Wednesday, November 09, 2011

ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريءَ جا اصول ۽ مجبوريون - الطاف شيخ



ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريءَ جا اصول ۽ مجبوريون
الطاف شيخ
ملائيشيا ۾ نوڪريءَ لاءِ جڏهن پهتاسين ته هنن پهرين ٽن سالن جي contract موجب اسان کي پهچڻ سان فرنشڊ گهر ڏنو يعني ان ۾ فرنيچر، چلهو، هنڌ بسترا ۽ پڙدا وغيره هئا ۽ نئين ڪار وٺڻ لاءِ بنا وياج جي اوڌر ڏني، جيڪا هر مهيني آسان قسطن ۾ ٽن سالن اندر لاهڻي پئي. ڪار وٺڻ مهل اهو شرط ضرور وڌو ويو هو ته ڪار جي ٿرڊ پارٽي نه پر فل انشورنس ڪرڻي آهي. ظاهر آهي پئسا هنن ٿي ڏنا، سڀاڻي ڪنهن حادثي ۾ سڄي ڪار تباهه ٿي وڃي ته پئسا ڪير ڀريندو. اسان مان هڪ ڌارئين (Expatriate) جيڪو انگلنڊ جو ڪئپٽن هو، ان جي پهرين مهيني ئي نئين ورتل ڪار تباهه ٿي وئي. هو ڪوالالمپور جي مرديڪا گرائونڊ واري پارڪنگ ۾ ڪار بيهاري جالان (شاهراههِ) تنڪو عبدالرحمان تي شاپنگ لاءِ ويو. ملائيشيا ۾ مينهن ۽ کنوڻ ڪِرڻ جا ٺڪاءَ ته هر وقت لڳا رهن ٿا. ان وقت مرديڪا گرائوند وٽ ڪا کنوڻ ڪري جنهن ۾ هن جي ڪار ۽ ڀر ۾ بيٺل ٻه موٽرسائيڪلون سڙي خاڪ ٿي ويون. انشورنس ڪمپنيءَ پئسا ڀري ڏيڻ لاءِ ٿوريون گوٿناٿيون ڪيون ته: هي Act of God آهي. يعني هي ڪم قدرت طرفان ٿيو آهي پر پوءِ اسان جي آفيس طرفان زور ڀرڻ تي پئسا ڀري ڏنائون ۽ هن اسان جي انگريز ساٿيءَ وري وڃي نئين ڪار ورتي. بهرحال ڪار جي ان انشورنس جا پئسا اسان ڪار جا مالڪ ڀريندا هئاسين. جيڪا رقم ڪا گهڻي نه هئي اسان جي ملڪ ۾ ڪارن جي انشورنس جي ادائگي گهڻي ان ڪري آهي جو اسان وٽ ڪارن جي چوري تمام گهڻي آهي ملائيشيا ۾ نه برابر آهي. آئون نٿو سمجهان ته ڪڏهن ڪو مون پنهنجي ڪار گئريج اندر بيهاري هجي يا لاڪ ڪئي هجي. 

اسان جي آفيس وارن اسان سڀني ڌارين توڙي پنهنجن ماڻهن جي پڻ انشورنس ڪرائي جيڪا شايد اسان جي بيمار ٿيڻ جي هئي جنهن جي سالياني في آفيس وارا ئي ادا ڪندا هئا. اسان يا اسان جي فئملين جو ڪو ماڻهو بيمار ٿيندو ته هو مختلف ڊاڪٽرن يا اسپتالن ۾ علاج لاءِ پهچي ويندا هئاسين. ڪن ملڪن ۾ ويندي آمريڪا ۽ سئيڊن ۾ پڻ، انشورنس باوجود ڊاڪٽري تپاس، دوا درمل يا اسپتال جي خرچ جو ڪجهه سيڪڙو مريض کي به ڏيڻو پوي ٿو پر ملائيشيا جي جنهن اداري ۾ اسان نوڪري ڪئي ٿي انهن اسان کان هڪ پئسو به نٿي ورتو. ڏندن جو علاج ان انشورنس ۾ شامل نه هو پر ان لاءِ اسان جي آفيس اسان کي ملٽري اسپتال موڪليندي هئي جتي اسان جو اهو علاج به مفت ۾ ٿيندو هو جو اسان جي آفيس جو ملائيشيا جي نيويءَ  سان واسطو هو.
