Friday, November 11, 2011

ڪانگ لنوي مِٺي لات - الطاف شيخ


ڪانگ لنوي مِٺي لات
الطاف شيخ

هي مضمون آئون سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو کان لکي رهيو آهيان، جتي جي يونيورسٽيءَ مان مون پنهنجي سبجيڪٽ مئرين انجنيئرنگ يعني جهاز هلائڻ جي انجنيئرنگ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. مالمو بندرگاهه به آهي، جتي مختلف بحري جهازن ۾، تعليم حاصل ڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ به اچڻ ٿيندو رهي ٿو. هن شهر جي پارڪن ۽ روڊ رستن جي ڪنارن تي جڏهن بدڪن، ٻگهن، هنجرن، ڊگوشن ۽ رتنبن ۽ نيرڳ پکين کي بي ڊپو ٿي، پنهنجي اڳيان چڳندو ڏسان ٿو ته منهنجي دل ۾ رکي رکي اهو ئي احساس ٿئي ٿو ته ڪاش اسان وٽ به هو ائين هلندا چلندا رهن! اسان وٽ ته خبر ناهي ڪيترن قسمن جا پرديسي پکي هزارين سالن کان ايندا رهن ٿا، پر هو اسان وٽ ايڏو ڊڄن ٿا، جو هتي جي ملڪن (سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ، وغيره) وانگر اسان جي شهرن جي رستن ۽ دڪانن اڳيان ته بنهه نٿا هلن، پر منڇر، هاليجي، ڪينجهر، جهڙين ڍنڍن تي به هو ڏڪندا رهن ٿا! سچي ڳالهه ته اها آهي ته اهي ڳالهيون سوچي ڪڏهن ڊپريشن به ٿي پوندو اٿم.

