Wednesday, November 23, 2011

ڀنگڙي سلطان، ھيري موتيان دي کاڻ - الطاف شيخ


ڀنگڙي سلطان، ھيري موتيان دي کاڻ

الطاف شيخ
گذريل 50 سالن کان ڏسان پيو ته دنيا ۾ سڀ کان بهترين انڊسٽري يا بزنيس ”سياحت“ (Tourism) ٿيندو وڃي. جنهن مان ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور جهڙا ڪيترا ئي اسان جا ايشيائي ملڪ امير ٿي ويا آهن. انهن ملڪن جي حڪومتن، ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي، پنهنجي ملڪ گهمڻ لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ واسطي چند بنيادي شين جهڙوڪ؛ امن امان ۽ انصاف مهيا ڪرڻ تي زور ڏنو. پوءِ ٻئي نمبر تي ڌارين جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جا سٺا بندوبست ڪيا. ان کان پوءِ هنن اهو ڏٺو ته؛ ڌاريان ماڻهو ڇا ٿا چاهين؟ ان جو، پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجي اخلاقي دائري مطابق، بندوبست ڪيو. جيئن سعودي عرب، اسرائيل ۽ ايران ۾ زيارت لاءِ پاڪ مڪانن کان علاوه خريداريءَ لاءِ وڏا شاپنگ مال ۽ مارڪيٽون آهن. ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن وري چڙيا گهر، پارڪ، ويندي جوا خانن، مئه خانن ۽ ڳائڻ وڄائڻ جهڙن ڪلبن جو به بندوبست ڪيو آهي. ٿائلينڊ ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن جي حڪومتن ته ٽوئرسٽن مان پئسو ڪمائڻ لاءِ ملڪ ۾ ”سيڪس انڊسٽري“ جي به کلئي عام موڪل ڏئي ڇڏي آهي.

اهڙيءَ طرح انڊيا به ٽوئرزم جهڙي انڊسٽريءَ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو آهي. انڊيا ۾ مٿيون مڙيئي شيون آهن پر بيشمار تاريخي شيون به آهن. هڪ پڙهيل ڳڙهيل انڊين کان پڇيم ته؛ ”توهان جي ماڻهن جي گهڻائي ٻاهرين ملڪن ۾ جيڪڏهن وڃي ٿي ته نوڪرين ۽ بزنيس جي سلسلي ۾. هو اسان جي ماڻهن وانگر گهمڻ نٿي وڃي.“ ان سوال جي جواب ۾ هن جيڪو جواب ڏنو، اهو سوچڻ جي خوراڪ مهيا ڪري ٿو. چيائين: ”گهمڻ ڦرڻ وري ڇا آهي؟ اڄ ڪلهه هر هڪ جي ملڪ ۾ هر شيءِ موجود آهي ۽ ڪنهن کي ڪنهن شيءِ ڏسڻ جو شوق آهي ته هو فوٽن يا فلمن ذريعي به ڏسي سگهي ٿو. مثال طور، ڪنهن کي ڪرڪيٽ مئچ جو شوق آهي ته هو ٿڌي ڇانوَ ۾ گهر ويٺي ٽي ويءَ تي به ڏسي سگهي ٿو...“ سامهون لنگهندڙ عربن ڏي اشارو ڪري هن چيو؛ ”باقي هي پئسي وارا عرب ۽ توهان جهڙن مسلمان ملڪن جا هيڏانهن ممبئي، دهلي يا بئنڪاڪ ۽ بالي وڃن ٿا، ته فقط شراب ڏوگهڻ يا ڇورين جي چڪر ۾. جنهن شوق جي پورائي جي هنن جي ملڪ ۾ کلي آزادي ناهي يا هنن پنهنجي شهر ۽ ملڪ ۾ هڪ شرافت جو Image ٺاهي رکيو آهي. ان ڪري هو معاشري جي نظرن جي زنجير ۾ جڪڙيل رهن ٿا... هو انڊيا ۽ ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ آزاد محسوس ڪن ٿا، جو اتي هنن جي عياشيءَ جون شيون موجود آهن ۽ ڏسڻ وارو ڪير ڪونهي.
بهرحال انڊيا، دنيا جي بُکايل اُڃايل ٽوئرسٽن جي گهُرجن مطابق، هڪ ليول تائين هر ٽوئرسٽ جي شوق جو پورائو ڪري، پئسو ڪمائڻ جو بندوبست ڪيو آهي. پوءِ اهو ناهي ته انڊيا ۾ ٿائلينڊ وانگر فقط اهي ماڻهو نٿا وڃن، جيڪي چڪلن ۽ مئخانن ۾ دلچسپي رکندا هجن، پر انڊيا سنگاپور وانگر، هر مذهب جي عبادتگاهن ۽ تنظيمن کي به بهتر نموني سان رکيو آهي ۽ کين کلي آزادي ڏني آهي ته پنهنجي پرچار ڪن. پوني توڙي ممبئي جي بس اسٽاپ، ريلوي اسٽيشن، ايئرپورٽ، پارڪ، هوٽل ۾ پهرئين ڏينهن کان آئون ڪوشش ڪري، موقعو ملڻ تي يورپي، عرب ۽ ويندي پاڪستاني ٽوئرسٽ کان اهو پڇندو رهان ٿو ته؛ هو هتي ڪهڙي خيال کان آيو آهي. چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن وٽ هڪ ڏينهن لاهور جا ٻه اهڙا جوان مليا، جن هن سال M.Sc ڪئي آهي ۽ هو هتي ممبئي ۾ هفتي کن لاءِ Peace چئنل واري ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ سان ملڻ ۽ هن جا ليڪچر ٻڌڻ لاءِ آيا هئا. ممبئي ايئرپورٽ تي ڪجهه اهڙا به بوهري مليا، جيڪي پنهنجي امام جي ڪا ڪوٺايل اسلامي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيا هئا.