 هڪ دفعي اسان ڌارين مان، هڪ انڊيا جو ڪئپٽن بيمار ٿي پيو. هو ملاڪا شهر جي اسپتال ۾ هفتو کن رهيو. بعد ۾ جڏهن موٽيو ۽ پنهنجي ڊيوٽي شروع ڪيائين ته هڪ ڏينهن کيس خبر پئي يا شايد اسان ڌارين مان ڪنهن کي آفيس جي ڪنهن ڪلارڪ کان خبر پيئي، تنهن اچي هن انڊين ڪئپٽن کي ٻڌايو ته سندس هفتو بيمار رهڻ جو انشورنس ڪمپنيءَ نه فقط علاج ۽ اسپتال جو خرچ ڏنو پر في ڏينهن جي حساب سان هڪ هفتي جي چڱي خاصي رقم جيڪا هفتي جي پگهار کان ٻيڻي ٽيڻي ٿي ٿئي، اها پڻ آفيس وارن کي ڏني آهي. اسان ڌارين اڳيان هي هفتي کن جي بيماري جو ڪيس پهريون دفعو ٿيو هو. اها ڳالهه ٻڌي اسان انڊين ڪئپٽن جي ڀاڳ تي ريس ڪرڻ لڳاسين ته سندس لئه ٿي وئي. هڪ ته هفتو کن ڊيوٽيءَ کان بچي ويو ٻيو انشورنس وارن به پئسا ڏنا اٿس جيڪي مهيني جي پهرين تاريخ تي پڪ پگهار سان گڏ آفيس وارا کيس ڏيندا.
 اسان وارو انڊين ڪئپٽن به خوش هو جنهن لڪ ڇپ ۾ پڪ ڪرائي ورتي هئي ته واقعي انشورنس ڪمپنيءَ بيماري وارن ڏينهن جا سندس پگهار جي حساب سان آفيس وارن کي ٻيڻا پئسا ڏنا آهن. پر پوءِ جڏهن اها ۽ ٻئي مهيني جي به پهرين تاريخ گذري وئي ته نه فقط هن انڊين ڪئپٽن کي پر سندس ملڪ ۽ ٻين ملڪن جي اسان ڌارين کي حيرت ٿي ته: ملائيشيا وارا هونءَ ته هر ڳالهه ۾ ايماندار آهن پر هن ۾ ائين ڇو ڪيو اٿن. هر هڪ اهو پئي سوچيو ته سڀاڻي اسان به بيمار ٿي سگهون ٿا بلڪ ڪوشش ڪري ٻن بدران چار ڏينهن ٿينداسين، پر انشورنس جا پئسا اسان کي به نه ملندا. روز صبح جو يارهين بجي واري چانهه تي اسان جي ان موضوع تي به ٽيڪا ٽپڻي هلندي هئي ۽ هر هڪ اهو ئي سوچيندو هو ته ڪنهن طرح سان انتظاميه کان ان بابت پڇيو وڃي ته هنن انشورنس طرفان مليل پئسا، بيمار کي ڏيڻ بدران پاڻ وٽ ڇو رکي ڇڏيا آهن؟
هڪ ڏينهن کڻي ٿي کُٽي اسان جي باس جي جو آفيشل ميٽنگ بعد اسان Expatriates (ڌارين ملڪن کان آيلن) کان پڇي ويٺو ته اسان کي ملائيشيا ۾ يا سندس اداري ۾ نوڪري ڪندي ڪا تڪليف ته نه آهي. دراصل اهو پوءِ ثابت ٿيو ته هن کي کٽيءَ نه کنيو اسان کي کٽيءَ کنيو جو هن جي پڇڻ تي اسان يڪدم انشورنس واري ڳالهه ڪڍي ته فلاڻي انڊين ڪئپٽن کي هفتو کن بيمار ٿيڻ جا پئسا ڇو نه مليا.
