Wednesday, November 02, 2011

ممبئي يونيورسٽي جو ماحول..- الطاف شيخ


ممبئي يونيورسٽي جو ماحول...
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي جي جنهن گيسٽ هائوس (WRIC) ۾ منهنجي رهائش هئي، اهو ممبئي يونيورسٽي (ڪالينا ڪئمپس) جي بلڪل منهن وٽ آهي. يونيورسٽي جي گيٽ وٽ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ مان نڪرڻ سان جيڪي پهريون عمارتون اچن ٿيون، انهن مان هي گيسٽ هائوس به هڪ آهي. ان بعد يونيورسٽي جي ڪئنٽين، آرٽس ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا ڊپارٽمينٽ ۽ جواهر لعل نهرو لائبريري وغيره شروع ٿين ٿا. ائين ته ڪراچي يونيورسٽي توڙي سنڌ يونيورسٽي اهم روڊن تي آهن، پر ممبئي شهر ايترو ته وڌي ويو آهي ۽ ايترو ته ڳتيل آهي، جو ممبئي يونيورسٽي جي گيٽ جي ٻاهران ساڄي توڙي کاٻي ۽ روڊ جي ٻئي پاسي ميل سوا تائين دڪان، هوٽلون ۽ گهر آهن ۽ ممبئي يونيورسٽي جيڪا اندر پکيڙ ۾ کڻي اسان جي مٿين يونيورسٽي وانگر کليل کليل آهي، پر گيٽ وٽ ائين لڳي ٿو، ڄڻ ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ جي در وٽ ماڻهو بيٺو آهي يا سنڌ يونيورسٽي جي پراڻي گاڏي کاتي واري ڪئمپس وٽ جتي چوڌاري دڪان، بسون ۽ ٽئڪسيون آهن. يونيورسٽي ۾ ڪيترائي ڪورسز شام جو پڻ ٿين ٿا، سو رات جو دير تائين يونيورسٽي جي ٻاهر توڙي اندر رونق لڳي رهي ٿي. پهرين ڏينهن مون کي به عجيب لڳو ۽ پوءِ سوچڻ لڳس ته ڇو اسان جون سنڌ، شاهه لطيف توڙي ڪراچي يونيورسٽيون هن ممبئي يونيورسٽي جي مقابلي ۾ سنسان آهن. ان جو هڪڙو سبب اهو ئي مٿيون آهي ته هتي شام جو به ذري گهٽ اوترائي ڪورس ٿين ٿا جيترا صبح جو. ٻيو ته ممبئي يونيورسٽي جي چوڌاري شهر هجڻ ڪري اچڻ وڃڻ لاءِ هر وقت هر قسم جي سواري موجود آهي. يونيورسٽي جي مين گيٽ جي ٻنهي پاسن کان ۽ سامهون بسين جا اسٽاپ آهن جيڪي شهر جي مختلف هنڌن تي وڃن ٿيون. ڀر ۾ ڪرلا ۽ سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشنون آهن. ان کان علاوه رڪشائون ۽ ٽئڪسيون به جام نظر اچن ٿيون. چوڌاري رهائشي علائقا هجڻ ڪري ڪيترائي شاگرد ويندي شاگردياڻيون پنهنجي سائيڪل يا موٽرسائيڪل تي اچن وڃن ٿيون. يونيورسٽي اندر ٻه کن وڏين ڪئنٽينن کان علاوه يونيورسٽي جي گيٽ وٽ ڪيتريون ئي ريسٽورنٽون آهن. ان کان علاوه ڇولا، دال روٽي، دال ڀت، آلو پراٺا، ڪواب، بن ڪواب ۽ ان قسم جون گرما گرم شيون ٺاهي وڪڻڻ وارا خومچي وارا جام نظر اچن ٿا.

