پکين ۾ Navigation جي قوت
الطاف شيخ
هڪ
دفعو پاڻ
وري پکين بابت حيرت انگيز ۽ دلچسپ ڳالهين جو ذڪر جاري رکنداسين.
اڄ
کان ڇهه ست صديون اڳ تائين يورپ، توڙي اسان پاسي جي ماڻهن اهو ئي سمجهيو ٿي ته هي
لڏپلاڻ ڪندڙ پکي سال جا پنج ڇهه مهينا ڪو اتي ڪٿي ڀرپاسي ۾، جبلن جي غارن يا
سامونڊي ٻيٽن تي ٿا وڃيو لڪن،
پر پوءِ آهستي آهستي جيئن ماڻهن
ڏورانهن ڏيهن ڏي نڪرڻ شروع ڪيو ته کين خبر پئي ته هي پکي هر سال وڏو سفر ڪري وڃن ٿا ۽ مقرر وقت پرديس ۾
گذاري، پنهنجي وطن موٽن ٿا. گذريل صديءَ جي آخر ۾ جيئن آءِ.
سي. چِپ Integrated Circuit ايجاد ٿي ته سائنسدانن لاءِ هنن پکين جو ٽرئڪ رکڻ (پيڇو ڪرڻ) آسان
ٿي پيو.
سئيڊن
جي گوٿابرگ يونيورسٽيءَ جي
هڪ بائلاجسٽ ٻڌايو ته گذريل سال هنن اٽڪل هڪ لک پکين جي پيرن ۾ پؤنچيون (Bands) يعني
اليڪٽرانڪ ڇلا چاڙهي ڇڏيا. سياري شروع ٿيڻ سان هو جيڏانهن جيڏانهن وڃڻ لڳا، سندن ڪمپيوٽر ذريعي رڪارڊ
رکيو ويو. ڪجهه پکين سان ريڊيو ٽرانسميٽر به اٽڪايا ويا، جيئن هنن جي چر پر جي
تفصيلي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي، ته
هو ڪيتري رفتار سان اڏامن پيا ۽ ڪيترن ڪلاڪن بعد فرحت وٺن ٿا ۽ آخر ۾ هو ڪهڙي منزل
چونڊي، ان
تي سيارو گذارين ٿا. حيرت جي اها ڳالهه ته سيارو گذاري هو جڏهن مئي ڌاري سئيڊن ۾
موٽيا ته ان ساڳي ساڳي هنڌ تي اچي لٿا، جتان هو روانا ٿيا هئا.
سوال
ٿو پيدا ٿئي ته پکي لڏپلاڻ ڇو ٿا ڪن؟ آخر اهو ڪم ڪو آسان ته ناهي. ڏينهن رات پَرَ هلائي هنن
کي اڏرڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ڌارئين ڏيهه ۾ به
پهچي کاڌي خوراڪ جي ڳولا ڪرڻي پوي ٿي. هنن جو سفر ڪو انسانن وارو ته نه آهي، جيڪي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ جمبو جهازن ۾
سفر ڪن ٿا ۽ منزل تي پهچي هو فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهن ٿا ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ
ڪارن موٽرن ۾ گهمن ٿا. پکين وانگر انسانن مٿان هر گهٽ تي شڪاري بندوقون تاڙي نٿا
بيهن.