اسان جي ملائيشين باس کي پهرين ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ ڌيان ۾ اچڻ تي هن پڪ اسان جي بيوقوفي ۽ اڻ ڄاڻائي تي دل ئي دل ۾ کليو هوندو ڇو جو سندس جواب ٻڌي اسان کي به شرمندگي ٿي. اسان سڀني هيڏا سال فقط جهاز هلايا هئا ۽ اسان کي ڪناري جي آفيسن، انهن جي انتظاميه جي اصولن جي ڪا خبر نه هئي ته ترقي يافته ادارن ۾ انهن کي مضبوط رکڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو وڃي ٿو. اسان جي باس ٻڌايو ته نوڪريءَ جي معاهدي موجب هو اسان جي ميڊيڪل سهولت لاءِ هر سال انشورنس جي ادائگي ڪن ٿا جيئن اسان جو مفت علاج ۽ اسپتال وغيره جو خرچ انشورنس ڪمپني ڀري سگهي. ان کان علاوه اسان جو آفيس کان غير حاضر رهڻ جو هنن انشورنس ڪرايو آهي. “جيئن ڪو آفيسر بيماري يا حادثي ڪري آفيس اچڻ بند ڪري ته اسان عارضي طرح ڪو ماڻهو لڳائي سگهون ۽ ڪنهن به صورت ۾ آفيس يا اداري جي ڪارڪردگي پٺتي نه رهي. ان عارضي ڊيوٽي لاءِ هر ڪو نارمل پگهار کان گهڻي جي گُهر ڪندو. ان ڪري اسان ان جو حساب ڪتاب ڪري ان موجب سالياني انشورنس في ڀريون ٿا ۽ جيئن ته اها في آفيس ڀري ٿي ان ڪري انشورنس جا پئسا به آفيس کي ئي ملن ٿا. توهان کي جي اهڙو شوق هجي ته ڀلي توهان پنهنجي غير حاضري جو، پنهنجي پگهار کان ٻيڻو يا ٽيڻو چؤڻو انشورنس ڪرايو ۽ ان بعد پنهنجي کيسي مان ان جي سالياني في پڻ ادا ڪريو.”
اسان سڀ چپ ٿي وياسين. ان ڏينهن اسان ڌارين، خاص ڪري پاڪستانين شڪر ڪيو ته چڱو جو اهو قصو هڪ انڊين ڪئپٽن سان ٿيو ۽ چڱو جو ميٽنگ ۾ سوال به هڪ انڊين ئي ڪيو.
ملائيشيا جي هن آفيس ۾ ڪجهه ٻيا به پاڪستاني جهازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن اچي ويا. اسان مان هڪ ڪئپٽن جو هي ڌارئين ملڪ ۾ نوڪري ڪرڻ جو پهريون تجربو هو. هو ڳالهه ڳالهه ۾ مڪاني ملائيشين آفيسرن سان پنهنجي ڀيٽ ڪندو هو ته هنن کي هي هي سهولتون آهن جيڪي اسان ڌارين کي نه آهن. آئون هميشه هن کي زميني حقيقتن کان آگاهه ڪندو هوس ته هي اسان جو ملڪ نه آهي. اسان هڪ مقرر ڪيل معاهدي تي مقرر مدي لاءِ نوڪري لاءِ آيا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو اسان جو پگهار مڪاني آفيسرن کان تمام گهڻو آهي. جي ڪڏهن اسان هنن کي گهڻو بيزار ڪنداسين ته هي اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ بدران انڊيا، بنگلاديش، سنگاپور ۽ ڪوريا جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي ترجيح ڏيندا جيڪي ڪيل Contract (معاهدي) موجب شڪر ۽ صبر سان نوڪري ڪندا رهن ٿا. اسان جي اڃا به گهڻو تنگ ڪنداسين ته هو اسان کي بقايا ڏئي هينئر ئي ٽپڙ ٻڌڻ لاءِ چوندا.
