Sunday, November 20, 2011

ليکڪ ھجڻ ڪري، تنهنجو مانُ مٿاهون آهي - الطاف شيخ


ليکڪ ھجڻ ڪري، تنهنجو مانُ مٿاهون آهي
الطاف شيخ
 ممبئي جو شهر، آدمشماريءَ توڙي پکيڙ جي حساب سان، ڪراچيءَ کان ٻيڻو ٽيڻو ٿيندو. سنڌو نديءَ جو پاڻي ڄامشورو وٽان ٿيندو، ٺٽي وٽ ڪينجهر ڍنڍ ۾ اچي ٿو. جتان پوءِ پمپن ذريعي، ڪراچيءَ کي سپلاءِ ٿئي ٿو. منهنجي خيال ۾ ڪجهه پاڻي، هاليجي ڍنڍ مان به حاصل ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ممبئي جي ارگرد ڪجهه ڍنڍون آهن، جن ۾ مينهن جو پاڻي گڏ ٿيندو رهي ٿو. هن پاسي بارشون جام پون ٿيون. هيڏانهن سنڌو، گنگا يا برهمپترا جهڙا، ڪي طاقتور درياهه نه آهن. هلڪيون ڦلڪيون نديون يا نالا آهن، جيڪي ملائيشيا جي ندين وانگر مينهن پوي ته تار وهن. بهرحال مِٺي ندي نالي، هڪ اهڙيءَ نديءَ جو پاڻي، ممبئي جي وهار (Vihar) ڍنڍ ۾ اچي ٿو. ممبئي شهر جي ڏاکڻي حصي کي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ، اھا ڍنڍ 1860ع ۾ ٺاهي وئي هئي ۽ ان وقت سڀني ۾ وڏي ڍنڍ هئي.


