يمن جو عدن ۽ سنڌ، بمبئي انتظاميه ۾ هئا
ايشيا توڙي آفريقا جي جنهن جنهن ملڪ ۾ انگريزن جي حڪومت رهي، اتي هنن اهو سٺو ڪم ڪيو ته سفر آسان ۽ تيز رفتار بنائڻ لاءِ ريل جا پٽا وڇائي ريل گاڏيون هلايون. سڄي ننڍي کنڊ ۾ ته ڇا سنگاپور، ملايا (هاڻوڪو ويسٽ ملائيشيا) هانگ ڪانگ جتي ڪٿي ريل جو بندوبست ڪيائون. ڪوالالمپور، اپوح، سنگاپور، ڪراچي، حيدرآباد، دهلي ۽ لاهور جي ريلوي اسٽيشنن تي مون کي وڏي مشابهت محسوس ٿيندي آهي. لڳندو آهي ته انهن کي ٺاهڻ وارا ساڳيا انجنيئر ۽ ڊزائينر آهن. انگريزن جا مختلف ملڪن جي شهرن ۾ جملي هزارين ميل ريل جا پٽا وڇايل آهن، پر انهن ريل جي پٽن جي شروعات ڪٿان ٿي؟
پهرين پهرين ريل جي لائين سال ۱۸۵۳ع ٿاني ۽ بمبئيءَ جي وچ ۾ ۳۵ ڪلوميٽر (۲۱ ميل) وڇائي وئي. جنهن کي ۱۸۶۰ع تائين وڌائي گجرات جي شهر برودا تائين پهچايو ويو. ان تي جيڪا ريل گاڏي هلي ٿي، اها BB&CI لائين سڏي وئي ٿي. يعني بمبئي بڙودا ائنڊ سينٽرل انڊيا. ۱۸۶۹ع ڌاري بمبئيءَ کان آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ جهازن) جي سروس شروع ٿي وئي. گجرات کان ڪاٽن ريل رستي بمبئيءَ پهتي ٿي. جتان جهازن ذريعي لنڪا شائر (انگلينڊ) موڪلي وئي ٿي. اتي جي فئڪٽرين ۾ ڪپڙو ٺهي وري بمبئيءَ آيو ٿي ۽ انڊيا جي مختلف مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿيو ٿي، نتيجي ۾ بمبئي شهر جي وڏي ڪمائي ٿِي ٿي، نه ته اهو سڀ ڪجهه سورت، بڙودا ۽ ٻين شهرن ۾ ڪم هليو ٿي. بمبئيءَ جي ترقي ڏسي اوسي پاسي جا ماڻهو بمبئيءَ ڏي لڏڻ لڳا ۽ بمبئي جي وئي آدمشماري وڌندي... نه فقط ڀر واري صوبي گجرات ۽ مهاراشترا جا پر سنڌ جا به ڪيترائي پورهيت، هنرمند ۽ تعليم يافته، خاص ڪري سنڌي هندو بمبئيءَ اچي رهيا ۽ بمبئيءَ مان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيائون. سنڌ تي، مياڻي ۽ دٻي جي لڙائين بعد، انگريزن جو قبضو ۱۸۴۳ع کان ٿي ويو هو. بلڪ سنڌ جو انتظام هلائڻ لاءِ سنڌ کي ۱۸۴۷ع ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. انڊيا ۽ اوسي پاسي جي ٻين ڪالونين جو انتظام هلائڻ لاءِ انگريزن، انڊيا کي پنهنجي حساب سان مختلف صوبن ۾ ورهايو هو، جنهن مان هڪ ”بمبئي پريزيڊنسي“ سڏيو ويو ٿي. اهو صوبو سترهين صدي ۾ ٺاهيو ويو هو، جنهن ۾ گجرات سان گڏ انڊيا جي ٻين رياستن جا حصا به ملايا ويا پئي. عروج وارن ڏينهن ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ گجرات جو سڄو صوبو، مهاراشترا جو اڌ کان وڌيڪ صوبو ۽ ڪرناٽڪا صوبي جو اتر- اولهه وارو حصو اچي ويو ٿي. ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ کي فتح ڪرڻ بعد سڄو سنڌ صوبو (خيرپور رياست کان علاوه) پڻ بامبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ان کان ۴ سال اڳ يمن جو بندرگاهه وارو شهر عدن پڻ (۱۸۳۹ع) ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪيو ويو هو. ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ جو بمبئي پريزيڊنسيءَ کان الڳ ٿيڻ تائين اسان جي سنڌ جا شاگرد مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ به بمبئيءَ ويندا هئا ۽ کين مختلف امتحانن جا سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگريون بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان ملنديون هيون.
