سنڌ ايران ۽ ميرن جي حوالي سان
الطاف
شيخ
سنڌ يونيورسٽي جي ڊين قاسم ٻگهيو صاحب ٻڌايو ته سنڌ تي ايران ( پرشيا) جو اثر عربن کان به اڳ جو رهيو. سنڌو ندي جي ڪري هن علائقي جو نالو سنڌ پيو جيڪو پوءِ ايرانين (پرشن) جي اثر ڪري سنڌو مان ڦري هندو ٿيو جو ايران جي قديم پهلوي (فارسي) زبان ۾ ”س“ جو اچار ناهي، جيئن بنگالي ۾ ”و“ جو اچار نه هجڻ ڪري سندن ائير لائين جو نالو ايئر ومان بدران ايئر بمان آهي. بهرحال يوناني فاتح سڪندر اعظم جي سنڌ تي حملي بعد هو پنهنجي يوناني زبان جي اچارن موجب ”هندو“ کي انڊوس“ سڏڻ لڳا، جنهن مان اڄ جو ماڊرن لفظ انڊس جڙيو.
تاريخ نويس لکن ٿا ته سڪندر جي سنڌ تي حملي کان گهڻو اڳ ايراني حاڪمن کي سنڌ جي ڄاڻ هئي. ايراني شهنشاهه داريوس اول جنهن ايران تي ۵۲۱ قبل مسيح کان ۴۸۶ تائين ۳۵ سال کن حڪومت ڪئي، تخت تي ويهڻ بعد اٺ سال رکي، هن پنهنجي ملڪ (پرشيا) جون سرحدون سنڌ تائين ملائي ڇڏيون. هي B.C ۵۱۳ جي ڳالهه آهي.
۷۱۲ عيسوي سن ۾ محمد بن قاسم جي حملي بعد عربن جي حڪومت سنڌ ۾ قدم ڄمايو. الادريسي تاريخدان موجب شهدادپور کان ۶ ميل کن پري شهر منصوريا عباسي خاندان جي ٻئي خليفي منصور ٻڌرايو، جيڪو ۷۵۴ کان ۷۵۵ تائين خليفو رهيو. هارون رشيد خليفي پنهنجي حڪومت جي دور (۸۰۹-۷۸۶) ۾ پنهنجي حڪومت جون سرحدون سنڌ تائين قائم رکيون. ۷۱۲ ۾ محمد بن قاسم سنڌ کي فتح ڪيو، ان بعد پورا ٻه سئو کن سال سنڌ عربن جي اميه ۽ عباسي گهراڻن جي حڪومتن جو حصو ٿي رهي. اهي عرب خليفا ئي صوبائي گورنر مقرر ڪندا هئا ۽ تاريخ ۾ اهڙن ۳۷ گورنرن جو رڪارڊ موجود آهي. ان دوران ڪيترن سنڌي اسڪالرن مسلم دنيا ۾ مشهوري ماڻي. ايگريڪلچر ۽ ڪامرس ۾ ترقي ٿي، جنهن جا ثبوت منصوريا جي کنڍهرن مان ملن ٿا. ڏهين صدي ۾ سنڌ تي عربن بدران مڪاني ماڻهن جي حڪومت شروع ٿي. سمن ۽ سومرن سنڌ تي ڊگهو عرصو حڪومت ڪئي. سومرن جو واسطو مڪاني سنڌي ۽ عربن سان هو. شروع وارا سومرا حاڪم فاطمي شيعا اسماعيلي هئا ۽ هنن جون وفاداريون قاهري (مصر) جي فاطمي خليفي سان رهيون، جن ڏي هنن وقت بوقت ڏن (تحفا ۽ سوکڙيون) پيش ڪيون ٿي ۽ جنهن جو نالو جمعي جي خطبي ۾ ورتو ويو ٿي. سومرن سنڌ تي ۱۰۲۶ کان ۱۳۵۱ تائين حڪومت ڪئي. سومرن منصوريه کي گادي جو هنڌ ٺاهيو. محمود بن غزنوي جي حملي بعد هن ٺري (ماتلي کان ۸ ميل کن پري) کي گادي جو شهر بڻايو، ان بعد ۱۳۵۱ تائين تقريبن ۹۵ سالن تائين ٺٽو رهيو.