وهار ڍنڍ جي پاسن کان، ٻه ننڍيون ڍنڍون؛ تلسي ۽ پوائي آهن. پوائي ڍنڍ جو پاڻي، اڄڪلهه پيئڻ جوڳو نه رهيو آهي. بهرحال هيراننداڻي گارڊنس وارا فليٽ، جيڪي هاڻ ڏسي موٽي رهيا هئاسين، پوائي ڍنڍ جي پاسي کان آهن. ڍنڍ جي ڪري هيراننداڻي گارڊنس جون عمارتون، خوبصورت منظر پيش ڪن ٿيون. پوائي ڍنڍ هڪ آرٽيفِشل ڍنڍ آهي، جيڪا 1891ع ۾ انگريزن کوٽرائي ھئي. ڍنڍ جي آسپاس وارو علائقو، ان کان اڳ سالياني مسواڙ تي ڊاڪٽر اسڪاٽ کي مليل هو. سندس مرڻ کان پوءِ اهو پَٽ (زمين) مسٽر فرماجي ڪواسجي، پارسي سوداگر کي ليز طور ڏنو ويو هو.
پوائي (Powai) ۾ “هيرانندڻي گارڊنس”، جيڪو هڪ خوبصورت يورپي ٽائون لڳي ٿو، ڏسڻ ۽ سندس ٺاهيندڙ نرنجن لکومل هيراننداڻيءَ سان ملڻ بعد، ڊاڪٽر ٻلديو جو عزيز پران بچاڻي، اسان کي واپس گهر وٺي اچڻ لاءِ وکرولي  (Vikhroli)پاسي کان موٽي رهيو هو.
“الطاف! پران جي مرضي آهي ته چانهه سندس آفيس ۾ هلي پيئجي.” ڊاڪٽر ٻلديو چيو.
“منهنجي صلاح وٺو ته، هتي وکروليءَ جي ئي ڪنهن هوٽل ۾ کڻي ٿا چانهه پيئون. پِران اجايو پيٽرول ساڙي آفيس ڇو ٿو هلي.” چيومانس.
“سائين توهان فڪر ئي نه ڪريو!” پِران کلندي چيو؛ “پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ آئون توهان کان به سياڻو آهيان.
ڊاڪٽر ٻلديو چيو؛ “پران صحيح ٿو چوي. هن جي فئڪٽري ۽ آفيس هتي وکروليءَ ۾ ئي آهي ۽ اجهو پهچي به وياسين.
پران هيراننداڻي گارڊنس ۾، هيراننداڻي اسپتال وارو جيٺا ڀائي روڊ ورتو، جيڪو اڌ ڪلوميٽر بعد لال بهادر شاستري روڊ سان اچي لڳو. لال بهادر شاستري روڊ هن طرف اهم، ويڪرو ۽ ڊگهو روڊ آهي. جيئن ڪراچيءَ جو ايم. اي. جناح روڊ آهي. لال بهادر شاستري روڊ، وکروليءَ وارو سڄو علائقو لتاڙي، ممبئي يونيورسٽي واري S.G Brave روڊ وٽان گذري ٿو. اسان کي اهو ئي رستو گهر، يعني ممبئي يونيورسٽي جي گيٽ تائين، پهچائيندو. جتي جي گيسٽ هائوس ۾ منهنجي رهائش هئي. پِران جي آفيس، سگهو ئي اچي وئي. سندس آفيس جي پاسن کان وکرولي فائر اسٽيشن، بامبي ٽيڪسٽائيل ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ سوامي ليلا شاهه سوسائٽي جا بورڊ به نظر آيا.
“اسان مڙيئي ڪڏهن ڪڏهن پِران کي تڪليف ڏيندا آهيون،” ڊاڪٽر ٻلديو چيو؛ “اڳ ۾ ڪراچي کان سنڌ جو اديب، مفڪر، اخبار جو ايڊيٽر ۽ ڪالم نويس جناب آغا سليم صاحب آيو هو، تڏهن به پران پنهنجي ڪار کڻي آيو هو ۽ نه فقط هيراننداڻي گارڊنس ڏيکاريائين پر واپسيءَ تي کيس به چانهه پياريائين.
“سر! اها منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته توهان جهڙا مهمان، اسان جي غريبخاني تي قدم رکن ٿا.” پِران نهايت نوڙت ۽ ادب سان چيو.
ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو ته؛ “هتي ممبئيءَ ۾ اسان کي سڀ کان عزيز ۽ ويجهي پِران وارن جي فئملي آهي. اسان جڏهن انڊيا ۾ لڏي آياسين، ته پِران جي والد ۽ ڏاڏي اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي. اسان پِران کي پنهنجو ٻچو ئي سمجهون ٿا.
اسان جي ڪار، وکرولي ريلوي اسٽيشن وٽ، ايڇ پي پيٽرول پمپ سامهون پهتي، ته مين روڊ جي ٻئي پاسي پران جي ڇپائي واري ڪاروبار جو “Rudra Vision” جو بورڊ نظر آيو ۽ پِران وڏي گيٽ مان اندر گهڙي، گاڏي پارڪ ڪئي. سندس رڊرا ويزن ڇپائي جي آفيس جي پاسي، “ڪيوبڪ انڊسٽريز” نالي فئڪٽري هئي. آئون ان ڪارخاني ۾ مختلف قسم جي ليٿ مشينن، گرائينڊرز، ليول مشينن تي هلندڙ ڪم کي غور سان ڏسڻ لڳس. منجهس فائونڊري شاپ به هو، جنهن ۾ ڪارن، پاڻيءَ جي جهازن ۽ ٻين مختلف قسم جي مشينن تي Finishing ڪئي پئي وئي. ليٿ مشينون وغيره ڪافي وڏي سائيز جون هيون، جن تي هتي جا مرهٺا ورڪر ڪم ڪري رهيا هئا. سج لهي چڪو هو، جنهن مان لڳو ٿي ته هي شام واري شفٽ جا ڪم وارا هجن يا اهو به ٿي سگهي ٿو ته اوور ٽائيم ڪري رهيا هجن.
پِران پنهنجي آفيس ۾ وڃي، مون کي سڏڻ لاءِ موٽيو.
“انڪل! پهرين هي منهنجو حصو ڏسو.” هن چيو.
“ڇو ڀلا هي ڪنهن ٻئي جو آهي ڇا؟” مون حيرت مان پڇيو.
“نه، اهو به اسان جو ئي آهي پر اهو اسان جي پيءُ ڏاڏي جو ورثي ۾ مليل ڪاروبار آهي.” پران چيو، “هي پرنٽنگ جو ڪم مون شروع ڪيو آهي... يعني فئملي ڪاروبار ۾ Addition ڪيو آهي.