ڪيترن ماڻهن کي حيرت ٿيندي آهي ته سنگارپور، جنهن جي چوڌاري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جا ٻيٽ آهن يا ٿورو اڳيان چين جو ملڪ آهي، ان ۾ ملئي ۽ چينين جو هجڻ ته صحيح آهي، پر ايترا تامل ڳالهائڻ وارا مدراسي ڪٿان آيا، جو ويندي سنگارپور جي قومي زبان ملئي، چيني ۽ انگريزي سان گڏ چوٿين زبان تامل آهي. اهو ان ڪري جو ملئي راجائن کان خريد ڪيل سنگاپور ٻيٽ جو انتظام انگريزن مدراس مان هلايو ٿي ۽ سنگاپور ”مدراس پريزيڊنسي“ صوبي ۾ ائين آيو ٿي، جيئن عدن (جنهن تي پڻ انگريزن جو راڄ هو). ان ڪري سنگاپور جي ڊيولپمينٽ لاءِ خاص ڪري روڊ ٺاهڻ، ريلوي لائين وڇائڻ ۽ جهنگن کي صاف ڪرڻ لاءِ برٽش انڊيا جي انگريز حڪومت مدراس پاسي جا ماڻهو سنگاپور موڪليا ٿي، جن جي مادري زبان تامل آهي. ائين ته چوڪيداري ۽ فوج لاءِ، دڪانداري ۽ واپار لاءِ انگريزن ننڍي کنڊ جي پنجابي مسلمانن ۽ سِکن، پٺاڻن ۽ سنڌي هندن ۽ گجرات صوبي جي مسلمان ۽ هندن کي به سنگاپور موڪليو پئي يا هُو پنهنجي مرضيءَ سان ويا ٿي، پر تاملن جو وڏو تعداد هو. اڄ به سنگاپور جي سرنگون روڊ (جنهن کي عام زبان ۾ لٽل انڊيا به سڏيو وڃي ٿو) دڪانن ۽ گهرن جا مالڪ سؤ سيڪڙو مدراس ۽ تامل ناڊو صوبن جا نظر ايندا.
ٻن انگريز حاڪمن جي ڏينهن ۾ بمبئي ۽ ويندي سنڌ ۾ ڪافي ترقي آئي ۽ هنن حاڪمن جي نالن جا روڊ ۽ يادگار عمارتون اڄ به ممبئيءَ ۽ ڪراچيءَ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن، جيڪي شهر بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ آيا ٿي، اهي آهن: لارڊ ايلفنسٽن، جيڪو ۱۸۵۳ع کان ۱۸۶۰ع تائين رهيو ۽ جنهن جي دور ۾ ۱۸۵۷ع وارو هنگامو به ٿيو هو ۽ ٻيو سر بارٽل فريئر جنهن جي ڏينهن ۾ بمبئيءَ وڏي ترقي ڪئي. سر بارٽل فريئر بابت هتي ٻه چار سٽون وڌيڪ لکڻ چاهيندس، جو هن جو سنڌ جي صوبي سان به واسطو رهيو ۽ اڄ واري سنڌي لکڻيءَ Script ۾ به هن شخص جون وڏيون ڪوششون آهن. ڪراچيءَ ۾ سندس نالي وارو روڊ ۽ فريئر هال عمارت (ميرٽ هوٽل جي سامهون ۽ جپان قونصل خاني سان لڳو لڳ) اڄ تائين سندس نالي سان قائم آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته فريئر پارڪ ۾ سندس يا شايد مهاراڻي وڪٽوريا جو جيڪو مجسمو لڳل هو، اهو هاڻ نظر نٿو اچي.
