Friday, November 11, 2011

بي چَئي جهرڪ جي ڪهاڻي.... - الطاف شيخ


بي چَئي جهرڪ جي ڪهاڻي....
الطاف شيخ
ڪجهه سال جهاز هلائڻ بعد مون کي پنهنجي جهاز سان واسطو رکندڙ سبجيڪٽ ۾ MSc ڪرڻ لاءِ ٻن سالن لاءِ سئيڊن موڪليو ويو، جتي جي ڏاکڻي شهر مالمو ۾ ”ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي“ آهي. سئيڊن جي انهن ڏينهن جو ذڪر مون پنهنجن ڪيترن ئي سفرنامن ۾ ڪيو آهي، جيئن ته.... ”اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، ملير کان مالمو، جت برف پوي ٿي جام وغيره. انهن ڪتابن ۾ لکيو اٿم ته سياري جي سرد موسم ۾ جڏهن اسين صبح جو يونيورسٽيءَ ويندا هئاسين ته پاڙي ۾ رهندڙ هڪ امير عورت روزانو ولائتي Pea Nutsيا بسڪٽن جو دٻو ڏيندي هئي ته رستي تي يا پارڪ مان لنگهندي ڪو پکي نظر اچي ته ان کي ڏجو. هي پکي اڪثر اهي هوندا هئا، جيڪي بيمار يا زخمي هجڻ ڪري پنهنجن ساٿين سان گڏ گرم ملڪن ڏي نه وڃي سگهيا هئا ۽ هاڻ جي هنن کي ڪو چوڳو نه ڏبو ته سئيڊن جي سخت سيءَ ۽ کاڌي جي اڻاٺ ڪري مري ويندا.