پِران جي ايئرڪنڊيشنڊ وڏي آفيس اندر، هڪ ڪنڊ ۾ سندس ۽ ڀاڻس رويءَ جي ٽيبل رکيل هئي، باقي حصي ۾ 30 فٽ باءِ 9 فٽ جا وڏا Bill Board) اشتهار) ڪمپيوٽر ذريعي ڇپجي رهيا هئا.
“ڀائي واهه واهه! مون کي پڻ ڇپائيءَ جي هن مشين ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو.” مون پِران کي چيو؛ “پاڪستان ۾ به هاڻ جتي ڪٿي هن پرنٽ جا اشتهار نظر اچن ٿا. اڳ ۾ شيشي ۽ نيان سائن جا هوندا هئا، ته هر دفعي هڙتال ۾ ڪاوڙيل هجوم ان تي پٿراءُ ڪري ڊاهي رکندو هو.
پِران ٻڌايو ته؛ “اها مشين پنج سال اڳ، ڪوريا مان هڪ ڪروڙ رپين ۾ گهرائي هئي. هاڻ ڪافي سستيون ٿي ويون آهن ۽ ننڍي واري مشين ته اڃا به سستي ٿي وئي آهي.
“هي پلاسٽڪ جهڙو ڪپڙو جنهن تي اشتهار ڇپيو وڃي ٿو، اهو ڪٿان گهرايو؟” مون پِران کان پڇيو.
“اهو به اسين ڪوريا مان گهرايون ٿا. هاڻ انڊيا ۾ به هي ڪپڙو ٺهڻ لڳو آهي، جو ان جي ڊمانڊ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. اليڪشن جي ڏينهن ۾ ته تمام وڏي ڪمائي ٿئي ٿي.” پران چيو.
“آساني پڻ،” مون وراڻيومانس؛ “نه ته اڳ ۾ آرٽسٽ اس ۾ ڏاڪڻين تي چڙهي، لوهه جي بورڊن تي پينٽنگ ڪندا هئا. هاڻ ههڙن ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي ڏکئي کان ڏکي تصوير به، ڪمپيوٽر جي مدد سان هوبهو ڇپجيو وڃي.
ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو ته؛ “پِران چاهيو ٿي ته اباڻي ڌنڌي کان علاوه ڪو پنهنجو ڪم به شروع ڪيو وڃي. ڪمپيوٽر ۾ ته هو هونءَ ئي ننڍي هوندي کان هوشيار هو، سو ڇپائيءَ جون ٻه مشينون ڪوريا مان خريد ڪري، هن ڇپائي جو ڪم شروع ڪيو. شروع ۾ وڏوRisk  هو، ته هن قسم جي ڇپائي ممبئيءَ ۾ ڪامياب ويندي يا نه! پر هاڻ ته ايڏا آرڊر ملن ٿا، جو ڪڏهن ڪڏهن وقت تي پورا ڪري نٿا سگهجن ۽ لاچار انڪار ڪرڻو پوي ٿو.
پِران ٻڌايو ته؛ “ڏاڏو گوبند رام بچاڻي، هندستان جي ورهاڱي کان به گهڻو اڳ، 1936ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ رتيديري کان لڏي فورٽ واري علائقي (ڏکڻ ممبئي) ۾ اچي رهيو ۽ اتي لوهارڪي شين جو ڪم شروع ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ممبئي جو شهر؛ ڪولابا، ناريمن پوائنٽ، فورٽ، ڪالبا ديوي، گرانٽ روڊ ۽ وڌ ۾ وڌ باءِ ڪلا، مالابار هل ۽ مئز گائون تائين محدود هو. جيئن ڪراچي؛ ڪياماڙي، کارا در، ميٺا در، چاڪيواڙي، لي مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ وڌ ۾ وڌ صدر واري علائقي تائين محدود هو.
پِران وڌيڪ ٻڌايو ته؛ “بعد ۾ ڏاڏي گوبند بچاڻيءَ، فورٽ وارو گهر وڪڻي، چمبور ۾ فليٽ ورتو ۽ هتي وکروليءَ ۾ هي ڪارخانو فقط ڪجهه هزار رپين ۾ خريد ڪيو. اڄ هيءُ ڪارخانو مين روڊ تي ۽ ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هجڻ ڪري، فقط ان جي زمين جي قيمت ئي پنجاهه ڪروڙ رپيا آهي.
گوبندرام بچاڻيءَ کي ٻه پٽ ٿيا؛ سريش ۽ ٻيو پِران جو پيءُ ڪرتار. گوبندرام پنهنجي ننڍي پٽ سريش کي گهڻو اڳ آمريڪا موڪليو، جنهن کي اڄ ساڳئي نالي جي ڪمپني، يعني Qubec Industries لاس اينجلس (ڪئليفورنيا) ۾ آهي، جتي هوائي جهاز جا پارٽ ٺاهيا وڃن ٿا. هيءَ ممبئي واري فئڪٽري، سندس وڏي پٽ ڪرتار بچاڻيءَ حوالي آهي. ڪرتار جا ٻار؛ پِران ۽ روي، اڃا ننڍا هئا ته پاڻ گذاري ويو. ان ڪري پِران جو وڌيڪ پڙهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جو شوق رهجي ويو ۽ کيس پنهنجن وڏن جو ڪاروبار سنڀالڻو پيو. سندس ننڍو ڀاءُ روي، اعليٰ تعليم به حاصل ڪري رهيو آهي، ته شام جي وقت پنهنجي ڀاءُ جي مدد به ڪري ٿو.
ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو ته؛ “پِران جو ڏاڏو گوبند رام بچاڻي، سن 2000ع ۾ گذاري ويو. 1998ع ۾ جڏهن آغا سليم اسان وٽ آيو هو ۽ گوبند رام کي آغا سليم سان ملڻ لاءِ گهر گهرايوسين ته هو، آغا سليم سان پيرين پئي مليو. آغا سليم چيس ته؛ دادا! توهان اسان کان وڏا آهيو. هي ڇا ٿا ڪريو؟”
گوبند رام وراڻيس؛ “پٽ! وڏو ضرور آهيان! پر تون اديب آهين. You Are man of Letters تون ليکڪ آهين! ان ڪري تون مَانَ ۽ مرتبي ۾ مون کان وڏو آهين.
آغا سليم، اها ڳالهه، پنهنجي سفرنامي ۾ پڻ ڪئي آهي.

No comments:

Post a Comment