پر اسان جي ملڪ جي هِن نوجوان ڪئپٽن کي مڙيئي منهنجيون ڳالهيون سمجهه ۾ نٿي آيون، هڪ ڏينهن نيٺ اسان جي باس سان بحث ڪري ويٺو. اسان جي آفيس مان هر سال ملائيشيا جا ٻه آفيسر يونائٽيڊ نئشن طرفان اعليٰ تعليم لاءِ سئيڊن موڪليا ويا ٿي. اسان جي هن ڪئپٽن جو اهو ضد هو ته هو رڳو ملائيشيا جا ڇو ٿا موڪلين اسان ڌارين مان ڪنهن کي ڇو نه؟ تنهن تي هن سمجهايس ته بابا هيءَ اسڪالر هر ملڪ کي ملي ٿي. بلڪ پاڪستان جي ته چئن ماڻهن کي ملي ٿي. اسان ملائيشيا وارا جيڪڏهن ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ جو نالو ڏينداسين ته به UNO وارا قبول نه ڪندا. ٻي ڳالهه ته اسان وٽ ماڻهن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان توهان کي ڳرا پگهار ڏئي هتي نوڪري ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي نه ڪه توهان کي عياشيءَ لاءِ ٻاهر موڪلڻ لاءِ؟ ۽ پوءِ هو ڦلهڙو منهن ڪري موٽيو. اهو ٻڌي اسان سڀني پاڪستانين کي افسوس ٿيو ته اسان جي ساٿيءَ اجايو بيوقوفيءَ جو ثبوت ڏنو. انهيءَ ڪري پرديس ۾ نوڪري ڪرڻ جي حامي ڀرڻ واري کي آئون هميشه ئي اها نصيحت ڪندو آهيان ته گهر ڇڏڻ کان اڳ نوڪري جي معاهدي نامي (Contract) کي غور سان پڙهي ۽ پوءِ هڪ دفعو هائوڪار ڪرڻ تي ڌارئين ملڪ پهچي ان موجب ڪم ڪري ۽ اهو پگهار، موڪلون ۽ ٻيون سهولتون Expect ڪري. انهن ۾ جي کوٽ ٿا ڪن ته انهن لاءِ ضرور پڪاري پر فالتو ڳالهين لاءِ پنهنجي انتظاميه کي تنگ نه ڪري نه ته ان جو اثر هو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن تي وجهي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو جپان، ملائيشيا ۽ عرب ملڪن جهڙا امير ملڪ بنگلاديشي، فلپينو ۽ ڪورين کي خوشيءَ سان نوڪريون ڏين ٿا جو اهي چئيوان، محنتي، ٿوري ۾ راضي ٿيڻ وارا، اجايو بحث نه ڪرڻ وارا ۽ گهٽ موڪلون ڪرڻ وارا ثابت ٿيا آهن. ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريءَ جا اصول ۽ مجبوريون

ملائيشيا ۾ نوڪريءَ لاءِ جڏهن پهتاسين ته هنن پهرين ٽن سالن جي contract موجب اسان کي پهچڻ سان فرنشڊ گهر ڏنو يعني ان ۾ فرنيچر، چلهو، هنڌ بسترا ۽ پڙدا وغيره هئا ۽ نئين ڪار وٺڻ لاءِ بنا وياج جي اوڌر ڏني، جيڪا هر مهيني آسان قسطن ۾ ٽن سالن اندر لاهڻي پئي. ڪار وٺڻ مهل اهو شرط ضرور وڌو ويو هو ته ڪار جي ٿرڊ پارٽي نه پر فل انشورنس ڪرڻي آهي. ظاهر آهي پئسا هنن ٿي ڏنا، سڀاڻي ڪنهن حادثي ۾ سڄي ڪار تباهه ٿي وڃي ته پئسا ڪير ڀريندو. اسان مان هڪ ڌارئين (Expatriate) جيڪو انگلنڊ جو ڪئپٽن هو، ان جي پهرين مهيني ئي نئين ورتل ڪار تباهه ٿي وئي. هو ڪوالالمپور جي مرديڪا گرائونڊ واري پارڪنگ ۾ ڪار بيهاري جالان (شاهراههِ) تنڪو عبدالرحمان تي شاپنگ لاءِ ويو. ملائيشيا ۾ مينهن ۽ کنوڻ ڪِرڻ جا ٺڪاءَ ته هر وقت لڳا رهن ٿا. ان وقت مرديڪا گرائوند وٽ ڪا کنوڻ ڪري جنهن ۾ هن جي ڪار ۽ ڀر ۾ بيٺل ٻه موٽرسائيڪلون سڙي خاڪ ٿي ويون. انشورنس ڪمپنيءَ پئسا ڀري ڏيڻ لاءِ ٿوريون گوٿناٿيون ڪيون ته: هي Act of God آهي. يعني هي ڪم قدرت طرفان ٿيو آهي پر پوءِ اسان جي آفيس طرفان زور ڀرڻ تي پئسا ڀري ڏنائون ۽ هن اسان جي انگريز ساٿيءَ وري وڃي نئين ڪار ورتي. بهرحال ڪار جي ان انشورنس جا پئسا اسان ڪار جا مالڪ ڀريندا هئاسين. جيڪا رقم ڪا گهڻي نه هئي اسان جي ملڪ ۾ ڪارن جي انشورنس جي ادائگي گهڻي ان ڪري آهي جو اسان وٽ ڪارن جي چوري تمام گهڻي آهي ملائيشيا ۾ نه برابر آهي. آئون نٿو سمجهان ته ڪڏهن ڪو مون پنهنجي ڪار گئريج اندر بيهاري هجي يا لاڪ ڪئي هجي.
