پنهنجي زال کي هتي ڇڏي وڃ
الطاف شيخ
ڪيترا ئي
ماڻهو مون کان ولايت بابت عجيب سوال ڪندا آهن. انهن سوالن مان هڪ اهو به آهي ته
توهان کي ڪهڙا ملڪ سٺا لڳن ٿا؟
خير هڪ
خيال کان اهو سٺو سوال
به آهي جنهن جو جواب شروع وارن ڏينهن ۾ سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڪهڙن ملڪن کي سٺو
چئجي. انهن ڏينهن ۾، يعني چاليهه سال کن اڳ، جنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ اسان جو جهاز
گهڻا ڏينهن بيهندو هو ۽ اسان کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ گهڻو وقت ملندو هو ته ان ملڪ کي
اسان سٺو سمجهندا هئاسين. يا جنهن ملڪ ۾ ورڪشاپ طرفان جهاز جي ڳري رپيئر ٿيندي هئي
۽ جهاز ران ڪمپني اسانکي جهاز تي رهڻ بدران ڪنهن وڏي هوٽل ۾ ترسائيندي هئي ته اسان
لاءِ موج مزا ٿي ويندا هئا جو پوءِ نه ڊيوٽي ڪرڻي پوندي هئي نه ڪو ڪم ڪار. سڄو
ڏينهن گهمبو هو يا ننڊون ڪبيون هيون ۽ جهاز شپ يارڊ (ورڪ شاپ) يا ڊاڪيارڊ (خشڪ
گوديءَ) حوالي هوندو هو. جهاز جي مالڪ لاءِ، خرچ پکي جي وڏي چٽي ٿي پر اسان لاءِ،
ان ملڪ جهڙو ڪو ٻيو ملڪ نه ٿيو.
پر پوءِ
آهستي آهستي، جيئن جيئن دنيا جا مختلف ملڪ ڏسندا وياسين ۽ انهن جون حالتون هڪ ٻئي
سان ڀيٽيندا وياسين ۽ وقت سان گڏ ٻارن ٻچن وارا ٿياسين ۽ مٿي تي جوابداريون آيون
ته اهو محسوس ٿيو ته ملڪ کڻي ايشيا جا هجن يا آفريڪا جا، يورپ جا هجن يا آمريڪا
جا، مشرق جا هجن يا مغرب جا، ٿڌي موسم وارا هجن يا خط استوا وارا گرم، عربن جا ملڪ
هجن يا يهودي ۽ عيسائين جا... سٺا ملڪ اُهي آهن جتي قاعدي ۽ قانون جي حڪمراني آهي،
يعني لا ائنڊ آرڊر جي حالت بهتر آهي، جتي انصاف آهي. اها ڳالهه پهرين پهرين مون
جپان ۾ محسوس ڪئي، جڏهن اتي اسان جي ملڪ جي هڪ جهاز جي آفيسر ڪجهه غلط ڪم ڪيو ۽ هن
کي جهلي جڏهن ڪورٽ ۾ آندو ويو ته ثبوت خاطر اتي جي پوليس هن جي حرڪتن جي وڊيو فلم
ڏيکاري جيڪا هوءَ ٽن ڏينهن کان لڳاتار لڪي ڇپي ڪڍي رهي هئي. يعني هنن اهو ثابت ڪيو
ته هو واقعي ڏوهاري آهي، تڏهن هن کي جهليو ويو آهي نه ته قانون جو خيال ڪرڻ وارو
جپان ۾ امير توڙي غريب، هڪ عزت وارو انسان آهي. اهڙيءَ طرح ناروي ۽ سئيڊن جهڙن
ملڪن ۾ رهي محسوس ٿيو ته اتي جيڪڏهن ڪو ڏوهه نٿو ڪري ته مجال آهي جو ڪو هن جو نالو
وٺي. اهڙن ملڪن ۾ اسان کي بي فڪر ٿي هلڻو پيو ٿي. اهڙن ملڪن ۾ ڪو ڀوتار، وڏيرو يا
پوليس جو ڪو اهلڪار ڪنهن بي ڏوهيءَ جو نالو ته وٺي ڏيکاري.
ستر واري
ڏهي تائين، خاص ڪري شروع جي اڌ تائين، سنگاپور چورن ۽ ٺڳن جو ملڪ هو پر پوءِ
وزيراعظم لي ڪئان يو جي حڪومت قاعدي ۽ قانون کي سخت ڪندي وئي. لوفر لفنگا رولي ۾
اچي ويا. امير توڙي عام ماڻهوءَ کي نه فقط سندن در تي انصاف ملڻ لڳو پر جلد ملڻ
لڳو، ڇو جو اها چوڻي سچ آهي ته:
Justice Delayed is justice Denied.