سائيبيريا،
يورپ جي اتراهن ملڪن ۽ ڪئناڊا طرف سياري جي سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ اتي جا پکي هر
سال ڏکڻ طرف هجرت ڪن ٿا. ڪنهن چيو ته هي پکي کاڌي خاطر ڏکڻ ڏي ڪوچ ڪن ٿا، جو سياري ۾ اتراهن علائقن ۾ هر هنڌ برف ڇانيل رهي ٿي. ڪو
گاهه يا سنگ ته نٿو اڀري، پر
ساوا وڻ به ٺوڙها ٿيو وڃن. سو اهڙن ئي ملڪن جا رهاڪو پکي سيءَ کان نه پر بک کان ڀڄن ٿا. آمريڪا جي
ڪيترن ئي شهرن ۾ جڏهن Bird Feeders ، يعني پکين جي چُڳڻ لاءِ اناج سان ڀريل ڄاريءَ جون ٿيلهيون
لڳايون ويون ته هر هڪ
ڏٺو ته سياري ۾ گهرن ۾ ايندڙ ننڍن پکين جو تعداد هيڪاندو وڌي ويو. ان جو مطلب
واقعي اهو ئي نڪتو ته ڪيترائي پکي اهڙا آهن، جنکي جي پيٽ ڀرڻ لاءِ کاڌو ملي ته هو سيءَ جي به پرواهه
نه ڪن، پر
اهڙن پکين جو تعداد تمام گهٽ آهي ۽ هي اهي ئي آهن جيڪي گهرن ۾ اچن ٿا، گهرن ۾ رهن
ٿا، جيئن پاڻ وٽ جهرڪيون ۽ ڪبوتر آهن. ٻاهر وڻن تي رهندڙ پکين لاءِ اهو ڪيئن ممڪن
آهي ته هي سائيبيريا، ڪئناڊا يا ناروي، سئيڊن ۽ آئس لينڊ جهڙن ملڪن جي ڪاٽو 20
ڊگريون يا ان کان به وڌيڪ ٿڌ برداشت ڪري سگهن.
سائنسدان
چون ٿا ته پکين جي هجرت ڪرڻ جو
هڪ سبب روشني به آهي. سمهڻ لاءِ رات ضروري آهي، پر پنهنجي ۽ پنهنجن ٻچن جي
پيٽ ڀرڻ
لاءِ ڏينهن جي روشني ضروري آهي، جنهن ۾ هو کاڌي خوراڪ لاءِ اَن ڪڻا، ڪيڙا ماڪوڙا يا مڇيون ۽ ڏيڏر ڦاسائين ٿا. پنهنجو ۽
پنهنجن آنن ۽ ٻچن جو بچاءُ به ڏينهن جي
روشنيءَ ۾
بهتر ٿي سگهي ٿو. رات جي وقت اونداهه ۾ ڪيترائي چمڙن ۽ چٻرن جهڙا پکي، نانگ بلائون
۽ ٻيا جانور هنن پکين ۽ انهن جي ٻچن کي کائڻ لاءِ ڳولا ۾ سرگردان رهن ٿا. سياري جي
موسم ۾ اتراهن ملڪن ۾ رات تمام وڏي ٿئي ٿي. اسٽاڪهوم ۽ اوسلو ۾ به 18 ڪلاڪن جي ٿيو
وڃي. اڃا مٿي نيسنا، ٽرومسو، هارسٽئڊ ۽ ڪرونا جهڙن شهرن ۾ ته ويندي 20 ڪلاڪن کان
به ڊگهي رات ٿيو وڃي. هاڻ اهڙن هنڌن تي جتي ڏينهن ٻن ٽن ڪلاڪن جو مس ٿئي ٿو چوڌاري
ڄميل برف تي پکي پنهنجي کائڻ لاءِ ڇا حاصل ڪري سگهن ٿا.
پر
اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سيءَ، بک ۽ اونداهين ڊگهين راتين کان بچڻ لاءِ ننڍڙا
پکي، جن
۾ پاءُ گوشت جو مس ٿو ٿئي، ٻن کنڀڙاٽين تي ڪيئن اڌ دنيا لتاڙين ٿا. هڪ اڻ ڏٺل دنيا
ڏي پکي پنهنجي اڏام جو ڪورس ڪيئن پلاٽ ڪن ٿا، ڪمال جي ڳالهه آهي! سمنڊ تي رستا
ٺهيل نه آهن، سو
اسان هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏي وڃڻ لاءِ پهرين سامونڊي نقشن (Charts) تي پنهنجي سفر جي پلاننگ
ڪيون ٿا. مثال طور پهرين اولهه ڏي وڃڻو آهي، پوءِ فلاڻي ٻيٽ وٽان گذرڻ تي ڏکڻ ڏي
رخ ڪرڻو آهي، پوءِ ٿورو اتر طرف لڙي وري اولهه جو رخ ڪرڻو آهي. رستي تي جهاز لاءِ
تيل ۽ ماڻهن لاءِ راشن پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ فلاڻي فلاڻي بندرگاهه تي ترسڻو
آهي... وغيره وغيره ۽ هي پکي فقط ۽ فقط دعائن ۽ توڪل تي ئي سفر ڪندا رهن ٿا، شايد!
