جنهن جي مجسمي تي ڪانگ ويٺل ڏٺم
گذريل مضمون ۾ سر بارٽل فريئر جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هُو سنڌ ۾ ڪمشنر رهڻ بعد بمبئيءَ ۾ گورنر ٿي رهيو ۽ هن جي نالي ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ، فريئر ٽائون ۽ ميرٽ هوٽل سامهون فريئر هال پڻ آهي. بمبئيءَ ۾ سندس يادگار لاءِ فلورا فائونٽين آهي.
فلورا فائونٽين جنهن روڊ تي آهي، ان جو نالو ڊاڪٽر دادا ڀائي نائورو جِي آهي. گذريل دفعي جڏهن انڊيا آيو هوس ۽ بڙودا شهر ۾ ترسيل هئس، ته اتي جي مشهور يونيورسٽي ”مهاراجا سياج رائو“ گهمڻ دوران شاگردن جي هڪ هاسٽل جو نالو ”دادا ڀائي نائورو جِي“ پڙهيو هئم.
ممبئيءَ ۾ اچڻ سان پهرئين ڏينهن ئي جڏهن پوليس رپورٽ لاءِ ايئرپورٽ کان فورٽ جي علائقي ۾ پهتو هئس ته ايندي توڙي واپس ورندي CST (چترا پتي شيوا جي ٽرمينس) ريلوي اسٽيشن وٽ ڪنهن عمارت اڳيان هڪ عجيب قسم جي ٽوپي ۽ چشمي سان ڏاڙهيءَ واري مرد جو ڌاتو جو مجسمو (Statue) ڏٺو هئم. هي پير مرد بيحد مڻيادار ۽ رعبدار لڳي رهيو هو. اوسي پاسي جي وڻن تي ويٺلن ڪانگن مان رکي رکي ڪو هن جي مٿي تي اچي ٿي ويٺو ۽ سندس چهري تي پکين جي وٺين جا نشان ڪي سٺا نه لڳي رهيا هئا. مجسمي هيٺان هن شخص جو نالو وغيره پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم، پر پڙهي نه سگهيس ۽ نه وري مون واري ڪار جنهن ۾ آءٌ سوار هوس ان جو ڊرائيور ٻڌائي سگهيو. انڊيا ۾ مجسما اڪثر مهاتما گانڌي ۽ جواهر لعل نهروءَ جا نظر اچن ٿا. ممبئيءَ جو شهر مهاراشترا صوبي ۾ هجڻ ڪري مهاراجا شيواجي جو Statue به ٿي سگهي ٿو، پر هي مجسمو انهن مان نه هو. هفتو کن پوني ۾ رهي پوءِ جڏهن ممبئيءَ آيس ته هن مجسمي وٽ ترسي پيس. ٻه چار فوٽو ڪڍيم ۽ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هيءُ ممبئيءَ جي هڪ پارسي ”دادا ڀائي نائورو جِي“ جو آهي. ان تي اندازو لڳايم ته هيءَ ضرور اهم شخصيت آهي، جنهن جي زندگي ۽ ڪمن جو احوال ضرور معلوم ڪجي. هونئن ته سورت ۽ ممبئيءَ جا ڪيترائي پارسي، سندن عوام جي ڀلائيءَ جي ڪمن کان نه فقط هندستان ۾ پر سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهن.
ائين ته ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ به پارسين جي وڏي Contribution آهي، خاص ڪري خيراتي ڪمن ۽ تعليمي ادارن جي حوالي سان، پر جيئن ته NED (نادر جي ايدلجي ڊنشا) ڪاليج، هاڻ يونيورسٽي، ماما پارسي اسڪول وغيره.