سومرن کي سمن (لس ٻيلي جي ڄامن، جيڪي اڄ ڪلهه عالياڻي سڏجن ٿا) ۱۳۵۱ ۾ شڪست ڏني. ڄام نظام دين سمن جو مشهور حاڪم ٿي گذريو آهي. مندرا رونجا، لاسي، ابڙا سمن جون ذاتيون Sub-castes آهن. بلوچستان وارو اڳوڻو وڏو وزير ڄام يوسف هن قبيلي جو سردار آهي ۽ سنڌ ۾ ڄام صادق علي مرحوم جو پٽ ڄام معشوق علي سردار آهي. سمن ۱۳۵۱ کان ۱۵۵۱ تائين سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪجهه حصن تي حڪومت ڪئي.
سمن بعد سنڌ تي ارغون گهراڻي جي حڪومت رهي. سما گهراڻي جي ڄام تماچي جي وفات بعد ڪيترا سما نواب گجرات لڏي ويا، جتي هنن جو اولاد اڄ تائين رهي ٿو. انهن مان هڪ ڀاءُ وري سنڌ موٽي آيو هو ۽ سيکاٽ ۾ اچي رهيو. هالا جي اسڪول ۾ هن سيکاٽ جا ٽي سما؛ عبدالغفور، محمد عمر ۽ خير محمد منهنجا به ڪلاس ميٽ رهيا ۽ سيکاٽ جو هڪ نوجوان سمو ڊاڪٽر حاجي محمد منهنجو جنرل فزيشن آهي. اسان جي ڪتابن جو پبلشر علي نواز گهانگهرو جي ذات پڻ سمن جي Sub-castes آهي، جيڪي رتوديرو، حيدرآباد ۽ ميهڙ ۾ رهن ٿا.
سنڌ هڪ وڏي عرصي تائين افراتفري جو شڪار رهي. سورهين صدي جي آخر ۾ ان تي دهلي جي حاڪم شهنشاهه اڪبر مغل جو ڪنٽرول رهيو ۽ ڏيڍ صدي تائين سنڌ جا سردار ۽ حاڪم هن کي ڏن ڏيندا رهيا. پوءِ ڪلهوڙا خاندان، جيڪي پنهنجو پاڻ کي عباسي گهراڻي جو اولاد ٿا سڏرائين ۽ سنڌ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي هئائون انهن ۾ ڪيترائي مذهبي ليڊر پيدا ٿيا، جن مان ميان آدم شاهه تمام مشهور ٿي گذريو آهي. هن جي پوئلڳن ۽ معتقدن جو تعداد ايڏو ته وڌي ويو جو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ هنن سترهن صدي ۾ اتر اولهه سنڌ تي سياسي ۽ انتظامي طرح قبضو ڪري ورتو ۽ ميان يار محمد جي اڳواڻي ۾ سنڌ مڪمل طور ڪلهوڙن جي قبضي ۾ اچي وئي ۽ سندس پٽ نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ سنڌ جو هيٺيون حصو به ڪلهوڙن جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو، جنهن جو ٺٽو گادي وارو شهر رهيو. ڪلهوڙن جي سنڌ تي ۱۷۸۴ تائين حڪومت رهي. ڪلهوڙن ۾ غلام شاهه ڪلهوڙو جنهن جي ۱۷۷۲ع ۾ وفات ٿي، سنڌ جو بيحد ناميارو حاڪم ٿي گذريو آهي. هي ڪلهوڙو حاڪم هو، جنهن قديمي نيرون ڪوٽ واري ڊٺل شهر جي سائيٽ تي اڄ وارو حيدرآباد شهر ٻڌرايو ۽ حيدرآباد جي ٽن ٽڪرين مان هڪ تي ۱۷۶۶ ۾ پڪو قلعو ٺهرايو، جنهن جو ڪم سانده ٻه سال هلندو رهيو. غلام شاهه ڪلهوڙي حضرت علي جي نالي تي هن شهر جو نالو رکيو جن کي حيدر جي لقب سان پڻ سڏيو وڃي ٿو.