انڊيا وارن انگلينڊ وانگر، پنهنجين تعليمي درسگاهن ۽ اسپتالن جو به هڪ طرف معيار بلند ڪيو آهي، ته ٻئي طرف انهن کي Economical پڻ بڻايو آهي. ايتريقدر جو ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ انڊين ته پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ انڊيا موڪلين ٿا، پر ڪيترا ئي عرب، آفريڪن ويندي ايران ۽ ملائيشيا جا مائٽ، اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجن ٻارن کي انڊيا موڪلين ٿا. اهڙيءَ طرح علاج لاءِ آمريڪا ۽ يورپ جا گورا، انڊيا اچن ٿا. هنن جو اهو ئي چوڻ آهي ته؛ ”هوائي جهاز جو اوٽ موٽ جو ڀاڙو ڀرڻ بعد به انڊيا ۾ علاج سستو ۽ بهتر پوي ٿو. انڊيا جون اسپتالون بين الاقوامي معيار جون آهن. هنن وٽ هر قسم جا قابل ڊاڪٽر ۽ سرجن آهن ۽ هنن جون فيون به مناسب آهن.“ مون کي ڪجهه اهڙا پاڪستاني مريض به مليا، جيڪي جيئن ته انهن بيمارين جو علاج يا آپريشن پاڪستان ۾ ناممڪن هو، ان ڪري انگلينڊ يا آمريڪا بدران هتي آيل هئا.
مٿين ڳالهين مان منهنجو مطلب آهي ته؛ انڊيا ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ پنهنجي ملڪ جي مختلف Fields ۾ ڪشش رکي آهي. ملائيشيا ۽ دبئيءَ وانگر، انڊيا حڪومت کڻي شراب ۽ شباب عام رکيو آهي، پر ان سان گڏ هنن قاعدا قانون به سخت رکيا آهن. ائين ناهي ته ڪو شراب پي دنگو مستي ڪندو رهي. هر ايندڙ ويندڙ عورت تي ٺٺولي ڪندو وتي، هر سياستدان، ساونت، وڏيري، نندڪر، مير پير جو ٻار تعليمي ادارن ۾ داداگيري ڪندو وتي. قاعدو قانون سخت هجڻ ڪري انڊيا ۾ توهان کي هر رئيس سان گڏ گن مين نظر نٿو اچي. وڏين هوٽلن ۽ سون جي دڪانن ٻاهران گارڊ ضرور بيٺل آهن، پر هنن جي هٿ ۾ شاٽ گن بدران فقط ڏنڊو آهي. بهرحال ٽوئرسٽن جي شوق پوري ڪرڻ لاءِ ۽ ٽوئرزم انڊسٽري مان پورو پورو فائدو وٺڻ لاءِ هنن پنهنجي ملڪ ۾ مختلف Attractions رکيون آهن.
هڪ ڏينهن ممبئي جي VT (وڪٽوريا ٽرمينس) ريلوي اسٽيشن، جيڪا هاڻ مهاراجا شيواجيءَ نالي CST (ڇتراپتي شيواجي ٽرمينس) سڏجي ٿي، ڪنڊ واري ڪئبن تان چانهه ۽ بن وٺي پاسي تي ويهي کائي به رهيو هوس ۽ اهو به سوچي رهيو هوس ته؛ ممبئي جي ڪهڙي حصي ۾ ڪهڙي شيءِ وڃي ڏسان، ته اتي هڪ يورپي جوڙو ان ئي دڪان تان پيپسي وٺي اچي منهنجي ڀرسان بيٺو. بعد ۾ هن ٻڌايو ته؛ هو اٽليءَ جو اطالوي آهي ۽ ساڻس گڏ عورت هن جي زال نه پر ٻڍاپيسٽ (هنگري) جي گرل فرينڊ آهي. پاڻ ممبئي ۽ انڊيا جي ڪجهه ٻين شهرن مان ٻه ٽي دفعا گهمي ويو آهي. هن سال هو پنهنجي مشرقي يورپ جي هن گرل فرينڊ کي ممبئي ڏيکارڻ آيو آهي. هو ٻن ڏينهن کان کار ريلوي اسٽيشن جي پٺئين گهٽيءَ جي ڪنهن سستي هوٽل ۾ رهيل آهي.
”چئبو ته تون ممبئي جو ايڪسپرٽ آهين.“ مون کلندي کيس ڪامپليمينٽ ڏنو.
“Any Way..” (هڪ خيال کان تون اهو چئي سگهين ٿو) هن چيو.
”پوءِ ڀلا هينئر پنهنجي گرل فرينڊ کي گهمائڻ لاءِ ڪيڏانهن وٺيو ٿو وڃين؟“ مون پڇيو.
”تون به اسان سان Join ڪندين؟“ هن پڇيو.
Depend ٿو ڪري ته منهنجي Interest ۾ آهي يا نه.“ مون چيو جنهن تي هن مون کان پڇيو ته ڊَو يو لائيڪ بَنڪ؟“
سندس انگريزي بنهه ڪمزور هئي ۽ سندس گرل فرينڊ ماريا کي ته ايتري به انگريزي نٿي آئي. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته هن جو مطلب ’بنڪ‘ مان ڇا آهي. هن ٻيو دفعو به ساڳيو لفظ چيو ۽ آئون سوچڻ لڳس ته اهو ڪنهن شيءِ جو نالو (اسم) آهي يا اسڪول مان ڀڄڻ (فعل) آهي. بهرحال آئون به نه فقط واندو هوس پر اهو ئي سوچي رهيو هوس ته ڪهڙي طرف منهن ڪجي. سو چانهه جو پاٺي جو خالي گلاس ڪچري جي دٻي ۾ اڇلي، چيومانس؛ “Let’s go” دل ۾ چيم؛ جي ڪنهن اهڙي هنڌ تي وٺي آيا جنهن ۾ منهنجي دلچسپي ناهي، ته ’پنهل کي پاراتو‘ ڏيڻ بدران موٽي ايندس.
