روزگار جي نالي تي ٿيندڙ جٺيون
الطاف شيخ
هن وقت
جڏهن آئون انڊيا ۽ دبئي جي سفرنامي لکڻ کان علاوه ايندڙ مهيني ملائيشيا جي
انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ جي تياري ۾ مشغول آهيان ته ڪنهن ٻئي عنوان تي
ڪجهه لکڻ نٿو چاهيان، پر هي هڪ اهڙو مسئلو منهنجي سامهون اچي ويو آهي، جيڪو پنهنجو
دم ٽوڙڻ بدران وڌندو وڃي ۽ اسان جي ملڪ جا مجبور ۽ عقل جا سادا نوجوان، وڃن ان جو
شڪار ٿيندا.
اها ڳالهه
عام آهي ته جتي لوڀي آهن، اتي ٺوڳي (ٺڳ ۽ بشني) به پيدا ٿيو پون. ساڳيءَ طرح اسان
جهڙن ملڪن ۾ جتي بيروزگاري آهي، ملڪ جا نوجوان ۽ والدين مجبور ۽ پريشان آهن، اتي
ڪي ظالم ۽ دل جا ڪٺور پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ، انهن غريب ماڻهن جي مجبوريءَ مان فائدو
وٺي کين وڌيڪ مسڪين ۽ ڪنگال ڪن ٿا.
بيروزگاري سڄي دنيا ۾ وڌي ويئي آهي. ان جو شڪار آمريڪا
۽ جپان جهڙا ملڪ به آهن پر اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه غلط پلاننگ ڪري غربت ۽ بيروزگاري وڃي
ٿي ڏينهون ڏينهن وڌندي. ماڻهن کي اها ئي شڪايت آهي ته نوڪريون جيڪي نڪرن ٿيون، انهن
جو فقط هڪ ننڍڙو حصو قابل ۽ لائق ماڻهن کي ملي ٿو، باقي گهڻو حصو انهن ناڪارن ۽ نڪَمن
کي ملي ٿو جيڪي وڏيون رشوتون ڏين ٿا يا جيڪي اثر رسوخ رکڻ وارن سياستدانن ۽ وڏن ماڻهن
جا مائٽ آهن. نتيجي ۾ محنت ڪري تعليم ۽ هنر حاصل ڪرڻ بدران هرڪو شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾ لڳو
رهي ٿو. هو گهر يا چار ايڪڙ زمين جا يا ڪو وهٽ کپائي ڏوڪڙ، وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن طرفان
مقرر ڪيل مڊل مين (دلالن) حوالي ڪري، مرضيءَ جي نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي ٿو.
ان ڪري ڇا ٿيو آهي جو ڪيترا ئي وزير يا سرڪاري ڪامورا يا نوڪرين جي چونڊ لاءِ واسطيدار
عملدار، جيڪي ايماندار آهن، اهي به بدنام ٿي رهيا آهن. ساڳئي وقت ڪيترا اهڙا به ڪوڙا
دلال آهن جيڪي پاڻ کي ڪنهن وزير يا وڏي عملدار جو ماڻهو سڏائي، انهن کي بدنام هڪ طرف
ڪري رهيا آهن ته غريبن جو پئسو ٻئي طرف لُٽي رهيا آهن. بهرحال مجموعي طرح اسان جي قوم،
ان سائڪيءَ جو شڪار ٿي رهي آهي ته نوڪري يا جاب پئسي سان ئي ملي سگهي ٿو. هو اهو به
نٿا سوچين ته ان نوڪريءَ لاءِ ڪهڙي قابليت هجڻ ضروري آهي ۽ اها منجهن آهي به يا نه.
اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي غربت ۽ بيروزگاريءَ جهڙين
مجبورين مان فائدو وٺي نه فقط پنهنجي ملڪ جا پر ڪيترن ئي ڌارين ملڪن جا رهاڪو (جيڪي
گهڻو ڪري اتي Settle ٿيل اسان جا هم وطني ئي آهن)
ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن. هو ملڪ جي ٺڳ ايجنٽن
سان ملي، غريب ماڻهن کي ڌارين ملڪن ۾ نوڪريءَ جو ڪوڙو آسرو ڏئي کانئن ويزا ۽ هوائي
جهاز جي ڀاڙي جي نالي تي ڳري رقم وٺي گم ٿيو وڃن. يا کين انهن ملڪن ۾ گهُرائي روهه
۾ رُلايو ڇڏين، يا وري ڌارئين ملڪن ۾ سندن هوائي اڏي تي آڌرڀاءُ ڪري کانئن پاسپورٽ
وٺي کين پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ بدران ٻي بس يا ٽئڪسي ۾ چاڙهي، پاڻ ڀڄيو وڃن ۽ هو غريب
پرديس ۾ پاسپورٽ به وڃايو ويهن. ڌارين ملڪن ۾ سندن ڪو داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪونهي ۽ کين
مختلف ڏوهن ۾ جيلن ۾ وڌو وڃي ٿو. ڪي ايجنٽ پئسو وٺي ملائيشيا يا عرب ملڪن ۾ نوڪري ته
ڏيارين ٿا، پر اميدوار کي ڌارئين ملڪ ۾ پهچي خبر پوي ٿي ته ٺڳ ايجنٽ کانئن جنهن پگهار
۽ جنهن نوڪريءَ لاءِ لکين رپيا ورتا اها ته آهي ئي ڪانه. گهٽ پگهار ۽ سخت پورهئي واري
ان نوڪريءَ مان هاڻ هو جان به بچائي نٿا سگهن، جو هو ڪورٽ جي پنن تي اڳواٽ Contract (صحيح) ڪري چڪا آهن ۽ نه وري کين ڀاڙي جا پئسا آهن جو ٽڪيٽ وٺي پنهنجي
وطن ڀڄي وڃن. کين جيڪي ڪجهه گهر ۾ هو، سو سڀ وڪڻي ٻاهر جي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ، ايجنٽ
کي خرچ ڏنائون، هاڻ پئسو ڪٿان آڻين. ان کان علاوه سندن پاسپورٽ به Employer (ڪفيل) وٽ سوگهو آهي. توبهه توبهه هو نسورو ئي غلاميءَ جي زندگيءَ
۾ اچيو وڃن!
ڪيترا ٺڳ
ايجنٽ، اسان جي ماڻهن کي يورپ موڪلڻ جا ڏٽا ڏئي پئسا ڦرين ٿا. ڪراچيءَ ۾ اسان جي
گهٽيءَ ۾، روزانو شام جو هڪ نوجوان، سائيڪل تي ڊبل روٽي ۽ بيضا ۽ ڪيڪ بسڪيٽ رکي
وڪڻندو هو. هن جي تمام سٺي ڪمائي پئي ٿي ۽ اسان لاءِ به اهو سُک ٿي پيو ته گاڏي
ڪڍي مارڪيٽ مان وٺي اچڻ بدران، هر شيءِ دراوزي تي ملي ٿي ويئي. هڪ ڏينهن اهڙو آيو
جو هن جو اچڻ بند ٿي ويو. پاڙي اوڙي وارن اهو ئي چيو ته شايد بيمار ٿي پيو هجي يا
هفتي ٻن لاءِ ڳوٺ (پنجاب) هليو ويو هجي پر مهيني پٺيان ٻه مهينا ۽ ٽي مهينا به ٿي
ويا ته هو نظر نه آيو. گذريل هفتي، اٽڪل ڇهه ست مهينن بعد، هو اوچتو اچي حاضر ٿيو.
