پکي سٺا ناکئا آهن
الطاف شيخ
بهرحال
پکين جي هيڏي معلومات حاصل ڪرڻ جي باوجود اڃان تائين ڪوبه سائنسدان يا زولاجسٽ Navigation جو
مسئلو حل ڪري نه سگهيو آهي ته پکي بنا ڪنهن نقشي، قطب نما، ايڪو سائونڊر، رڊار ۽
ڊئريڪشن فائينڊر (D.F) جي صحيح منزل تي ڪيئن ٿا پهچن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڏينهن جو يا
رات جو اڏامڻ وقت هو سج، چنڊ ۽ تارن جي مدد وٺن ٿا، پر انهن سان هنن کي فقط سندن
پوزيشن جي خبر پوي ٿي ته هو دنيا جي گولي تي ڪهڙي هنڌ تي آهن، جيئن اسان جهاز هلائيندڙ Sextant دوربين ذريعي چوويهن ڪلاڪن ۾ ٽي يا چار دفعا کن
سج ۽ ڪجهه خاص تارن جي پوزيشن معلوم ڪريون ٿا ۽ ٽرگناميٽريءَ ذريعي حساب ڪري پنهنجي جهاز
جي ڌرتي (يعني ان سمنڊ تي) پوزيشن معلوم ڪريون ٿا ته اسان اتر اڌ گول ۾ آهيون يا
دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾، قطبن جي ويجهو آهيون يا خط استوا جي ۽ ميل اڌ جي فرق سان اسان Exact پوزيشن
ڪڍيو وڃون ته ڪهڙي ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڪهڙي ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي اسان جو جهاز آهي. پوءِ چارٽ (سامونڊي نقشي) تي پينسل سان
پنهنجي پوزيشن جو نشانو هڻون ٿا ۽ هڪ ڏينهن اڳ، ان وقت تي ورتل پوزيشن کان ماپ
ڪريون ٿا ته خبر پوي ته جهاز 24
ڪلاڪن ۾ دنيا جي گولي تي ڪيترا ميل سفر ڪيو. جهاز پاڻ کڻي
چوويهه ڪلاڪن ۾ 500 ميل هليو هجي، جنهن جي خبر جهاز جي انجڻ جي RPM ميٽر مان پئجيو وڃي ٿي،
جيئن ڪار جي مائيلِو ميٽر مان خبر پئجيو وڃي. ڪراچي کان حيدرآباد ويندي ڪار ڪيترا
ميل هلي ۽ حيدرآباد پهچڻ ۾ ڪيترا ميل اٿس. هوائي جهاز جو فاصلو به ائين ماپي سگهجي ٿو، پر پاڻيءَ جي جهاز ۽ پکين
لاءِ ٻيا ڪجهه فئڪٽر مسئلو پيدا ڪن ٿا. سامهون يا پٺيان کان لڳندڙ تيز هوائون کين
سندن پرن هڻڻ جي حساب سان پٺيان يا اڳيان ڪريو ڇڏين. واچوڙا ۽ طوفان جن ۾ گهيري
واريون هوائون لڳن ٿيون، پکين ۽ پاڻيءَ جي جهازن کي نه رڳو اڳيان پويان، پر ساڄي يا کاٻي لوڙهيو (drift ڪريو)
ڇڏين. پاڻي وارن جهازن کي ته سامونڊي ڇوليون ۽ ڪُن به توائي ڪريو ڇڏين ۽ پوءِ ٺاپر
اچڻ تي سج تارن ذريعي اسان معلوم ڪريون ٿا ته اسان جو جهاز ڪٿي ۽ ڪهڙي هنڌ آهي ۽
پوءِ منزل تي وڌڻ کان اڳ اسان پنهنجي جهاز کي ان ڪورس تي آڻيون ٿا، جيڪا راهه اسان
چارٽ تي پينسل سان اڳواٽ ٺاهي آهي ته اها وٺي هلنداسين ته منزل ڏي وڌندا رهنداسين.