ٻي ڳالهه جيڪا مون نوٽ ڪئي ته هتي جي شاگردن کي پڙهڻ جو به شوق گهڻو آهي. لائبريري ۾ جڏهن به آئون گهڙيس ٿي ته ڀريل نظر آئي ٿي. رستي تي رکيل بينچن تي، وڻن هيٺان ۽ يونيورسٽي جي اندر ٺهيل ٻن ٽن بس اسٽاپن تي شاگردن کي پڙهندي ۽ هڪ ٻئي سان ڊسڪس ڪندي ڏٺم. ان کان علاوه وقت جي پابندي تي به عمل ڪيو وڃي ٿو. صبح ساڻ شاگرد توڙي پروفيسر يونيورسٽي ۾ پهچيو وڃن. منهنجي خيال ۾ ليڪچرار ته ٺهيو اڌ کن پروفيسر به وڏي عمر ۽ وڏي عهدي جي باوجود بسين ۾ اچن ٿا ۽ يونيورسٽي جي گيٽ وٽ لهي پيرين پنڌ اچن ٿا. هو شاگردن سان گڏ يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾ سادي ماني کائين ٿا. سادي ان ڪري چوان ٿو، جو هتي گوشت ۽ مڇيءَ جو واهپو ته نه برابر آهي، جيڪي شيون مهانگيون ٿين ٿيون، جيڪي پاڻ سان لنچ باڪس آڻين ٿا انهن ۾ به سادي ماني ٿئي ٿي. اسان وٽ وڏا ته وڏا ننڍن کي به کائڻ پيئڻ جو شوقين بنايو وڃي ٿو. اسان وٽ هڪ مرغي گوشت جي ڪمپني آهي، جيڪا چڪن جا ڪواب، نگيٽ (ٻوٽيون) ۽ ڪروڪيٽ (قيمي ۽ پنير جون ٽڪيون) ٺاهي وڪڻي ٿي. ٽي وي ۽ ريڊيو تي ان ڪمپنيءَ جو اڄ ڪلهه ڪمرشل اشتهار اچي رهيو آهي. هڪ ماءُ ٻيءَ کي چئي رهي آهي ته هن جا ٻار اسڪول ۾ روزانو بسڪيٽ ۽ چپس کڻي وڃي کائڻ کان بيزار ٿي پيا آهن، ته ٻي ماءُ هن کي مٿين ڪمپني جي شين بابت ٻڌائي ٿي ته هوءَ ته پنهنجن ٻارن کي ان ڪمپنيءَ جا ڪواب، نگيٽ ۽ ڪروڪيٽ ٺاهي ڏئي ٿي.
هاڻ مون کي ٻڌايو ته هڪ طرف ملڪ ۾ ايڏي مهانگائي آهي، جو ڪيترن جا ٻار بکئي پيٽ تي اسڪول ۾ پڙهي موٽن ٿا، ته هنن لاءِ ڪڻڪ جو رکو سکو ڍوڍو به نه آهي ۽ ڪٿي هي نخرا. هاڻ ان قسم جا اشتهار ڏسي ملڪ جي اڪثريت، جيڪا غريب آهي، ان جي ٻارن تي ڪيڏو غلط نفسياتي اثر پوندو. هو ڪيترو ته احساس ڪمتريءَ جو شڪار بڻبا ۽ ٻي طرف اهي ٻار جيڪي هيڏي مانَ شانَ سان پئمپر ڪري اسڪول موڪليا وڃن ٿا، اهي ڪيئن پرديس ۾ گهٽ پگهار تي نوڪريون ڪري سگهندا.