اڄ سنگاپور، دنيا جي بهترين ملڪن مان هڪ آهي، جتي هرهڪ رهڻ ۾ خوش نصيبي
سمجهي ٿو. چاهي مڪاني ماڻهو هجي يا ڌاريو، هو جي شريف آهي ته هن لاءِ سنگاپور ۾
سُک آهي، ڏوهي کڻي ڪيڏو به طاقتور هجي هن کي نٿو بخشيو وڃي. انهيءَ جهڙو ملائيشيا
ٿي چڪو آهي. ٻهراڙي ۽ جهنگلن ۾ رهندڙ اڪيلي گهر جا
ڀاتي به سڪون جي ننڊ سمهن ٿا. مجال آهي جو ڪو چور يا ڌاڙيل اچي ان گهر ۾ ڌاڙو هڻي.
مختلف فئڪٽرين، ايئرپورٽس يا اسپتالن ۾ رات واري شفٽ ڪري اڪيليون ڇوڪريون پيرين
پنڌ، سائيڪلن تي يا ٽئڪسي ۽ بسن ۾ پيون گهر ڏي وڃن. مجال آهي جو ڪو سندن پرس ڦري
يا کين اغوا ڪري. اهو سڀ ان ڪري جو اهڙن ملڪن جي هر باعزت شهريءَ کي خبر آهي ته
ساڳي وقت لوفر، غنڊي يا چور ڌاڙيل کي به خبر آهي ته ان ملڪ ۾ قاعدو قانون آهي.
هرهڪ لاءِ ساڳيو انصاف ۽ فيصلو جهٽ ٿئي ٿو. پوليس ڪنهن جي به کيسن ۾ نه آهي ۽ هن
جي بقا فقط ۽ فقط عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ سٺو شهري ٿي رهڻ ۾ آهي.
اهي ملڪ جن ۾ لا ۽ آرڊر آهي، جن ۾ سستو ۽ جلد انصاف ملي ٿو، اتي توهان
پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ موڪليندي سڪون محسوس ڪيو ٿا، اتي توهان پنهنجو ناڻو
لڳائي بزنيس ڪريو ٿا، اتي توهان گهمڻ لاءِ ويندي خوشي محسوس ڪريو ٿا ۽ اهڙن ملڪن
جا ادارا مضبوط ٿين ٿا هو ڪو به غلط ڪم نٿا ڪن. اهڙن ملڪن کي پاڙيسري ملڪ يا
طاقتور ڏورانهان ملڪ تنگ ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا. ملائيشيا ۽ ايران جو مثال اسان جي
اکين آڏو آهي. ملائيشيا ۾ پنهنجي رهڻ وارن ڏينهن جو هڪ واقعو ڪنهن ڪتاب ۾ لکي چڪو
آهيان ته اسان واري ملاڪا رياست جي ڀر واري رياست ”نگري سيمبيلان“ جي سلطان جي پٽ
پنهنجي رياست جي شهر سريمبان ۾ تيز رفتاريءَ سان ڪار هلائي ته پوليس چالان ڪيس.
سندس پيءُ جيڪو ان رياست جو والي وارث ٿيو ۽ جيڪو واري اچڻ تي چئن سالن لاءِ سڄي
ملائيشيا جو بادشاهه ٿئي ٿو تنهن کي به ان ڳالهه جي ان ئي وقت خبر پيئي... توهان،
يعني اسان جي ملڪ پاڪستان جا رهاڪو، پڪ اهو سوچي رهيا هوندؤ ته سلطان کي خبر پوڻ
تي هن نه فقط پوليس واري پر ان جي ايس پي
کي به نوڪريءَ مان خارج ڪيو هوندو. پر ائين نه ٿيو. سلطان پنهنجي پٽ کي سڏائي ٿڦڙ
وهائي ڪڍي ته ماڻهو ٿي هل. اها ڳالهه ٻئي ڏينهن اخبار ۾ اچڻ سان سڄي قوم جي ماڻهن
لاءِ توڙي اسان ڌارين لاءِ نياپو ثابت ٿي ته ٻيلي هن ملڪ ۾ رهڻو آهي ته شريف ٿي
رهڻو آهي. ڪنهن به قسم جي مستي نه هلي سگهندي. اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا ۾ هرهڪ
سڌو ٿي هلي ٿو. سنگاپور، جپان، چين ۽ ڪوريا ۾ هرهڪ سڌو ٿي هلي ٿو. سعودي عرب، دبئي
۽ ڪويت ۾ هرهڪ سڌو ٿي هلي ٿو. توهان کي جيڪي حق مليل آهن، اهي ڀلي Enjoy ڪريو. گهمو ڦرو، ڳايو، وڄايو، نچو ٽپو
پر ٻئي شهريءَ کي نه رنجايو. عوام جي پراپرٽيءَ کي نقصان نه رسايو. اهو ئي سبب آهي
جو ڌاريا، يورپ توڙي ايشيائي ملڪن جا به ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ سڪون سان گهمن ڦرن
ٿا. يورپي ۽ جپاني ته ڇا عرب ۽ ايراني به پنهنجين زالن ۽ جوان ڌيئن سان گڏ
ملائيشيا جي شاپنگ سينٽرن ۾ خريداري پيا ڪن. سئنيما هالن ۾ ڌارين سان گڏ ويهي
فلمون پيا ڏسن. مجال آهي جو ڪو ٺلهو رمارڪ به ڏي. ٽوئرسٽن جي اچڻ ڪري ملائيشيا
جهڙا ملڪ وڃن خوشحال ٿيندا. انگلينڊ جو ته هرڪو مثال ڏئي ٿو. خاص ڪري چرچل جي ٻي
جنگ عظيم واري ڳالهه ته هرڪو ورجائي ٿو.