سو
سائنسدانن جي انهن ٿيورين کي ته کڻي مڃتا ملي آهي ته هل سائين پکي سج، چنڊ، تارن کان مدد وٺن ٿا، پر ان مدد ذريعي، هنن کي فقط
سندن پوزيشن جي خبر پوندي هوندي ته هو دنيا جي گولي تي ڪهڙي نقطي تي آهن. سندن
مهيني مهيني جي ڊگهي
اڏام ۾ هنن کي ضرور طوفانن ۽ جَهڪُن ۽ واچوڙن مان به گذرڻو پوندو هوندو ۽ دماغ ۾ رکيل اصلي راهه تان
ٿيڙ کائي ويندا هوندا. سو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هو پنهنجو ڪورس ڪيئن ٿا سَيٽ ڪن
۽ طوفان جهڙين آفتن بعد ان ڪورس تي واپس ڪيئن ٿا اچن! اها ڳالهه سائنسدانن کي اڃا
تائين منجهائيندي اچي. ڏٺو وڃي ته ٻيون ڳالهيون به فقط ٿيورين جي روپ ۾ آهن. پکي
ڳالهائي ته نٿا سگهن، جو
هو (پکي) ٻڌائين ته اسان (انسان) جيڪي سوچيون پيا اهي حقيقتون (Facts) آهن يا بيوقوفيءَ جا ڌُڪا.
جيئن
مثال طور سائنسدان چون ٿا ته هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچڻ ۾ پکي ڌرتيءَ جي اهم شين کي ڌيان ۾ رکن
ٿا. مثال طور،
ڪونجون سائيبيريا جي علائقي مان نڪرڻ وقت پهريون هندو ڪش يا هماليه جبلن جي قطارن
کي نظر ۾ رکندي،
پوءِ سنڌونديءَ کي فالو ڪنديون،
سنڌ ۾ لهن ٿيون. پر ڪيترائي اهڙا تجربا ڪياويا آهن، جن ۾ هنن لڏپلاڻ وارن پکين
کي سندن اصلي وطن بدران ڪنهن ٻئي ڏورانهن هنڌ ڏي کڻي، جڏهن اتان ڇڏيو وڃي ٿو ته به
هو ڦري گري ان منزل تي پهچيو وڃن،
جنهن تي هو سالن کان ايندا رهن ٿا.
هي
پکي ڪيئن ٿا رستو ڳولين؟ ڪيئن ٿا منزل لهن؟ ان ڳالهه سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو
آهي! هڪ ٿيوري اها به آهي ته هي پکي ڌرتي جي چوڌاري Field of Magnetism جي لهرن مان رستو ڳولين
ٿا، جيئن اسان جهاز هلائيندڙ قطب نما جي سئيءَ مان طرفن جو حساب لڳايون ٿا ۽ اها
سئي ڌرتي جي چقمقي لهرن جي ڄار مطابق پاڻ کي Set ڪري ٿي، انهن چقمقي لهرن کان علاوه
پنهنجي راهه جو تعين، هي پکي ڌرتي جي ڇِڪَ Vertical Direction of Gravity مان به ڪن ٿا.
لڏ
پلاڻ وارن (Migratory) پکين جي اڏام بابت هڪ اهم
نقطو، ته هو
ڏينهن جا ڏينهن، بلڪه هفتن جا هفتا اُڏامندا
رهن ٿا. ڪي ته هڪ هڪ سؤ ڪلاڪ به لڳاتار اڏامن ٿا، پر جن جي منزل ڏور آهي، اهي ڏينهن ٻن جي اڏام بعد
ڪڏهن ڪجهه ڪلاڪ ته ڪڏهن ڏينهن ٻه رستي تي ڪنهن ڍنڍ تي، سمنڊ جي ڪناري تي يا ڪنهن
پارڪ، جهنگل، چراگاهه ۾ ترسي ساهي پٽين ٿا. هو ڪڏهن سمنڊن مٿان اڏامن ٿا ته ڪڏهن
رڻ پٽ ريگستان
مٿان. جيڪي آبي پکي آهن، يعني جيڪي تري سگهن ٿا ۽ جيڪي کاڌ خوراڪ پاڻيءَ مان حاصل
ڪن ٿا، اهي پکي ڪوشش ڪري سمنڊ يا درياهه جو ڪنارو ڏئي هلن ٿا. هنن جي اها ئي ڪوشش رهي ٿي ته جتي زمين جو حصو
گهٽ هجي اتان گذرجي، جيڪي جبل، ريگستان يا زمين جا پکي آهن، اهي اهڙو رُوٽُ اختيار
ڪن ٿا، جتان هنن کي سمنڊ مٿان اڏامڻو نه پوي. جيئن اسان اهڙو جهاز، جنهن ۾ خرابي
پيدا ٿيڻ جو انديشو هجي، يا اهڙي موسم جنهن مان اسان کي لڳي ته اها جهاز کي رهڙي
رکندي، ڪوشش ڪري ڪنارو ڏئي هلون ٿا، جيئن جهاز جي انجڻ جي بريڪ ڊائون ٿي پوي، يا
آڏو طوفان جي اک ۾ وڃي پئون ته يڪدم ڀڄي پاسو ڪري، ڪنهن ويجهي بندرگاهه ۾ هليا
وڃون يا ڪنهن زميني آڏ ۾ (جتي سمنڊ جي ڇولين جو اثر گهٽ محسوس ٿئي) ترسي Shelter وٺون.
