Friday, November 11, 2011

نَر تلور وڃي ٻي مادي تاڙيندو - الطاف شيخ


 نَر تلور وڃي ٻي مادي تاڙيندو
الطاف شيخ

گذريل مضمون ۾ مون پرديسي پکين مان سڀ کان سهڻو پکي ڪونج کي قرار ڏنو آهي ۽ ان بابت ڪجهه لکيو اٿم، پر هاڻ پيو سوچيان ته ضروري ناهي ته لڏ پلاڻ ڪندڙ پکين ۾، سڀني لاءِ سهڻو پکي ڪونج هجي. جپان ۾ رهڻ ڪري ۽ هنن جو ڪونج بابت عبادت جي حد تائين پيار، ڪونج بابت جپاني راڳ، جپاني ادب ۾ ڪونج بابت ڪهاڻيون ۽ شعر توڙي شاعري هڪ طرف پڙهي ۽ ٻئي پاسي ٽوڪيو مان وهندڙ سمدا نديءَ جي ڪپر تي، ڪونجن جا ناچ ٽپڪا ۽ Mating Dances ڏسي، مون کي هي پکي سهڻو لڳي ٿو. ان ڪري ڪونج کي مون ٽاپ جو سهڻو ۽ پيارو پکي کڻي لکيو آهي، جيڪو منهنجو پنهنجو ذاتي خيال آهي، نه ته ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ايندڙ ٻيا پرديسي پکي به گهٽ سهڻا نه آهن. ۽ ڀلا جي پهرين نمبر تي کڻي ڪونج آهي ته ٻئي نمبر تي تلور، آڙي، هنجر، ٻرڻو، ٿرندو، پوڻي، ڊگوش، چيڪلو، سينڌر، ڳوهر، رتنبو... ڪهڙو پکي چئي ڪهڙو چئجي. اهي سڀ پکي اسان جي سنڌ ۾ ايندا رهن ٿا، پر افسوس جو انهن لاءِ اسان کي ڪو قدر نه آهي. اهي پکي اسان وٽ سنڌ ۾ مهمان ٿي اچن ٿا ته هنن جي خدمت چاڪري ڪرڻ بدران اسان سندن سک ڦٽايو ڇڏيون. بقول عزيز سولنگيءَ جي سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي نه صرف شڪار جا مقامي شوقين پر نار (Gulf) وارين رياستن کان به ڪيترائي شڪاري پنهنجن بازن ۽ حريص نگاهن سان سنڌ جو رخ ڪن ٿا ۽ پوءِ ڪڏهن باز جي بيرحم چنبن ۾ ڪا تلور ڦٿڪڻ لڳي ٿي ته ڪڏهن دولت جي مقتل گاهه مان، آمي، ڦاپي ۽ شهناز جو سرد جسم موٽي ملي ٿو...