مير (ٽالپر) اڄ جي ايران واري بلوچستان ۽ سيستان واري صوبي کان اسان واري بلوچستان ۽ سنڌ واري صوبي ۾ آيا، جن کي وقت جي ڪلهوڙا حاڪمن مڪاني باغي بلوچن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي فوج ۾ ڪمانڊرن ۽ ڪورٽ ۾ وزيرن جي عهدي تي رکيو. ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ هنن ميرن جي وڌندڙ طاقت ڏسي ۽ ڪجهه شڪ شبهي جي بنياد تي ميرن جي خونريزي شروع ڪئي. ۱۷۷۵ ۾ ميرن جي هڪ سردار مير بهرام خان جي قتل تي ميرن جي قبيلن ۾ سخت بيچيني وڌي وئي ۽ ست اٺ سالن جي ويڙهاند بعد آخر ڪلهوڙن کي ڪڍيو ۽ ۱۷۸۳ ۾ اپر سنڌ جو ڪنٽرول مير سهراب خان سنڀاليو ۽ برهان نالي شهر کي هن پنهنجي گادي مقرر ڪئي ۽ اهو نالو بدلائي خيرپور رکيو يعني خير جي زمين .
مير سهراب خان افغانين کي سنڌ مان تڙي حيدرآباد ۾ پنهنجي عزيز مير فتح علي خان ٽالپر کي اتي جو حاڪم بنايو. پاڻ ۱۸۱۱ تائين پنهنجي حڪومت کي ٽن حصن ۾ ورهائي ان جو انتظام پٽن حوالي ڪيو ۽ پاڻ احمد آباد قلعي ۾ جنهن جو بعد ۾ ڪوٽڏيجي قلعو نالو رکيو ويو، نئين زال سان شادي ڪري رٽائرڊ زندگي گذارڻ لڳو. کيس هن زال مان ۱۸۱۵ ۾ هن قلعي ۾ مير علي مراد ڄائو جيڪو سندس وفات بعد ۱۸۴۲ ۾ خيرپور جو والي ملڪ خداد داد ٿيو. کيس ۱۸۷۶ ۾ پرنس آف ويلس جو ۽ ۱۸۷۷ ۾ قيصر هند جو ميڊل مليو. پاڻ ڪيترين ئي زالن سان شادي ڪيائين جن مان کيس ڇهه پٽ ٿيا. ۱۸۹۴ ۾ وفات ڪيائين ۽ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. جيئن حيدرآباد جي شاهداداڻي ميرن جو قبرستان حيدرآباد ۾ آهي، ۽ ”ميرن جا قبا“ سڏجي ٿو، تيئن خيرپور جي سهراباڻي ميرن جو قبرستان قادر بخش جا قبا سڏجي ٿو.