سر بارٽل فريئر ۱۸۱۵ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو. اسڪولي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ۱۸۳۴ع ۾ هن کي بمبئيءَ جي سول سروس ۾ رائيٽر جي حيثيت سان نوڪري ڏني وئي. انهن ڏينهن ۾ انگريز آفيسرن کي صوبي جي زبان سکڻي پوندي هئي، ان بعد کين نوڪري ملندي هئي. بارٽل فريئر مرهٺي پڙهيو ۽ امتحان پاس ڪرڻ بعد ۱۸۳۵ع ۾ کيس پوني جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو (اڳتي هلي جڏهن کيس ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو ته هن سنڌي زبان جو پڻ امتحان ڏنو). ۱۸۴۲ع ۾ هُو بمبئيءَ جي گورنر (سر جارج آرٿر) جو پرائيويٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. انگريزن جي هٿن ۾ سنڌ اچڻ بعد، ۱۸۵۰ع ۾ بارٽل فريئر کي سنڌ جو چيف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ۱۸۵۱ع ۾ هن ماڊرن ٽپال کاتي جو بنياد رکيو ۽ ٽپال گهوڙن رستي ڪراچيءَ کان ٺٽي، جتان پوءِ حيدرآباد ۽ ويندي ملتان تائين پهچندي هئي.
ڪراچيءَ ۾ فريئر هال ۽ روڊ کان علاوه فريئر ٽائون، جنهن جو مشهور پوليس ٿاڻو پڻ هن صاحب جي نالي آهي. کيس انگريز سرڪار طرفان SIR جو خطاب مليو ۽ ۱۸۶۲ع ۾ کيس بمبئيءَ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ هو مقامي ماڻهن جي خدمت جا ڪم ڪندو رهيو. پوني ۾ Deccan ڪاليج ۽ سول انجنيئرنگ جو ڪاليج سر بارٽل فريئر ٺهرايو. ممبئيءَ وارو فلورا فائونٽين هن جي ئي ياد ۾ ٺهيل آهي.
۱۸۶۷ع ۾ هو پنهنجي وطن انگلينڊ روانو ٿي ويو، جتي ۱۸۸۸ع ۾ ٿيمس نديءَ جي ڪناري تي هن جي مجسمي جي نقاب ڪشائي شهزادي ويلس ڪئي.
سر بارٽل فريئر جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب ”هز لائيف ائنڊ ڪرساپانڊنس“ جان ماريٽينو جو لکيل آهي، جيڪو ۱۸۹۵ع ۾ ڇپيو هو. سندس زندگيءَ تي هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ ڊي. پي. او ڪونر جو لکيل آهي. نالو اٿس The Zulu & The Raj- The life of Sir Bartle.
بمبئيءَ ۾ توهان جو جي هفتو ڏيڍ رهڻ ٿئي ٿو ته مٿي بيان ڪيل فلورا فائونٽين ضرور ڏسجو، اها نه رڳو ڏسڻ جهڙي، پر ان اڳيان بيهي فوٽو ڪڍائڻ جهڙي شيءِ آهي. ان اڳيان فوٽو ڪڍائي واپسيءَ تي جڏهن ڪراچيءَ پهتس ته فريئر هال اڳيان به بيهي فوٽو ڪڍائڻ جو شوق ٿيو، پر خبر ناهي ڇو اتي بيٺل پوليس مون کي فوٽو ڪڍڻ کان منع ڪئي. دل ۾ سوچيم ته، ’اسان جي ملڪ ۾ جي ائين هر ڳالهه تي منع ٿيندي رهندي ته پوءِ ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ اسان جي ملڪ ۾ ڌوڙ ايندا. پر ٿي سگهي ٿو اسان جي حڪومت طرفان يا واسطيدار اعليٰ عملدار طرفان منع نه ٿيل هجي. پوليس وارن ائين ئي پنهنجي لئه رکڻ لاءِ ٽرڙپائي ڪئي هجي.‘