هتي جي ماڻهن، خاص ڪري ٻارن کي، بس اسٽاپن تي ناز سان ٽهلندڙ هنن پکين کي بوهي مڱ يا پٽاٽو چپس ڏئي فوٽو ڪڍرائيندو ڏسي، دل چوندي آهي ته هتي جي مڪاني سئيڊش ماڻهن کي ٻڌايان ته هي پکي ته ڪجهه به نه آهن، اسان وٽ ته ڪونجون، آڙيون، تلور، چيڪلا، ڳيڻا، هنجر، نيرڳ، رونهارا، سارس، هنج، لنج، ڪاز، طور، وڏورا، ٻرڻا، ٿرندا ويندي ڀونئترا، ٻاٽيڀر، ٽيٽيهر، لاکا، ڪرارا ۽ ٻيا ڪهڙن ڪهڙن قسمن ۽ جنسن جا پکي آهن، پر هنن جي گهرن ۾ جيئن مختلف پکين سان گڏ فوٽو آهن، مون وٽ ته هڪ به نه آهي! اسان وٽ ڪا آهي اهڙي جاءِ جتي پکي اچي اسان جي ڀر ۾ ويهن ۽ اسين انهن سان فوٽو ڪڍرائي سگهون؟
اسان وٽ سنڌ ۾ پکين مارڻ جو هي نڀاڳو ڪلچر هاڻ گذريل اڌ صديءَ کان زور ٿي ويو آهي، نه ته اسان ننڍا هئاسين ته ابابيل ۽ چيهن جهڙا پکي به، نه فقط اڏامندي نظر ايندا هئا، پر گهرن جي ورانڊن ۾ ڇت ۾ لڳل ڪاٺ جي ڪامن ۾ ڪجهه دير ويهي ساهه پٽيندا هئا. 1959ع جي ڳالهه آهي، جڏهن آئون نائين ڪلاس ۾ هوس ته مون کي ناني ايئرگن وٺي ڏني هئي. هالا ۾ پوسٽ آفيس وٽ وڻن تي ۽ پٽ تي ڪيترائي ڳيرا ۽ چتون نظر ايندا هئا، جن تي مون نشانو ٿي چٽيو ته هڪ ٻئي پويان ٻن واٽهڙن مون کي ڏاڍا دڙڪا ڏنا ته آئون بي زبان پکين کي ڇو ٿو مارڻ جي ڪريان؟ نتيجي ۾ مون کي انهن ئي پيرين گهر موٽڻو پيو. پر اڄ ڏسان ٿو ته ڪانوَ ۽ ڪٻر جهڙو پکي به انسان جي پاڇي کان پيو ڊڄي ۽ ڪيڏي حيرت جي ڳالهه آهي ته اهي ساڳيا پکي، جيڪي هنن يورپي ملڪن جي پارڪن ۾ اسان سان گڏ بينچن تي اچيو ويهن يا بس اسٽاپ تي اسان جي پيرن وٽ پيا چڳن، اهي ساڳيا پکي اسان جي ملڪ ۾ پهچي، انسان ذات کان خوف پيا کائين ۽ آهستي آهستي سنڌ ۾ اچڻ گهٽائي بارڊر جي ٻئي پار انڊيا جي راجستان ۽ گجرات رياستن ڏي پيا وڃن! مون کي اهو ئي افسوس ٿئي ٿو، ان ئي ڳالهه جو ڏک ٿئي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ پکين جي ايڏي مارا مارا ڇو ٿي ٿئي. سنڌ ته صوفين جو ديس آهي، سنڌ ته مهمان نوازي کان مشهور آهي، سنڌ ته امن جي ڌرتي آهي... يا آئون زمان حال جو ”آهي“ ڪڍي زمان ماضيءَ جو لفظ ”هو“ سمجهان. سنڌ ۾ ڪبوتر ۽ ڳيري کي ته ڇا ڪاري ڪانگ کي به پيار سان ڏٺو وڃي ٿو... چي:
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه مون سان تن ماروئڙن جي
يا اهو به ته ڪانگ آهي جنهن کي عاشقن پنهنجا جان، جگر، جيرا ٿي ڏنا ته:
 وڃي کاءُ ولايت ۾ جت دوست جو ديرو.
ته من هو پڇي هڪ ڀيرو، ته هيءَ قرباني ڪنهن ڏني!
نه فقط سنڌ ۾ پر سڄي ننڍي کنڊ ۾ پکين کي پنهنجو سمجهيو ٿي ويو. پکين سان پيار ڪيو ويو ٿي.
آ ڪاگا چن چن کايو ماس،
اڪ نينا مت کايو
جنهين پيا ملن ڪي آس...
آڳاٽي دؤر ۾ جڏهن ٽپال جو سرشتو موجود نه هو، تڏهن پرين کي پيغام پهچائڻ لاءِ ڪڏهن ڪبوتر تي ڀاڙيو ويو ٿي ته ڪڏهن ”ڪانگل“ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون ٿي. ويچارا عاشق پنهنجي راز ۽ نياز جون ڳالهيون به انهن ڪبوترن ۽ ڪانگن سان ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته پيار جي پيغام رسائڻ جي مهم جوئيءَ دوران ويچارن پکين جي پنهنجي حياتيءَ کي پڻ هاڃو رسندو هو. اردوءَ جو هڪ شاعر اهڙي ئي هڪ منظر جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
خط ڪبوتر  ڪس طرح لي جائي بامِ يار پر
پر ڪترني ڪو لگي هين، قئنچيان ديوار پر،
پر وري پاڻ ئي اٽڪل ڏسيندي حل ٻڌائي ٿو:
خط ڪبوتر اس طرح لي جائي بام يار پر،
ڪه خط ڪا مضمون هو پرون پر، پر ڪٽين ديوار پر.
