Thursday, November 10, 2011

خالص الله واسطي - الطاف شيخ


خالص الله واسطي
الطاف شيخ
مالمو ۾ جڏهن مسجد ٺهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترا ئي مڪاني يورپي گورا مسلمان ٿيڻ لڳا ته هتي جي حڪومت گوٿن برگ (سئيڊن جو ٻيو نمبر وڏو شهر) واري مسجد ٺهڻ جي اجازت يڪدم ڪئنسل ڪري ڇڏي. هيءَ 1992ع جي ڳالهه آهي جڏهن آئون مالمو جي WMU يونيورسٽيءَ ۾ هوس. پر  هاڻ اٽڪل 18 سالن بعد، نه فقط اها مسجد ٺهي وئي جنهن جي رٿا هئي پر اڄ ٽي چار مسجدون ٻيون به هن شهر ۾ ٺهي ويون آهن. انهن مان هڪ ترڪن جي مسجد سڏجي ٿي، هڪ عربن جي، وغيره. ترڪن جي مسجد جو مطلب اهو ناهي ته اها ترڪيءَ جي ماڻهن يا حڪومت ٺهرائي پر هن ۾ ترڪي زبان ۾ خطبو ٿئي ٿو. مشرقي يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن، بلقاني ملڪن ۽ روس جي اولهه وارن رياستن جا مسلمان، ترڪي سمجهن ٿا جو انهن ملڪن مٿان ڪيترا ئي سال سلطنت عثمانيه جي حڪومت رهي آهي. جيئن اسان وٽ انگريزن جي حڪومت هجڻ ڪري، اڄ به اسان وٽ انگريزي سمجهي وڃي ٿي.