اسان جي يونيورسٽين ۾ غريبن جا ٻار به اوچا ويس وڳا پائي، اوچا موبائيل فون کڻي هر وقت پنهنجي وڏ ماڻهپي جو ڪوڙو ڏيک ڏيندي فخر محسوس ڪن ٿا. ممبئي يونيورسٽي ۾ امير ماڻهن جا ٻار به ضرور هوندا، پر گهڻائي غريبن جي ٻارن جي آهي، جيڪا غربت هنن جي شڪلين ۽ ڪپڙن گندين مان به صاف ظاهر ٿئي ٿي. منهنجي هڪ ليڪچر ۾ جيڪو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اسان ايشيائي ماڻهن جي رهائش ۽ نوڪريون حاصل ڪرڻ جي مسئلي تي هو، ممبئي يونيورسٽي جي مختلف ڊپارٽمينٽن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ويٺل هيون. انهن ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ کان علاوه گجراتي، اردو، مرهٺي ۽ انگلش ڊپارٽمينٽن جا به هئا. ليڪچر کان پوءِ ڊاڪٽر ٻلديو سان گڏ ٻاهر نڪري لنچ لاءِ يونيورسٽي جي ڪئنٽين ڏي وڃي رهيو هوس ته لائبريري جي ٻاهران ٿلهن تي ڪيترائي شاگرد گهران آندل ماني کائي رهيا هئا. انهن ۾ هڪ ڪنڊ ۾ ٽي اهڙيون به ڇوڪريون هيون، جن مان هڪ مون کان لڳاتار سوال پڇي رهي هئي. ڀرسان لنگهڻ تي هنن کيڪاري اسان کي ماني کائڻ لاءِ چيو. ٻه کائي چڪيون هيون، هڪ جي هٿ ۾ پلاسٽڪ جي دٻي هئي. اسان ٿئنڪ يو ڪري اڳيان وڌياسين، پر ٻه وکون کڻي مون ڊاڪٽر ٻلديو کي موٽڻ لاءِ چيو ۽ آئون ماني کائڻ واريءَ جي ڀر ۾ ويهي رهيس.هن جهولي ۾ رکيل ڏيڍ مانيءَ مان سڄي ماني ۽ پلاسٽڪ جي دٻي مون ڏي وڌائي، جنهن ۾ ساڳ جي ڀاڄيءَ ذرو هو. مون هڪ گرهه کاڌو ۽ ڊاڪٽر ٻلديو کي فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا ڏني.
”هڪ ٻيو به فوٽو ڪڍ پر Zoom ڪري جيئن هيءَ ساڳ جي ڀاڄي چٽي طرح نظر اچي.“ مون ڀاڄيءَ جي دٻيءَ کي ٿورو ڪنڊائتو جهليندي ڊاڪٽر ٻلديو کي چيو.
هنن ڇوڪرين ٻڌايو ته هو ٽيئي پالگهر شهر جون رهاڪو آهن، جتان هنن کي يونيورسٽي پهچڻ ۾ روزانو ٻه ڪلاڪ لڳن ٿا. ڪلاڪ سوا ٽرين وٺي ٿي، اهڙو اڌ ڪلاڪ سندن گهرن کان پالگهر جي ريلوي اسٽيشن تائين ۽ اڌ ڪلاڪ کن ڪرنا ريلوي اسٽيشن کان ممبئي يونيورسٽيءَ تائين.
”معنيٰ توهان جو سڄو ڏينهن يونيورسٽي حوالي ٿيو وڃي.“ مون چيومان.
”صحيح ٿا چئو. پر زندگيءَ جا اهي ئي ته چار سال کن آهن جيڪي محنت نه ڪرڻ سان مقصد حاصل ٿي نه سگهندو.“
دل ۾ مون سوچيو ته اهڙا اسٽوڊنٽس جڏهن سختيءَ ۾ رهي تعليم حاصل ڪن ٿا، ته پوءِ هنن کي ڪهڙي به گهٽ پگهار واري نوڪري ملي ٿي، ته هو خوش ٿي دل لڳائي ڊيوٽي ادا ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان جا ڪيترائي جهازن جا مالڪ، ڪارخانن جا مالڪ يا بين الاقوامي ادارن جا سرپرست جن جو ڪاروبار ولايت ۾ ڄميل آهي، انڊين مزدور، پورهيت ۽ گرئجوئيٽ کي ترجيح ڏين ٿا.