شاهه لطيف جو نه فقط انسان ذات پر پکين ۽ پسن لاءِ به تمام گهڻو قرب هو. هن ڪنهن به پکي پکڻ کي ڏک نه رسايو. شڪارين کي اجل جي يادگيري ٿو ڏياري، جيئن ويچارن گگدامن کي مارڻ کان باز اچن. شاهه صاحب فرمائي ٿو:
شڪار تون شهباز جو، تون تان منجهه شڪار!
شاهه لطيف پنهنجي نج سنڌي زبان ۾ پکين جي درد کي هن طرح بيان ڪري ٿو:
اصل سندي آسري، آيون ڍور ڍري،
کنڀڙان ڀونءِ کري، پاڻ پير ڏکويا پکڙين.
شاهه لطيف باز به ڏسي ٿو ۽ ڪرو به ڏسي ٿو ۽ ڳجهه جهڙو ماس کائو پکي به پسي ٿو. سڀني جي عادتن کي سامهون رکي فرمائي ٿو:
کڻ بورائو باز کي، ڳجهه جي ڪج مَ ڳول،
ڊوڙ جنهن جي ڍونڍ ڏي، رڻ ۾ وتي رول،
جو ٻهون پاري ٻول، سو هٿان ڇڏم شڪرو.
مور پکيءَ کي ڪارايل به چوندا آهن. هو پکين جو شڪار نه ڪندو آهي پر نانگ بلائون ناس ڪري ڇڏيندو آهي. شاهه صاحب مورن لاءِ فرمائي ٿو:
سر ۾ سانجهيءَ وار، مون مانڊاڻا ڪيا،
سٽون ڏين سپن تي، ڪئين ڪارايل ڪڻدار،
ماري نانگ اپار، وهه پيتائون وٽين.
سنڌ ۾ چٻون، طوطا، چيها، جهنگلي پکي به هئا. سر سسئي ۾ وڻڪار يا جهنگن جي ڳالهه ڪندي شاهه لطيف فرمائي ٿو:
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت چتون چانگارين.
۽ هڪ ٻئي هنڌ فرمائين ٿا:
وڏا وڻ وڻڪار جا، چٻون جت چيها.
پکين جو واقفڪار وارهه جو سنڌي ليکڪ محمد ابراهيم لاشاري ڪانيئري لاءِ لکي ٿو ته هي ڍنڍ جو پکي آهي، جنهن جو رنگ ڪار مائل ٿيندو آهي. هي آڙي جهڙي پکيءَ کان ٿورو ننڍو ٿئي ٿو. ڳچي ڊگهي ٿيندي اٿس. ڪانيئر جا پير بدڪ جي پيرن جهڙا هوبهو ٿين. هميشه ڍنڍن ۽ دٻن ۾ رهندو آهي. هن جي پسند جو کاڌو جيت ۽ مئل مڇي ۽ گاهه هوندو آهي. هي پکي طبيعت ۾ سست ۽ ڪاهل هوندو آهي. ڪانيئرو ٻين پکين کان گهٽ اڏامي سگهندو آهي. لطيف سرڪار به سر ڪارايل ۾ ڪانيئر کي اهڃاڻ بڻائي انسان ذات کي سستي ۽ ڪاهلائپ کان روڪيو آهي.
ويا مور مري، هنج نه رهيو هڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيئرن جو.
بهرحال شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪانگ تي ڪافي بيت چيا آهن: چي:
گهوڙا! گهڻي ڀون، ووءِ! وڃن نڱئا،
مادر! مٿان مون، ڪانگ لوندا ڪڏهن.
شاهه صاحب سر پورب ۾ فرمائي ٿو:
قريبن جو ڪانگڙو، مٿي ٽار ٽلي،
کڻيو کنياتو خبرون، کيرون ڏيو کلي،
لائي جنهن لالن سان، منهنجي بات بلي،
سو ور چشمن تي چلي، جو درباري دوس جو.
نه فقط شاهه لطيف پر سچل به پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪانگ پکيءَ کي خوب ياد ڪيو آهي: چي:
ڪانگل آيم اڄ، پريان سندي پار ڏانهن،
ڳالهيون ڪيائين سڄڻ جون، سي روح ٻڌي ڪيو رڄ،
پکيءَ ڪيو ناپڄ، ظاهر ڪيائين زبان سين.
سچل سائين جو ڪانگ تي هڪ ٻيو بيت آهي ته:
اڄ لاتيون ڪانگ لتيون، سي ڪي سڻو سرتيون،
جو ڪهڻ سان ڪهيو وجهي، ويڙهي منجهه وتيون،
سنديون راز رتيون، ٿو پڻ ڪري پڌريون.
اسان جي ڳوٺ جي شاعر سيف بخاري ”تنها“ جي هڪ وائي جو بند آهي ته:
ڪانگُ لنوي مٺي لات...
اڄ ته منهنجو محب ايندو

اڄ ته دل ۾ کٽڪي ٿي
ڪانگل واري سا بات،
اڄ ته منهنجو محب ايندو.
سيف بخاري اسان کان ننڍيءَ عمر ۾ جدا ٿي ويو. مشهور ليکڪ ۽ پروفيسر سيد ممتاز بخاريءَ جو هي فرزند 20 فيبروري 1977ع تي ڄائو ۽ 19 ورهين جي ڄمار ۾ جڏهن هو NED يونيورسٽي ڪراچي ۾ سول انجنيئرنگ جي ٻئي سال ۾ هو ته گذاري ويو. سندس شعرن جو مجموعو ”سرس آهي سونهن“ سندس وفات بعد ڇپرايو ويو، جنهن جي هڪ وائيءَ جو مٿيون بند آهي.
آخر ۾ ڪانگل تي هڪ ٻيو بيت، جيڪو درازن جي سچل جو آهي.
آءُ ڪانگل ڪائين، تان توڏي عطر اوتيان،
اچي ٻاجهون اوهان جي، اٻاڻڪ آئين،
ڏاها گهڻا ڏينهڙا، متان تون لائين،
پير اڱڻ پائين، ته منهنجو ساهه سڌير ٿئي...

No comments:

Post a Comment