بهرحال ممبئيءَ جو هي پارسي دادا ڀائي نائورو جِي پنهنجي وقت جي هڪ اهم شخصيت ٿي گذريو آهي. پاڻ دانشور، تعليم ڏيڻ وارو، ڪاٽن جو واپاري ۽ انڊيا جي شروعاتي سياسي ليڊرن مان هڪ آهي. پاڻ ۱۸۲۵ع ۾ گجرات جي شهر نوسري ۾ ”نائورو جِي پالن جي دوردي“ نالي هڪ غريب آتش پرست ٻائي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. دادا ڀائي نائورو جي پهريون ايشيائي ماڻهو آهي، جيڪو انگلينڊ جي هائوس آف ڪامن جو ۱۸۹۲ع کان ۱۹۸۵ع تائين MP (ميمبر پارليامينٽ) ٿي رهيو. پاڻ ۽ ڊنشا ايدلجي واچا جهڙا، انڊين نيشنل ڪانگريس جا بنيادي ميمبر هئا. داداڀائي بعد انڊيا جا ٻه ڄڻا ٻيا به، جيڪي پڻ پارسي هئا، برطانيا جي پارليامينٽ جا ميمبر ٿيا: هڪ سر منچر جِي مروانجي ڀائوناگري ۽ ٻيو سر سوراڀجي سڪلات والا. دادا ڀائيءَ کي به انگريزن “SIR” جو خطاب ڏنو، پر هن قبول نه ڪيو. شهنشاهه ايران جو ڏنل ايوارڊ به هن سٺن لفظن سان موٽائي ڏنو.
داداڀائي نائورو جِي چئن سالن جو هو، ته سن ۱۸۲۹ع ۾ سندس پيءُ گذاري ويو. سخت غربت جي باوجود سندس ماءُ مانڪ ٻائيءَ کيس پڙهايو ۽ ان وقت جي رسمن مطابق هُو اڃا يارهن سالن جو ٻار هو ته سندس شادي گل ٻائي نالي ڇوڪريءَ سان ڪرائي ۽ سندس ماءُ پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي پٽ جي ساٿي ۽ اتساهه ٿي رهي. دادا ڀائيءَ پنهنجي يادگيرين واري مضمون “The Days of My Youth’ ۾ پنهنجي ماءُ لاءِ لکيو آهي ته: ‘She made me what I am’.
داداڀائي نائورو جِيءَ ممبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ۲۵ ورهين جي ڄمار ۾ هُو ان ڪاليج جو ۱۸۵۰ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ۱۹۵۵ع ۾ مئٿس ۽ نئچرل فلاسافيءَ جو پروفيسر ٿيو. اعليٰ تعليمي ڪاليج، جنهن ۾ پڙهائڻ وارا سڀ انگريز هئا، انهن ۾ هيءُ پهريون انڊين رکيو ويو. توهان جو، جيڪڏهن ممبئيءَ اچڻ ٿئي ته ڪجهه عمارتون، جيڪي توهان کي ضرور ڏسڻ کپن، جيئن CST ريلوي اسٽيشن ۽ ان کان اڳيان دادا ڀائي نائورو جِي روڊ تي فلورا ڦوهارو ۽ ٿورو ئي اڳيان هي ايلفنسٽن ڪاليج آهي. مٿيون داداڀائيءَ وارو روڊ ان ڦوهاري وٽ هتاتما چوڪ سان ٿو ملي، جتان ڏکڻ ڏي ويندڙ مهاتما گانڌي روڊ تي هي خوبصورت عمارت وارو ڪاليج آهي. ان ئي روڊ تي، هن ڪاليج کان اڳ، راجا بائي ڪلاڪ ٽاور، ممبئي يونيورسٽي (فورٽ وارو ڪئمپس)، ڊي. ساسون لئبريري ۽ سيشن ڪورٽون آهن. اهو علائقو ”ڪالا گهوڙا“ سڏجي ٿو.
داداڀائي نائورو جِي جن ڏينهن ۾ پڙهائي رهيو هو، انهن ڏينهن ۾ (۱۹۵۶ع ۾) هي ڪاليج اسڪول کان الڳ ٿيو، جيڪو پهريان ويهه سال کن اسڪول جي شڪل ۾ هو. هن ڪاليج جي بلڊنگ سر ڪائوسجي جهانگير جي ڏنل چندي مان ٺاهي وئي، جنهن جي مورتي داخل ٿيڻ واري در مٿان ٺهيل آهي ۽ هيءُ ڪاليج، بمبئيءَ جي انگريز گورنر مائونٽ اسٽئارٽ ايلفنسٽن جي نالي آهي. پاڻ ۱۸۰۸ع ۾ افغانستان ۾ سفير ٿي رهيو، ان بعد ۱۸۱۹ع ۾ بمبئيءَ جو گورنر ٿيو. پاڻ تاريخ نويس به هو. سندس تاريخ جو ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب ”دي هسٽري آف انڊيا“ تمام مشهور آهي. هونئن ممبئيءَ ۾ ايلفنسٽن نالي ايلفنسٽن سرڪل ۽ ريلوي اسٽيشن به آهي، پر اهي هن ايلفنسٽن جي ڀائٽيي لارڊ جان ايلفنسٽن نالي آهن، جيڪو پڻ ۱۸۵۰ع ۾ بمبئيءَ جو گورنر ٿيو.