مير علي مراد خان ٽالپر (۱۸۹۴-۱۸۴۲) بعد خيرپور تي هيٺين حاڪمن حڪومت ڪئي:
· مير فيض محمد خان ٽالپر- I ۱۸۹۴ کان ۱۹۰۹ تائين
· مير امام بخش خان ٽالپر- ۱۹۰۹ کان ۱۹۲۱ تائين
· مير علي نواز خان ٽالپر- ۱۹۲۱ کان ۱۹۳۶ تائين
· مير فيض محمد خان II - ۱۹۳۶ کان ۱۹۴۷ تائين
· مير علي مراد خان ٽالپر II - (جارج) ۱۹۵۱ کان ۱۹۵۴ تائين
(خيرپور رياست جو آخري والي)
۱۸۳۸ع ۾ انگريزن جي اچڻ بعد ٽالپرن جي حڪومت جي رٽ (Writ) سنڌ تي ڪمزور ٿيڻ لڳي، پر خيرپور جا مير اجايو مهاڏو (Confrontation) ڪرڻ بدران حڪومت جو ڪم هلائيندا رهيا ۽ حڪومت جون واڳون هڪ کان ٻي مير وارث ڏي ٽرانسفر ٿينديون رهيون. مير فيض محمد ٽالپر دوم( ۱۹۴۷-۱۹۳۶) واحد حاڪم هو، جنهن کي انگريزن لاهي ڇڏيو. هن جي صغير ۽ اڪيلي پٽ مير علي مراد خان ٽالپر دوم (جارج) جي تاجپوشي ڪرڻ بعد کيس انڊيا جي بهترين اسڪولن مان تعليم ڏياري. تيستائين خيرپور رياست جو انتظام انگريز هلائيندا رهيا. پاڻ مير فيض محمد جي ٻي زال دلهن پاشا بيگم مان هو، جيڪا خاتون ڪئمبرج يونيورسٽي جي گرئجوئيٽ هئي.
خيرپور رياست جو هي آخري والي مير علي مراد خان ٽالپر II انگريزي نالي جارج سان به سڏيو ويندو هو ۽ آرمي جي ليفٽيننٽ ڪرنل جو عهدو پڻ حاصل هوس، پاڻ نون مهينن جو هو ته سندس پيءُ مير فيض محمد ٽالپر (دوم) کان حادثاتي طور بندوق ڇٽي وئي ۽ گولي هن نون مهينن جي ٻار جي پيٽ ۽ ساڄي ڦڦڙ مان ٿيندي پٺ کان ٻاهر نڪري وئي. حياتي هئي جو بچي ويو. پاڻ (علي مراد ٽالپر) ٻه شاديون ڪيائين هڪ بهاولپور جي امير نواب سر صادق محمد خان عباسي جي ڌيءَ سان ۽ ٻي علامه رشيد ترابي جي ڌيءَ سان. کيس ٽي ٻار ٿيا:
مير عباس خان ٽالپر (ڄم جو سال ۱۹۶۵) انگلنڊ مان پڙهيو ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين. ٻيو پٽ مير مهدي رضا خان ٽالپر (ولادت ۱۹۶۷) آمريڪا مان تعليم حاصل ڪئي ۽ هاڻ خيرپور ۾ رهي ٿو. پاڻ خيرپور ميرس تاريخي ۽ ڪلچرل سوسائٽي جو سرپرست ۽ مهراڻو جنگلي جيوت جيڪو پارڪ مير سهراب خان ۱۷۹۰ع ۾ ٺهرايو، جو مئنيجر پڻ آهي ۽ ٽيون ڌيءَ ٻار صاحبزادي زهرا آهي.
اڄ جو هند سنڌ جو سنڌي نوجوان خيرپور جي هنن سهراباڻي مير حاڪمن مان سڀ کان گهڻو مير علي نواز خان ٽالپر (ڄم جو سال ۱۸۸۴، وفات ۱۹۳۷ ۽ گادي تي ويهڻ جو سال ۱۹۲۱) کان واقف آهي، جو سندس لاهور جي هڪ ڳائڻي بالي سان عشق جو مشهور داستان ويجهڙائي ۾ KTN ٽي وي چئنل تان ڊرامي جي انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ مغل صاحب جنهن جي چهري تي دشمني خاطر تيزاب هاريو ويو هو، مير علي نواز جو پارٽ ادا ڪيو ۽ بالي جو پارٽ سبرين هيسباڻي (مشهرو راڳي ماريا بلوچ جي ڌيءَ) ادا ڪيو. مير صاحب جيتوڻيڪ لاهور جي ايڇيسن ڪاليج مان پڙهيو، جنهن مان تن ڏينهن ۾ فقط انگريزن جا ٻار ۽ انڊيا جي نوابن ۽ راجائن جا ٻار پڙهيا ٿي، ان بعد انڊيا جي ملٽري ڪاليج ديرادون مان تعليم حاصل ڪئي، جنهن ڪاليج جي فوجي ٽريننگ جو معيار انگلينڊ جي سئنڊهرسٽ اڪيڊمي جيان سخت مڃيو وڃي ٿو پر مير صاحب کي اڳتي هلي عشق جي اهڙي چپيٽ لڳي جو پنهنجا حال افعال وڃائي ويٺو. مير صاحب جي عشق جو نظارو علي محمد راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب اهي ڏينهن اهي شينهن ۾ هن ريت چٽيو آهي.
