ڪاغذي ڪونجن جي ڪرامت
الطاف شيخ
گذريل
ڪالم ۾ پاڻ جنهن ڪَنگ پکيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، اهو يورپ جي اتراهن ملڪن
ناروي، ڊئنمارڪ،
سئيڊن ويندي آئس لينڊ جو رهاڪو سڏيو وڃي ٿو. کيس يورپ جا ماڻهو ڪاري پڇ وارو ”گاڊ
وِٽ“
سڏين، پر
سندس پڇ فقط ڪارو هجڻ بدران ڪارو ۽ اڇو آهي. سندس چُهنب ڊگهي ۽ سڌي ٿئي ٿي ۽ ٽنگون
ڊگهيون اٿس، سندس سائنسي نالو ”لموسا لموسا“ آهي. سندس ئي جهڙو سندس هڪ ٻيو سؤٽ ماسات به هتي ئي نظر اچي
ٿو، جنهن جو سائنسي نالو ’لموسا لئپونيڪا‘ آهي، جنهن کي هتي جا ماڻهو پَٽن وارو
گاڊ وِٽ سڏين ٿا، جو
هن جي پڇ تي پَٽا ٺهيل آهن. زولاجي جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته هي پکي اپريل جي ٻئي
هفتي کان بيضا ڏيڻ شروع ڪن ٿا ۽ مئي جي ٻئي هفتي کان هنن جا ٻچا نظر اچن ٿا، جيڪي
جولاءِ آگسٽ تائين ڪافي وڏا ٿيو وڃن ۽ سيپٽمبر جون ٿڌيون هوائون لڳڻ سان، هي ڪنگ ڏکڻ ڏي لڏپلاڻ شروع
ڪن ٿا. سڄو يورپ لتاڙڻ بعد هنن مان ڪي آفريڪا جي ملڪن ڏي سيارو گذارڻ لاءِ لڙيو
وڃن ته ڪي ننڍي کنڊ جو رخ رکن ٿا. هي ڪنگ اسان وٽ سنڌ ۾ به جتي ڪٿي نظر اچن ٿا.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هي ڪَنگ اڃا به اڳيان انڊونيشيا ۽ ڪي ته آسٽريليا تائين
هليا وڃن ٿا ۽ پوءِ فيبروري جي آخر ڌاري پنهنجي وطن ورڻ جي ڪن ٿا. ڪَنگن يا ٻين
مهمان پکين (Migratory Birds) لاءِ اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم
آهي ته هنن جو وطن ڪهڙو آهي. مثال جي ڳالهه، هنن ڪنگن يا ويندي
تلور، ڪونجن يا آڙين وغيره کي اسان جي ايشيا جا ماڻهو پنهنجي وطن جو پکي ليکين ٿا. سندن نالا به اسان جي ديس جا آهن ۽ اسان کين پنهنجي ديسي شاعريءَ ۽ ادب ۾ استعمال ڪريون ٿا.
هنن جا مثال، پهاڪا ۽ ڪهاڻيون ننڍپڻ کان پنهنجين ايشيائي زبانن ۾ ٻڌندا اچون، پر وري هيڏانهن يورپ ۽ اتر
روس ڏي ٿو ڏسجي ته اهي پکي ڄڻ آهن ئي هنن اتراهن ملڪن جا، جن کان هتي جو ٻچو ٻچو
واقف آهي. پوءِ ڀلي اها ڪُوٽ (آڙي) هجي يا ڊيموسيل ڪرين (ڪونج)، پوچارڊ (رتابو) هجي يا شاولر (لنگهو) ۽ ٽيل (چيڪلو).