اسان جي آفيس وارن اسان سڀني ڌارين توڙي پنهنجن ماڻهن جي پڻ انشورنس ڪرائي جيڪا شايد اسان جي بيمار ٿيڻ جي هئي جنهن جي سالياني في آفيس وارا ئي ادا ڪندا هئا. اسان يا اسان جي فئملين جو ڪو ماڻهو بيمار ٿيندو ته هو مختلف ڊاڪٽرن يا اسپتالن ۾ علاج لاءِ پهچي ويندا هئاسين. ڪن ملڪن ۾ ويندي آمريڪا ۽ سئيڊن ۾ پڻ، انشورنس باوجود ڊاڪٽري تپاس، دوا درمل يا اسپتال جي خرچ جو ڪجهه سيڪڙو مريض کي به ڏيڻو پوي ٿو پر ملائيشيا جي جنهن اداري ۾ اسان نوڪري ڪئي ٿي انهن اسان کان هڪ پئسو به نٿي ورتو. ڏندن جو علاج ان انشورنس ۾ شامل نه هو پر ان لاءِ اسان جي آفيس اسان کي ملٽري اسپتال موڪليندي هئي جتي اسان جو اهو علاج به مفت ۾ ٿيندو هو جو اسان جي آفيس جو ملائيشيا جي نيويءَ  سان واسطو هو.
 هڪ دفعي اسان ڌارين مان، هڪ انڊيا جو ڪئپٽن بيمار ٿي پيو. هو ملاڪا شهر جي اسپتال ۾ هفتو کن رهيو. بعد ۾ جڏهن موٽيو ۽ پنهنجي ڊيوٽي شروع ڪيائين ته هڪ ڏينهن کيس خبر پئي يا شايد اسان ڌارين مان ڪنهن کي آفيس جي ڪنهن ڪلارڪ کان خبر پيئي، تنهن اچي هن انڊين ڪئپٽن کي ٻڌايو ته سندس هفتو بيمار رهڻ جو انشورنس ڪمپنيءَ نه فقط علاج ۽ اسپتال جو خرچ ڏنو پر في ڏينهن جي حساب سان هڪ هفتي جي چڱي خاصي رقم جيڪا هفتي جي پگهار کان ٻيڻي ٽيڻي ٿي ٿئي، اها پڻ آفيس وارن کي ڏني آهي. اسان ڌارين اڳيان هي هفتي کن جي بيماري جو ڪيس پهريون دفعو ٿيو هو. اها ڳالهه ٻڌي اسان انڊين ڪئپٽن جي ڀاڳ تي ريس ڪرڻ لڳاسين ته سندس لئه ٿي وئي. هڪ ته هفتو کن ڊيوٽيءَ کان بچي ويو ٻيو انشورنس وارن به پئسا ڏنا اٿس جيڪي مهيني جي پهرين تاريخ تي پڪ پگهار سان گڏ آفيس وارا کيس ڏيندا.