....... مير علي نواز ٽالپر شاعر هو ۽ تنهن ڪر عاشق مزاج پڻ هو. سندس عشق لاهور جي هڪ مائيءَ سان ٿي ويو ۽ عشق به اهڙو جنهن کي واقعي عشق چئجي. لاهور هلي ويندي هئي ته پوءِ ويهي ڏسي مير مهجور جو حال! نينهن جي نانو ۾ نوڙت ڀريا نو سئو نياپا، سوز ۽ گداز جا دلدوز ثبوت، هجر جي رات جون ڪاريون ڪهاڻيون، شام غم ۽ صبح فراق جا قهري قصا، آزيون، نيزاريون، ميڙيون منٿون ۽ ان اپرانڌرپين جون همياڻيون.....
وڏي محنت ۽ مشقت بعد آخر مير صاحب جي باليءَ سان ۱۹۲۳ يا شايد ۱۹۲۴ ۾ شادي رچائي وئي. ڄڻ مئي مڙهه ۾ ساهه پئجي ويو، مير صاحب دل کولي خرچ ڪيو. مهمانن لاءِ ڪئمپون کلي ويون. اٽڪل اسي کن طائفا لاهور، امرتسر، دهلي ۽ بمبئي منجهان اچي ويا. جتان ڪٿان طبلي جي ٿاڦ ۽ سارنگيءَ جي رون رون ٻڌڻ ۾ پئي آيا. مختار بيگم امرتسري، جنهن اڳتي هلي وڏو نالو پيدا ڪيو. اڃا سندس اوائلي زمانو هو. سندس حسن ۽ جواني واري ٻوٽي کي اڃان ڪوسو واءُ نه لڳو هو. هڪ ٺمري خاص مزي سان ڳايائين.
مين تو سي ناهين بولون ري!
بمبئي مان هيرا ٻائي نالي هڪ طوائف آيل هئي جنهن جا وار ايڏا ڊگها هئا جو وارن جو مچو کڙين هيٺان ڏيئي ڇڏيندي هئي. مجلس هلندي خزانو خالي ٿي ويو. ڪيترن ڏينهن تائين پنهنجين فين وصول ڪرڻ خاطر طوائفن کي خيرپور ۾ رهي ڌڪا کائڻا پيا.
ميرن جي حڪومت شروع ٿيڻ وقت ڪلهوڙن جو آخري حاڪم ميان عبدالنبي ڪلهوڙو هو. هڪ ٻي پويان هالاڻي جي ٽن لڙائين بعد ڪلهوڙن کي مڪمل طور شڪست اچي وئي ۽ حيدرآباد جو پڪو قلعو ٽالپرن جي هٿن ۾ آيو. هي سال ۱۷۸۳ جي ڳالهه آهي. هالاڻي جي هنن لڙائين ۾ بلوچن جي ڪمانڊ هنن مير سردارن وٽ هئي.