بهرحال پکين سان اهو ظلم اسان وٽ ٿو ٿئي، پوءِ اهو پکي کڻي ڪونج هجي يا آڙي، تلور هجي يا راج هنس. جپان يا سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ جي اسان جي ملڪ ۾ اچڻ وارو ڊگوش (Pintail) يا نيرڳ (Mallard) اچي نڪري ته جيڪر ان کي به هو سوروءَ (ڪونج) وانگر لک عزتون ڏين. مسز خورشيد حميد ڏهر جو پرڏيهي پکين سان ورتاءَ بابت ڪاوش اخبار ۾ مضمون پڙهيو هوم، جنهن ۾ هوءَ لکي ٿي ته هي ناياب ۽ حسين پکي پنهنجي افاديت ۽ انفراديت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، پر اسان جي وحشي خواهشن انهن بي زبان گگدامن جي نسل کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کان ٽيهارو کن سال اڳ جڏهن ڍنڍن ۽ درياءَ ۾ پاڻي جام هوندو هو ته لکين پکي اتي اچي آرامي ٿيندا هئا. درياءَ ۽ ڍنڍون ته پکين سان ڀريون پيون هونديون هيون، پر ارد گرد جا وڻ ۽ ٽڪر به پکين سان سٿيا پيا هوندا هئا ۽ اهڙو ته دلفريب منظر هوندو هو، جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. ڪاش ان زماني ۾ وڊيو هجي ها ته شايد اسان پنهنجي نئين نسل جي بهتر رهنمائي ڪري سگهون ها ۽ کين ٻڌائي سگهون ها ته فطرت ڪيتري نه حسين آهي، جنهن کي اسان هٿ وٺي برباد ڪري رهيا آهيون. شڪار ته تڏهن به ٿيندو هو، مگر ڪو شوقين ورلي پاڻ وڃي اهو شوق پورو ڪندو هو، پر هاڻ ته قاعدا قانون سخت هوندي به هر ڪنهن جي هٿ ۾ بندوق آهي.
پکين جي بچاءَ لاءِ اسان وٽ جهنگلي جيوت (Wild Life) جي بچاءَ جو کاتو آهي، جنهن کاتي جا، هنن ناياب پکين جي سلامتي لاءِ، ڪجهه قانون به ٺهيل آهن. جيئن:
-         ڪنهن به اهڙي پکيءَ يا جانور جي شڪار جي اجازت ناهي هوندي، جنهن کي جهنگلي جيوت جي کاتي تحفظ فراهم ڪيو هجي. پرمٽ بنا ڪنهن به پکيءَ يا جانور کي مارڻ قانوني ڏوهه آهي.
-         ڪنهن به جانور يا پکيءَ کي ڄار، ڪُنڍي يا آٽوميٽڪ هٿيار سان مارڻ تي بندش آهي، سواءِ ٻارهن بور جي بندوق جي يا پوائنٽ ٽوٽو رائيفل جي، ان کانسواءِ ڪنهن به طريقي سان شڪار ڪرڻ ڏوهه آهي.
-         ڪنهن به جانور يا پکيءَ کي ڪنهن به قسم جي گاڏيءَ تي سوار ٿي يا گاڏيءَ اڳيان 200 گزن تائين شڪار ڪرڻ ڏوهه آهي.
-         ڪنهن به جانور يا پکيءَ کي سج اڀرڻ کان اڳ يا سج لهڻ کان پوءِ شڪار ڪرڻ منع آهي.
پر بقول نورين جي، جنهنجو ”پرڏيهي پکين جي ميزبان سنڌ“ تي لکيل مضمون ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هوم، ته اڪثر ڏٺو ويو آهي ته بااثر ماڻهو يا عادي شڪاري، مقرر ڪيل اصولن جي پرواهه ڪرڻ بنا انهن منع ڪيل جانورن ۽ پکين جو به شڪار ڪن ٿا، جن کي وائيلڊ لائيف کاتي پاران تحفظ فراهم ڪيل هوندو آهي.
نورين پنهنجي ان مضمون ۾ لکيو آهي ته هنن پرديسي پکين جي شڪار ڪندڙن ۾ اعليٰ سرڪاري عهديدار، قبائلي سردار، رئيس، وڏيرا ۽ مهمان، خاص ڪري عرب شامل آهن. ڪيترن عرب، شڪاري علائقن ۾ بنگلا ٺاهي رهيا آهن، جتي ڪيترا ئي شڪاري باز رهن ٿا. هڪ اندازي موجب هر سيزن ۾ 15 کان 20 هزار تلور پکي شڪار ڪيا وڃن ٿا، جنهن ڪري انهن جو نسل آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي.
هونءَ پرديسي پکين تي سڀ کان گهڻو مارو تلور پکيءَ تي ٿئي ٿو. تلور کي انگريزي ۾ Houbara Bustard سڏجي ٿو. ”ٿر جي سير“ واري مضمون ۾ موهن گياني هن پکيءَ لاءِ لکي ٿو ته،
تلور پکي ٿر ۾ ڇڊو ٿيندو آهي. نومبر ڌاري ايندو آهي ۽ اپريل جي پڇاڙيءَ ۾ موٽي ويندو آهي. مطلب ته هي سردي گذارڻ لاءِ ايندو آهي. هن جو قد وڏي نَر ڪڪڙ جيڏو ٿئي ٿو. پري کان بندوق سان شڪار ڪبو آهي، ويجهو وڃڻ سان اڏامي ويندو يا اهڙيءَ طرح ڪنهن ٻوٽي ۾ ڇپ هڻي ويهندو، جو ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندو. هي ڏهرن ۾ گهڻو وقت پٽ تي چوڻ ڪندو رهندو آهي. بعضي اٺ جي گرتگ سان شڪار ڪبو آهي. هن جو گوشت لذيذ ٿئي ٿو. هونءَ به ٿر ۾ هر قسم جو گوشت لذيذ لڳندو آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن نصيب ٿئي ٿو...“
