يورپ جا گورا نو مسلم
الطاف شيخ
گذريل ڪالم
۾ پاڻ سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ احمديا ڪميونٽي جي ڳالهه پئي ڪئي. منهنجي خيال ۾ يورپ
توڙي آفريڪا جي هر وڏي شهر ۾ ’احمديا مسلم ڪميونٽي‘ جي مسجد آهي. ناروي جي شهر
اوسلو ۾ به هڪ هنڌان لنگهندي هن ڪميونٽي جي ’نور مسجد‘ نالي هڪ وڏي عبادتگاه نظر
آئي. هنن مسجدن ۾ گهڻو ڪري احمدي اچن ٿا، جيڪي قادياني پڻ سڏجن ٿا. موڪلن ۾ سندن ٻار
قرآن پڙهڻ يا واعظ ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا. هنن مسجدن ۾ احمدين کان علاوه ٻيو ڪو نٿو
وڃي، جيتوڻيڪ هو ڪنهن کي به جهلين نٿا، بلڪه ڪنهن ڌارئين جي اچڻ تي، هو پنهنجيون
سماجي ۽ مذهبي خدمتون ٻڌائين ٿا.
سئيڊن توڙي
ڊئنمارڪ ۽ ناروي وغيره ۾ سنين يا شيعن لاءِ هر شهر ۾ الڳ الڳ وڏيون مسجدون ته آهن
پر ننڍيون به تمام گهڻيون آهن. هنن مسجدن ٺاهڻ ۾ عرب ملڪن، ايران ۽ پاڪستان جي
رهاڪن ڪافي دلچسپي ورتي آهي ۽ پئسو ڏوڪڙ پڻ ڏنو آهي. ڪيترن هنڌن تي نماز ٿئي ٿي ۽
قرآن به پڙهايو وڃي ٿو. ان کي مسجد يا مدرسو سڏڻ بدران ان جو نالو اسلامڪ سينٽر، اسلامڪ
ڪلچر سينٽر يا مڪاني زبان ۾ فور بنڊنٽ سڏيو وڃي ٿو. ان قسم جا سينٽر سئيڊن جي به
ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن جيئن ڪالمار، اڊي والا، نور ڪوپنگ، لنڪوپنگ، اوريبرو، لوليئا،
اميئا، هالينڊ وغيره. اسٽاڪهوم، گوٿا برگ، مالمو ۽ لُنڊ جهڙن شهرن ۾ ته ڪيترا ئي
اهڙا اسلامڪ سينٽر آهن جيڪي انهن شهرن ۾ مختلف علائقن ۾ آهن. هن ڀيري سئيڊن ويس ته
اهڙن هڪ سؤ سينٽرن جي لسٽ مون کي ڏني وئي، جيڪا انٽرنيٽ تان به mosques, Islamic
Communities in Sweden جي عنوان سان سرچ ڪري
سگهجي ٿي.
ڪوپن هيگن
وانگر سئيڊن ۾ به هڪ وڏي پئماني جي مسجد اسٽاڪهوم ۾ ٺهي رهي آهي. بقول هڪ مقامي
گوري مسلمان جي ”اسان جي ماڻهن جي دلين ۾ جيتوڻيڪ اسلام جو ڊپ ويٺل آهي، جنهن ڪري
ڪنهن مسلمان جو سندن پاڙي ۾ رهڻ يا شهر ۾ مسجد ٺهڻ تي اسين پهريون مخالفت يا
ناپسنديدگي جو اظهار ڪريون ٿا پر پوءِ آهستي آهستي هرهڪ کي محسوس ٿئي ٿو ته اسلام
واقعي امن جو مذهب آهي.“
هڪ سئيڊش
غير مسلم، جنهن جو گهر اسٽاڪهوم جي پراڻي مسجد ڀرسان آهي، ان کان پڇيم ته؛ ”توکي
مسجد جي ڀر ۾ رهڻ سان ڇا ٿو محسوس ٿئي؟“
”مون کي
بيحد خوف ٿئي ٿو.“ هن وراڻيو، ”ڇو جو هتي مختلف قومن ۽ رنگن جا ماڻهو، مختلف وڳن ۾
اچن ٿا ۽ مون کي بين الاقوامي ماحول جو احساس ٿئي. ٿو.“
هتي جي
ميونسپالٽيءَ مطابق، هر سال اڌ لک ماڻهن جو، هيءَ مسجد گهمڻ لاءِ اچي ٿو، جن ۾ 20
هزار کن ته سئيڊن جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد آهن. هتي اهو به
ٻڌائيندو هلان ته سئيڊن جا ماڻهو پروٽيسٽنٽ عيسائي آهن. ڪجهه ڌاريا ۽ سندن ڪئٿولڪ
عيسائي به آهن جن جا پڻ ڪجهه شهرن ۾ گرجا گهر آهن، جيڪي اسان جي ڪراچي ۽ لاهور جي
گرجا گهرن (Churches) جهڙا ٿين ٿا،
ڇو جو اسان جي ملڪ جا نوي سيڪڙو عيسائي، ڪئٿولڪ چرچ سان واسطو رکن ٿا.