 اسان وارو انڊين ڪئپٽن به خوش هو جنهن لڪ ڇپ ۾ پڪ ڪرائي ورتي هئي ته واقعي انشورنس ڪمپنيءَ بيماري وارن ڏينهن جا سندس پگهار جي حساب سان آفيس وارن کي ٻيڻا پئسا ڏنا آهن. پر پوءِ جڏهن اها ۽ ٻئي مهيني جي به پهرين تاريخ گذري وئي ته نه فقط هن انڊين ڪئپٽن کي پر سندس ملڪ ۽ ٻين ملڪن جي اسان ڌارين کي حيرت ٿي ته: ملائيشيا وارا هونءَ ته هر ڳالهه ۾ ايماندار آهن پر هن ۾ ائين ڇو ڪيو اٿن. هر هڪ اهو پئي سوچيو ته سڀاڻي اسان به بيمار ٿي سگهون ٿا بلڪ ڪوشش ڪري ٻن بدران چار ڏينهن ٿينداسين، پر انشورنس جا پئسا اسان کي به نه ملندا. روز صبح جو يارهين بجي واري چانهه تي اسان جي ان موضوع تي به ٽيڪا ٽپڻي هلندي هئي ۽ هر هڪ اهو ئي سوچيندو هو ته ڪنهن طرح سان انتظاميه کان ان بابت پڇيو وڃي ته هنن انشورنس طرفان مليل پئسا، بيمار کي ڏيڻ بدران پاڻ وٽ ڇو رکي ڇڏيا آهن؟
هڪ ڏينهن کڻي ٿي کُٽي اسان جي باس جي جو آفيشل ميٽنگ بعد اسان Expatriates (ڌارين ملڪن کان آيلن) کان پڇي ويٺو ته اسان کي ملائيشيا ۾ يا سندس اداري ۾ نوڪري ڪندي ڪا تڪليف ته نه آهي. دراصل اهو پوءِ ثابت ٿيو ته هن کي کٽيءَ نه کنيو اسان کي کٽيءَ کنيو جو هن جي پڇڻ تي اسان يڪدم انشورنس واري ڳالهه ڪڍي ته فلاڻي انڊين ڪئپٽن کي هفتو کن بيمار ٿيڻ جا پئسا ڇو نه مليا.
اسان جي ملائيشين باس کي پهرين ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ ڌيان ۾ اچڻ تي هن پڪ اسان جي بيوقوفي ۽ اڻ ڄاڻائي تي دل ئي دل ۾ کليو هوندو ڇو جو سندس جواب ٻڌي اسان کي به شرمندگي ٿي. اسان سڀني هيڏا سال فقط جهاز هلايا هئا ۽ اسان کي ڪناري جي آفيسن، انهن جي انتظاميه جي اصولن جي ڪا خبر نه هئي ته ترقي يافته ادارن ۾ انهن کي مضبوط رکڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو وڃي ٿو. اسان جي باس ٻڌايو ته نوڪريءَ جي معاهدي موجب هو اسان جي ميڊيڪل سهولت لاءِ هر سال انشورنس جي ادائگي ڪن ٿا جيئن اسان جو مفت علاج ۽ اسپتال وغيره جو خرچ انشورنس ڪمپني ڀري سگهي. ان کان علاوه اسان جو آفيس کان غير حاضر رهڻ جو هنن انشورنس ڪرايو آهي. “جيئن ڪو آفيسر بيماري يا حادثي ڪري آفيس اچڻ بند ڪري ته اسان عارضي طرح ڪو ماڻهو لڳائي سگهون ۽ ڪنهن به صورت ۾ آفيس يا اداري جي ڪارڪردگي پٺتي نه رهي. ان عارضي ڊيوٽي لاءِ هر ڪو نارمل پگهار کان گهڻي جي گُهر ڪندو. ان ڪري اسان ان جو حساب ڪتاب ڪري ان موجب سالياني انشورنس في ڀريون ٿا ۽ جيئن ته اها في آفيس ڀري ٿي ان ڪري انشورنس جا پئسا به آفيس کي ئي ملن ٿا. توهان کي جي اهڙو شوق هجي ته ڀلي توهان پنهنجي غير حاضري جو، پنهنجي پگهار کان ٻيڻو يا ٽيڻو چؤڻو انشورنس ڪرايو ۽ ان بعد پنهنجي کيسي مان ان جي سالياني في پڻ ادا ڪريو.”
اسان سڀ چپ ٿي وياسين. ان ڏينهن اسان ڌارين، خاص ڪري پاڪستانين شڪر ڪيو ته چڱو جو اهو قصو هڪ انڊين ڪئپٽن سان ٿيو ۽ چڱو جو ميٽنگ ۾ سوال به هڪ انڊين ئي ڪيو.
