اوريسنڊ پل ۽ جرمنيءَ جو ڪيل
ڪئنال...
الطاف شيخ
گذريل
مضمون ۾ پاڻ سئيڊن جي ڏاکڻي شهر ۽ بندرگاهه، مالمو ۽ ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن کي ملائڻ واري پل ”اوريسنڊ برج“
جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. اهي شهر پاڻ ۾ ائين آهن، جيئن اسان جو دادو مورو يا سکر
روهڙي. انهن جي وچ ۾ يا ڪوٽڙي حيدرآباد جي وچ ۾، جڏهن پل نه هئي ته درياءُ ٽپڻ جو
ذريعو فقط ٻيڙيون هونديون هيون. هاڻي پلين جي ڪري، باءِ روڊ وڃڻ ۾ خرچ به گهٽ ٿئي
ٿو ته وقت جو بچاءُ پڻ ٿيو وڃي.
اهڙيءَ طرح
هيڏانهن مالمو کان ڪوپن هيگن وڃڻ لاءِ، فيرين (Feries)
ذريعي سفر ڪرڻ کان پل ذريعي، يعني باءِ روڊ وڃڻ تي خرچ گهٽ آهي ۽ وقت جو بچاءُ
آهي. تنهن هوندي به ڪيترا ماڻهو، فيريءَ رستي سمنڊ اُڪرڻ چاهين ٿا جو فيري يا هوور
ڪرافٽ يا ڪنهن ٻي سامونڊي سواريءَ جو مزو ئي پنهنجو آهي. ڄڻ پڪنڪ ٿيو وڃي. هاڻ
مڙيئي ڪجهه سالن کان پل رستي سمنڊ ٽپڻ وارن جو تعداد وڌي ويو آهي. ان جو سبب،
مالمو ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني دوست ۽ بزنيس مئن مسعود ضيغم ٻڌايو ته؛ جيئن ته ڪوپن
هيگن ٻيٽ تي زمين ۽ رهائش مهانگي آهي، ان ڪري ڊئنمارڪ جي ڪيترن شهرين، جيڪي ڪوپن
هيگن ۾ نوڪري ڪن ٿا، سئيڊن پاسي مالمو ۾ گهر ورتا آهن. هاڻ هورهن سئيڊن پاسي ٿا پر
نوڪريءَ لاءِ پل ٽپي ڪوپن هيگن وڃن ٿا ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي سڄي مهيني جي ٽيڪٽ
(ٽال) اڳواٽ ڀرين ٿا، فقط چوٿون حصو رکيو ويو آهي. هي سلسلو ائين ٿي ويو آهي، جيئن
اسلام اباد ۾ نوڪري ڪرڻ وارا راولپنڊيءَ ۾ رهن ٿا پر اسلام آباد ۽ راولپنڊي ته هڪ
ئي ملڪ ۾ ٿيا. ان ڪري هتي بهتر مثال سنگاپور ۽ ملائيشيا جي پڇڙي واري شهر
جوهوربارو وارو ٿيندو. سنگاپور ڪوپن هيگن وانگر ننڍڙو ٻيٽ آهي، جتي زمين جو اگهه
تمام گهڻو آهي. ان ڪري ڪيترن سنگاپورين پنهنجا فلئٽ يا ننڍڙا گهر وڪڻي، ساڳين پئسن
۾ جوهور بارو (ملائيشيا) پاسي وڏا گهر ورتا آهن ۽ هو صبح شام جو هوربارو ۽ سنگاپور
جي وچ وارو سمنڊ، پل (ڪاز وي) ذريعي ٽپي نوڪري لاءِ وڃن ۽ موٽن ٿا. هينئر سئيڊن جي
هڪ تازي رپورٽ پڙهي رهيو هوس ته گذريل سال يعني سال 2008ع ۾ اٽڪل اڍائي ڪروڙ ماڻهن
پل تان سفر ڪيو، جن مان هڪ ڪروڙ ماڻهن ٽرين رستي ۽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن بسن ۽ ڪارن
ذريعي، هڪ ماڻهوءَ جا 200 رپيا ٽال کڻي لڳائجي ته به هتي جي سرڪار هڪ سال ۾ 5 ارب
رپيا پل مان ڪمايا.