سئيڊن
۾ پنهنجي پاڙي ’هولما‘ ۾ رهندڙ هڪ مڪاني سُئيڊ شاگرد کان پڇيم، جيڪو سئيڊن جي
يونيورسٽيءَ مان
هنن لڏ پلاڻ وارن (Migratory) پکين تي ڊاڪٽوريٽ Ph.D ڪري
رهيو آهي، ته هي پکي جن نيويگشن جي ڪنهن به ڪاليج مان تعليم حاصل نه ڪئي آهي ۽ نه
وري ڪا جاگرافي پڙهيا آهن، پنهنجي منزل تي ڪيئن ٿا پهچن؟ ۽ سڄو سيارو اسپين،
موراڪو يا سنڌ ۽ راجستان ۾ گذاريو، وري اچيو هن شهر مالمو جي
پارڪن ۽ بس اسٽاپن تي پهچن!
هن
جي ڄاڻ مطابق
قدرت
هنن تي اهو علم وحَي ڪيو آهي،
يعني Instinct جو حصو آهي، جيئن ٻار ڄمڻ سان ٿڃ پيئي ٿو. اڃا به بهتر مثال ڪميءَ
جي ٻچن جو آهي. ڪمي (ڪڇون) بيضا ڏيڻ لاءِ سمنڊ مان نڪري ڪناري تي اچي ٿي ۽ سمنڊ کان چڱو پري ريتيءَ ۾ کڏ کوٽي، ان ۾ پنجاهه سٺ آنا لاهي، کڏ پوري واپس هلي وڃي ٿو، ڪجهه عرصي کانپوءِ ٻچا آنا
ڦوڙي ٻاهر نڪري، مٿي اچن ٿا ۽ يڪدم سمنڊ جو رخ رکن ٿا. هنن کي ڪيئن ٿي خبر پوي ٿي
ته سمنڊ هن پاسي آهي! کين مخالف طرف ڪرڻ سان هو مڙي وري سمنڊ ڏي رخ ڪن ٿا. هنن کي
قدرت طرفان وحي ٿيل آهي ته سمنڊ ڪهڙي طرف آهي ۽ هنن جو بچاءُ سمنڊ ۾ آهي. دير ڪرڻ
سان ڪانگ، سرڻيون ۽ ڪتا ٻلا کين کايو وڃن. سو هجرت ڪندڙ پکين کي قدرت طرفان Instinct آهي.
جبل، نديون، چراگاهه ۽ ٻيون ڌرتي مٿان نظر ايندڙ
شيون Topographic Clues به هنن جي مدد ڪن ٿيون، جيڪي هنن لاءِ ائين آهن، جيئن رستي تي لڳل بورڊ. هي
جبل اچڻ کان اڳ کاٻي مڙڻو
آهي، پوءِ وهندڙ درياهه مٿان سڌو ئي سڌو اڏامڻو آهي... وغيره وغيره.
ڪن
سائنسدانن جو اهو به خيال آهي ته پکي پنهنجي راهه جو فيصلو سج جي پوزيشن ذريعي به ڪن
ٿا، جيئن اسان جهاز جي رفتار جو اندازو ۽ 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل سفر جو مفاصلو مختلف وقتن تي سج جي پوزيشن ذريعي
حاصل ڪريون ٿا. بهرحال جي ائين آهي ته پوءِ هي پکي وڏا سياڻا چئبا جو بنا
سيڪسٽنٽ (Sextant) ، بنا لاگ ٽيبل يا ڪئلڪيوليٽر جي، بنا ڪاغذ ۽ قلم جي، پنهنجي دماغ
۾ سڄو حساب ڪتاب ڪريو وٺن ۽ دماغ به ڪو خاص وڏو نه اٿن. پکيءَ جو مٿو چيري ڏسو!
منجهس اڌ کان گهڻو حصو اک والاري ٿي،
ميڄالو ته ڪو ذرو پرزو اٿس،
جو مٿي ۾
پٺين حصي جي
هڪ ڪنڊ مس ٿو والاري.