اسان ڇهه ڇهه رپيا ڏئي، ريل جي ٽڪيٽ ورتي. جامع مسجد ۽ سئنڊهرسٽ روڊ واريون ٻه ريلوي اسٽيشنون گذرڻ بعد، بائڪلا (Byculla) ريلوي اسٽيشن تي لهي پياسين. پوءِ اڳيان اڳيان هي اطالوي اڌڙوٽ، پويان پويان هن جي جوان گرل فرينڊ ۽ ان جي پويان آئون پوڙهو.... هلائي هلائي ٿڪائي وڌائين. هڪ گهٽيءَ مان ٻي گهٽيءَ ۾، ٻيءَ مان ٽينءَ ۾ يا وري ساڳيءَ ۾ موٽيو اچي. آخرڪار هن کي اهو هنڌ جيڪو دڪان چئجي يا ريسٽورنٽ، ملي ويو ۽ خوشيءَ وچان ان دڪان جي ٻاهران لکيل وڏن اکرن ڏي اشارو ڪري چيائين: ”هي آهي اهو هنڌ جتي پهچي وياسين. منهنجي رهنمائيءَ بنا توهان ڪڏهن به هتي پهچي نه سگهو ها.“
دل ۾ چيم؛ ”ڌوڙ اٿئي پئي، چڱو جو گهڻو وقت ضايع نه ٿيو. ساڳئي وقت اهو به سوچيم، ته هتي جي حڪومت يا دڪاندارن، هنن گورن کي سٺو بيوقوف بڻايو آهي. پڙهندڙن کي تجسس هوندو، ته هي يورپي پنهنجي گرل فرينڊ ۽ مون کي ڪٿي وٺي آيو ۽ دڪان جي ٻاهرين ڀت تي ڇا لکيل هو؟
ڀت تي لکيل هو BHANG يعني هي همراهه هتي ڀنگ جو نشو ڪرڻ آيا هئا. اهڙا ڀنگ جا دڪان جنهن کي هي اطالوي بَنڪَ سڏي رهيو هو، ممبئي توڙي دهلي ۽ انڊيا جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن، جتي هي گورا ٽوئرسٽ اچن ٿا. ايترو ضرور آهي ته هي ڀنگ جا دڪان يا ريسٽورنٽون، حڪومت جي نظرداريءَ يعني لائسنس هيٺ ڪاروبار ڪن ٿيون ۽ حڪومت طرفان مقرر ڪيل ڀنگ جو حصو استعمال ٿئي ٿو. جيئن هڪ يورپي يا آمريڪن جيڪو وسڪي ۽ بيئر جو عادي آهي، ڀنگ جي پهرئين گلاس ۾ ئي حال افعال وڃائي نه ويهي رهي.
انڊيا جي مختلف شهرن ۾ ڌارين ملڪن کان ايندڙ ٽوئرسٽن لاءِ جيڪي ”ڀنگ شاپ“ آهن، انهن ۾ کين ڀنگ جو مزو وٺرائڻ لاءِ ڀنگ کي مختلف نمونن ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. ڪن هنڌن تي ڀنگ ۾ ٿاڌل واريون شيون يعني بادام، پست جي ڪڻ، کير ۽ ٻيا مسالا وجهي پيش ڪئي وڃي ٿي. جنهن کي هتي انڊيا ۾ ”ڀنگ ڪي ٺنڊائي“ Bhang ki Thandai سڏين ٿا. هنن دڪانن تي ڀنگ جو ملڪ شيڪ، ڀنگ جا پڪوڙا ۽ ڀنگ جو حلوو به وڪامي ٿو ۽ ڌاريا ماڻهو، ڀنگ جي نشي جي لست وٺڻ لاءِ، ڪافي غير ملڪي ناڻو خرچ ڪن ٿا.
ائين ناهي ته رڳو فارينر انڊيا ۾ اچي ڀنگ پيئن ٿا. مڪاني ماڻهو نه فقط هندستان جا پر سڄي ننڍي کنڊ جا ڀنگ جو نشو واپرائين ٿا. ايتري قدر جو ڀنگ جو ٻوٽو ”شِو ديوتا“ سان شريڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ اتر هندستان جا هندو ڀنگ کي پوتر سمجهن ٿا. ڪيترن جو ان ڳالهه ۾ اعتقاد آهي ته واٽ ويندي ڪو ماڻهو ڀنگ کڻي ويندو ملي وڃي ته اها سٺي ڀاڳ جي نشاني آهي. خواب ۾ ڀنگ جو ٻوٽو نظر اچڻ کي خوشحالي جي آمد سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڀنگ جي پنن کي اورانگهڻ يا انهن مٿان هلڻ نڀاڳ آڻي ٿو.
شو ڀڳوان (Lord Shiva) جي نقش قدم تي هلڻ لاءِ ڪيترا ئي ساڌو ڀنگ جو استعمال ڪن ٿا. بقول هڪ پڙهيل ڳڙهيل ساڌوءَ جي:
Bhang Boosts Mediation and achieve transcendental States
ڀنگ لاءِ چيو وڃي ٿو، ته اها صوفين ۾ به مشهور هئي جو اها Spiritual ecstasy وڌائي ٿي.
هيءُ مضمون لکڻ کان اڳ مون ائگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي پروفيسر ۽ سنڌيءَ جي مشهور ليکڪ شمس الدين تنيو صاحب کي فون ڪري ڀنگ بابت ڪجهه ڳالهيون، معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ پڇيون، سندس ڏنل جوابن مان ڪجهه اهم نقطا هن ريت آهن:
·           ڀنگ Cannabis Sativa ٻوٽي جو گل ۽ پن آهن، جن کي بادامن ۽ ٻين جڙين ٻوٽين ۽ کنڊ سان گڏ ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي پيئڻ لاءِ مشروب ٺاهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ Intoxication (نشو) آهي.
·           ڀنگ کي انگريزيءَ ۾ Hemp سڏجي ٿو.
·           ڀنگ، آفيم (Opium) ۽ ڏوڏي (Poppy) وانگر نشي جي شين (Narcotics) ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ حڪومت کان اجازت (لائسنس) حاصل ڪرڻ بنا، پوکڻ جي ممانعت آهي.