پکي به انسانن وانگر هڪ حد تائين گرمي ۽ سردي سهي سگهن ٿا. اسان وٽ اونهاري ۾ گرمي ضرور ٿئي ٿي، پر گهرن ۽ وڻن جي ڇانوَ ۾ ته وري به فرحت آهي. ٻيو ته اسان وٽ سخت اونهاري ۾ به انبن کان کجور تائين ۽ چانورن کان ڪڻڪ تائين جا فصل ٿين ٿا، جن مان ڪجهه نه ڪجهه پکي پکڻ چڳي سگهن ٿا. ٽيوب ويل، نلڪن، کوهن، نارن، واٽر ڪورسن ۽ دُٻن ۾ ايترو ته پاڻي رهي ٿو جو پکي پنهنجيون چهنبون ٻوڙي سگهن، پر ناروي، فنلئنڊ، سئيڊن، گرين لئنڊ، اتر ڪئناڊا ۽ سائبيريا وارن پٽن تي سياري جي سخت سرديءَ ۾ ڪٿي آهي ڪو ٻج ڪڻو يا گاهه ذرو؟ ڪٿي آهي ڪا مک ماڪوڙي يا ٽنڊڻ، چچي، جنهن کي پکي کائي پيٽ ڀرين؟ پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي. جيڪو پاڻي آهي اهو برف ٿيو وڃي. اهڙيءَ صورت ۾ هتي رهندڙ پکي ڏکڻ طرف ڀڄن ٿا، جتي جو سيارو ايڏو هلڪو آهي، جيڏو اتر يورپ جو اونهارو. هنن اتراهن ملڪن ۾ سياري جون جيئن ئي ٿڌيون هوائون لڳڻ شروع ٿين ٿيون ته ننڍڙا جهرڪين جهڙا توڙي وڏا بدڪن جهڙا پکي لڏپلاڻ جي تياري شروع ڪن ٿا ۽ هو پوري ڪوشش ڪن ٿا ته وڌيڪ ٿڌ شروع ٿيڻ کان اڳ هو ڏکڻ ڏي سفر جو سانباهو ڪن، ڇو جو ان معاملي ۾ جيڪو پکي دير ڪندو اهو سورن ۾ پئجي ويندو. ٿڌيءَ هوا ۽ برف باريءَ ۾ هن لاءِ اڏامڻ ڏکيو ٿي پوندو.
پکين جي لڏپلاڻ به ائين آهي جيئن اسان وٽ هند- سنڌ واري عربي سمنڊ ۾ هزارين سالن کان سفر تي ٻيڙا ٿي نڪتا. ويهين صديءَ جي شروعات کان هي انجڻيون ايجاد ٿيون ۽ ڪوئلي، پوءِ ڊيزل آئل ۽ هاڻ ويندي نيوڪليئر پاور ذريعي، انجڻين کي جهازن تي فٽ ڪري، پنهنجي مرضيءَ سان جهاز هلايا ويا، نه ته حضرت نوح جي زماني کان وٺي اوڻهين صديءَ تائين ننڍا وڏا ٻيڙا سڙهن (Sails)تي هليا ٿي. اهي ناکئي (ناخدا(Captain جي مرضي مطابق نه، پر هوا جي رخ مطابق هليا ٿي. سنڌ کان ٻيڙا جيڪي سلون ۽ سري لنڪا ويندا هئا، جن لاءِ شاهه لطيف چيو ته ”سودو ڪن سون جو وڏا وهائو“ (يعني وڏا خريدار واپاري جيڪي ساڳي وقت جهازن جا به مالڪ هئا ته انهن جا ناخدا (ڪئپٽن) به. سي سامونڊي سائو (يعني اهي شاهوڪار سامونڊي) لنڪا لوپي آئيا (لنڪا لُٽي ڦُري آيا). سو سنڌ کان ٻيڙا نڪرندا هئا ته وڃي سري لنڪا کڻندا هئا، ۽ وري اتان مال سان ڀرجي واپس سنڌ ۽ مٿي خليج ۽ عدن تائين پيا ويندا هئا. پر سائين انهن ڏينهن ۾ اڄ وانگر نه ٿيندو هو ته جنهن وقت جهاز ران ڪمپنيءَ يا جهاز جي مالڪ جو آرڊر ملي ان وقت ڪئپٽن لنگر کڻي، اوڏانهن روانو ٿي وڃي. انهن ڏينهن ۾ اهي ٻيڙا هوائون يعني موسمن مطابق هلايا ويا ٿي. اسان وٽ هوائن جو پئٽرن هي آهي ته سياري ۾ اتر جون هوائون لڳن ٿيون ۽ اونهاري ۾ ڏکڻ جون هوائون. يعني جيئن ئي سياري جون هوائن لڳڻ شروع ٿينديون هيون ته مختلف ٻيڙيون، بتيلا ۽ وڏاندريون ديبل، ٺٽو، ڪراچي، بدين وارو علائقو ڇڏي ڏکڻ طرف، سري لنڪا ڏي ائين روانيون ٿينديون هيون، جيئن سياري ۾ هتان يورپ جي ٿڌن ملڪن کان پکي ڏکڻ ڏي ڀڄن ٿا. ناکئا اتر جي هوا لڳڻ تي پوءِ دير نه ڪندا هئا. سندن گهرن ۾ کڻي ڪهڙي به ايمرجنسي هجي. هو ڀلي کڻي شادي ڪري نئين ڪنوار کي گهر ۾ وٺي آيو هجي، پر اتر جي هوا لڳڻ بعد پوءِ هو نه ترسندو هو، جو هن کي خبر هوندي هئي ته جي هن دير ڪئي ۽ هوا مان فائدو نه ورتو ته منزل تي پهچڻ کان اڳ سورن ۾ پئجي ويندو. بنا هوا جي هو چپن ذريعي ڪيترا ڪلاڪ ۽ ڪيترو فاصلو ٻيڙيءَ کي اڳتي ڌڪي سگهي ٿو. سو ڀلي زال سان گڏ هني مون پيو ملهائي يا ستاوڙا کائي، پر اتر جي هوا جي پهرين جهونڪي سان اٿي کڙو ٿيندو هو. تڏهن ته اهڙن جي زالن ٻيڙي هلائيندڙ مڙسن سان پرڻجڻ کان ڪنواريون رهڻ کي ترجيح ڏني ٿي. شاهه لطيف انهن جي خوب ترجماني ڪئي آهي، چي:
”وڻجهاري ڪانڌاءُ، مون ور ويٺي گهاريو،
لڳي اتر واءُ، ڍوليو هلڻ جون ڪري.“
يعني وڻجاري يا سوداگر (Sailor) مڙس کان ته ڀل ائين ئي ويٺي هجان، ڇو جو جيئن ئي سيارو ٿئي ٿو، يعني اتر جو واءُ لڳي ٿو ته هو ڀڄڻ جي ڪري ٿو. يا هڪ هنڌ شاهه لطيف جهاز ران جي زال واتان هيئن چورايو آهي ته:
”لڳي اتر هير، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
ننگر کڻي ناکئا، ٿيا سڻاوا سير،