پکين
تي Ph.D ڪندڙ مالمو (سئيڊن) جي هن شاگرد ٻڌايو ته ڪيترائي پرديسي پکي رات
جي وقت سفر ڪن ٿا، جڏهن سج ۽ ڌرتي تي موجود شيون (Landscape) نظر نٿيون اچن. رات جي وقت هو گهڻو ڪري تارن کان مدد وٺي، پنهنجي منزل ڏي وڃڻ جي راهه
جي آگاهي حاصل ڪن ٿا. هي سائنسدان چون ٿا ته ائين به هوندو. ڪجهه ڪجهه لڳي به ائين
ٿو، جو ڪيترا پکي پئرس، روم، نيويارڪ، لنڊن جهڙن شهرن مٿان گذرڻ وقت، وڏين عمارتن ۾
ٻرندڙ بتين جي جڳمڳ يا عمارتن جي چلڪندڙ شيشن ۾ بتين جي اولڙن تي ڀلجي پون ٿا. هو
جن تارن ڪَتين ۽ ڇٽن (Constellations) کي دماغ ۾ رکي اڏامن ٿا،
اهي هنن جي دماغ مان نڪريو وڃن ۽ صحيح ٽريڪ تي اچڻ جي ڪوشش ۾ هو اتي ئي چوڌاري
ڦرندا رهن ٿا. نيٺ ٿڪجي فنا ٿي هيٺ ڪري پون ٿا يا انهن عمارتن سان ٽڪرائجيو پون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر سال وڏن شهرن
جي عمارتن سان ٽڪرائجي لکين پکي مرن ٿا. سنگاپور، هانگ ڪانگ، جبرالٽر يا ٻين وڏن
بندرگاهن يا سوڙهن رستن تان اسان جي جهازن جو لنگهه ٿئي ٿو ۽ جڏهن جهازن ۽ شهرن جي عمارتن جون بتيون نيويگيشنل
بتين (جهاز رانن کي رستو ڏيکاريندڙ سمنڊ يا ڪناري تي لڳل بتيون) گڊ مڊ ٿيو وڃن ته
ان وقت اسان جي به ڪهڙي حالت ٿيندي آهي. صحيح رستو وڃائي ويهندا آهيون ۽ وري ساڳي ٽرئڪ تي اچڻ لاءِ
ڇا ته جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي ۽ اهڙن موقعن تي ٿوري به ڪوتاهي يا انسان جي ذهني يا
جسماني ٿڪاوٽ، حادثو ڪرايو وجهي ۽ جهاز
تباهه ٿيو وڃي.
صحيح
آهي ته هجرت ڪندڙ Migratory پکين مان ڪي رات جو سفر
ڪن ٿا ۽ واقعي رات جي وقت، خاص ڪري جهازن جي ڊيڪ تان هي پکي نظر ايندا آهن. چوڌاري
سمنڊ هوندو آهي ۽ هي پکي ڪڏهن ماٺ ۾ ته ڪڏهن لاتيون لَوندا، موسم مطابق ڪڏهن ڏکڻ
ڏي ته ڪڏهن اتر طرف پيا ويندا آهن. جهاز ڪٿي ائنڪر تي ٻڌل هوندو آهي يا خراب ٿيڻ
ڪري انجڻ بند ٿي ويندي آهي ته سمنڊ جي ڇولين جي هلڪي ٿپ ٿپ سان گڏ هنن پکين جي
پرڙن هڻڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ پيو ايندو آهي.