دنيا جي ٻي
عالمي جنگ زور شور سان هلي رهي هئي. جرمني ڏينهون ڏينهن زور نظر اچي رهيو هو.
پولنڊ، فرانس جهڙن ملڪن تي ته هو حاوي ٿي ويو هو ۽ هاڻ برطانيه تي موچڙن جو وسڪارو
هوس. انگريزن جي فوج جا سپاهي مارجي رهيا هئا. هٽلر جا هوائي جهاز روزانو لنڊن
مٿان، جڏهن چاهيائون ٿي تڏهن بمباري ڪري سلامتيءَ سان موٽي ويا ٿي. لنڊن جا رستا ۽
گهٽيون ويران ٿي ويون هيون. کاڌ خوراڪ جي کوٽ به شروع ٿي چڪي هئي. کاڌي جي شين تي
راشن بندي ٿي رهي هئي. انگريز عوام مايوس ٿي چڪو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪجهه ڪارخانن جا
مالڪ، وڪيل، پروفيسر ۽ دانشور ٽولو ٺاهي ان وقت جي وزيراعظم سر ونسٽن چرچل سان ملڻ
پرائم منسٽر جي سرڪاري رهائشگاهه 10 ڊائوننگ اسٽريٽ پهتا.
هنن
وزيراعظم چرچل کي عوام جي مايوسين کان آگاهه ڪيو ۽ پڇيو ته ”جناب وزيراعظم!
برطانيه جو ڇا مستقبل آهي. هرهڪ پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي.“
اڌ ڪلاڪ
تائين چرچل هنن سڀني جا خوف ۽ وسوسا خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو ۽ سندس عادت مطابق
هُن جو سگار هن جي چپن تي رکيو رهيو. جڏهن هو سڀ ڪجهه ڳالهائي چڪا ته چرچل وات مان
سگار ڪڍي هنن کان پڇيو ته ”ڇا توهان جي ملڪ ۾ ڪورٽن (عدالتن) ۾ ماڻهن کي انصاف ملي
رهيو آهي يا نه؟“
هنن سڀني
هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو ”هائو! بلڪل ملي رهيو آهي.“
چرچل وڏي
اعتماد سان کين وراڻيو: ”منهنجا هم وطنو، وڃو ۽ عوام کي ٻڌائي ڇڏيو ته دشمن توهان
تي ڪڏهن به حاوي نه ٿيندو. توهان سڪون سان رهو، شڪست دشمن جو ئي مقدر ثابت ٿيندي.“
سڄي دنيا
ڏٺو ته برطانيه جيڪو ظاهري طرح لڳو ٿي ته هن جنگ ۾ هارائيندو، ان کي سوڀ نصيب ٿي ۽
هٽلر، کٽيل جنگ هارائي ويو.
بهرحال ڏٺو
وڃي ته جتي انصاف آهي، جتي غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو قانون آهي پر ان قانون تي
سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو، جنهن ملڪ ۾ ڪو به ٻئي جي حق تي ڌاڙو نٿو هڻي، اهو ملڪ ڪڏهن
به برباد نٿو ٿئي. منهنجو هڪ ملئي شاگرد، جيڪو هاڻ جهازن جو ڪئپٽن آهي، ان مٿين
ڳالهه جو هڪ بيحد دلچسپ مثال ڏيندو آهي، جيڪا نصيحت آموز ڳالهه (جنهن کي ملئي زبان
۾ ”حڪايت“ سڏجي ٿو) هن ريت آهي.