هنئڙي نِتُ اُڪيرَ، کاري کيڙائن جي.“
اتر جي هوا مان ڪو ناکئو (جهاز ران) جي فائدو نه وٺندو هو ۽ دير ڪندو هو ته پوءِ منزل (سري لنڪا) تائين پهچڻ کان اڳ، هوا بند ٿي وڃڻ تي هو مصيبت ۾ اچي ويندو هو ۽ ان زماني ۾ هوا بند ٿيڻ معنيٰ جهاز (ٻيڙي) جو بيهي رهڻ. ان ۾ اهو خطرو هوندو هو ته اوسي پاسي جا سامونڊي ڌاڙيل (قزاق (Pirates پنهنجين چپن وارين ٻيڙين ذريعي هنن مال بردار ٻيڙين تي پهچي ويندا هئا ۽ ڦرلٽ ڪري ڀڄي ويندا هئا.
”دنگي وچ درياهه، ڪي ٻڏي ڪي اپڙي،
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا.“
سو اتر جي سخت سيءَ مان جان بچائي ڏکڻ ڏي ويندڙ پکين جو به اهو حال هوندو آهي. سرد هوائون شروع ٿيڻ سان ئي هو سفر جو سانباهو ڪندا آهن، جيئن برفباري کان اڳ ڀڄي نڪرجي. پر هر دفعي ڪجهه اهڙا پکي به هوندا آهن، جن کي نڪرندي نڪرندي دير ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ جي گهڻي برف باري شروع ٿي ويندي آهي ته هو اڏامڻ کان ڳرا ٿي پوندا آهن ۽ هيٺ ڪِرڻ تي هتي جا يورپي ماڻهو کڻي کين پنهنجو کاڄ نٿا بڻائين، پر هتي جون بکايل ٻليون، ڪُتا ۽ ٻيا جانور جيڪي کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ سخت سيءَ جي ڪري هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندا رهن ٿا، انهن پکين کي کايو ڇڏين. ان تان هڪ مزيدار ڳالهه ياد آئي آهي، جيڪا جهاز راني جي تعليم دوران اسان جو هڪ انگريز ڪئپٽن واٽڪنسن اسان شاگردن کي نصيحت طور ٻڌائيندو هو ۽ نوڪريءَ جي آخري سالن ۾ جڏهن مون ٽيچنگ ڪئي ته آئون به پنهنجن شاگردن، ملائيشيا توڙي پاڪستان جي نيول ڪئڊٽن کي، اها ئي ساڳي ڪهاڻي ٻڌائي نصيحت ڪندو هوس. ڪهاڻي ڪجهه هن ريت آهي:
Once upon a time there was a non conforming sparrow who decided not to fly south for the winter. However soon the weather turned so cold that he reluctantly started to fly south. In a short time ice began to form on his wings and he fell to earth in a barnyard almost frozen. A cow passed by and capped on a litte sparrow. The sparrow thought it was the end. But the manure warmed him and defrosted his wings. Warm and happy, able to breathe, he started to sing. Just then a large cat came by and hearing the chirpings, investigated the sounds. The cat cleared away the manure, found the chirping bird and promptly ate him.
ڳالهه جو مختصر مطلب اهو آهي ته، هڪ بي چَئي جهرڪ اهو پهه ڪيو ته هن سياري ۾ ٻين پکين سان گڏ ڏکڻ ڏي ڪوچ ڪرڻو ناهي، پر پوءِ جڏهن ٿڌ وڌي وئي ته هن ڏکڻ طرف ڀڄڻ ۾ ئي عافيت سمجهي. اڃا ٿورو ئي سفر طئي ڪيائين ته برف سندس جسم تي ڄمڻ لڳي ۽ وڌيڪ اڏامڻ بدران فروزن حالت ۾ هيٺ هڪ وٿاڻ ۾ اچي ڦهڪو ڪيائين. ان وقت اتان لنگهندڙ هڪ ڍڳيءَ ڇيڻو لاٿو ته اچي هِن جي مٿان ڪريو ۽ سڄو ان ۾ ڍڪجي ويو. جهرڪ ته اهو ئي سمجهيو ته بس هن جي پڄاڻي ٿي وئي، پر گرم ڇيڻي هن جي ٿڌي جسم ۾  گرمائش رسائي ۽ سندس کنڀڙاٽيون وغيره ڊيفراسٽ ٿيڻ لڳيون. گرمائش رسڻ ۽ ساهه کڻڻ جي خوشيءَ ۾ هو کڳيون هڻڻ لڳو، يعني لاتيون لنوڻ لڳو. نه ڄاڻ ڪو ٿُلهو جهنگلي ٻِلو اتان اچي لنگهيو ۽ هن جي ڳائڻ جو آواز ٻڌي شڪار کي ڳولڻ لڳو. هن ڇيڻ کي جيئن ئي هيڏانهن هوڏانهن ڪيو ته سيٽيون وڄائيندڙ هي جهرڪ نظر اچي ويس، جنهن کي ڇيڻي مان ڪڍي، بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي هڙپ ڪري ڇڏيائين.
سو بهرحال اهو ئي حال ولر کان وڇڙيل پکيءَ جو ٿئي ٿو. هن جو انت ڪنهن نه ڪنهن جي پيٽ ۾ ٿئي ٿو.
ان ڪهاڻيءَ بعد اسان جو انگريز پروفيسر هن ڪهاڻيءَ مان حاصل ڪيل سبق هن ريت ٻڌائيندو هو:
اهو جيڪو توهان جي مٿان هنگي وڃي ٿو ضروري ناهي ته ڪو توهان جو دشمن هجي ۽ اهو جيڪو توهان کي گونهه جي ڍير مان ڪڍي ٿو، ضروري ناهي ته توهان جو سڄڻ ئي هجي ۽ جيڪڏهن توهان گونهه جي ڍير ۾ پاڻ کي خوش ۽ فرحتي محسوس ڪري رهيا آهيو ته خوشيءَ جا سُر الاپڻ بدران پنهنجي وات کي بند ئي رکو.

No comments:

Post a Comment