مير فتح علي خان شاهدادڻي
مير ٺارو خان ولد مير فتح خان مانڪاڻي
مير الهه يار خان مانڪاڻي ۽
مير سهراب خان
ميرن جي طبيعت لالچ ۽ حرص واري نه هئي ۽ نه وري ڪي خود غرض هئا. هنن ٽالپر حڪمرانن لاءِ مشهور آهي ته هنن جا مزاج شاعراڻا ۽ طبيعت بخمل جيان نفيس هئي. پُر اثر لهجو ۽ رعبدار آواز سندن سڃاڻپ هئي. هنن هن ڌرتي تي امن ٿي چاهيو. گهڻي اندروني ويڙهه کان بچڻ لاءِ سنڌ ۾ ٽي پرڳڻا قائم ڪري ٽي گڏيل حڪومتون قائم ڪيون ويون. انهن مان هڪ پرڳڻو حيدرآباد مير فتح علي ٽالپر حوالي هو، جيڪي شاهداداڻي مير سڏجن ٿا. ٻيو ٿر ۽ ميرپورخاص وارو مير ٺاري جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جو اولاد مانڪاڻي مير سڏجن ٿا ۽ ٽيون خيرپور وارو مير سهراب حوالي جيڪي سهراباڻي مير سڏجن ٿا.
الوحيد اخبار جي هڪ پراڻي پرچي جي ڪٽنگ منهنجي سامهون آهي ميرپورخاص جي ٽالپرن لاءِ لکيل آهي ته:
”سنڌ فتح ڪرڻ وقت ميرپورخاص جي ٽالپرن مان مير ٺاري خان جو وڏو هٿ هو، جنهن کي ٿرپارڪر وارو ملڪ حصي ۾ ڏنو ويو. مير ٺاري خان جي وفات کانپوءِ سندس فرزند مير علي مراد خان ميرپورخاص جي گادي تي ويٺو، جنهن ۱۸۳۸ع ۾ ٻه پٽ ڇڏي وفات ڪئي. هڪ مير شير محمد خان ۽ ٻيو مير خان محمد خان. مير شير محمد خان انگريزي ۽ فارسي تاريخن ۾ ”شير سنڌ“ سڏيو ويو آهي. ۱۸۲۸ ۾ ڪمشنر مانسفيلڊ امرڪوٽ ۾ هڪ درٻار ڪئي، جتي مير صاحب مرحوم کي ستاره هند تمغه لقب سميت ڏنو ويو. پاڻ ۱۸۸۸ ۾ وفات ڪيائين. مير شير محمد ۲۴ مارچ ۱۸۴۳ تي سپاهين سميت حيدرآباد ڀرسان دٻي جي ميدان جنگ تي انگريزن جو دليري سان مقابلو ڪيو پر انگريز کٽي ويا ۽ سنڌ جي آزاد رياست برٽش انڊيا سان ملائي وئي.
هن دٻي جي لڙائي کان اڳ انگريزن جي لڙائي حيدرآباد جي ميرن سان ۱۶ فيبرري ۱۸۴۳ تي مياڻي وٽ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جو مشهور هيرو هوش محمد شيدي ميرن طرفان انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو هو.
ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ مير فتح علي خان ٽالپر خدا آباد ۾ رهيو ٿي. ڪلهوڙن کان سنڌ حاصل ڪرڻ بعد مير فتح علي ٽالپر خدا آباد ڇڏي ۱۷۸۹ ۾ حيدرآباد کي گادي جو شهر بڻايو. مير فتح علي خان پنهنجي حيدرآباد واري پرڳڻي تي اڪيلي سر حڪومت ڪرڻ بدران پنهنجن ٽن ڀائرن کي شامل ڪيو، جيڪا ميرن جي چوياري سڏجي ٿي. حيدرآباد ايندڙ اڌ صدي تائين (۱۸۴۳ ۾ انگريزن جي فتح تائين) سنڌ جي گادي جو شهر رهيو. هي حيدرآباد وارو مير فتح علي ٽالپر آهي، جنهن جي ۽ خيرپور ميرس واري مير سهراب خان جي بندوق، مشهد شهر ۾ امام علي رضا جي مقبري ڀرسان هٿيارن جي ميوزيم ۾ رکيل آهي.
No comments:
Post a Comment