ملائيشيا جي هن آفيس ۾ ڪجهه ٻيا به پاڪستاني جهازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن اچي ويا. اسان مان هڪ ڪئپٽن جو هي ڌارئين ملڪ ۾ نوڪري ڪرڻ جو پهريون تجربو هو. هو ڳالهه ڳالهه ۾ مڪاني ملائيشين آفيسرن سان پنهنجي ڀيٽ ڪندو هو ته هنن کي هي هي سهولتون آهن جيڪي اسان ڌارين کي نه آهن. آئون هميشه هن کي زميني حقيقتن کان آگاهه ڪندو هوس ته هي اسان جو ملڪ نه آهي. اسان هڪ مقرر ڪيل معاهدي تي مقرر مدي لاءِ نوڪري لاءِ آيا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو اسان جو پگهار مڪاني آفيسرن کان تمام گهڻو آهي. جي ڪڏهن اسان هنن کي گهڻو بيزار ڪنداسين ته هي اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ بدران انڊيا، بنگلاديش، سنگاپور ۽ ڪوريا جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي ترجيح ڏيندا جيڪي ڪيل Contract (معاهدي) موجب شڪر ۽ صبر سان نوڪري ڪندا رهن ٿا. اسان جي اڃا به گهڻو تنگ ڪنداسين ته هو اسان کي بقايا ڏئي هينئر ئي ٽپڙ ٻڌڻ لاءِ چوندا.
پر اسان جي ملڪ جي هِن نوجوان ڪئپٽن کي مڙيئي منهنجيون ڳالهيون سمجهه ۾ نٿي آيون، هڪ ڏينهن نيٺ اسان جي باس سان بحث ڪري ويٺو. اسان جي آفيس مان هر سال ملائيشيا جا ٻه آفيسر يونائٽيڊ نئشن طرفان اعليٰ تعليم لاءِ سئيڊن موڪليا ويا ٿي. اسان جي هن ڪئپٽن جو اهو ضد هو ته هو رڳو ملائيشيا جا ڇو ٿا موڪلين اسان ڌارين مان ڪنهن کي ڇو نه؟ تنهن تي هن سمجهايس ته بابا هيءَ اسڪالر هر ملڪ کي ملي ٿي. بلڪ پاڪستان جي ته چئن ماڻهن کي ملي ٿي. اسان ملائيشيا وارا جيڪڏهن ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ جو نالو ڏينداسين ته به UNO وارا قبول نه ڪندا. ٻي ڳالهه ته اسان وٽ ماڻهن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان توهان کي ڳرا پگهار ڏئي هتي نوڪري ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي نه ڪه توهان کي عياشيءَ لاءِ ٻاهر موڪلڻ لاءِ؟ ۽ پوءِ هو ڦلهڙو منهن ڪري موٽيو. اهو ٻڌي اسان سڀني پاڪستانين کي افسوس ٿيو ته اسان جي ساٿيءَ اجايو بيوقوفيءَ جو ثبوت ڏنو. انهيءَ ڪري پرديس ۾ نوڪري ڪرڻ جي حامي ڀرڻ واري کي آئون هميشه ئي اها نصيحت ڪندو آهيان ته گهر ڇڏڻ کان اڳ نوڪري جي معاهدي نامي (Contract) کي غور سان پڙهي ۽ پوءِ هڪ دفعو هائوڪار ڪرڻ تي ڌارئين ملڪ پهچي ان موجب ڪم ڪري ۽ اهو پگهار، موڪلون ۽ ٻيون سهولتون Expect ڪري. انهن ۾ جي کوٽ ٿا ڪن ته انهن لاءِ ضرور پڪاري پر فالتو ڳالهين لاءِ پنهنجي انتظاميه کي تنگ نه ڪري نه ته ان جو اثر هو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن تي وجهي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو جپان، ملائيشيا ۽ عرب ملڪن جهڙا امير ملڪ بنگلاديشي، فلپينو ۽ ڪورين کي خوشيءَ سان نوڪريون ڏين ٿا جو اهي چئيوان، محنتي، ٿوري ۾ راضي ٿيڻ وارا، اجايو بحث نه ڪرڻ وارا ۽ گهٽ موڪلون ڪرڻ وارا ثابت ٿيا آهن.

No comments:

Post a Comment