شروع ۾ به
لکي آيو آهيان ته ڪوپن هيگن ٻيٽ کان مالمو تائين جيڪو سمنڊ آهي، ان تي يڪي پل برج
ناهي پر ان سمنڊ جي ڪجهه حصي تي پل آهي ۽ ڪجهه تي سمنڊ اندر ٽنل (سُرنگهه) آهي.
مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي و چ ۾ جيڪو سمنڊ آهي، ان ۾ 4 ڪلوميٽر کن ڊگهو ۽ اڌ ڪلوميٽر
ويڪرو پيبر هوم (Peberholm) نالي هڪڙو هٿرادو (آرٽيفيشل) ٻيٽ ٺاهيو ويو آهي. سئيڊن جي
شهر مالمو کان هن ٻيٽ تائين پل ٺاهي وئي آهي، جيڪا اوريسنڊ برج سڏجي ٿي ۽ 8
ڪلوميٽر ڊگهي آهي. مالمو کان نڪرندڙ ڪارون هن پل تان هلي پيبر هوم ٻيٽ تي پهچن
ٿيون. ٻيٽ 4 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ هن ٻيٽ کان وٺي ڪوپن هيگن تائين سمنڊ اندر سرنگهه (Tunnel)
آهي، جيڪو 4 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ ڪوپن هيگن ايئرپورٽ جي ويجهو اچيو نڪري. ڪوپن هيگن
پاسي هيءَ ٽنل ٺاهڻ ان ڪري به ضروري هئي جو ايئرپورٽ ڀرسان آهي ۽ ان هنڌ تي جهاز
لهندي يا چڙهندي هيٺانهين Altitude
تي رهن ٿا.
هن پل جي
ڊگهي ۾ ڊگهي ٿنڀي (Pillar)
جي اوچائي 204 ميٽر آهي. گهر جي ڇت جي 5 ميٽر جي سمجهي وڃي ته هن Pillar
جي اوچائي اٽڪل 13 ماڙ عمارت جيڏي ٿي. هن پل جو خاص ونگ (Span)
جيڪو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو سمجهيو وڃي ٿو 490 ميٽر آهي. يعني اٽڪل اڌ ڪلوميٽر. هونءَ
هن پل کي جيتوڻيڪ تمام گهڻو مٿامهون ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي هيٺان وڏيون وڏيون
ٻيڙيون به آرام سان لنگهي سگهن ٿيون، پر هر ٻيڙي پل هيٺان لنگهڻ بدران ڊروجن ڳچي
سمنڊ مان لنگهي ٿي، جيڪو سمنڊ جو حصو ٽنل مٿان آهي.
ان ۾ ڪو شڪ
ناهي ته ان پل وٽان ئي دنيا جا جهاز لنگهي پوءِ اڳيان بالٽڪ سمنڊ ۾ گهڙن ٿا.