انهن
پکين وانگر اسان وٽ هن سائنسي دور ۾ به ڪيترائي ناکئا بنا ڪنهن ”اليڪٽرونڪ
نيويگيشنل ايڊ“ جي، فقط ۽ فقط تارن جي مدد ذريعي ڪراچي کان دبئي، ڪراچي کان ممبئي
پهچيو وڃن. ڪي ناکئا ته ويندي ڪراچي کان جبوتي يا مغديشو (سوماليا) کان به وڃيو
نڪرن، پر طوفاني راتين ۽ مينهوڳيءَ جي مند ۾ جڏهن آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڀريل هوندو
آهي ۽ واٽ ڏَسيندڙ ڪو تارو نظر نه ايندو آهي ته هنن جون وايون بتال ٿي وينديون
آهن. هنن کان تَڙَ توائي ٿي ويندا آهن ۽ اونداهه ڪارونڀار ۾ هنن لاءِ طرف سڃاڻڻ
ڏکيا ٿي پوندا آهن. اسان جي جهازن تي کڻي ريڊار ٿين ٿا، ايڪو سائونڊر ٿين ٿا، ڊي
ايف (Direction
Finder) ٿين ٿا ۽ مختلف ڪمپاسن ذريعي ٽيئي اتر
(جاگرافيائي
اتر، چقمقي اتر ۽ True اتر) ڳولي وٺون ٿا،
ان ڪري جهڙالين راتين ۾ به پنهنجي سفر کي جاري رکون ٿا. سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهڙين
راتين ۾ جيڪي هنن پکين جي سفر ۾ پڻ ڪٿي نه ڪٿي ضرور اينديون هونديون ۽ تارا ڪَتيون
غائب ٿي وينديون هونديون، هي پکي رات جي وقت پنهنجو سفر ڪيئن ٿا جاري رکن؟
پکين
جي معلومات رکندڙ هن شاگرد ٻڌايو ته ڪجهه
پکي اهڙا آهن،
جيڪي جهڙالين راتين ۾ به پنهنجو سفر قائم رکن ٿا. هنن جي اندر قدرت طرفان ڪو اهڙو
ڪمپاس (قطب نما) فِٽ ٿيل آهي،
جو هو ڌرتيءَ جي
چقمقي فيلڊ (Magnetic
Field) کي
پرکي سگهن ٿا.
پکين
تي کوجنا ڪندڙ ڪجهه سائنسدانن جو اهو به چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته لڏ پلاڻ ڪندڙ
هنن پکين جي ميڄالي ۾ پاليل ڪبوترن وارو ڪيميائي مادو هجي، جنهن کي انگريزي ۾ Magnetite
سڏجي ٿو، جنهن کان ڪيمسٽريءَ
جو هر شاگرد واقف آهي. ڪجهه سائنسدانن جو اهو به چوڻ آهي ته پکي اکين يا دماغ
ذريعي نه، پر
ڪنن ذريعي پنهنجي راهه ڳولين ٿا، جنهن تي هلي هو منزل تي پهچن ٿا. هو ڪنهن ذريعي
هيٺاهين فريڪئنسيءَ
وارا آواز، جيئن ته سمنڊ جي ڇولين جي اٿل پٿل، سوين ميلن تان ٻڌي سگهن ٿا.
ائين
به ناهي ته رستو ڳولڻ ۾ پکي غلطي نٿا ڪن. جڏهن انسانن کان ئي چُڪون ٿيو وڃن ته
پکين کان ڇو نه ٿينديون هونديون. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته سمنڊ تي لڳندڙ
طوفانن ۽ مونجهارن ڪري ڪيترا پکي واٽون وڃائي ويهندا آهن ۽ اتر ڪئناڊا کان نڪتل
پکي ڏکڻ طرف برازيل يا وچ آمريڪا ڏي
ويندي، طوفانن ۾ وچڙي
ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪري اوڀر طرف يورپ کان اچي نڪرندا آهن. بهرحال اها ڪا وڏي ڳالهه
ناهي، ڪولمبس جهڙو چڱو مڙس ئي سمنڊ تي رستو وڃائي ويٺو. هو ايسٽ انڊيز (انڊونيشيا،
ملايا وغيره) لاءِ پنهنجي ملڪ اسپين کان نڪتو هو. آفريڪا کنڊ جي ڇيڙي تائين پهچي، کاٻي پاسي اوڀر طرف رخ ڪرڻ
بدران ساڄي اولهندي ڏي ڌوڪيندو ويو. چڱو جو ان طرف زمين هئي ۽ پوءِ هن کي ڪريڊٽ
مليو ته هن آمريڪا ايجاد ڪيو آهي،
پر جي زمين نه هجي ها يا آمريڪا اڃان به هفتو کن ڏور هجي ها ته بک ۾ پاهه ٿيندڙ
جهاز ران هڪ ٻئي کي کائي کپائي ڇڏين ها.
No comments:
Post a Comment