اسٽاڪهوم جي هيءَ
مسجد پراڻي پاور هائوس بلڊنگ ۾ ٺهيل آهي. بلڊنگ جو ٻاهريون ڏيک ڪو جهڳ مڳ وارو
ناهي جو هتي جي قانون موجب ڪنهن به عمارت کي ٻاهران جهرمر ڪندڙ بتين، فانوسن ۽
شئنڊ ليرن سان سينگارڻو ناهي. بهرحال مسجد جي اندر، ڪافي سهڻا نقش نگار ۽ اسلامي
آرڪيٽيڪچر جا نمونا رکيا ويا آهن. ڇتين ۾ وڏا ۽ سهڻا شئنڊلير ۽ زمين تي خوبصورت
غاليچا نظر اچن ٿا.
اهڙيءَ طرح
سئيڊن جي ٻئي وڏي شهر گوٿن برگ ۾ بيل ويو نالي مسجد آهي، جنهن جو خرچ پکي لاءِ
لوڪل ميونسپالٽي پڻ فنڊ ڏئي ٿي. هيءَ مسجد ڪجهه عرصي لاءِ ميڊيا تان خبرن ۾ هئي،
جنهن لاءِ Mirsad Bektasevic نالي هڪ مقامي گورو جنهن
کي دهشتگرديءَ جي ڪيس ۾ 15 سال جيل جي سزا ملي، هن مسجد ۾ اڪثر نماز لاءِ ايندو هو.
گوٿن برگ
شهر، يونيورسٽين کان به مشهور آهي. هتي جي يونيورسٽين ۾ اسان جي ملڪ جا به ڪيترا
ئي شاگرد نظر اچن ٿا. جن مان هڪ ٽنڊو قيصر جو عبدالرحيم نظاماڻي پڻ آهي. جيڪو اسان
جي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي دوست نور احمد نظاماڻيءَ جو ڏوهٽو آهي. ٽيهارو سالن جو
عبدالرحيم هتان ئي وڏي ڏاڙهيءَ سان سئيڊن روانو ٿيو هو.
”ڪر خبر،
شڪل صورت مان طالبان ٿو لڳين، ڪٿي هتي جي پوليس تو کي اوساما جو پوئلڳ سمجهي تنگ
ته نٿي ڪري؟“ کلندي پڇيومانس.
”نه انڪل،“
هن وراڻيو، ”اها ئي ته سٺي ڳالهه هنن ملڪن جي قاعدي قانون جي آهي، جيسين هنن کي
ثبوت نه ملي، هنن لاءِ هر انسان عزت جي لائق آهي.“
”تڏهن به
مڪاني ماڻهو، خاص ڪري يونيورسٽي ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ جون ڇوڪريون توکي حيرت مان ڏسي
سوال جواب ته ڪنديون هونديون؛ هي ڏاڙهي ۽ ڄاري جي ٽوپي سان ڪير آهي؟“
”دراصل اها
ئي ته ڳالهه مون کي تبليغ ڪرڻ ۽ اسلام بابت معلومات ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي.“
عبدالرحيم ٻڌايو.
No comments:
Post a Comment