اڄ
ڪلهه طوفانن، بارشن ۽ زلزلن جي اڳواٽ خبر
پئجيو وڃي، پر
اها فقط ڏينهن اڌ اڳ پوي ٿي.
ائين هرگز
ناهي ته نئين سال شروع ٿيڻ تي،
ان سڄي سال جي اڳواٽ خبر پئجي وڃي، جيئن سال شروع ٿيڻ تي، مختلف شهرن جو چارٽ
ڇپجيو وڃي ته ڪراچي، پنڊي يا لنڊن يا پئرس
۾ سج اڀرڻ جو هي ٽائيم هوندو ته لهڻ جو هي. موسم، مينهن يا طوفانن جي اهڙي سڄي سال
جي اڳواٽ خبر نٿي پوي ته فلاڻن فلاڻن ڏينهن تي فلاڻن فلاڻن سمنڊن تي هن طاقت جا
طوفان لڳندا. بهرحال اهو به سٺو آهي ته جهاز تي موجود اليڪٽرانڪ اوزارن ذريعي يا
ڪناري جي ڪنهن ويجهي ريڊيو اسٽيشن ذريعي ڪنهن به هنڌ تي طوفان يا سامونڊي سائڪلون
لڳڻ جو ڏينهن اڌ اڳ اطلاع مليو وڃي ۽ اسان پنهنجو پاڻ کي يعني جهاز کي، ان آفت کان
ٿورو پاسيرو ڪري ڇڏيون ٿا.
يعني،
چارٽ (سامونڊي نقشي) تي ٺهيل ڪورس ۾ ٿوري گهڻي تبديلي آڻيو ڇڏيون ۽ گهٽ ۾ گهٽ طوفان جي اک کان پاڻ
بچايو وٺون. شروع وارن سالن ۾ يعني سٺ واري ڏهاڪي ۾ مون جڏهن جهاز جي نوڪري شروع
ڪئي ته انهن ڏينهن ۾ موسم جي اڳ ڪٿي ڪرڻ جا اوزار اهڙا ”هاءِ ٽيڪ“ نه هئا. ريڊيو
اسٽيشن طرفان موڪليل رپورٽون به اهڙيون خاطريءَ جوڳيون نه هيون، سو نتيجي ۾ اسان اوچتو لڳندڙ
طوفانن ۾ سٽجي ويندا هئاسين.
سوال
ٿو پيدا ٿئي ته هي Migratory پکي، جن
کي اسين پرديسي، پکي سڏيون ٿا، طوفانن ۾ پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪن ٿا، جڏهن مهينو
مهينو ائٽلانٽڪ، پئسفڪ يا ٻين
سمنڊن
مٿان اڏرن ٿا؟ ان لاءِ پکين جي ڄاڻ رکندڙ سائنسدان (Ornithologists) اهو ٻڌائين ٿا ته پکين کي
قدرت طرفان ٻين ڳالهين سان گڏ موسم جي سڃاڻ جي پڻ قابليت عطا ٿيل آهي. پکين لاءِ چيو وڃي ٿو
ته هو بهترين Weather Forecasters آهن. هنن کي طوفانن، بارشن ۽ کنوڻ، گجگوڙن جي گهڻو گهڻو اڳ خبر
پئجيو وڃي ۽ هو عارضي طور ان روُٽ کي Avoid ڪن ٿا يا لِڪڻ لاءِ اَجهو ڳولين ٿا. سمنڊ جي اٿل پٿل ۽ موسم جي
خراب ٿيڻ جي خبر ڪَڏهن ڪڏهن اسان کي پکين جي Behaviour
مان به پوي ٿي. سمنڊ توڙي ڪناري تي ڪبوترن جهڙا سامونڊي اڇا پکي Sea Gulls نظر اچن ٿا، جيڪي ڪڏهن
بندرگاهه جي ويجهو ايندي يا بندرگاهه ڇڏڻ وقت، جهاز جي پٺئين حصي تي قطارون ڪري
ويهندا آهن. هو سمجهن ٿا ته اهڙن موقعن تي جهاز جو ڀنڊاري (ڪچن صاف ڪرڻ وارو) کاڌي
پيتي جو بچيل سامان پٺيان اچي سمنڊ ۾ اڇلي ٿو، جو اهو ڪن ڪچرو بندرگاهه ۾
اڇلڻ جي اجازت ناهي. بهرحال عام حالتن ۾ اسان فقط اهي اڇا پکي ڏسندا آهيون. جهاز