سئيڊن جي گاديءَ واري شهر اسٽاڪهوم جي ٻهراڙيءَ واري علائقي فِٽيا (Fittia) ۾ ٽرڪش آرڪيٽيڪچر جي هڪ خوبصورت مسجد ٺاهي وئي آهي. هيءُ علائقو، جيڪو سمجهو ته ڪراچيءَ جي شيرين جناح ڪالوني يا شانتي نگر جهڙو، ڪنڊ پاسي وارو علائقو ٿيو، مسلمانن جي گهڻائيءَ کان مشهور آهي.
اڄ يورپ جي هنن ڏورانهن، ٿڌن ۽ ڊگهين راتين وارن اسڪينڊينيوين ملڪن ڏي نظر ٿو وجهان ته هيتريون مسجدون ڏسي تعجب ٿئي ٿو ۽ پاڻ جهڙا ايشيائي، آفريڪي ۽ هتي جا گورا يورپي، ڄاري واري ٽوپي مٿي تي رکي انهن مسجدن ڏي ويندي ڏسي حيرت وٺي ٿي. اڄ کان چاليهه سال اڳ جو زمانو ياد ٿو اچي ته جڏهن اسان جو جهاز ٽرنڍهام، نامساس، اميئا، نورڪوپنگ، آرهوس ۽ سنڊسوال جهڙن بندرگاهن ۾ پهچندو هو ته اتي جا نارويجن، سئيڊش ۽ ڊئنش ماڻهو اسان کي حيرت مان ڏسندا هئا. هنن مان ڪيترن پاڪستان جو نالو پهريون دفعو ٻڌو هو ۽ اسلام بابت ته هنن کي ڏور جي به خبر نه هئي. هنن کي حيرت لڳندي هئي ته اسان جتي ڪٿي وڪامندڙ خنزير جا هاٽ ڊاگ (ڪباب) يا هئم برگر ته نٿا کائون پر بيف برگر به نٿا کائون. اسان جي جهاز لاءِ ڇهن مهينن جو گوشت خاص ’حلال‘ سرٽيفڪيٽ سان گڏ ڪوپن هيگن يا راٽرڊم مان ايندو هو. جتي مڙيئي ڪجهه مسلمان رهيا ٿي. هو اسلام بابت اسان کان پڇندا هئا ۽ ڪي هِتان هُتان جون ٻڌل ڳالهيون اسان کان ڪنفرم ڪندا هئا ته ڇا اسان کي به چار چار زالون آهن ۽ ڪي ته وري اهڙي قسم جا عالماڻا سوال هوندا هئا، جن جا جواب ۽ سمجهاڻيون ڄاڻ رکندڙ عالم ئي ڏئي سگهي ٿو. اسان مهاڻا، ماڇي ۽ ساٽي قسم جا ماڻهو ٿياسين، جن جي دين بابت ڄاڻ وڌ ۾ وڌ ايتري هئي جيتري هڪ مسجد جي امام کي پاڻيءَ جي جهاز جي ٿي سگهي ٿي. سچ ته اهو هو ته اسان پاڻ ڪيترن ديني مسئلن تي منجهيل هئاسين، جن جا جواب اسان ڪنهن عالم کان معلوم ڪرڻ ٿي چاهيا. خاص ڪري ان کان، جيڪو اسان جي سامونڊي دنيا ۽ ولايتي ماحول جي مسئلن کان واقف هجي.
اڄ جڏهن چاليهن سالن بعد ناروي، ڊئنمارڪ، فنلئنڊ ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن جي ڪيترن ئي شهرن ۾ جڏهن مسجدون ڏسان ٿو ۽ انهن ۾ ڀانت ڀانت جا نمازي، امام، عالم ۽ داعي ڏسان ٿو ته حيرت لڳي ٿي. عرب، ايراني، سائوٿ آفريڪن، گجراتي، پاڪستاني، ترڪ مولوي ۽ عالم جنهن نموني سان ۽ سٺي طريقي سان واعظ ڪن ٿا ۽ اسان جي منجهيل مسئلن جا حل ٻڌائين ٿا ان تي حيرت ۽ خوشي ٿئي ٿي. نه فقط اهي ڌاريان پر هاڻ مقامي ماڻهو  به مسجد جا امام ۽ عالم ٿي پيا آهن، جن بابت آئون هنن ملڪن جي سفرنامي: ”يورپ جا ڏينهن“ ۽ ”مڪليءَ کان مالمو“ ۾ اهو لکي چڪو آهيان ته؛ هاڻ هتي جا گورا مسلمان اسان کي هدايت جي راهه ڏسين ٿا. جيئن هڪ هنڌ لکيو اٿم ته اسان کي هتي جي هڪ ڪمپنيءَ جا نوان ايجاد ڪيل لائيف رئفٽ (جيڪي سمنڊ ۾ ٻڏڻ وقت استعمال ڪجن ٿا) سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي وچ واري سمنڊ ۾ چيڪ ڪرڻا هئا. اسان جي گروپ ۾ 8 کن مسلم ملڪن جا جهاز ران آفيسر هئا ۽ هڪ يورپي فرانس جو هو. سمنڊ ۾ ان ڏينهن ڏاڍي اٿل پٿل هئي ۽ هوائون به تيز لڳي رهيون هيون. اسان جي انسٽرڪٽر سڀني گروپن کي ڪلاڪ کن وڌيڪ سمجهڻ جي لاءِ چيو. جيئن سمنڊ تي سيءَ ۽ اونداهه ۾ پريشاني نه ٿئي. اسان جي گروپ جو هڪ جهازي، يمن جو مبارڪ، موقعو سٺو ڏسي ٻه ٽي بيئر جا دٻا وٺي پيئڻ لڳو. اسان به وڌيڪ پرئڪٽس جي موڊ ۾ نه هئاسين. اهو حال ڏسي اسان جي گروپ ۾ موجود فرينچ جهازيءَ اسان کي پرئڪٽس ڪرڻ جي صلاح ڏني، جيئن جهاز تان ان لائيف رئفٽ کي صحيح طرح لاهي سگهون ۽ منجهس هوا ڀري تري سگهون. مبارڪ بيئر جي چسڪي ڀريندي وڏي رعب سان چيس ته؛ ’اسان مسلمان آهيون. اسان موت کان نٿا ڊڄون. جي مرڻو هوندو ته مري وينداسين...‘ وغيره وغيره. يعني هن جو مطلب هو ته اسان مسلمانن کي الله پاڻهي بچائيندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته بيئر جو دٻو هٿ ۾ هئس ۽ توهان يورپ جا ماڻهو ڊڄڻا آهيو... وغيره. پر نڄاڻ اهو فرانس جو همراهه پاڻ به ڪو مسلمان هو ۽ هو اسان وانگر مسلمان گهر ۾ پيدا ٿيڻ سان مسلمان نه ٿيو هو پر علم حاصل ڪري مسلمان ٿيو هو. تنهن مبارڪ کي ماٺ ڪرائيندي چيو ته’هاڻ وڦلڻ بند ڪر. پنهنجي سستي ۽ ڪاهليءَ جو ڏوهه اسلام تي نه ڏي. اسلام پنهنجي جان جي حفاظت لاءِ چيو آهي ۽ پنهنجي بچاءَ جي ڪوشش لاءِ چيو آهي ۽ ساڳئي وقت پنهنجي رب تي به ڀروسو ڪرڻ ضروري آهي ۽ پوءِ حديث ٻڌائي ته حضور جن جو چوڻ آهي ته پنهنجي اٺ جو گوڏو چڱيءَ طرح ٻڌ ۽ پوءِ کيس الله حوالي ڪر. اسين سڀ چپ ٿي وياسين. مبارڪ بيئر جو دٻو کڻي ڪرسيءَ هيٺان لڪايو. سو هي اڄ جا نؤ مسلم يورپي يا آمريڪي وڏي معلومات رکن ٿا ۽ هو ڪنهن پير يا وڏيري جي ڊپ کان مسلمان نه ٿيا آهن، جيئن اسان وٽ غريب مسڪين ڪولهين ۽ باگڙين کي مسلمان ڪيو وڃي ٿو.
