ولايت ۾ اسان جون ڪوتاهيون
الطاف شيخ
ڊئنمارڪ
ملڪ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته ان جا ٻه حصا آهن، هڪ يڪو زمين جو چَڪُ (Piece) جيڪو جرمنيءَ ۽ سڄي يورپ
سان ڳنڍيو پيو آهي، جنهن جي نقشي جي شڪل ماڻهوءَ جي منهن جهڙي آهي ۽ ڊئنمارڪ جو
ٻيو حصو ننڍن وڏن ڪيترن ئي ٻيٽن تي مشتمل آهي، جن مان هڪ وڏي ٻيٽ تي هن ملڪ جي
گاديءَ وارو شهر ڪوپن هيگن آهي. هانگ ڪانگ به ڊئنمارڪ وانگر آهي، جنهن جو وڏو حصو
ڪولون سڏجي ٿو ۽ اهو چين جي سرزمين سان مليل آهي، جنهن جي چوڌاري ڪجهه ٻيٽ آهن، جن
مان وڏي ٻيٽ تي جيڪو شهر آهي اهو هانگ ڪانگ سڏجي ٿو پر سڄي ملڪ جي ڳالهه ڪجي ته
هانگ ۾ ڪولون به اچي ويو (جنهن کي Mainland
به سڏجي ٿو) ته هانگ ڪانگ وارو ٻيٽ به.
آئون جنهن
به جهاز تي رهيس ته ان کي گهڻو ڪري ڊئنمارڪ جي سرزمين تي ٺهيل بندرگاهن مان ڪنهن
هڪ يا ٻن تي اچڻو پيو ٿي. خاص ڪري آرهوس، آلبرگ ۽ ايسبرگ گهڻو ايندا هئاسين. هنن
ملڪن جي آدمشماري هونئن ئي گهٽ آهي. ڊئنمارڪ جو به اهو حال آهي. ان آدمشماريءَ جو
به اڌ کان وڌيڪ ڪوپن هيگن واري ٻيٽ تي رهي ٿي ۽ باقي اڌ ڊئنمارڪ جي سرزمين تي
پکڙيل آهي. ان ڪري هنن ملڪن جي خوبي آهي ته هنن جي شهرن ۾ گهٽ ماڻهو هجڻ ڪري ماٺ
مٺوڙو رهي ٿو. صبح جي وقت ته ورلي ڪو نظر اچي ٿو جو ٻار اسڪول حوالي هوندا آهن ۽
وڏا آفيسن ۽ ڪارخانن حوالي. اڄ کان چاليهه سال اڳ واري ڊئنمارڪ جو ٿورو سوچجي ته
حيرت ٿي ٿئي. پر تن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۽ سکر جي مارڪيٽ ۾ به اڄ واري
گپا گيهه نه هئي. اڄ ڪلهه ڊئنمارڪ جي شهر ۾ صبح جي وقت البت اسان جا ايشيائي ۽
آفريڪن بيروزگار Immigrant نظر اچن ٿا، جيڪي سوشل (سرڪار طرفان مليل
بيروزگاري الائونس) جي پئسن مان صوف، چاڪليٽ ۽ آئس ڪريمون کائيندي نظر ايندا آهن.
