Thursday, November 10, 2011

ٻه چار سؤ رپيا ۽ جان بچي وئي - الطاف شيخ


ٻه چار سؤ رپيا ۽ جان بچي وئي
الطاف شيخ
سئيڊن ۾ تعليم دوران ڊئنمارڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ باءِ روڊ وڃڻ ٿيو. جهاز تي نوڪريءَ دوران اسان جو جهاز آرهوس (Arhus) آلبرگ ۽ ايسبرگ جي بندرگاهن ۾ ايندو رهيو ٿي. ڪوپن هيگن بندرگاهه ۾ ڪڏهن به اندر جاءِ نه ملي. هميشه ٻاهر ٿي بيهندا هئاسين. سامان بارجز ذريعي اسان جي جهاز تان کڄي اندر بندرگاهه ۾ ويندو هو. بارجز ويڪريون ٻيڙيون ٿين ٿيون، جن تي گهڻو سامان اچي سگهي ٿو. کين پنهنجي انجڻ نه ٿئي. جهاز کان بندرگاهه تائين ڪا لانچ يا ٽگ بوٽ انهن کي ڇڪي. ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي ٽگ ٽن ٽن چئن چئن بارجز کي ڇڪيندو ويندو آهي. اڳئين بارج جي پٺ سان ٻي بارج جو اڳ، رسي ذريعي ٻڌل هوندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ٻي بارج جي پٺ سان ٽين بارج جو اڳ ٻڌو ويندو آهي. بس جيئن اٺن جي قطار هوندي آهي، جنهن ۾ اڳيان هلندڙ اُٺ جي پُڇ سان پوئين اٺ کي ٻڌو ويندو آهي. اسان جهاز هلائڻ وارن جي سهوليت لاءِ، اسان جي مقامي آفيس، ڪنهن مسواڙ تي هلندڙ موٽر بوٽ جو بندوبست ڪندي آهي، جيڪا ڪلاڪ ڪلاڪ يا ٻن ٻن ڪلاڪن بعد، جهاز تان ماڻهو کڻي شهر پهچائيندي آهي ۽ وري جهاز تي وٺي ايندي آهي.

ڊئنمارڪ ملڪ جو به عجيب نقشو آهي. توهان هن کي غور سان ڏسندؤ ته توهان کي ماڻهوءَ جو پاسيرو منهن نظر ايندو. دليپ ڪٽ وار ۽ اک، ٿلهو نڪ جنهن تي ڪريل برف ڄڻ ڳري رهي هجي، وات، کاڏي ۽ ڳچي جيڪا جرمنيءَ جي نقشي سان وڃي ملي ٿي. ان ماڻهوءَ جي ڳچيءَ وٽ چار پنج وڏا ۽ ٻه درجن کن ننڍا ٻيٽ آهن. اهي ٻيٽ ۽ ماڻهوءَ جو ڳچيءَ تائين منهن، ڊئنمارڪ ملڪ آهي، جنهن جي هڪ پاسي بالٽڪ سمنڊ آهي ته ٻئي پاسي ”نارٿ سي“ سمنڊ آهي. ڊئنمارڪ جو سڀ کان وڏو ٻيٽ، جيڪو سئيڊن جي بلڪل ويجهو آهي، ڊئنمارڪ جي گاديءَ جو شهر ڪوپن هيگن آهي. پاڪستان کان جيڪا PIA جي فلائيٽ روزانو يورپ لاءِ ماڻهو کڻي ڪوپن هيگن اچي ٿي سا پنهنجا مسافر هن ٻيٽ تي اچيو ٿي لاهي، جتان پوءِ فيرين ذريعي هو ڀر وارن ملڪن سئيڊن، جرمني، پولنڊ يا ڊئنمارڪ جي ٻين شهرن ڏي وڃن ٿا يا ننڍن هوائي جهازن رستي هالنڊ، بيلجيم، چيڪ ۽ سلاويڪا وڃن ٿا.
سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن اسين ڪراچيءَ کان ايندا هئاسين ته هميشه ڊئنمارڪ جي هن ٻيٽ نما شهر ڪوپن هيگن ۾ ايندا هئاسين. جتان پوءِ فيري يا هوور ڪرافٽ ذريعي سئيڊن جي شهر مالمو ۾. هاڻ ته ڪوپن هيگن ۽ مالمو جي وچ ۾ پُل ٺهڻ ڪري ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تان بس يا ٽئڪسي ذريعي سڌو اچيو مالمو نڪرجي، نه ته اڳ ۾ ايئرپورٽ تان پهرين ڪوپن هيگن جي بندرگاهه ۾ اچبو هو. جتي پوءِ ڀاڙي ۽ سهوليت جو سوچي لانچ، ڪيري يا هوور ڪرافٽ جي ٽڪيٽ وٺي سندس ڊپارچر جو انتظار ڪبو هو. پوءِ مالمو جي بندرگاهه ۾ پهچي اتان ٽئڪسي يا بس ذريعي مالمو جي وچ شهر ۾ پهچبو هو.
ڪوپن هيگن واري ٻيٽ ۽ سئيڊن جي بندرگاهه واري شهر مالمو جو قصو ائين آهي، جيئن هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جو. يا کڻي چئجي ته ملائيشيا جي ٻيٽ پينانگ ۽ بٽرورٿ شهر جو. سمنڊ ٽپي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ فيري يا موٽر بوٽ ئي سواري هئي. جيئن جيئن ٽوئرزم وڌڻ لڳي، تيئن تيئن ماڻهو وڌڻ لڳا ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ فيريءَ جو ڪلاڪ ڪلاڪ به انتظار ڪرڻو پيو ٿئي. ملائيشيا ۾ اسان جو جهاز هميشه بٽرورٿ پاسي بيهندو هو ۽ پينانگ گهمڻ لاءِ فيريءَ ۾ ئي وڃبو هو. ساڳيو حال هانگ ڪانگ ۾ ٿيندو هو. اتي جا ٻئي پاسا گهمڻ ڦرڻ، توڙي خريداري لاءِ بهترين هئا. اڄ اهي واچون ۽ ڪئلڪيوليٽر ته ڇا ڪئميرا ۽ ڪمپيوٽر به ڪراچيءَ جي ريگل پلازه، موٽڻ داس مارڪيٽ ۽ يوني پلازه ۾ ڌوڙ پيا پائين. پر اڄ کان چاليهه سال اڳ، اهي شيون ممباسا، عدن، ڪولمبو ۽ پوءِ پينانگ، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن بندرگاهن مان خريد ڪبيون هيون. ستر ۽ اسيءَ وارو سڄو ڏهو اسان جو جهاز هانگ ڪانگ پاسي لڳندو هو ته فيريءَ ذريعي ڪولون ويندا هئاسين ۽ جي ڪولون پاسي لنگر ڪيرائيندا هئاسين ته پوءِ هانگ ڪانگ فيريءَ ذريعي ويندا هئاسين. هر دفعي ٻُڌندا هئاسين ته هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي وچ ۾، پينانگ ۽ بٽرورٿ جي وچ ۾، پُل ٺهڻ واري آهي... ۽ آخر ٻنهي هنڌن تي ٺهي وئي. اهڙيءَ طرح سئيڊن يا ڊئنمارڪ پاسي جهاز وٺي اچبو هو يا ٻه سال جيڪي مالمو ۾ پوسٽ گريجوئيشن دوران گذارياسين، ان ۾ اهو ئي ٻڌندا رهياسين ته اجهو ٿي مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ پُل ٺهي ۽ پوءِ فيريءَ ذريعي سمنڊ ٽپي ڪلاڪ بعد ڪوپن هيگن پهچڻ بدران ڪار يا بس ۾ ڏهن منٽن ۾ پهچي وڃبو ۽بندرگاهه پهچي فيريءَ ۾ چڙهڻ بدران پنهنجي يونيورسٽيءَ جي هاسٽل جي در وٽان ئي بس ۾ چڙهبو ته اچي ڪوپن هيگن شهر جي وچ ۾ پهچبو. هانگ ڪانگ ۽ پينانگ پاسي ته پُليون ٺهي ويون پر نه ٺهي ته هيءَ مالمو ۽ ڪوپن هيگن واري پُل نه ٺهي. رڳو ڳالهيون ٻڌندا رهياسين. پر سچ اهو آهي ته اسان جي دل به نٿي مڃيو ته ڪا هيءَ پُل  ٺهي سگهندي، ڇو جو مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ ڪو ميل ڏيڍ فاصلو ناهي. ٻي ڳالهه ته مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ جيڪو ڳچي سمنڊ (Strait)”اور سنڊ“ نالي آهي، اهو ڪياماڙي ۽ منهوڙي جي وچ ۾ وهندڙ سمنڊ وانگر ڪو ماٺو سمنڊ  ناهي! اسان جهاز هلائڻ وارا هميشه اهو سوچيندا هئاسين ته مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾ ”اور سنڊ ڳچي سمنڊ“ مٿان جي پُل ٺهندي ته اسان جا هي آفت جيڏا بحري جهاز جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي جڏهن ’نارٿ سي‘ سمنڊ ۾ پهچن ٿا ته پوءِ اتان بالٽڪ سمنڊ ۾ گهڙڻ لاءِ هن Oresund Strait مان ئي لنگهڻو پوي ٿو. هيٺانهين پل هيٺان ته جهازن جو لنگهڻ ناممڪن ڳالهه آهي ۽ ههڙين ڇتين ڇولين واري سمنڊ ۽ ٻارهوئي سخت سرديءَ ۾ سمنڊ اندر ڪيئن پيلپايا Pillars هڻي، مٿان پُل اڏيندا. جي واقعي ايڏي وڏي پُل ٺهي وئي ته سِول انجنيئرنگ جو هڪ وڏو ڪارنامو سمجهيو ويندو... حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اها پل ٺهي پئي! هن پل بابت هتي ڪجهه دلچسپ ۽ معلومات ڳالهيون لکان ٿو:
هن پُل جو نالو اوريسنڊ ڳچي سمنڊ Oresund Starits تان ’اوريسنڊ برج‘ نالو رکيو ويو آهي. سئيڊش زبان جي هن لفظ Oresund جي معنيٰ آهي آواز. هيءُ لفظ انگريزي لفظ ، The Sound مان نڪتو آهي.
دراصل مالمو ۽ ڪوپن هيگن کي ڳنڍڻ لاءِ رڳو پُل نه پر سرنگهه (Tunnel) به آهي. ان ڪري ڪيترا هن کي اوريسنڊ لنڪ يا ڪنيڪشن به سڏين ٿا، جنهن ۾ پل ۽ ٽنل ٻئي اچي وڃن ٿا.
هن پل جا ٻه طبقا آهن. مٿئين تان لارين موٽرن جون چار قطارون هلن ٿيون ۽ هيٺئين تان ريل گاڏيءَ لاءِ به ٽرئڪ آهن. پل ٽپڻ لاءِ يعني سئيڊن جي شهر مالمو ۽ ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ڏي اچڻ وڃڻ لاءِ مقامي توڙي ڌارين جي پاسپورٽ ۽ ڪسٽمس جي چڪاس نٿي ٿئي، جيڪا ملائيشيا کان سنگاپور ڪاز وي (پل) ٽپڻ تي ٿئي ٿي. منهنجي خيال ۾ مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ ۾، شايد ان ڪري ناهي جو ٻئي ملڪ سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ خوشحالي توڙي قانون قاعدي ۾ ساڳيو درجو رکن ٿا. ڪو ڌاريو جنهن کي هاڻ سئيڊن جو پاسپورٽ آهي، ان لاءِ ڊئنمارڪ به ساڳي حيثيت رکي ٿو. بيروزگاريءَ جو جهڙو هن کي سئيڊن ۾ الائونس ملي ٿو، اهڙو  ڊئنمارڪ ۾ ئي ملندو، پوءِ هو ڇو هڪ ملڪ ۾ ٺهيل ڪک ڊاهي ٻئي ۾ اچي رهي.