·           پاڪستان ۾ ڀنگ غير قانوني طور سڀ کان گهڻي اسلام آباد ۾ ۽ سنڌ ۾ ڪاڇي واري علائقي (سيوهڻ کان قمبر شهدادڪوٽ) ۾ جام نظر اچي ٿي.
·           ڀنگ ڪڻڪ واري موسم ۾ پوکي وڃي ٿي، جيڪا هندن جي هولي (مارچ) ۽ بيساکي (اپريل) وارن ڏينهن ۾ لھڻ ڪري، هولي جي موقعي تي پيئڻ، هڪ عام ڳالهه سمجهي وڃي ٿي.
مون سان گڏ ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ هڪ سِکُ چوندو هو ته؛ سِکن لاءِ، خاص ڪري جنگجو، سک نهانگ ڀنگ جا شوقين ٿين ٿا ۽ هو ڀنگ کي ”سکا پرساد“ يعني قدرت طرفان سُکَ ۽ پيار مهيا ڪندڙ مشروب سڏين ٿا.
پروفيسر تنيو صاحب اهو به ٻڌايو ته؛ جتي گانجي، ڏوڏي ۽ آفيم وانگر ڀنگ ۾ نشو آهي ۽ ماڻهوءَ کي هن نشي جو عادي بڻائي ٿي، اتي ڀنگ کي جي ڪنٽرول نموني سان استعمال ڪجي ته ان ۾ ميڊيڪل (علاج جون) خاصيتون به آهن. ڀنگ لاءِ چيو وڃي ٿو ته؛ اها بخار، دستن ۽ بلغم جي مريضن کي فائدو رسائي ٿي. ڀنگ بک لڳائي ٿي، کاڌو هضم ڪري ٿي ۽ آواز کي به پختو بڻائي ٿي.
ڀنگ بابت هڪ هنڌ پڙهيم ته؛ ان جي نشي جي خاصيت کان انسان سن 1000 قبل مسيح کان واقف ٿيو ۽ تڏهن کان ڀنگ هندو ڪلچر جو حصو هلندي اچي. هندو ڌرم جي جهوني ڪتاب اٿرويد ۾ به ڀنگ لاءِ لکيل آهي ته؛ اها هڪ فاعدي واري ٻوٽي آهي، جيڪا ٽينشن ختم ڪري ٿي. ڀنگ جي تياري، ديوتائن جي نظر ۾، خاص ڪري شِو ديوتا جي سوچ مطابق، ڀلارو ڪم سمجهيو وڃي ٿو ۽ هندن جي هن شِو ديوتا/ ڀڳوان جي ٻين خطابن ۽ لقبن سان گڏ ”ڀنگ جو ديوتا“ (Lord of Bhang) پڻ آهي.
اسان جو پيٽارو جو هڪ ڪلاس ميٽ آهي، جنهن کي اسان سڄي عمر پيئندو ڏٺو آهي. هن شايد ئي ڪو ولائتي يا ديسي شراب نه پيتو هجي. ڀنگ تي هيءُ مضمون لکڻ کان اڳ، مون کيس به فون ڪيو ۽ پڇيومانس ته؛ آيا هن ڪڏهن ڀنگ به پيتي آهي يا نه.
”مون ڏهه سال ڀنگ پيتي.“ هن جواب ڏنو، ”پر مزو نه ڏنائين. ولائتي شراب وسڪيءَ جي ڳالهه ئي ٻي آهي.“
”ڀلا ڀنگ ۽ وسڪيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ مون کانئس پڇيو ۽ پاڻ جيڪي خبرون ڪيائين انهن مان ڪجهه نقطا هن ريت آهن:
·           ڀنگ Downer آهي، يعني ڀنگ سوچ ۾ ڊپريشن ۽ مايوسي پيدا ڪري ٿي. وسڪي Upper آهي. وسڪي سوچ کي Elevate ڪري ٿي.
·           ڀنگ پيئندڙ جنهن ڪيفيت ۾ وڃي ٿو، ان ۾ ويندو ئي رهي ٿو. کِل ته پيو کِلندو. روءِ ته ويٺو روئندو.
·           نئين همراهه کي ڀنگ جو عادي بڻائڻ لاءِ ڀنگ ۾ پستا، بادام ۽ کنڊ ملائي وڻندڙ مشروب بڻائي، پياريو وڃي ٿو. کنڊ Enhancer آهي. کنڊ سان ڀنگ وڌيڪ نشو ڪري ٿي.
·           صحيح قسم جي شرابيءَ کي، ڀنگ ڪڏهن به سُوٽ نه ڪندي.
·           ڀنگ جي سڳنڌ (بوءِ) ۾ به نشو ۽ ننڊاکڙائي ٿئي ٿي. سنڌ ۾ بوبڪن جو ڳوٺ ڀنگ کان مشهور آهي، جتي جا ڳيرا ۽ طوطا ڀنگ جا سوادي گوگڙو (گل ۽ ٻج) کائي نشي ۾ اچي وڃن ٿا ۽ هو اڪثر اليڪٽرڪ جي تارن تي غنودگيءَ جي حالت ۾ گِڏندي نظر اچن ٿا.
·           ڀنگ جو نشو ائين آهي، جيئن ڪو ٽي گوريون لِبريم يا وئليم جون کائي ڇڏي.
·           ڀنگ موڳائي ۽ مايوسي پيدا ڪري ٿي. وسڪي کڙائي ۽ کوکلي پهلواني پيدا ڪري ٿي.
اردوءَ جو طنز و مزاح جو ليکڪ مشتاق يوسفي صاحب پنهنجي ڪتاب ”زرگزشت“ ۾ ڪاڪ ٽيل ۽ شراب بابت هڪ شرابي دوست جا خيال هن ريت بيان ڪري ٿو:
·           وسڪيءَ جي هر ڍڪ بعد، پنهنجي هر ڳالهه جو وزن ڳرو ٿيندو، صاف محسوس ٿئي ٿو.
چيومانس ته اها ڪيفيت ته ’لبريم‘ جي گوريءَ سان به پيدا ٿي سگهي ٿي.