عزيز سولنگيءَ هن پکيءَ لاءِ پنهنجي هڪ مضمون ”پرديسي پکي ۽ بي حسيءَ جي ڊگهي اڏام“ ۾ لکي ٿو ته،
شڪاري پاليل باز وسيلي ناياب پکي تلور جو شڪار ڪن ٿا. جيتوڻيڪ اها جڳ جهان کي خبر آهي ته تلور جو گوشت نه غير معمولي ذائقي وارو آهي ۽ نه وري جسماني سگهه جي لحاظ کان اهو ايترو بي انتها ڪارائتو آهي، ان جي باوجود به هزارين ڪلوميٽرن کان ڪهي ايندڙ تلور جو شڪار ڪرڻ جو بنيادي سبب اذيت پسنديءَ واري جذبي جي تسڪين آهي. البته تلور بابت اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته تلور زعفران کائي ٿي، جنھن ڪري ان جي گوشت ۾ هڪ خاص قسم جو هڳاءُ موجود رهي ٿو. ڪوهستان جي هڪ پيرسن شڪاريءَ ٻڌايو ته تلور پکي پنهنجي حياتيءَ ۾ وڌيڪ نه ته هڪ دفعو ضرور انهن علائقن جو رخ ڪري ٿو، جتي زعفران جي پوک ٿئي ٿي. حقيقت اها آهي ته پکين ۾ تلور ئي اهڙو واحد پکي آهي، جيڪو آخري پساهن تائين باز سان مزاحمت ڪري ٿو ۽ شڪاري ان کي باز جو مقابلو ڪندي، وڙهندي، تڙپندي ۽ مرندي ڏسي تسڪين حاصل ڪن ٿا. ان جون وڊيو موويز ڀريون وڃن ٿيون. بلڪل ائين ئي جيئن نار وارن ملڪن ۾ اٺن جي ڊوڙ ۾ معصوم ٻارڙن کي اٺ تي چؤکنڀو ٻڌي، اٺن کي ڊوڙايو وڃي ٿو ۽ ٻارڙن جي هراسيل ريهن مان مزو ورتو وڃي ٿو...“
تلور بابت تفصيلي طرح امر لغاريءَ پنهنجي ڪتاب ”ناري جي ڪناري“ ۾ لکيو آهي ته تلور (Houbara Bustard) جي ڇاتي نيري آسماني رنگ تي ٿئي ٿي، جنهن مٿان هيٺ لڙڪندڙ کنڀ نظر ايندا آهن. تلور جي اک نهايت خوبصورت ٿئي ٿي ۽ هوءَ وزن ۽ قد ۾ ڪڪڙ (نر) جيڏي ٿئي ٿي، پر هن جون ٽنگون ان کان وڏيون ٿين ٿيون. چنبو ننڍو ۽ اسپنجي ٿئيس ۽ کڙيءَ وٽان آڱوٺو ڳولئي نه لڀيس. سندس ڳچي ڊگهي ۽ پٺ واريءَ جهڙي رنگ تي ٿئيس ۽ ان مٿان انگريزي جي اکر V جهڙي شڪل جا هلڪا هلڪا دٻڪ ٿينس. پٺ جا کنڀ لسا ۽ هيٺ تي مڙيل ٿيندا اٿس. مادي نر کان ننڍي ٿئي ٿي، پر رنگ ۾ هڪ جهڙي ٿئي. تلور جو هيٺيون ڌڙ سفيد ٿئي ۽ پڇ تي ڪارا چورس ٽڪا ٿينس. مٿي جو تاج ڪارڙو پر سفيد لڪير سان هيٺ ورندڙ ٿئي. ڳچي هيٺان ڪمان جيئن لڙڪندڙ کنڀن جو ڇڳو سندس خاص نشاني آهي.
تلور سڀ کان وڌيڪ ڄانڀي جي فصل ۽ پوءِ توريي کي اهميت ڏئي ٿي. ان کانپوءِ ٻجن کي ۽ پوءِ ٻوٽن جي گؤنچن کي، جي اهي به نه مليس ته پوءِ ٻين ساهه وارن تي ورندي. ٽنڊڻ، ڏينڀو، مڪڙ ۽ ٻيا ڪيترائي جيت جڻا سندس بک اجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. نئين آيل تلور کي جيڪي ڪجهه هٿ اچي ٿو اهو کائي ٿي. پوءِ بهتر کاڌي جي ڳولا ۾ رات جو آس پاس وارو علائقو گهمي ڦري ڏسندي آهي. چڳڻ مهل صفا جهاپي ٿي نٿي هلي، پر هر طرف لؤڻا هڻندي رهي ٿي. ماڻهو يا مال جي کڙڪي تي ڀڙڪو کائي اڏامي ٿي يا چنبين تي زور ڏئي ڪنهن ٻوڙي جي آڙ وٺندي. تلور ڪڏهن ڪڏهن اڪيلي به چڳندي آهي. جيڪڏهن پنهنجي ساٿيءَ کي سڏڻ جي ضرورت پوندس ته گلي مان ”ٽڪ ٽڪ“ جو آواز ڪڍندي.
امر لغاري صاحب تلور پکي بابت وڌيڪ لکي ٿو ته بازن وارو عرب شيخ هن جو سڀ کان وڏو دشمن آهي. هو تلور کي شڪري بازيءَ لاءِ استعمال ڪري ٿو. هو ان کي ”ڊيڪواء برڊ“ طور ڪتب آڻي باز جهليندو آهي. سنڌ ۾ تلور ختم ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن، پر اڄوڪي دؤر ۾ اسمگلنگ هن جي سڀ کان وڏي دشمن آهي. تلور پاڻ به اسمگل ٿئي ٿي ۽ ان جا بيضا ۽ ٻچا به عرب ملڪن ڏانهن موڪليا وڃن ٿا. جهنگ يا ٻيلن جو ڪٽجڻ يا انهن جو تباهه ٿيڻ، سوڪهڙو، ڏڪار ۽ ٺيڪو وٺي شڪار ڪرڻ، هن جي ختم ٿيڻ جا اهي پڻ ڪارڻ آهن. تلور ٽي يا چار بيضا ڏئي ٿي. هن جو ڪوبه آکيرو نه ٿيندو آهي. هيءَ ڪنهن ٻوڙي هيٺان کڏ کوٽي ان ۾ بيضا لاهي ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ پاڻ مادي ئي ان ۾ آري تي ويهندي آهي. نر وڃي ڪا ٻي مادي تاڙيندو آهي.

No comments:

Post a Comment