جيئن آمريڪا جي فلاڊلفيا، بالٽيمور ۽ هيوسٽن جهڙن شهرن جي Slums ۾ اتي جا
بيروزگار مقامي ڪارا، سرڪار طرفان مليل الائونس مان سڄو ڏينهن چَٽو ڪندي نظر اچن
ٿا. مالمو ۾ اسان جي يونيورسٽيءَ ڀرسان هڪ سِکُ رهندو هو. هن جون ويلڊنگ ڪندي
اکيون خراب ٿي پيون. ڊاڪٽر کيس ويڊلنگ ڪرڻ کان منع ڪئي ۽ هونءَ به وڏي عمر جي ڪري
سرڪار کيس بيروزگاري جو الائونس ٿي ڏنو، جنهن کي سئيڊن پاسي ”سوشل“ سڏين ٿا. سک
اهو سوشل وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ روزگار خاطر سائيڪل تي گاهه ڪٽڻ جي مشين رکي، گهر
گهر ۾ ۽ اسان جي يونيورسٽيءَ ۾ ڇٻر ڪٽڻ ايندو هو. هڪ ڏينهن مون کي يونيورسٽيءَ جي
ڪئنٽين ۾ مليو ويو. چيومانس؛ ”سردار جي! تون عجيب ماڻهو آهين، هتي چڱا ڀلا ڪوڙي
بيماريءَ جو بهانو ڪري پينشن ۽ سوشل پيا وٺن، تون ڇو نٿو وٺين؟“ وراڻيائين؛ ”ان
سوشل کي آئون خيرات سمجهان ٿو، جيسين منهنجي هٿن ۾ سگهه آهي، آئون پنهنجي هٿن سان
ڪمائي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جو گذر سفر ڪندس.“
سردار جيءَ
کي فقط هڪ پٽ هو، جنهن جي پڙهائيءَ جو کيس ڏاڍو فڪر هو. پڙهائيءَ کان علاوه هن کي
شام جو اسڪيٽنگ ۽ ٽينس جهڙيون رانديون کيڏائيندو هو. هيءَ اڄ کان 20 سال کن اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن
آئون اتي (مالمو سئيڊن) جي يونيورسٽي ۾ هوس ۽ هن سِکَ جو پٽ سمجهو ته اٺين تائين
ڪلاس ۾ هو. ٻه ٽي سال اڳ جڏهن منهنجو ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن ڏي وڃڻ ٿيو ته مون کي بيحد
حيرت ۽ خوشي ٿي ته هن ڇٻر ڪٽيندڙ سک جي پٽ پڙهائيءَ ۾ نالو پيدا ڪيو ۽ هو مالمو جي
ميونسپالٽي ۾ هڪ اعليٰ آفيسر جي عهدي تي آهي. پر يارو سچ پڇو ته دل اهو معلوم ڪري
روئي ٿي ته هنن ملڪن ۾ ڪوڙي يا سچي سبب ڪري حاصل ڪندڙ سياسي پناهه وٺندڙ، خاص ڪري
اسان جي مسلمانن (ننڍي کنڊ توڙي عرب ملڪن جي) ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو آهي. پاڻ ته
کڻي اڻ پڙهيل هئا پر ههڙن ملڪن ۾ رهي ڪري، جتي انيڪ قسمن جا تعليمي ادارا آهن، جتي
هر شيءِ جي جوابداري سرڪار کڻي ٿي، اتي هنن اميگرنٽ جي ٻي جنريشن به ائين رول ٿيو
پيئي هلي ۽ وتي وقت برباد ڪندي ۽ بقول سک جي بيروزگاريءَ جي خيرات (سوشل) وٺي پئي،
گد گد ٿئي ته اسان کي گهر ويٺي هيترو يا
هيترو پئسو مليو وڃي. جنهن جيترو پگهار ته پاڪستان ۾ وڏي آفيسر جو به نه آهي ۽ وري
کڻي هتي لڏي آيلن سان ڏک جو اظهار ڪر ته توهان جو اولاد ڪجهه نه ڪري سگهيو آهي ته
توهان کي يڪدم پنج ڇهه اهڙن ٻارن جا نالا ٻڌائيندا جيڪي پوليس کاتي ۾ آهن، هڪ ٻه
ڏندن جا ڊاڪٽر آهن، هڪ ٻه پرائمري يا مڊل اسڪول ۾ ٽيچر آهن... وغيره. هاڻ ساڻن ڪير
بحث ڪري ته انهن کان ٻيڻ جيترا ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر ته ٽنڊو مستي، ڳڙهي خيرو،
باقر خان نظاماڻي ۽ ڦلجي يا گهوٽڪيءَ جهڙن ڏورانهن ڳوٺن مان به ٿيو وڃن.