هيءَ پل 1995ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 14 آگسٽ 1999ع ۾ مڪمل ٿي. ڊئنمارڪ واري پاسي کان اتان جو شهزادو  فريڊرڪ ۽ سئيڊن واري پاسي کان اتي جي شهزادي وڪٽوريا پل جي وچ تي اچي هٿ ملايو ۽ پل ٺهڻ جو جشن ملهايو ويو. ان بعد راڻي مارگيٽ 2 ۽ بادشاهه ڪارل 16 گستاف صدارت ڪئي ۽ رستي کُلڻ جو اعلان ڪيو. هيءَ پل مقرر ڪيل مدي کان 3 مهينا اڳ ٺهي راس ٿي. ان قسم جا ڪمال يعني ڪنهن وڏي پروجيڪٽ جو مقرر وقت ۾ يا ان کان به اڳ مڪمل ٿيڻ مون فقط هڪ ايشيائي ملڪ ملائيشيا ۾ ڏٺا آهن.
پهريان ٻه ٽي سال هن پُل جو استعمال تمام گهٽ رهيو. هڪ ته ٽال ٽئڪس به چڱو خاصو ورتو وڃي ٿو. فقط هڪ طرف جو موٽر سائيڪل واري کي 190 سئيڊش ڪرونا ڏيڻا پون ٿا، يعني پنهنجا پاڪستاني 1900 رپيا ٿيا، ڇو جو هڪ سئيڊن جي ڪروني ۾ اڄ ڪلهه ڏهه رپيا آهن. اهڙيءَ طرح ڪار واري کي هن پل تان لنگهڻ جو 3500 رپيا ٽال ڏيڻو پوي ٿو ۽ بس واري کي 14000 رپيا، جيڪي پوءِ هو مسافرن کان ڀاڙي سان گڏ وٺي ٿو ۽ ٽرين جي لنگهڻ جو ته ڪو لک کن رپيا هوندو جو ٽرين ۾ ڪوپن هيگن کان مالمو ويندي، مون کي ٽرين جي ٽڪيٽ سان گڏ 100 ڪرونا يعني هڪ هزار رپيا پُل تان لنگهڻ جا ڏيڻا پيا. بهرحال پُل وارن جي وڏي ڪمائي آهي ۽ هنن جو خرچ به ان حساب سان ٿيو آهي. ايترو ڳرو ٽال هوندي به فيري ۽ هوور ڪرافٽ کان سستو ٿو پوي. هوور ڪرافٽ جو ڀاڙو ته تمام ڳرو ٿئي ٿو. جن ڏينهن ۾ آئون مالمو (سئيڊن) ۾ پڙهندو هوس ته في پئسينجر جو ڀاڙو 550 ڪرونا هو ۽ اسان هوور ڪرافٽ ۾ فقط تڏهن سفر ڪندا هئاسين، جڏهن ڪنهن سيمينار يا فيلڊ - ورڪ لاءِ ويندا هئاسين ۽ ڀاڙي جا پئسا يونيورسٽي ڏيندي هئي. نه ته پنهنجي خرچ تي سئيڊن يا ڊئنمارڪ جي ڪنهن شپنگ ڪمپني جي فيريءَ ۾ ويندا هئاسين. اڃا به ان ڪوشش ۾ هوندا هئاسين ته ڪا پولنڊ جي ڪمپنيءَ جي فيري ملي وڃي، جنهن جي ٽڪيٽ تمام گهٽ ٿئي ٿي. جيئن واشنگٽن کان نيويارڪ ويندڙ گري هائونڊ جي بسين جي ٽڪيٽ ڳري ٿئي ۽ ساڳئي روٽ تي هلندڙ چيني بسين جي ٽڪيٽ گهٽ هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻه سال اڳ، مون ٻه دفعا انهن چيني بسين ۾ سفر ڪيو، ٻئي دفعا رستي تي خراب ٿي پيون. اهڙيءَ طرح هتي هلندڙ پولنڊ جي فيرين جو حال آهي. انجڻ دونهون پئي ڇڏيندي، رف سمنڊ ۾ ڊيڪ چيچاٽ پيو ڪندو. خبر ناهي بين الاقوامي قاعدي مطابق، هنن فيرين تي هر مسافر لاءِ لائيف جئڪيٽ به ٿئي ٿي يا نه! بهرحال اوريسنڊ ڳچي سمنڊ اُڪري، الله جا شڪر بجا آڻيندا هئاسين ته ٻه چار سؤ رپيا ۽ زندگي بچي وئي.

No comments:

Post a Comment