿڌن ملڪن ۾ هڪ ته مسلمان ملڪن کان Immigrantsاچي رهيا آهن ۽ ٻيو ته
مڪاني ماڻهو پڻ اسلام قبول ڪري رهيا آهن. ان ۾ انهن داعين (دين جي تبليغ ڪندڙن) جي
وڏي Contribution آهي جيڪي مختلف ملڪن مان هتي اچي اسلام بابت ماڻهن کي
ٻڌائين ٿا، انهن ۾ ڪيترا ئي نو مسلم به آهن. اهڙن داعين مان هڪ سان ٻه سال اڳ
واشنگٽن ۾ رهڻ دوران، سندس گهر تي به ملاقات ٿي. يوسف ايستيس (Estes) نالي هي آمريڪن گورو، اڄ ڪلهه پنهنجي زال سان
گڏ واشنگٽن ڊي سي جي ڀرسان ورجينا ۾ رهي ٿو. پاڻ منهنجي عمر جو آهي. يعني 1944ع ۾
ڄائو. پاڻ عيسائي فئملي ۾ اوهيو رياست ۾ ڄائو ۽ ٽيڪساز ۾ ننڍپڻ گذاريائين. وڏو ٿي
هو ميوزڪ انڊسٽري سان وابسته رهيو، جتي هن ميوزڪ جي شين جي مارڪيٽنگ ڪئي ۽ ميوزڪ
جو ٽيچر هجڻ کان علاوه گرجا گهرن ۾ به ميوزڪ ڏيندو هو. اڳتي هلي هو ڪيترن ئي ميوزڪ
ڪمپنين جو مالڪ ٿيو، جن ۾ Setes Piano ۽ Estes
Organ Company به آهي. ميوزڪ سان
وابسته سندس آخري ٽي وي پروگرام ”ايستيس ميوزڪ جمبوري“ هو جيڪو فلوريڊا جي ٽي وي
اسٽيشن اسپانسر ڪيو هو. ايسٽيس جا محمد نالي هڪ مصري عرب سان ڪاروباري تعلقات هئا.
ايسٽيس هن کي عيسائيت بابت سمجهائيندي محمد کان اسلام بابت معلومات حاصل ڪئي ۽
اسلام جي تعليمات مان هو ايڏو ته متاثر ٿيو جو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو ۽ باقي زندگي
اسلام جي خدمت ڪرڻ ۾ وقف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. پنهنجي ميوزڪ جا سمورا ساز ۽
ڪاروبار ڇڏي، عربي زبان ۽ قرآن جي تعليم سکڻ لاءِ مصر، موراڪو ۽ ترڪيءَ ۾ رهيو. هو
اڄ ڪلهه انگلنڊ جي اسلامي چئنل سان گڏ Peace ، هُدا ۽ ٻين چئنلن تان تقرير ڪندو نظر اچي ٿو. هن جي ٽي ويءَ تان هلندڙ تازي سيريز ’قصص الانبياء‘ (نبين جون
ڪهاڻيون) آهي. انٽرنيٽ Vistit Islamalwas.com نالي ويب سائيٽ آهي، جنهن لاءِ هو پنهنجين تقريرن،
ليڪچررن ۽ انٽرويو جي آخر ۾ هميشھ هي جملو ورجائيندو آهي ته،
“Visit Islam always.com,
Where we are always open 24 hours a day and always plenty of free parking.”
مٿئين
آمريڪن داعيءَ کان علاوه ملائيشيا جي ان ڳوٺ جو، جنهن ۾ مون اٺ سال کن گذاريا، هڪ
چيني اسڪالر حُسين يي (ye)
آهي. حسين Ye مون کان عمر ۾ ننڍن توڙي وڏن کي چئنلن تي پڙهائيندو نظر اچي ٿو ۽
اتي ملائيشيا ۾ به ملئي مسلمانن، تامل ۽ چيني ٻارن کي پڙهائيندو رهيو ٿي. کيس
عربي، چيني، ملئي ۽ انگريزي زبانون اچن ٿيون. اسلام جي دائري ۾ اچڻ کان اڳ، هن جو
۽ سندس فئمليءَ جو ٻڌ ڌرم سان واسطو هو. 18 سالن جي ڄمار ۾ هن اسلام قبول ڪيو ۽
سعودي عرب جي مدينھ يونيورسٽيءَ مان هن حديث ۾ اعليٰ ڊگري حاصل ڪئي. تعليم بعد هن
ملائيشيا جي مسلم ويلفيئر سوسائٽي Perkim ۾ حصو ورتو جيڪا سوسائٽي
نو مسلم جي ڀلائيءَ جو خيال رکي ٿي. ’حسين يي‘ ٽي وي چئنلن تي ليڪچر ڏيڻ کان علاوه
انگلينڊ ۽ يورپ جي مسجد ۾ به تبليغ ڪندو رهي ٿو.
مون ڏٺو ته
ماڻهو اهڙن عالمن مان وڌيڪ متاثر رهن ٿا ۽ انهن جو ليڪچر (واعظ) غور سان ٻڌن ٿا.