هتي جا
مڪاني گورا، خاص ڪري اڄ جي ننڍي ٽهي، هنن تي ۽ پنهنجي وڏن تي چٿرون ڪندا رهن ٿا ته
هنن هڪڙن ڌارين ۽ اوپري ڪلچر وارن ماڻهن کي سياسي پناهه ڏئي ڇو رهايو، جيڪي تعليم
حاصل ڪرڻ ۾ پُٺتي آهن ۽ بيروزگاريءَ جو ڀتو وٺڻ ۾ اڳتي آهن. محنت مزدوري ڪرڻ ۾
پٺتي آهن ۽ ڏوهن ۾ اڳتي آهن. سندن وڏا ڪجهه نٿا ڪُڇي سگهن جو هو قانون جو احترام
ڪن ٿا. جنهن هيٺ هنن آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهائي کين
هر ڳالهه ۾ پاڻ جهڙا حق ڏنا پر هو چپن ۾ مُرڪي اهو ضرور نجي محفلن ۾ چون ٿا ته هي
ڌاريان ڄٽ جي تعليم يا هنر نٿا سکن ته سندن (يعني مقامي گورن جي) ننڍي ٽهيءَ لاءِ
سٺو آهي. آخر ”مينئل جاب“ به ته ڪنهن کي ڪرڻا آهن ۽ انهن ”هيٺين جابس“ مان هنن جي
مراد گٽر صاف ڪرڻ، پارڪن جي صفائي ڪرڻ، فئڪٽرين ۾ بار کڻڻ وغيره آهي.
اڄ کان
ٽيهارو سال کن اڳ، ڪوپن هيگن ايئرپورٽ جا ڪاڪوس صاف ڪندڙ پنهنجي ملڪ جي 45 سالا
عورت کي ڏسي افسوس ٿيو هوم ۽ پنهنجي سامونڊي سفر ۾ اظهار ڪيو هوم. هن کي نه
انگريزي آئي ٿي نه هنن ملڪن جي ڪا زبان. پنهنجو نالو هُن جميله ٻڌايو هو. اڄ مالمو
جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن جي Toilest وٽ پنهنجي ملڪ جي شڪل
شبيهه جي 25 سالن جي نوجوان عورت ڏسي حيرت ٿئيم ٿي. هوءَ پنهنجي مادري زبان سان گڏ
سئيڊش به ڳالهائي ٿي... سندس هٿ ۾ ٽئاليٽ صاف ڪرڻ جو وائيپر آهي. دل ۾ سوچيان ٿو
ته اها به ڪنهن جميله جي ئي ڌيءَ هوندي. بندرگاهه کان ٻاهر وارن رستن تان ٻه
نوجوان عرب عربيءَ ۾ به ڳالهائي رهيا آهن ته رستي تي ڪريل پنن کي ٻُهاريءَ سان
ميڙي رهيا آهن. ڪوپن هيگن جي بس اسٽاپ تي هڪ بنگالي نوجوان بس کي ڌوئي رهيو آهي...
مون کي هتي جي مقامي گوري جا اهي لفظ ياد ٿا اچن ته ”آخر مينئل جابس ڪير ڪندو.“
گورن جو اولاد ته هاڻ آفيسر ٿي ويو ۽ هيٺئين درجي جا ڪم هتي آيل اميگرنٽ جو اولاد
ڪري رهيو آهي، جنهن جي وڏن کي جيتوڻيڪ هتي جي سرڪار وڏيون سهولتون ۽ پئسو ڏنو پر
هنن اولاد تي ڌيان نه ڏنو. هنن ملڪن ۾ رهندڙ ڪيترن Immigrants
جو درجو اسان جي ملڪ جي مزدور طبقي باگڙي ڀيلن جهڙو ٿيندو وڃي، جن کي اسان جو
جاگيردار وڏيرو پنهنجي زمين تي جهوپڙو اڏي رهڻ ڏئي ٿو، ان ڪري نه ته ڪو هو هن کي
دوست يا مائٽ ٿو سمجهي پر ان لاءِ ته جيئن کانئن ڦٽين جو چونڊو ڪرائي سگهجي، ڏکيا
۽ هيٺانهين درجي جا ڪم وٺي سگهجن.
No comments:
Post a Comment