سر بارٽل فريئر جي ياد ۾، ۱۸۶۹ع ۾ ممبئيءَ ۾ ٺهيل هي فلورا فائونٽين، ممبئي جي ڏاکڻي حصي فورٽ ۾ آهي. هن کي ڏسڻ لاءِ ڪنهن به لوڪل ٽرين ۾ چڙهي ممبئيءَ جي ڪنهن به آخري اسٽيشن CST (چتراپتي شيوا جي ٽرمينس) تي يا چرچ گيٽ واري ريلوي اسٽيشن تي لهي پوءِ بس يا ٽئڪسيءَ ذريعي پنجن منٽن ۾ پهچي سگهو ٿا. ممبئيءَ جي ڏاکڻي حصي کي وڌيڪ صاف سٿرو رکڻ ۽ گوڙ کان بچائڻ لاءِ آٽو رڪشائن کي هن پاسي اچڻ کان منع آهي، سو صحيح بس ڳولڻ جي کٽراڳ کان بچڻ لاءِ ٽئڪسي ڪرڻ بهتر آهي، جيڪا هر وقت ۽ هر هنڌ جام ملي ٿي ۽ ڪراچيءَ جي مقابلي ۾ ڀاڙو به گهٽ اٿس. فلورا فائونٽين هتوتما چوڪ وٽ Hornby روڊ تي آهي، جيڪو رستو هاڻ ڊاڪٽر ڊي. اين. روڊ يعني ڊاڪٽر دادا ڀائي نورو جِي روڊ سڏجي ٿو. ممبئيءَ جو هي علائقو ڪمرشل علائقو آهي، جتي توهان کي دنيا ڀر جون بئنڪون نظر اينديون. ان کان علاوه ممبئيءَ جي هاءِ ڪورٽ، ممبئي يونيورسٽي، بمبئيءَ جي پراڻي سيڪريٽريٽ، بامبي اسٽاڪ ايڪسچينج سڀ اتي ئي آهن ۽ انگريزن جي زماني جون هي ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ، امپريس مارڪيٽ، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جهڙيون انڊو يورو (Indo Euro) اسٽائيل عمارتون ڏسي سگهجن ٿيون.
فلورا فائونٽين بعد سگهوئي ۱۸۸۴ع ۾ بامبي ميونسپل ڪارپوريشن (BMC) بلڊنگ چتراپتي شيواجي ريلوي اسٽيشن جي سامهون ٺهي، جيڪا ۲۵۵ فٽ ڊگهي ٽاور کان مشهور آهي. بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن جو سنسڪرت ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل موٽو هن ريت آهي.“ ياتو ڌرما ستاتو جا يا“ يعني “Where there is Righteousness, there shall be victory.”
ڪراچي واري KMC بلڊنگ، جيڪا پڻ ڪافي سهڻي طرز جي ٺهيل آهي. ۱۹۳۰ع ۾ انگريزن ٺهرائي. جنهن سال (۱۹۸۴ع) بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن بلڊنگ جو انڊيا جي وائسراءِ لارڊ رپان سنگِ بنياد رکيو، انهي سال ڪراچيءَ ۾ ميري ويدر ٽاور جي نقاب ڪشائي ٿي هئي. اسان وٽ ڪي ماڻهو اهو ئي سمجهندا آهن ته، ايم. اي. جناح روڊ (اڳوڻو بندر روڊ) ۽ آءِ. آءِ. چندريگر روڊ (اڳئين مئڪلوڊ روڊ) جي منهن وٽ ٺهيل هي ٽاور ڪُئين مئريءَ جي ياد ۾ آهي، پر اهو سِر وليم ايل. ميري ويدر صاحب جي نالي آهي، جيڪو ۱۸۶۸ع کان ۱۸۷۷ع تائين سنڌ جو ڪمشنر ٿي رهيو. هن ٽاور کي مشهور انگريز انجنيئر جيمس اسٽريچن ڊزائين ڪيو، جنهن جون ڊزائين ڪيل ڪراچيءَ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي عمارتون آهن، جهڙوڪ ڊينسو هال، جهانگير ڪوٺاري بلڊنگ (ڪلفٽن تي)، ايمپريس مارڪيٽ صدر ۾ وغيره.
No comments:
Post a Comment