کانئن موڪلائي اڳتي وڌياسين ته ٻلديو مٽلاڻيءَ چيو:
”دادا! آهي ته خير؟“
”ڇو؟“ مون پڇيومانس.
”ماڻهن کان وڌيڪ انهن جي ٻوڙ مانين جا فوٽو ڪڍرائي رهيا آهيو!“
مون کان ٽهڪ نڪري ويو. دل ۾ مون سوچيو ته ٻلديو جو واقعي ڏوهه ناهي. هڪ ڏينهن اڳ به يونيورسٽيءَ ڪئنٽين ۾ M.Sc جا ٽي گجراتي شاگرد ماني کائي رهيا هئا، ته آئون به انهن سان وڃي ويٺس ۽ هنن سان گڏ تصويرون ڪڍائڻ مهل ٻلديو کي اهو ئي چيم ته ڪلوزاپ ڪر، جيئن هنن شاگردن اڳيان رکيل ڦنگي دال جنهن سان هو پاڻيءَ پسيا چانور کائي رهيا هئا، فوٽو ڏسندڙ کي چٽيءَ طرح نظر اچي.
ٻلديو کي چيم، ته اڄ ڪلهه آئون سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ شاگردن کي ليڪچر ڏيڻ ويندو آهيان ته محنت ڪري پڙهو، وقت ضايع نه ڪريو، سادگيءَ سان رهو ۽ پنهنجن مائٽن کي وڏا خرچ نه ڪرايو وغيره، سو انهن لاءِ هن قسم جون تصويرون ڪڍيون اٿم، ته هو پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسن ته ممبئي شهر جيڪو انڊيا ۾ ائين آهي، جيئن اسان وٽ ڪراچي ۽ لاهور، ان جي يونيورسٽي ۾ M.A ۽ M.Sc پڙهندڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪپڙي گندي توڙي کاڌي پيتي ۾ ڪيڏو سادگيءَ ۾ گذارين ٿا.
هتي اهو لکندو هلان ته ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو سربراهه (Head) ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي سٺو فوٽو گرافر به آهي. هن صاحب يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪرڻ کان اڳ ڪجهه سال رامسي فلمز جي فلمي اسٽوڊيو ۾ فوٽو گرافي به ڪئي آهي. پاڻ ممبئي يونيورسٽي جي رونقن کي سنڌ يونيورسٽي يا ڪراچي يونيورسٽي جي ماحول سان پئي ڀيٽيو. ممبئي يونيورسٽي جي فضا خوشگوار ان ڪري به آهي، جو ممبئي يا انڊيا جي ٻين شهرن توڙي ڳوٺن ۾ امن امان (Law & Order) جي حالت پڻ بهتر آهي. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رات جو دير دير تائين پيا ريلن، بسين، سائيڪلن تي ۽ پيرين پنڌ هلن. هر هڪ کي پوليس جو ڊپ آهي. هتي جا شاگرد ملائيشيا ۽ سنگاپور جي شاگردن وانگر وڌيڪ سلجهيل نظر اچن ٿا. ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ گڏ هلن پيا، پر هر هڪ پنهنجي اخلاقي دائري اندر. چرچو ڀوڳ به ڪن ٿا پر هر هڪ جو مرڪز ۽ ڌيان پڙهائي ڏي آهي، جيئن امتحان ۾ سٺي پوزيشن کڻي نوڪري حاصل ڪري سگهجي. عشق ۽ شاديون به پوءِ ئي ڪامياب رهن ٿيون، جڏهن گهر هلائڻ لاءِ خرچ پکي جو بندوبست آهي. سگريٽ يا نشي پتي جي شين کي واپرائڻ کي هتي جو شاگرد سٺي ڳالهه ته نه پر عِلت سمجهي ٿو. هتي جي يونيورسٽين ۾ شاگرد پستول کڻي نٿا هلن ۽ نه هڪ ٻئي