جواب ۾ هن فرمايو: وڏو فرق آهي. استاد ذوق ڇا ته خوب چيو آهي:
"پيرِ مغان ڪي پاس وہ دارو ھي جس سي ذوق،
نامرد مرد، مرد جوان مرد، ہوگيا۔"

لبريم کان پوءِ ٻليءَ کي ڪوئن جي حاجت نٿي رهي. پوءِ هن کي خواب ۾ ڇيڇڙا به نظر نٿا اچن، هن کي فقط نر جهنگراڙ ٻلا نظر اچن ٿا. پر وسڪيءَ جي پيگ بعد، هڪ ڪوئي جون مڇون به اهڙيون ته ٽاٽ ٿيو وڃن، جو هن کي پنهنجو ٻرُ به سوڙهو لڳي ٿو. هو ان ۾ داخل ٿيڻ بدران سندرو ٻڌي ٻليءَ جي ڳولا لاءِ نڪري ٿو ته ڪيڏانهن وئي اِها مُردار؟
اها ٻي ڳالهه آهي، ته هو وسڪي پيئندڙن کي اها صلاح ڏئي ٿو ته ڪنهن مئخاني يا ڪاڪ ٽيل پارٽيءَ مان موٽڻ تي پنهنجو سڄو وزن ڪار جي بريڪ تي ڏئي رکجو. بجليءَ جي ٿنڀي سان ڪار کي روڪڻ کان گريز ڪجو. نشو اونهائي اختيار ڪري ته طبيعت سچ ڳالهائڻ تي بيحد گهڻو مائل ٿئي ٿي. ان ڪري گهر پهچي پنهنجي زال سان ڳالهائڻ کان پرهيز ڪجو. صبح جو اک کلڻ تي محسوس ٿيڻ لڳي ته معاشري ۾ انڌير متو پيو آهي ۽ حڪومت پنهنجي پاليسين سان قوم کي تباهيءَ جي غار ۾ ڌڪي رهي آهي، ته هڪ اسپرين جي گوري ڦَڪي ڇڏيندا ڪريو. ڏهن منٽن اندر اندر حڪومت جي پاليسين ۾ افاقو محسوس ٿيڻ لڳندو.
ممبئي يونيورسٽي جي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي هڪ M.Sc جي فائنل ايئر جي شاگرد شرما لعل نندڪر ٻڌايو ته؛ ڀنگ ۾ جيڪو نشي وارو ڪيميڪل ٿئي ٿو، ان کي ڪيميائي دنيا ۾ THC سڏيو وڃي ٿو. ڀنگ جي ٻوٽي (Hemp) جي ڪچڙن پنن، گلن ۽ انهن جي ڏانڊين (شاخن) تي سنهڙن وارن جهڙو Growth ٿئي ٿو، جن مان کونئر جهڙي شيءِ سِمندي رهي ٿي، جيڪا دراصل Active Narcotic Chemical (ٽي ايڇ سي) آهي. ڀنگ جي ٻوٽن ۾ ڪي نر ٻوٽا (Plants) ٿين ٿا ته ڪي مادي ٻوٽا. مادي Plants ۾ نر کان وڌيڪ نشو (THC) ٿئي ٿو. پر جيئن ئي گل ۾ ميوو (ٻج) ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ته نشي THC جي ليول گهٽجڻ لڳي ٿي.
هن شاگرد اهو به ٻڌايو ته ڀنگ جي ٻوٽي ۾ جيڪو نشي وارو ڪيميڪل (THC) ٿئي ٿو، ان جو ڪجهه حصو پاڻيءَ ۾ جذب ٿئي ٿو يعني Water Soluble آهي، ته ڪجهه حصو Fat (گيهه يا تيل) ۾ جذب ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن کي ڀنگ مان گهڻي کان گهڻو نشو حاصل ڪرڻو هجي، ته ان لاءِ ڀنگ جي پنن ۽ گلن کي گيهه ۽ پاڻيءَ ۾ رڌڻ کپي. هن ٻڌايو ته؛ سندس ڳوٺ ۾ ڪن خاص موقعن تي، خاص ڪري هوليءَ تي، ڀنگ پيئڻ کي عبادت ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن ڀنگ بابت ڪجهه راڳ پڻ لکرايا جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
گولا گولا پيا بھنگ کا گولا
ڊولا ڊولا يه جہان ڊولا
مانو نہ مانو، مين بات کروں يه کھری
ميری  اکھيون کو لگتي ھي ہر لڙکي ہری۔۔۔
*
لہنگا سنبھالوں تو چنہريا گرجائي
جوبھن پہ بالما نظرين گھر آئي
ہائي گورے گورے تن کو جھلکني دو گوری
مدھرا  جواني کي چھلکني دي چھوری۔
مون کي ننڍپڻ جون ڪجهه ڳالهيون ياد ٿيون اچن. 1954ع ۾ جڏهن آئون ڏهن سالن جو ٿيس، ته پرائمري اسڪول بعد شهر جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتم، جتي وڃڻ لاءِ بازار مان لنگهڻو پوندو هو. اتي هڪ دڪان تي صبح کان وٺي ماڻهن جي پيهه پيهان هوندي هئي. ٻين ٻڌايو ته؛ اهو ڀنگ جو گتو آهي، جتان ڀنگ جا عادي نشئي سرڪار طرفان مقرر ڪيل راشن خريد ڪن ٿا. ڳوٺ جي ڪيترين اوطاقن ۽ اوتارن تي ڏنڊي ڪونڊي جي ڀنگ جو گهوٽجڻ هڪ عام ڳالهه هوندو هو، جنهن کي ڪيترا ئي ماڻهو جهالت ڪري غلط ڪم نه سمجهندا هئا. پنهنجي اسڪول جي ڪيترن هندو ۽ مسلمان شاگردن جي گهرن ۾ به مون ڀنگ ٺهندي ۽ پيئندي ڏٺي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان جي پاڙي ۾ اسان جي هڪ مائٽ جي گهر ۾ شام جي وقت جيئن ئي سانجهيءَ جي بانگ ايندي هئي، ته ڏنڊو ڪونڊو نڪرندو هو ۽ گهر جي ڏاڏي جي نگهبانيءَ ۾ ڀنگ گهوٽبي هئي ۽ وڏا پاڻي مليل سائي رنگ جي ڀنگ وَٽن ۾ وجهي پيئندا هئا ۽ ننڍن ٻارن کي ان ۾ کير ۽کنڊ ملائي ڏيندا هئا. سندن گهر ۾ پاڻي پيئڻ جي هر ٿانوَ مان ڀنگ جي ڌپ ايندي هئي. جيڪا ڀنگ جي عاديءَ لاءِ ضرور دلپسند سڳنڌ هوندي. ماڻهو ڪيترو اڻڄاڻ هئا! هو ڀنگ کي نشي کان وڌيڪ طاقت جي ٽانڪ ۽ بيمارين جي علاج جي دوا سمجهندا هئا. تڏهن ته رچرڊ برٽن به سنڌ ۾ ڀنگ جي واهپي جي ڳالهه پنهنجي ڪتاب  Sindh Revisited ۾ ڪئي آهي، جيڪو ڪتاب 1877ع ۾ ڇپيو. رچرڊ برٽن (سڄو نالو ڪئپٽن سر رچرڊ فرانسز برٽن) 1821ع ۾ ڄائو. هو هڪ عجيب ماڻهو هو، جنهن ۾ ڪيترا ئي گڻ هئا. هي انگريز هڪ ئي وقت فوجي به هو ته  ِExplorer ترجمو ڪندڙ، ليکڪ، مشرق جي دنيا جو ڄاڻو، شاعر، مسميرزم جو ڄاڻو (Hypnotist) ۽ ڊپلومئٽ به هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن کي يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جون ڪيتريون ئي زبانون آيون ٿي. هڪ اندازي مطابق هو 29 زبانن ۾ ڳالهائي سگهيو ٿي. سنڌ ۾ به ڪافي وقت رهيو ۽ سنڌي ماحول ۽ سنڌي زبان جي ڄاڻ هجڻ ڪري هن سنڌ تي به ڪجهه ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيا جهڙوڪ: Scinde or the Unhappy Valley هي ڪتاب رچرڊ برٽن سنڌ تي انگريزن جي قبضي بعد 8 سالن اندر يعني 1851ع ۾ لکيو. اهڙيءَ طرح هن جو سنڌ بابت هڪ ٻيو ڪتاب Sindh & the races that inhabit Indus ڇپيو ۽ ان بعد 1877ع ۾ Sindh Revistited جنهن مان ڪجهه ٽڪرا هتي ڏجن ٿا....
·           سنڌ ۾ الڪوحل وارو شراب، فقط مٿئين طبقي جا ماڻهو پيئن ٿا يا جن وٽ ڏوڪڙ آهن. عام ماڻهو نشي لاءِ ٻيون شيون پيئن ٿا. جهڙوڪ ڀنگ وغيره. انگلينڊ ۾ هن شيءِ کي Indian Hemp سڏين ٿا. جيڪو ماڻهو هن جو عادي ٿئي ٿو، ان لاءِ هي نشو ڇڏڻ مشڪل ٿيو پوي.
·           رچرڊ برٽن لکي ٿو ته؛ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ سنڌ ۾ ڀنگ عام هلي ٿي. مٿس ڪو محصول وغيره به نه هو. پوءِ انگريز سرڪار اچڻ سان هن نشيدار شيءِ تي محصول لاڳو ڪيو، نه ته اڳي هتان جو هر ماڻهو پنهنجي لاءِ ڀنگ ته ضرور پوکيندو هو. گهتن، اوتارن ۽ ديرن لاءِ به لائسنس ضروري ڪيو ويو. ان ڪري ڀنگ جو وڪرو ۽ واهپو، ڪافي گهٽ ٿيو ۽ ڪيترا ماڻهو هن موذي شيءِ کان بچڻ لڳا.
·           سنڌ ۾ سج لهڻ کانپوءِ ڀنگ پيئڻ وارا موالي، هِتان هتان کان اچي مقرر ديري يا اوتاري تي گڏ ٿين ٿا ۽ هر ڪو ڀنگ گهوٽڻ جي تيارين ۾ لڳيو وڃي. پهرين ڀنگ جي پنن کي ڌوئي صاف ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ انکي ڪونڊي ۾ وجهي گهرڙ گهوٽ شروع ٿيو وڃي. جڏهن ڀنگ گهوٽجي سنهي ٿئي ٿي ته مٺاڻ ملائي ان کي صافي سان ڇاڻي صاف ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ ڪڏهن پاڻي ملايو وڃي ٿو ته ڪڏهن کير. هر ڪو موالي پنهنجي حصي جي ڀنگ پي ڏاڍو خوش ٿيندو آهي ۽ نشي جي مزي ماڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. ان کانسواءِ چلم به ٺهي فرش تي ڇڪڻ لاءِ تيار هوندي آهي. موالي ڀنگ پي، چلم جو ٻڙڪو ڀري وٺندا آهن ۽ وچ واري وقت ۾ مائو به کائيندا رهندا آهن، جيئن مٺاڻ تي نشو وڌيڪ اثر ڪري. ڪي وري ڀڳڙا کائيندا آهن ته ڪي وري ونگا کائڻ ۾ لڳي ويندا آهن، جنهن سان نشي جو اثر گهٽجي ٿو.