اها
مٿين ڳالهه سوچي مون کي
پنهنجي هڪ
جهاز جو انجنيئر ياد ٿو اچي،
جنهن سان گڏ مون ستر واري ڏهي ۾ جهاز هلايا، جن جهازن جو رُوٽ پاڪستان کان هن پاسي
ناروي، جرمني، پولنڊ تائين هوندو
هئو. هن
انجنيئر جون ٻه زالون هيون. هڪ ڏاڏي پوٽي پنجاب جي، جيڪا رحيم يار خان ۾ رهي ٿي ۽ ٻي هتي جي پولش
ڇوڪري هئي، جيڪا پولنڊ جي بندرگاهه گڊانس ۾ رهي ٿي . هو چوندو هو ته، ”منهنجي حالت تلهير (Rosy Pastor) جهڙي آهي. منهنجو سال جو ڪجهه حصو پاڪستان ۾ گذري ٿو ته ڪجهه حصو
پولينڊ ۾. پاڪستان واري زال مون
کي پنهنجو هم وطن ٿي سمجهي ته پولنڊ واري پنهنجو سمجهي مون کي پولينڊ مان نڪرڻ نٿي ڏئي.“
سو
اهو ئي حال هنن مهمان پکين جو آهي. انهن سڀني ۾ گهڻو مشهور ۽ سهڻو پکي ڪونج آهي. ائين ته نيرڳ، تلور، راج هنس، آڙي ويندي هنجر، ڊٻڻ، فليمنگو، ٿرندو، ٻرڻو، پوڻي ۽
ڊگوش به
گهٽ سهڻا پکي نه آهن. پر دنيا جي ادب، ڪلچر ۽ ثقافت ۾ ڪونج جو نالو گهڻو ورتو وڃي
ٿو، خاص ڪري سنڌ توڙي جپان، چين ۽ ڪوريا پاسي، جتي منهنجو گهڻو وڃڻ ۽ رهڻ ٿيو آهي، ٻين ملڪن جي گهڻي خبر نه
اٿم.
جيئن
ٻڪرين جا مختلف قسم ۽ جنسون ٿين ٿيون، تيئن ڪونجن جون به ڪيتريون
ئي جنسون آهن، جن ۾ ٿورو گهڻو قد بت ۽ رنگ جو معمولي فرق رهي ٿو. عام ڪونج جنهن کي
انگريزي ۾ ”ڪامن ڪرين“(Grus
Grus) سڏجي
ٿو، هڪ
شاهي قسم جو ڊگهين ٽنگن ۽ ڊگهيءَ
ڳچيءَ
وارو پکي ٿئي ٿو. هڪ ميڊيم سائيز ڪونج ساڍن ٽن کان چئن سوا چئن فٽن جي ڊگهي ٿئي ٿي
۽ پَر پکيڙي ٿي ته پر جي هڪ پڇڙ کان ٻئي تائين اٺ فٽ ٿيو وڃي. ڪونج وزن ۾ ساڍن چئن کان
ڇهه ڪلو گرام تائين ٿئي ٿي. ڪونجن جو ناچ ۽ ڪُوڪراٽ مشهور آهي. ڪيترن ملڪن ۾ ته ڪونج وانگر نچڻ
کي عبادت ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪوريا ۾ سيلا گهراڻي (646ع) کان ٽونگ ڊوسا مندر جي
ورانڊي ۾ ڪونجن جو ناچ ڪيو وڃي ٿو،
جيئن چينين جي نئين سال تي هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملائيشيا چين ۽ تائيوان جهڙن ملڪن
۾ Lion Dance ڪئي وڃي ٿي. جپان جي اتراهين ٻيٽ هَڪيدو ۾ رهندڙ ائينو (Ainu) قبيلي جا جپاني،
خاص ڪري عورتون، ڪونج وارو ناچ ڪن. اسلام کان اڳ ڪعبي ۾ رکيل لات، منات ۽ عزا جي بتن لاءِ چيو ويو ٿي ته اهي مٿان لٿل ڪونجون (Three Exalted Cranes)آهن،
جنهن لاءِ عربي جو لفظ غرانق استعمال ٿيو ٿي.
جپان
پاسي ڪونج کي
وڏي زندگيءَ جي
نشاني پڻ سمجيو وڃي ٿو. پوڙهن ماڻهن جي جنم ڏينهن تي هنن کي ڪيڪ يا ڪسٽرڊ مٿان
ڪونج ٺاهي پيش ڪيو وڃي ٿو يعني ”شل وڏي ماڻين ڄمار!“ هوٽل ۾ گهوٽ ڪنوار اڳيان فروٽ ۽ سلاد مان ڪونج ٺاهي پيش
ڪئي وڃي ٿي. چين، ڪوريا ۽ ويٽنام ۾ ڪونج سان گڏ بانس ۽ ڪُمي پڻ ڊگهيءَ زندگيءَ جي نشاني سمجهي وڃي ٿي ويٽنام جي شهر هنوئيءَ ۾ ”وان ميو“ نالي هڪ مشهور مندر آهي، جنهن ۾ هڪ ڪُمي رکيل
آهي، جنهن جي پٺيءَ تي، ڇت تائين اتاهين، ڪنهن ڌاتوءَ جي ٺهيل ڪونج بيٺل آهي.