”سائين
آئون اٽلي ويو هوس.“ منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو، ”اتي نوڪري پئي ڪيم.“
”پوءِ اها
نوڪري ڇڏي ڇو آئين؟“ پڇيومانس ۽ هن ڪنن تي هٿ رکي، توبهه زاري ڪندي چيو ته،
”سائين! مون ته توبهه ڪئي پر منهنجي ستن پيڙهين به توبهه ڪئي، جو آئون وري ٻاهر
وڃان.“
هن ٻڌايو
ته هن کي ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ ۽ گهڻو پئئو ڪمائڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ جڏهن هن کي هڪ ايجنٽ يورپ پهچائڻ ۽ اتي
نوڪريءَ جي خاطري ڏني ته هن پنهنجي بچت ۽ زال ۽ ماءُ جا ڳهه ڳٺا وڪڻي ۽ ڪجهه وياج
تي قرض کڻي، ايجنٽ کي ڇهه لک رپيا ڏنا.
”يورپ وڃڻ لاءِ اسان ٻارنهن کن ڄڻا هئاسين،“ هن ٻڌايو، ”هتان اسان کي باءِ
ايئر تهران وٺي هليا جتان پوءِ باءِ روڊ تبريز آياسين، جتان پوءِ مختلف ٽرڪن ۽
ڪنٽينرن ۾ بند ٿي ترڪي پهتاسين. ترڪي جي بارڊر وٽ پهچي، پوءِ سڄي سڄي رات اسان کي
جهنگلن مان پنڌ هلائيندا هئا ۽ ڏينهن جو ننڊ ڪندا هئاسين. ڏينهن ۾ فقط هڪ دفعو
جهڙي تهڙي ماني ملندي هئي. اهڙيءَ طرح هفتي کن بعد اٽلي پهتاسين. آئون خوش نصيب هوس جو مون کي هڪ پيٽرول پمپ تي
نوڪري ملي وئي. منهنجا ڪجهه ساٿي يونان کان اٽلي ٻيڙين رستي پهچڻ ۾ ڪامياب نه ٿي
سگهيا ۽ هو پوليس جي فائرنگ جو به شڪار ٿي ويا. ڪجهه ساٿي ترڪيءَ ۾ جهلجي پيا ۽
ساڻن جيلن ۾ تمام گهڻيون جُٺيون ڪيون ويون. هر هفتي کين پنهنجي گهر فون ڪرايو
ويندوهو ته هو واپس موٽڻ لاءِ جهاز جي ٽڪيٽ ۽ ٻيو خرچ گهران گهرائين ۽ پوءِ جن جي
مائٽن موڪليو ٿي، تن کي جيل مان آزاد ڪيائون ٿي، ٻيا هر روز پوليس جي ٿُڪ
بُجي هيٺ رهيا ٿي.“
”پوءِ تون
ڇو موٽي آئين، جڏهن توکي اٽليءَ ۾ روزگار به ملي ويو هو.“ مون پڇيومانس.
”بلڪل صحيح
ٿا چئو، مون موٽڻ نٿي چاهيو!“ ڊبل روٽيءَ واري ٻڌايو، ”پر اهو به هڪ فراڊ هو. اسان
جو اٽليءَ ۾ غير قانوني طور هجڻ ڪري پيٽرول پمپ وارو اسان کي مڪاني نوڪرن کان اڌ
جيترو پگهار ڏيندو هو ۽ اسان کي هر وقت ان ڊپ ۾ رکندو هو ته احتجاج ڪرڻ تي هو پوليس
کي اطلاع ڪندو.“
ڪيترن
پڙهندڙن کي شايد اها خبر نه هجي ته ڪيترا ئي يورپي توڙي ايشيائي، جپان ۽ ملائيشيا
جهڙا، يا عرب ملڪن جهڙا امير ملڪ ۽ انهن جون حڪومتون، پنهنجي ملڪ جا ڪارخانا،
هوٽلون، مئخانا، ويندي عياشيءَ جا اڏا هلائڻ لاءِ، ههڙن غير قانوني ماڻهن جي موجودگي
تي ڪنهن حد تائين اک ٻوٽ به ڪن ٿيون. ڇو ته غير قانوني آيل ماڻهو هر وقت ڊپ ۾ رهي
ٿو ۽ گهٽ پگهار تي ڪم ڪرڻ ۾ راضي رهي ٿو. هو نه ميڊيڪل جي گهر ڪري ٿو نه ڪنهن ٻئي
الائونس جي ۽ جنهن وقت به محسوس ٿيو ته هن جي هاڻ ضرورت ناهي ته کيس ذليل ڪري ڪڍي
به سگهجي ٿو. هن ڊبل روٽيءَ واري ٻڌايو ته؛ ”هو سيءَ ۾ سڄي رات ڊيوٽي ڪندو هو ۽
ڏينهن جو ان پيٽرول پمپ جي گدام ۾ سُمهندو هو، جتي کيس جيت پٽيندا رهندا هئا. کيس
هڪ دفعو کنگهه به ٿي پئي ۽ هڪ دفعو جسم تي ڏڍ (خارش) ٿي پئي ته به هو ڪنهن ڊاڪٽر
کي ڏيکاري نه سگهيو، جو هتي ڪنهن به اسپتال يا ڊاڪٽر وٽ وڃڻ لاءِ هتي جو مليل
شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ ضروري آهي. ٻي صورت ۾ پوليس ۾ رپورٽ ٿيو وڃي.