هڪ طوطو ۽
طوطي سڄو ڏينهن رزق جي ڳولا بعد، شام جا پاڇا لڙڻ تي پنهنجي گهر روانا ٿي رهيا هئا
ته رستي تي رات ٿي وين. اهڙي حالت ۾ هنن لاءِ پنهنجو سفر جاري رکڻ ممڪن نه هو ۽ هڪ
جهنگل مان لنگهڻ وقت هنن اها رات اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو. هڪ ڊگهي وڻ جي چوٽيءَ تي
هنن پنهنجو عارضي ٺڪاڻو ڳوليو. کين پنهنجي آس پاس جو نظارو ڪرڻ جو به سٺو وجهه
مليو ٿي. ٿورو پريان هڪ اجڙيل وستيءَ کي ڏسي ٻئي پريشان ٿي ويا. طوطي، سخت
مونجهاري جي حالت ۾ طوطيءَ کان پڇيو ته؛ ”خبر ناهي هن وستيءَ جي برباد ٿيڻ جو سبب
ڇا آهي؟“
ان تي
طوطيءَ پنهنجي عقل موجب وراڻيس ته؛ ”جنهن وستيءَ جي ويجهو چٻرا اچي رهن ته ان جاءِ
جو تباهه ٿيڻ، مقدر بڻيو وڃي.“
اڃا هو ان
موضوع تي گفتگو ڪري رهيا هئا ته هڪ چٻرو اڏامندو اچي وٽن لٿو. هن طوطي ۽ طوطيءَ
کان سندن موجودگيءَ جو سبب پڇيائين. طوطي جواب ۾ ٻڌايس ته؛ ”گهر ويندي رستي ۾ رات
پئجي وئي ۽ اونداهه ۾ وڌيڪ اڏامڻ بدران رات هتي ٽِڪڻ جو ارادو ڪيو آهي. صبح ٿيڻ
سان ٻئي پنهنجي گهر روانا ٿي وينداسين“.
چٻري
پنهنجو تعارف ڪرائيندي کين ٻڌايو ته هو هن ئي جهنگل جو رهواسي آهي. هڪ ميزبان جي
حيثيت ۾ هن هنن ٻنهي جي چڱي خدمت چاڪري ڪئي. صبح ٿيڻ تي جڏهن طوطو ۽ طوطي پنهنجي
منزل ڏي روانا ٿيڻ لڳا ته هنن اهو مناسب سمجهيو ته پنهنجي ميزبان چٻري سان الوداعي
ملاقات ڪئي وڃي. چٻري سان ملي هاڻ جڏهن هو هلڻ لڳا ته چٻري طوطي کي چيو ته تون ته
وڃي سگهين ٿو پر طوطيءَ کي پاڻ سان وٺي وڃي نٿو سگهين. اهو ٻڌي طوطي جا هوش خطا ٿي
ويا ۽ احتجاج طور چيائينس؛ ”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مان پنهنجي زال کي هتي ڇڏي
وڃان!“ ان تي چٻري چيس؛ ”طوطي ته منهنجي زال آهي ۽ نه تنهنجي.“ پريشان طوطيءَ به
رڙيون ڪري چيو ته؛ هوءَ ته طوطي جي زال آهي ۽ نه چٻري جي.
چٻري ۽
طوطي جي وچ ۾ طوطيءَ جي متعلق اڃا بحث هلي رهيو هو ته ڀر واري اجڙيل وستيءَ سان
تعلق رکڻ واري هڪ شخص جو اتان گذر ٿيو. چٻري رڙ ڪري ان همراهه کي پاڻ وٽ سڏيو ۽
عرض ڪيو ته هو هن جي ۽ طوطي جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙي جو فيصلو ڪري. هو همراهه خوشيءَ
سان راضي ٿي ويو ۽ ٻنهي ڌرين کان الڳ الڳ بيان ورتائين ۽ پوءِ طوطيءَ کان پڇيائين
ته؛ ”هوءَ ڪنهن جي زال آهي؟“
طوطيءَ هن
جهنگل ۾ رات رهڻ جو سڄو قصو ٻڌايو ۽ قسم
نامي تي چيو ته؛ هوءَ طوطي جي ئي زال آهي ۽ هن جو چٻري سان ڪنهن به قسم جو واسطو
يا تعلق ناهي.
هن شخص
ٽنهي جي ڳالهه ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌايو ته؛ طوطِي طوطي جي نه پر چٻري جي زال آهي ۽
طوطي کي هتان هڪدم هليو وڃڻ جو حڪم ڏنو. ان تي طوطو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو پر هن
جي هڪ به نه ٻڌي وئي.
مايوسيءَ
جي حالت ۾ جڏهن طوطو گهر ڏي روانو ٿيڻ لاءِ اڏامڻ لڳو ته چٻري هن کي روڪيو ۽ چيو
ته پنهنجي طوطيءَ کي به پاڻ سان وٺي وڃ. ان تي طوطو خوش ٿي چٻري ڏي حيرت مان ڏسڻ
لڳو. چٻري ٻنهي کي مخاطب ٿيندي چيو ته؛ ”ياد رکو ته وستيون يا ملڪ چٻرن ڪري نٿا
نابود ٿين پر اهي ناانصافيءَ ڪري تباهه ٿين ٿا.”
No comments:
Post a Comment