جپان
پاسي، جتي ڪونج کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي، اتي اهي افواهه مشهور آهن ته تبت ۾ هڪ
خاص ڪونج هئي، جيڪا ايندڙ تيرٿين جي ڏکين سوالن جا جواب ڏيندي هئي. ان جادوئي ڪونج
جي هاڻ صحيح خبر ناهي ته اها ڪٿي آهي يا ان جو ڇا ٿيو، پر ڪن جو چوڻ آهي ته هوءَ
مٿي جبل جي برفاني چوٽيءَ تي ٺهيل مندر ۾ رهي ٿي. ڪن جو چوڻ آهي ته هوءَ وڏي ڄمار
ماڻڻ بعد مري وئي. ڪن جو چوڻ آهي ته اها ڪونج مرڻ بعد وري ٻيو جنم ڪاغذي ڪونج ۾
وٺي آئي آهي. جپاني اوري گامي (Origami) ۾ پني مان ڪونج ٺاهڻ کي به عبادت سمجهن ٿا. Oregami جپان جو ڪاغذ مان مختلف
شيون ٺاهڻ جو آرٽ آهي، جيئن اسان وٽ چورس ڪاغذ کي ويڙهي (Fold ڪري) ٻيڙي ٺاهي وڃي ٿي.
جپان
۾ اڄ به ڪيترن ماڻهن جو اهو اعتقاد آهي ته جيڪو ماڻهو ڪاغذ جون هڪ هزار ڪونجون
ٺاهيندو، ڪونج ان جي دل جي هڪ مراد ضرور پوري ڪندي! توهان کي جپان جي ڪيترن ئي
ننڍن وڏن مندرن ۾ رنگين پنن جون هزارين ڪونجون لڙڪيل نظر اينديون. ڪونج کي جپان جا
ماڻهو وڏو پهتل ۽ پوتر پکي سمجهن ٿا.
ڪاغذن
مان ٺهيل هڪ هزار ڪونجن (The thousand Origami Cranes) کي هن ڌرتي جي امن جي نشاني پڻ سمجهيو وڃي ٿو، جيڪا ڳالهه جپاني
ڇوڪري ساداڪو ساساڪي جي ڪهاڻي کانپوءِ مشهور ٿي. ساداڪو نالي هڪ ڇوڪري هيروشيما ۾
رهندي هئي،
جنهن کي ائٽم بم جي ڌماڪي بعد ائٽمي لهرن جي Radiation
ڪري ليوڪيميا ٿي پئي. اسپتال ۾ علاج دوران هن ڪاغذ جون هڪ هزار ڪونجون ٺاهڻ چاهيون
ٿي، جيئن هن جي صحتياب ٿيڻ جي مراد پوري ٿي سگهي. پني جي کوٽ ڪري هوءَ هڪ هزار
ڪونجون ٺاهڻ کان اڳ مري وئي. هزار مان کٽل باقي ڪونجون بعد ۾ هن جي ساهيڙين ٺاهي
پوريون ڪيون ۽ پوءِ ساداڪو کي 25 آڪٽوبر 1955ع تي دفنايو ويو.
ساداڪو
جي وفات بعد هن جي ڪلاس ميٽ ۽ ساهيڙين ساداڪو جا لکيل خط وڪڻي ۽ ڪجهه چندا حاصل
ڪري، هن
جي ياد ۾ ساداڪو جي مورتي ٺهرائي، جنهن ۾ هوءَ سونهري رنگ جي ڪاغذي ڪونج کي هٿن ۾
جهليو بيٺي آهي. اها مورتي (Statue) هيروشيما جي امن پارڪ (Peace Park) ۾ لڳل آهي،
ان مورتيءَ جي
هيٺان انگريزي ۾ لکيل آهي ته:
This is our Cry. This is our Prayer. Peace in the world
ساداڪو
جي هڪ مورتي آمريڪا جي شهر سيئٽل ۾ پڻ آهي. ساداڪو ۽ هن جي ساهيڙين جو اهو ئي
اعتقاد هو ته هن کي جيڪڏهن ڪاغذ ملي وڃن ها ۽ هڪ هزار ڪاغذي ڪونجون تيار ڪري وٺي ها ته هوءَ
ڪڏهن به نه مري ها.
No comments:
Post a Comment