جي نوڪري شروع ٿيڻ بعد پهرين ئي هفتي هڪ ڏينهن ڪارن کنڀن وارن پکين کي ڏٺوسين، جيڪي ان وقت اسان کي سي گل
جهڙا ئي لڳي رهيا هئا، پر
پوءِ ناروي ۽
سئيڊن ۾ رهڻ دوران خبر پئي ته سي گل پکين جهڙا اهي پکي ٽرن (Tern) سڏجن
ٿا ۽ انهن جو اباڻو ديس آرڪٽڪ سمنڊ يعني سئيڊن ۽ ناروي پاسي جو اتراهون علائقو
آهي. ٽرن پکيءَ
لاءِ، خاص
ڪري ”آرڪٽڪ ٽرن پکي“، جيڪو سفيد رنگ جو ٿئي ٿو، چيو وڃي ٿو ته هي پکي هر سال سڀ
کان وڏو مفاصلو طئي ڪري، ڏکڻ
اڌ گول ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کان وڃيو نڪري. انهيءَ آرڪٽڪ ٽرن جون ٻيون به
ڪيتريون ئي جنسون آهن،
جيئن ته انڪا ٽرن، يا هي بلئڪ ٽرن، سو
هن ڪاري پکيءَ کي ڏسي جهاز تي پراڻن جهاز ران دوستن يڪدم چيو ته، ڄاڻ ته طوفان آيو ۽ ائين ئي
ٿيو!
هنن
دوستن کان پوءِ خبر پيئي ته هي پکي، جيڪي عام حالتن ۾ جهاز جي ويجهو نه ايندا آهن،
اهي اهڙي موسم جي اڳڪٿي تي ڪناري ۽ جهاز تي بچاءَ جو سهارو وٺڻ لاءِ اچن ٿا. چيو
وڃي ٿو ته ڪيترن ئي پکين کي بئروميٽرڪ پريشر (هوائي دٻاءَ) ۾ معمولي ردو بدل اچڻ
تي به ڄاڻ ٿيو وڃي!
اسان
جهاز هلائڻ وارا چوندا آهيون ته نيويگيٽر (ناکئو) اهو سٺو جيڪو خراب موسم مان به
فائدو وٺي سگهي. يعني، هو
سڙهن کي اهڙو ڪنڊائتو رکي،
جو هوا هن جي فائدي ۾ ٿي پوي ۽ جهاز هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران پنهنجي صحيح راهه
تي ئي رهي. جهاز انهيءَ ئي ڪورس تي رهي، جيڪو منزل تائين پهچڻ لاءِ چارٽ ۾ لڳايو ويو آهي.
بهرحال اهڙو ناکئو (يعني ناؤخدا يعني ڪئپٽن) ته کڻي ڪو ڪو هجي، پر هرMigratory
(لڏ پلاڻ ڪرڻ وارو) پکي ان ڪم ۾ ماهر آهي. هو اهڙي موسم ۾ هروڀرو پنهنجي سفر کي
روڪڻ بدران پوري پوري ڪوشش ڪري ٿو ته سندس سفر جاري رهي. هو پنهنجي فائدي واريءَ هوا جي ڳولا ۾ عام ليول ڇڏي،
مختلف هيٺاهين مٿاهين (Altitudes) تي اڏامي ٿو.
پکين
جي نه فقط ڏسڻ جي طاقت وڌيڪ آهي،
پر ٻڌڻ جي پڻ. اسين انسان ڏهن کان ويهه Cycles Per Second جي وچ وارا آواز هرگز ٻڌي
نٿا سگهون، پر
پکي چٽيءَ طرح ٻڌي سگهن ٿا. دنيا جي مشهور پکين جي ماهر سائسندان اسٽيفن ايملين جو
چوڻ آهي ته:
“Birds are not Living in the same
sensory world we live in. They are hearing, seeing and sensing a world expanded
from ours.
يعني، پکي حواسن جي ان دنيا ۾ نٿا
رهن،
جنهن ۾ اسين انسان رهون ٿا. پکين جي حواسن جي سگهه اسان انسانن جي حواسن جي طاقت
کان گهڻي وسيع، اونهي ۽ بلند آهي.
No comments:
Post a Comment