·           اڌ ڪلاڪ کان پوءِ، ڀنگ جو نشو اثر ڏيکاري ٿو. ان نشي جو هر مواليءَ تي جدا اثر ٿئي ٿو. هڪ ماڻهو پلٿي هنيو ويٺو هوندو. هو ڳالهائيندو هڪڙو آهي ته زبان مان نڪري ٻيو ويندو اٿس. ڀر وارو موالي وري راڳ ڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو ڇا ڳائيندو آهي؟ تنهن جي خبر ڪنهن کي به نه پئجي سگهندي آهي. پر پنهنجي راڳ مان پاڻ سو مزو ڏاڍو حاصل ڪندو آهي. ٻيو موالي وري خلوت چاهيندو آهي ۽ ڪمري جي ڪنڊ ۾ پاڻ مٿان چادر وجهي مراقبي ۾ ويهي رهندو آهي ۽ پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿي ويندو آهي ۽ مينهون جيڪڏهن وڻن تي چڙهي وڃن ته انهن کي لاهڻ لاءِ ڏاڪڻ ڪيتري ڊگهي هجڻ گهرجي. موالين جي هن ميڙ ۾ هڪ خاص ڳالهه ضرور هوندي آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن مواليءَ کنگهڻ شروع ڪيو يا نڇ ڏني، يا نشن ۾ کانئس ٽهڪ نڪري ويو، ته گهڻو ڪري سڀ موالي هن جو نقل ڪرڻ شروع ڪندا.
·           رچرڊ برٽن ٻڌائي ٿو ته هن به ڀنگ چڪو پيتو آهي. لطف حاصل ڪرڻ جي غرض سان نه پر اهو ڏسڻ لاءِ ته منجهس ڪهڙيون ڳالهيون محسوس ٿين ٿيون. رچرڊ برٽن وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته؛ کيس ڀنگ جو ذائقو ائين محسوس ٿيو، ڄڻ کير کي کنڊ سان ملائي ان ۾ ڪارا مرچ گڏي پي رهيو هجان. نشي جو پهريون اثر اهو ٿيو ته نڙيءَ واريون رڳون وٺجڻ لڳيون. اها تڪليف وري به سهڻ جوڳي هئي. بعد ۾ دماغ خشڪ ٿيڻ شروع ٿيو. ان وقت اهو احساس ٿيو ته مٿو ڏاڍو هلڪو ٿي پيو آهي، ڄڻ ساڻ آهي ئي ڪو نه.
·           ڀنگ جي نشي ۾ ٻيا حواس ڏاڍا طاقتور بڻجي وڃن ٿا. اوهان کي اهو به احساس ٿيندو، ته اوهان جي عضون کي ڪير بجليءَ جا جهٽڪا هڻي رهيو آهي. انتهائي حد تي پهچڻ کانپوءِ سڀئي حواس بيڪار ٿي وڃن ٿا. اوهان جيڪڏهن ساهه سڪائيندڙ گرميءَ ۾ بيٺا هوندائو ته به اوهان کي ان تيز گرميءَ جو احساس نه ٿيندو.
·           ڀنگ پيئڻ کانپوءِ انسان جا خيال ئي جهنگلي ٿيو پون ۽ بنهه بي ربط بڻجيو وڃن. خيال به پيا ابتا سبتا هلندا. جيڪڏهن اوهان شاعر آهيو ته هن قسم جي شاعري شروع ڪري ڏيندائو.
”جبل پان کاڌو ۽ سندس ڏند پاسن کان نڪري آيا. ان ڪري سمنڊ آسمان جي ڏاڙهي ڏسي مٿس کلڻ لڳو.“
·           ڀنگ جي نشي جا خاص طور ٻه اثر ٿين ٿا، جن مان هڪ بي انتها خوف آهي ۽ ٻيو نشي ۾ گهڻي ماني کائڻ ڪري بدهاضمو ٿئي ٿو.
مشرق ۾ ڀنگ جي نشي جو گهڻو واهپو آهي. اڪثر اهو چيو وڃي ٿو ته؛ هن نشي سان قدرت جا ڪيترا ئي اسرار ڏسڻ ۾ اچن ٿا. فارسيءَ ۾ هن کي سبز ٻوٽيءَ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي پيئڻ سان ڏک ڏور ٿيو وڃن.
ماڻهو پاڻ کي آجو تاجو ۽ خوش محسوس ڪري ٿو. ڪي اڻ پڙهيل ماڻهو وري هن کي پيئڻ مذهبي فرض سمجهن ٿا. اهڙي ريت هڪ صوفي شاعر هڪ روح ۽ جسم جو مثال ڏيندي پنهنجا اندروني جذبا هن ريت ظاهر ڪيا آهن:
سخت افلاس، بي انتها درد
انهن کان نجات لاءِ فقط تنهنجو
عشق ئي ڪافي آهي.
انهن تڪليفن مان نجات ڏيندڙ
تون اڪيلو حڪيم آهين
۽ تنهنجو
هڪ لفظ ئي ڪافي ۽ شافي آهي.
ان درد لاءِ سدا بهار ٻوٽي مان
ٺهيل مرهم
مجرب علاج آهي.
اڄ کان ڏيڍ صدي اڳ، انڊيا (خاص ڪري سنڌ) جي حالت ڇا هئي، ان جو نقشو رچرڊ برٽن پنهنجي 1877ع ۾ ڇپيل ڪتاب Sindh Revisited ۾ هن ريت چٽي ٿو:
سنڌ ۾ ڀنگ پيئڻ جو رواج عام آهي. انهيءَ ڪري سنڌين جي دماغ تي ڏاڍو خراب اثر پئجي رهيو آهي. ڀنگ پيئڻ ڪري ماڻهو بهادريءَ جي خوبي وڃائي ويهي ٿو. ان بدران ڪانئر ۽ ڪاهل بڻجي وڃي ٿو ۽ چار ئي پهر ستو رهي ٿو.
مغل حڪمران، پنهنجي باغي قيدين کي صبح سوير ۽ نيراني پوست پياريندا هئا، يعني پُست جي سڪل ڏوڏي پاڻيءَ ۾ اٻاري پوءِ ان کي مٺو ۽ ٿڌو ڪري قيدين کي ڏيندا هئا. ٻن ٽن مهينن کانپوءِ اهو سرڪاري مهمان ڳري لوڻ ٿي ويندو هو ۽ دماغي صلاحيتون ختم ٿي وينديون هيس. اهو به ڀنگ وانگر هڪ دير اثر زهر آهي، جنهن جو جيئن پوءِ تيئن اثر وڌندو رهي ٿو ۽ اهڙي نشي ۾ ورتل ماڻهوءَ جو موت کانسواءِ ڪو ٻيو علاج نه هوندو آهي.