آمريڪا جي نيويارڪ ايسٽ واري مسجد ۾ ڪجهه نؤ مسلم آمريڪن سان اسلامي تاريخ جي شروعاتي جنگي فتحن بابت ڳالهائي رهيا هئاسين ته انهن جنگين ۾ مسلمانن وٽ ايترا نه گهوڙا ۽ اٺ هئا، نه هٿيار! سندن تعداد به تمام گهٽ هو پر پوءِ به اهو سندن پختو ايمان هو، هنن اهي جنگيون رب پاڪ طرفان مقرر ڪيل دين خاطر ٿي وڙهيون، هنن لاءِ موت به شهادت هو... قدرت به هنن جي مدد ڪئي ۽ سندن دشمن مٿان سوڀ ٿي. يعني هنن جي هر ڳالهه ۽ هر ڪم الله خاطر هو.
هن ڀيري هڪ اهڙي يورپي گوري نو مسلم واهه جي سبق آموز حڪايت بيان ڪئي، جيڪا پڙهندڙن سان Share ڪرڻ چاهيان ٿو.
بني اسرائيل ۾ هڪ عابد هو جيڪو هر وقت عبادت ۾ مشغول رهيو ٿي. هڪ جماعت وٽس آئي ۽ اچي کيس ٻڌايو ته هتي هڪ قوم آهي، جيڪا هڪ وڻ کي پوڄي ٿي. اهو ٻڌي هن کي ڪاوڙ آئي ۽ ڪهاڙو ڪنڌ تي رکي، ان کي وڍڻ لاءِ روانو ٿيو. رستي تي شيطان هڪ پير مرد جي شڪل ۾ هن جي آڏو آيو ۽ چيائين؛ ته تنهنجو ان وڻ سان ڪهڙو واسطو، تون پنهنجي عبادت ۾ مشغول رهه. تون پنهنجي عبادت کي هڪ بيڪار ڪم لاءِ ڇڏيو پيو وڃين. عابد چيو ته هيءَ به ته هڪ عبادت آهي.
شيطان چيو ته آئون توکي اهو وڻ وڍڻ هرگز نه ڏيندس. ٻنهي جي وچ ۾ مقابلو ٿيو. عابد هن کي دسي هن جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويٺو. شيطان پنهنجو پاڻ کي عاجز ڏسي خوشامد ڪئي ۽ چيو ”چڱو منهنجي ڳالهه ٻڌ!“
شيطان چيس ته الله توتي اهو ڪم فرض ته نه ڪيو آهي. تنهنجو هن وڻ مان ڪهڙو نقصان آهي. تون ته هن جي عبادت نٿو ڪرين. الله جا ڪيترا ئي نبي آهن جيڪڏهن الله چاهي ها ته ڪنهن نبيءَ ذريعي اهو وڻ وڍرائي ڇڏي ها. عابد چيو آئون اهو وڻ ضرور وڍيندس. هڪ دفعو وري مقابلو ٿيو ۽ عابد وري هن جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويهي رهيو. شيطان چيو: ”چڱو ٻڌ، هڪ فيصلي واري ڳالهه تنهنجي ئي فائدي جي ٿو ڪريان.“
عابد چيس ته جلدي ڪر.
شيطان چيس ته تون غريب آهين ۽ هن ڌرتيءَ تي بار ٿيو پيو هلين. تون ان ڪم کان باز اچ ته آئون توکي روزانو ٽي اشرفيون ڏيندس، جيڪي روزانو تنهنجي وهاڻي وٽ رکيل ملندئي. تنهنجيون ته ضرورتون پوريون ٿي وينديون پر پنهنجن مائٽن تي به ٿورا ڪري سگهندين. فقيرن جي مدد ڪري سگهندين ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ثواب جا ڪم ڪري سگهندين. وڻ وڍڻ ۾ تون فقط هڪ ئي ثواب ڪري سگهندين ۽ اهوبه بيڪار قسم جو، ڇو جو وڻ وڍڻ بعد ماڻهو وري ٻيو پوکي وٺندا.
عابد جي سمجهه ۾ اچي ويو ۽ اهو فيصلو قبول ڪيائين. ٻه ڏينهن ته هن کي وهاڻي هيٺان اشرفيون مليون، ٽئين ڏينهن ندارد. عابد کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ ڪهاڙو کڻي هڪ دفعو وري اٿي کڙو ٿيو.  رستي تي وري اهو شيطان، پوڙهي ماڻهوءَ جي روپ ۾ مليو، جنهن پڇيس ته ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ عابد ٻڌايس ته؛ ”وڻ کي وڍڻ لاءِ پيو وڃان!“ ٻنهي ۾ وري جهيڙو ٿي پيو. هن ڀيري پوڙهو هن کان زور ٿي ويو ۽ عابد جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويٺو. عابد کي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ هُن پوڙهي (يعني شيطان) کان پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي، هن ڀيري تون مون کان زور ٿي ويو آهين. پوڙهي چيس ته پهرئين دفعي تنهنجي ڪاوڙ خالص الله جي واسطي هئي، ان ڪري الله جل شانھ مون کي مغلوب ڪري ڇڏيو هو. هن دفعي دنيا ۽ مال (اشرفين) جو دخل آهي، ان ڪري تون مغلوم ٿئين.
حق اهو آهي ته جيڪو ڪم خالص الله جي واسطي ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ وڏي قوت ٿئي ٿي.

No comments:

Post a Comment