پيٽرول پمپ واري هڪ ته اسان کي ٻين جي مقابلي ۾ اڌپگهار تي رکيو هو ۽ ٻيو ته
ان پگهار جو به هڪ معمولي حصو اسان کي ڏيندو هو ۽ ٻيو في الحال پاڻ وٽ ان ڪري رکندوهو ته متان
پوليس اسان کي پڪڙي ۽ هن تي ڏنڊ هڻي ته هو اهو ڏنڊ اسان جي جمع ڪيل پگهار مان ڏئي
سگهي.“
ڊبل روٽي
واري ٻڌايو ته هو ايڏو بيزار ٿي پيو جو هر وقت وطن ورڻ جا خواب ڏسندو هو. آخر ڇهه
مهينا کن پورهيو ڪرڻ بعد هڪ رات پوليس اوچتو ڇاپو هنيو (يا شايد مالڪ جي چوڻ تي) ۽
پوليس اسان کي پڪڙي وئي ۽ اسان کي هفتو کن جيل ۾ رکي ڪراچي ڊيپورٽ ڪيو ويو. ٽڪيٽ
جا پئسا پيٽرول پمپ جي مالڪ اسان جي گڏ ڪيل رقم مان ڏنا ۽ اهڙيءَ طرح ٺلهي هٿين
اچي پنهنجي وطن کان نڪتاسين.
منهنجي پڇڻ
تي هن ٻڌايو ته هيڏي پورهئي ۽ پٺيان هيڏو قرض ڇڏڻ جي باوجو هو پاڻ کي خوش نصيب ٿو
سمجهي جو هو جيئرو واپس موٽيو آهي. نه ته سندس ڪيترا ساٿي پوليس جي گولين جو شڪار
ٿي ويا، ڪي جهنگلن ۾ لڪڻ دوران سيءَ وگهي مري ويا ۽ ڪي هڪ رات سخت طوفاني رات ۾
ننڍڙي ٻيڙيءَ جي اونڌي ٿيڻ ڪري ٻُڏي ويا.
ايجنٽ بابت
پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هاڻ نه اهو ايجنٽ نظر اچي ٿو ۽ نه هن جي آفيس- هن اسان مان
هرهڪ کان ڇهه ڇهه لک وٺي اهو واعدو ڪيو هو ته هو اسان کي هوائي جهاز رستي روم
(اٽلي) پهچائيندو جتان پوءِ فئڪٽري جي بس اسان کي کڻي ويندي، جتي اسان لاءِ
نوڪريءَ جو پڪو بندوبست آهي پر تهران پهچي اسان کي خبر پئي ته اسان جي ٽڪيٽ فقط
تهران تائين آهي ۽ باقي منزل تائين اسان کي پيرين پنڌ ۽ ننڍڙين ٻيڙين ذريعي لڪي
ڇپي پهچڻو آهي.
No comments:
Post a Comment