·           سنڌي ماڻهو نيراني نه پر منجهند جي ماني کائڻ کان پوءِ ڀنگ پيئي ٿو، تنهنڪري گهڻي تباهيءَ کان بچاءُ ٿيو وڃيس پر هن جي صحت، دماغ ۽ جسم جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ناس ٿيو وڃي.
ڀنگ پيئڻ مهل، تڏهن به ۽ اڄ به، موالي خوب نعرا هڻي پيئن ٿا. هي مضمون شروع ڪرڻ مهل پنهنجي ڳوٺ جي ڪاليج جي هڪ پروفيسر تي اهو ڪم رکيم، ته ڀنگ پيئڻ وارن موالين جا ڪجهه نعرا معلوم ڪري مون کي لکاءِ.... جيڪي ڪجهه هن ريت آهن:
·           ڀلي ڀلي اچي، سر سيد جو بچي، باقي جيڪو بچي اهو لٺ بانٺي هيٺان اچي.
·           پيئون ٿا ڀنگ، گهمئون ٿا جهنگ، موٽئون نه موٽئون، اسان جي مرضي.
·           پيئون ٿا چرس، گهمئون ٿا عرش، لهئون نه لهئون، اسان جي مرضي.
·           پيئون ٿا وسڪي، پئون ٿا کسڪي، اٿئون نه اٿئون، اسان جي مرضي.
·           ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو، ڀاڳ ڏئي ڀونڊا، ته ڏنڊا ۽ ڪونڊا.
·           ڀنگڙي سلطان، هيري موتيان دي کاڻ، نه جيوڻ ڪا آسرا، نه مرڻ دي ڪاڻ.
·           ڀنگ جهنگ ۾ پاڻي، جيئي لعل سيوهاڻي، ڪوڙي کي موچڙو موچڙاڻي، ھڪڙو صبح ته ٻيو سومھاڻي.
·           ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪون.
·           ڀنگ جهنگ ۾ پاڻي، ملڪ ۾ آباداڻي.
·           نشو ٿو سُرڪي، محبوب ٿو مرڪي، مُلو ٿو ڪُرڪي، ڄڻ پڻس جي ٿا پيئون.
·           ڀنگ ناهي ڏَهي آ، اسان جي پيئڻ جي وهي آ. ڌڙ ڳري ويو سسي رهي آ، سا به هاڻ قبر ڏي هلي رهي آهي.
·           ڀنگان پيئن پُٽَ مانجهي، ڀتيون ٿين سونُ، صبح مان ٿئي سانجهي.
·           ڀنگئي ڀائر ٻه ڄڻا، صوفي ست هزار، ماري متهرن سان، ڌڙ ڪيائونِ ڌار، پيئي لوڪ پچار؛ پڙ ڀنگئين کٽيو. (نعرو) (يعني؛ فقط ٻن موالين، ست ھزار صوفين تي سرسي حاصل ڪئي.)
·           تماڪو تاڻي، جنين وڌو جان ۾، تنين کي آڻي، حورون ڏيندا هنج ۾.
·           ڀنگئي دي جوءِ سدا سهاڳڻ، آفيمي دي جوءِ رووي، ڪيفي دي جوءِ ايوين آکي؛ ”ماريا هت نه هووي!“ (چوڻي)
·           ڀنگون ٿا پيئن ڀنگي، هايون ٿا ڪن هنگي، غرض نه اٿن گونھ جي.

مختلف شهرن ۽ ملڪن ۾ ڀنگ کي ڪنهن پيار-ڀرئي نالي يا Code Word ۾ به سڏيو وڃي ٿو. جيئن سنڌ ۾ ڀنگ کي سائي ٻوٽي يا سبز پري به چيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻين هنڌن تي ڀنگ لاءِ جيڪي نالا استعمال ٿين ٿا، انهن مان ڪجهه هي آهن:
افغاني، بلوبيري ببل، Early Girl پرپل اسٽار، نياگرا، 13G، بزوڪا، نائيٽ ڪئين، وائيٽ ڪلائوڊ، AK47، بلو ڊائمنڊ، همالاين گولڊ، شوا شانتي، ٽرٽل پاور، سئز مس، جئميڪن، پرل.... وغيره.
بهرحال ڀنگ جو شربت (Thandai)، ملڪ شيڪ يا چانهه پيئڻ يا ڀنگ جا پڪوڙا، سبز حلوو يا پراٺا کائڻ جسماني توڙي دماغي صحت لاءِ سخت نقصانڪار آهي، پر هتي انڊيا ۾ ٽوئرسٽ جي ڪشش لاءِ ”ڀنگ شاپ“ ائين کوليا ويا آهن، ڄڻ انهن تي امرت يا ترياق ٿو وڪامي. يورپي ٽوئرسٽن سان آئون جنهن ڀنگ شاپ تي پهتس، ان تي هڪ نارويجن ٽوئرسٽ به ٺونٺ جيڏي گلاس ۾ ”ڀنگ ڪي ٺنڊائي“ پي رهيو هو. منهنجي پڇڻ تي ”تون انڊيا اچي ڀنگ ڇو ٿي پين؟“ جهومندي جواب ڏنائين ته ”ان ڀنگ خاطر ته آئون انڊيا اچان ٿو.“
هن ڀنگ شاپ ۾، ڀنگ جي تعريف ۾، جنهن گاني جو رڪارڊ هر هر وڄي رهيو هو، ڪجهه هن ريت هو:
بھنگ کے نشے میں ایک ہوگئے ہم
بم چک بم چک بھولے بم چک بم بم
چل پڑے ہم تو مستی میں
ساری شور ہے بستی میں
بہہ چلے موج میں آج ہم
بھنگ کے نشے میں ایک ہوگئے ہم۔
*
آسمان سر پر اٹھائیں گے
نچکے سب کو نچائیں گے
روک نہ پائے گا کوئی
ہنسے تو ہنستے ہی جائیں گے
ہنگامہ ہوگا نہ آج کم
بھنگ کے نشے میں ایک ہوگئے ہم۔

No comments:

Post a Comment