پولنڊ، بالٽڪ ملڪن، فنلئنڊ مشرقي جرمني ۽ سئيڊن جي بندرگاهه اسٽاڪهوم ۾ جهاز کي پهچڻ
لاءِ هر صورت ۾ بالٽڪ سمنڊ ۾ اچڻو پوي ٿو. ڪراچيءَ کان اچڻ مهل، سئيز ڪئنال ٽپي
پهرين ڀؤنچ(Mediteranean) سمنڊ ۾ اچڻو
پوي ٿو ۽ پوءِ ٽن چئن ڏينهن جي سفر بعد، جبرالٽر وٽان ان سمنڊ مان نڪري ائٽلانٽڪ
سمنڊ ۾ اچڻو پوي ٿو ان کان پوءِ ”نارٿ سي“ سمنڊ لتاڙي، ڊئنمارڪ وٽان لنگهي، بالٽڪ
سمنڊ ۾ گهڙجي ٿو. پهرين به لکي چڪو آهيان ته، ڊئنمارڪ جا ان هنڌ تي ڪيترا ئي ٻيٽ
آهن. سندس گاديءَ وارو شهر انهن وڏي ٻيٽن مان هڪ ٻيٽ تي آهي ۽ ننڍا ننڍا ته سوين
آهن، جن وٽان جهاز کي وڏي خبرداريءَ سان هلائڻو پوي ٿو. دنيا جي سوڙهين ۽ ٽريفڪ سان
ڀريل سامونڊي گهٽين مان هيءَ به هڪ آهي. ائين ته سنگاپور وارو سمنڊ ۽ ملاڪانار (Malacca
Strit) به آهي پر اتي
هر وقت اهڙا طوفان ۽ مڇريل سمنڊ ته نه آهي، جهڙو هن پاسي، ”نارٿ سي“ ۽ بالٽڪ ۾
آهي. ان کان علاوه ڌنڌ اهڙو رهي ٿو جو جهاز جي وچ تي ٺهيل Accomodation
۽ ڪنٽرول روم مان جهاز جو اڳيون حصو نظر نٿو اچي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته منجهند مهل به Visibility
زيرو رهي ٿو. ان ڪري هن پاسي اوريسنڊ جهڙيون پليون، جهاز هلائڻ وارن لاءِ مٿي جو
سور ثابت ٿين ٿيون. ڪيترا دفعا ته جهاز هلائيندڙ توڙي مالڪن کي فيصلو ڪرڻو پوي
ٿوته جهاز ۽ ان ۾ رکيل سامان ۽ ماڻهن کي مصيبت ۾ وجهڻ بدران، يعني جهاز کي ٻه
ڏينهن طوفان ۽ ڌنڌ ۾ هلائڻ بدران، چار پئسا وڌيڪ ڏئي ڪيل ڪئنال مان ئي لنگهائجي ته
سٺو. ڪيل (Kiel) ڪئنال، سيئز
ڪئنال وانگر (پر ان کان ننڍو) هٿرادو کوٽايل ڪئنال آهي، جيڪو جرمنيءَ وارن پنهنجي
ملڪ ۾ کوٽيو آهي. جرمنيءَ جي مٿان ماڻهوءَ جي منهن جي شڪل جهڙو ڊئنمارڪ آهي. جرمني
۽ ڊئنمارڪ جي هڪ پاسي ”نارٿ سي“ آهي ته ٻئي پاسي ”بالٽڪ سمنڊ“، جرمنيءَ جي اتر
واري حصي ۾ هڪ هنڌ ٻنهي سمنڊن جي وچ ۾ تمام ٿورو فاصلو (اٽڪل 61 ميل يعني 98
ڪلوميٽر) هجڻ ڪري جرمنيءَ جي ماڻهن 1940ع ڌاري اهي 61 ميل کوٽي ڪئنال ٺاهيو، جيڪو
نارٿ سي ۽ بالٽڪ سمنڊ کي ملائي ٿو. ڪيترا ئي دفعا اسان جي جهاز کي پڻ هن ڪيل ڪئنال
مان لنگهڻو پيو آهي. يعني سڄي ڊئنمارڪ کي ڦيرو ڪرڻ ۽ طوفانن، سخت سردي ۽ ڌنڌ ۾ ٻه
ڏينهن خوار ٿيڻ بدران ٽن چئن ڪلاڪن ۾ هن سوڙهي ڪئنال مان نڪري اچي بالٽڪ سمنڊ ۾
پوندا آهيون ۽ ڪيل ڪئنال مان چاهي اونهاري مان لنگهجي يا سياري ۾. نه طوفان نه
سامونڊي لوڏا. چوڌاري خوبصورت نظارا هوندا آهن. پاسن کان روڊ رستا، جن تان ڪارون
بسون پيون هلنديون آهن ۽ ٻهراڙيءَ جا گهر ۽ ساوا ساوا کيت هوندا آهن.