کي تڪليف ٿا رسائين. افسوس جي ڳالهه اها ته جن ڏينهن ۾ آئون ممبئي يونيورسٽي پهتس، انهن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ نوابشاهه جي ڪنهن نئين آيل شاگرد سان هاسٽل ۾ رهندڙ سينيئر شاگردن زيادتي ڪئي هئي. جيڪا خبر هتي جي اخبارن ۾ حيرت خاطر ڇپي هئي. مون به ممبئي يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري ۾ انگريزي اخبار ۾ پڙهي. ضرور مراٺي اخبارن ۾ به آئي هوندي. اهو سوچي ته هتي جا اسٽوڊنٽس اسان جي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ ڇا سوچيندا هوندا، مون کي هر وقت شرمندگي ٿي رهي هئي، ته ڀري محفل ۾ يعني ليڪچر دوران ڪو اسٽوڊنٽ ان افسوسناڪ واقعي جي حوالي سان مون کان ڪو سوال نه ڪري. آئون نه سنڌ يونيورسٽي جو ملازم آهيان، نه آئون ان طرفان هتي ممبئي يونيورسٽي آيو هوس، پر منهنجو ان صوبي ۽ ملڪ سان ته تعلق آهي، جنهن ۾ اڄ جي دور ۾ هڪ تعليمي اداري ۾ ان قسم جون وحشي وارداتون ٿين ٿيون ۽ اهي مائٽ جن جا ٻار اهڙن ادارن ۾ پڙهن ٿا، ڪيڏي خوف جي زندگي گذاريندا هوندا.
ممبئي يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۾ مون اها به ڳالهه نوٽ ڪئي، ته هنن ۾ زبان، مذهب يا ڪلچر جي بنياد تي پاڻ ۾ ڪوبه جهيڙو جهٽو ناهي. ڪيترن ڇوڪرن کي ڏاڙهين ۽ آر جي ٽوپين سان يونيورسٽي ۾ ڏٺم. ڪيتريون اهڙيون ڇوڪريون آهن، جيڪي حجاب ٻڌي ٿيون اچن. ڪي ته اهڙيون به نظر آيون جن جو سواءِ اکين جي سڄو جسم ڍڪيل هو ۽ انهن ۾ به ڪجهه اهڙيون هيون جو باوجود سخت پردي جي موٽر سائيڪل هلائي يونيورسٽي آيون ٿي. هنن ٻڌايو ته باوجود سخت پردي جي ڪوبه هنن سان نفرت نٿو ڪري. اها ئي ڳالهه جڏهن مون هتي جي مرهٺي ۽ گجراتي هندو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڪئي، ته هنن به اهو ئي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ هر هڪ کي مذهب جي آزادي آهي ۽ هر هڪ آزاد آهي ته هو پنهنجي مرضي ۽ عقيدي موجب ڊريس پائي.
هڪ ڏينهن ته حيدرآباد دکن جون اردو ڳالهائيندڙ چار ڇوڪريون ڪارن برقعن ۾ يونيورسٽي جي گيٽ واري ريسٽورنٽ ”ساءِ گارڊن هوٽل“ ۾ چانهه پيئندي مليون. هنن ۾ ٻه اردو ادب جون شاگردياڻيون هيون ۽ ٻه جرنلزم جون. انهن سان گڏ ٻه هندو شاگرد به چانهه پي رهيا هئا، جيڪي پڻ جرنلزم جا شاگرد هئا. منهنجي چوڻ تي هنن مون سان گڏ فوٽو ڪڍرايا. اهي تصويرون ۽ مٿي بيان ڪيل ٻين اسٽوڊنٽ جا فوٽو توهان گوگل اميجز، فلڪر ۽ Picasa جي ويب سائيٽ تي ”الطاف شيخ ممبئي يونيورسٽي“ لکي ڏسي سگهو ٿا. ڇو جو هي مضمون اخبار ۾ ڇپبو ته ان ۾ ايڏي گنجائش نه ٿي سگهندي جو فوٽو ڏئي سگهجن.

No comments:

Post a Comment