آئون پاڻ به ملائيشيا ۾ توڙي جپان ۾ حسين يي (Ye)
سندس ذات آهي جيڪا مسلمان ٿيڻ بعد به ساڳي رهي ٿي. (جيئن
برطانيه جو انگريز ائنٿوني گرين مسلمان ٿيڻ بعد پاڻ کي عبدالرحيم سڏائي ٿو پر ذات
ساڳي Green اٿس) ۽ ٻين مڪاني چينين ۽ جپانين جا ليڪچر وڏي غور سان ٻڌان ٿو،
جيڪي اسلام جي دائري ۾ اچڻ کان اڳ ٻڌ، عيسائي يا دهريا هئا. هنن کي سمجهائڻ ۽
مطمئن ڪرڻ جي قدرتي ڏات ٿئي ٿي. ظاهر آهي هو مسلمان گهرن ۾ ڄمڻ ڪري آٽو ميٽيڪلي
مسلمان نه ٿيا آهن، پر هنن اسلام بابت پڙهي پهرين پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪيو هوندو.
هنن جي دماغ، پنهنجي دل کي سندن خواهش خلاف سمجهايو هوندو، Reasoning
ڪئي هوندي ۽ پنهنجي اندروني جنگ بعد هڪ طرفو فيصلو ڪيو هوندو. هو ٻين مسلمانن توڙي
غير مسلم کي ڳوٺ جي جاهل ملن وانگر رڳو ڇڙون ۽ ڪفر جون فتوائون صادر ڪرڻ بدران
پيار سان سمجهائين ٿا ته سوال ڪندڙ کي مونجهاري مان ڪڍن ٿا ۽ دين جي صحيح راهه تي
آڻين ٿا. هتي هنن اترانهن يورپي ملڪن ۾ اسلام پکيڙڻ ۾ هنن داعين جي وڏي ڪاوش آهي.
اڄ کان چاليهه سال اڳ، جڏهن پهريون دفعو جهاز هلائڻ جي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ناروي،
سئيڊن ۽ فنلئنڊ جهڙن ملڪن ۾ اچڻ ٿيو هو ته اوسلو، اسٽاڪهوم ۽ هيلسنڪيءَ جهڙن وڏن
شهرن ۾ فقط هڪڙي هڪڙي مسجد هئي. اڄ مالمو، گوٿا برگ ۽ نور ڪوپنگ جهڙن شهرن ۾ به
وڏين مسجدن کان علاوه سورائو (ننڍيون مسجدون) ۽ اسلاملڪ سينٽر آهن، جتي جماعت سان
نماز پڙهي وڃي ٿي. ان کان علاوه ڪيترن ئي محلن ۾ يا انهن علائقن ۾ جتي مسلمانن جو
تعداد وڌيڪ آهي، جماعت سان نماز پڙهڻ لاءِ ڪو گهر يا هوٽل جو هال مقرر ٿيل آهي
(جيئن نيو جرسيءَ ۾ شيراز هوٽل جو هڪ هال نماز لاءِ وقف ٿيل آهي) جتي نماز پڙهي
وڃي ٿي. ايتري قدر جو مالمو شهر جي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽيءَ جنهن مان مون مئرين
انجنيئرنگ جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي، هڪ هال تي مشتمل مسجد هئي جو هن يونيورسٽيءَ ۾
دنيا جي سڀني مسلمان ملڪن جا شاگرد هئا ۽ هينئر جڏهن منهنجو ڪوپن هيگن ۽ سئيڊن وڃڻ
ٿيو ته ڏٺم ڪوپن هيگن ۾ Grand Mosque نالي هڪ تمام وڏي مسجد ٺهي
رهي آهي، جيڪا يورپ جي وڏين ۽ اعليٰ مسجدن مان هڪ شمار ڪئي ويندي. هيءَ مسجد دبئي
جي تاباح فائونڊيشن وارا مڪاني آرڪيٽڪٽ Lars Tuxen ۽ Wenzel وارن کان ٺهرائي رهيا آهن، جنهن تي 430 ملين
يورو (يعني اسان جي 43 ارب رپين جيترو) خرچ ايندو. هن مسجد جي شڪل پهرين تاريخ جي
چنڊ جهڙي ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ 3000 ماڻهو هڪ ئي وقت نماز پڙهي سگهندا. ان کان
علاوه ديني تعليم حاصل ڪرڻ وارن شاگردن جي رهائش جو پڻ بندوبست رکيو ويو آهي. هن
مسجد ۾ نمايان ڳالهه اها آهي ته ڪو به منارو نه رکيو ويو آهي. هيءَ مسجد ڪوپن هيگن
جي جنهن حصي ۾ ٺاهي وئي آهي، ان جو نالو اوريسٽيڊ (Ores
Tad) آهي. جيئن کڻي چئجي ته ڪراچيءَ جو گلستان جوهر يا ماريپور وغيره.
ماهه جون
2007ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ خربت التحرير نالي هڪ وڏي پيماني تي ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾
ڊئنمارڪ جي ڪيترين ئي مسجدن جي امامن حصو ورتو هو ۽ سڀني يڪراءِ اهو فيصلو ڪيو ته
”هو گرائنڊ مسجد ۽ ٻين اهڙن اسلامي ڪمن لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪندا ۽ پنهنجي حيثيت آهر ان
جي مالي ۽ جاني مدد ڪندا.“ بهرحال اها خبر مون هتان نڪرندڙ انگريزي اخبار ”دي ڪوپن
هيگن پوسٽ“ ۾ پڙهي.
No comments:
Post a Comment