ڪِيل ڪئنال بابت اها دلچسپ ڳالهه به لکندو هلان ته اهو هڪ ليول تي نه آهي،
يعني ڏاڪڻ وانگر هيٺ مٿي آهي. ڇو جو بالٽڪ سمنڊ ۽ نارٿ سي هڪ ئي ليول تي نه آهن.
هڪڙو هيٺ آهي ته ٻيو گهڻو مٿي ۽ جهاز کي مٿي چاڙهڻ لاءِ ڪيل ڪئنال ۾ مختلف هنڌن تي
پاڻيءَ جي ليول مٿي چاڙهي يا هيٺ گهٽائي جهاز کي مٿي يا هيٺ ڪيو وڃي ٿو. اهڙن هنڌن
کي اسان جهازين جي زبان ۾ ”لاڪ“ سڏجي ٿو. آمريڪا وارو پاتاما ڪئنال جيڪو اٿٽلانٽڪ
سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ کي ڳنڍي ٿو، ان ۾ به لاڪ سسٽم آهي جو انهن سمنڊن جي ليول به هيٺ
مٿي آهي. جهاز ڪئنال جو ڪجهه حصو پورو ڪري پوءِ ان لاڪ واري جاءِ تي اچي بيهندو
آهي، جتي هن جي اڳيان لوهي دروازي ذريعي
ڪئنال بند هوندو آهي. جهاز جي ان هنڌ تي پهچڻ سان سندس پويان به در بند ڪري هن کي
ڄڻ چوديواريءَ ۾ بند ڪيو ويندو آهي. يعني ٻن پاسن کان ڪئنال جا ڪپر ۽ اڳيان پويان
لوهي دروازا. ان بعد ان چؤديواري کي پمپن ذريعي پاڻي وجهي پاڻيءَ جي ليول کي مٿي
آڻبو آهي. پاڻيءَ جي ليول سان گڏ جهاز به
مٿي چڙهي ٿو ۽ پوءِ اها ليول هڪ حد تي پهچڻ بعد جهاز جي اڳيان وارو دروازو کوليو
ويندو آهي ۽ جهاز هاڻ مٿانهين ليول تي هلڻ شروع ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح اڳيان وري ٻيو لاڪ اچڻ تي ساڳيو عمل دهرائي، جهاز کي اڃا مٿانهين ليول تي
آڻبو آهي ۽ اهڙيءَ طرح وڃي ٻئي سمنڊ
کان نڪربو آهي، جنهن جي ليول مٿانهين آهي. واپسيءَ تي وري جهاز کي انهن لاڪن ۾ آڻي
پمپن ذريعي يا Gravity
ذريعي پاڻيءَ کي ڪڍي جهاز کي هيٺ ڪيو ويندو آهي. بهرحال جرمنيءَ جي مٿئين ڪِيل
ڪئنال ڪري اسان جا گهٽ ۾ گهٽ 280 ناٽيڪل ميل (جيڪي 520 ڪلوميٽرن برابر ٿين ٿا)
بچيو وڃن. يعني گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن ۽ روزانو جي چاليهه ٽن تيل جي کپت آهي ته معنيٰ
مالڪ کي 80 ٽن تيل جا پئسا هڪ طرف بچيا ته جهاز هلائيندڙن جون پگهارون ٻئي طرف
بچيون ۽ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ موڪليل سامان ٻه ڏينهن اڳ پهچي ويو. انگلنڊ مان نڪرندڙ
جهازن جي خبرن جي اخبار Lloyd List
۾ پڙهي رهيو هوس ته اڄ ڪلهه ته ڪيل ڪئنال مان ساليانو 40 کان 50 هزار جهاز لنگهن
ٿا.
No comments:
Post a Comment