پڙهندڙن لاءِ هتي هڪ دلچسپ ڳالهه لکندو هلان جيڪا مون کي پڻ هن ڪاليج جي پروفيسر مهتا ٻڌائي ،ته پاڪستان جو آخري گورنر جنرل ۽ پهريون صدر اسڪندر مرزا پڻ هن ڪاليج مان پڙهيو هو. ڪرڪيٽ جا رانديگر وجي مرچنٽ، دتوفدڪر، ۽ اجيت واديڪر به هن ڪاليج جا شاگرد رهيا. بالي ووڊ جو اداڪار سنجي دت، سياسي ليڊر ڊاڪٽر امبيڊڪر ۽ فيروز شاهه مهتا، انڊيا جي سابق مس انڊيا ۽ بالي ووڊ جي ائڪٽريس سواروپ سمپت، ٽاٽا گروپ جو سرپرست ۽ ڪارخانن جو مالڪ جمشيد ٽاٽا پڻ هن ڪاليج جا شاگرد هئا. بهرحال انڊيا جي مختلف ادارن جا ڪيترائي اهم ماڻهو هن ڪاليج جا شاگرد آهن. ايتري قدر جو پروفيسر مِلر هڪ دفعي هن ڪاليج جي گرئجويئٽس لاءِ چيو هو ته:
‘It was impossible to be great in India without being an Elphinstonian’.
منهنجي خيال ۾ اها اڄ به حقيقت آهي. بهرحال هن اعليٰ قسم جي تعليمي اداري کي قائم رهندي، اڄ ڏيڍ سؤ سالن کان به مٿي عرصو ٿي چڪو آهي، جهن جو پهريون انڊين پروفيسر دادا ڀائي نائورو جِي هو. ڪجهه عرصي بعد هن ڪاليج ڇڏي انگلينڊ ۾ بزنيس ڪيو، پر پوءِ هُن اتي جي ”يونيورسٽي ڪاليج لنڊن“ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. اتي هُو مئٿس ۽ فلاسافيءَ بدران گجراتي زبان جو پروفيسر ٿي رهيو. ۱۸۷۴ع ۾ هُو انڊيا آيو ۽ کيس بڙودا جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. ۱۸۸۶ع ۾ هُو انڊين نيشنل ڪانگريس جو صدر مقرر ٿيو.
داداڀائي نائورو جِي هڪ دفعو وري انگلينڊ آيو ۽ اتي جي لبرل پارٽي Join ڪري سياست ۾ حصو ورتائين. ۱۸۹۲ع ۾ جيڪا اليڪشن ٿي، ان ۾ هيءُ پهريون انڊين شخص هو، جيڪو برطانيا جي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. دادا ڀائيءَ لاءِ مشهور آهي ته هن کان جڏهن بائيبل تي ميمبرشپ جو قسم کڻايو ويو ته هن انڪار ڪيو، ڇو جو هُو عيسائي نه هو. ان تي هن کان پارسين جي پاڪ ڪتاب ”خورده اويستا“ تي قسم کڻايو ويو. هن جي اليڪشن ۾ محمد علي جناح صاحب پڻ مدد ڪئي. ۱۹۰۶ع ۾ داداڀائي نائورو جِي هڪ دفعو وري انڊين ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو. کيس انڊيا ۾ “Grand Old Man of India’ سڏيو وڃي ٿو. انڊيا جا مشهور سياستدان گوپال ڪرشنا گوکلي ۽ مهاتما گانڌي به هن جي شاگرديءَ ۾ رهيا. پاڻ ۹۲ ورهين جي ڄمار ۾ ۱۹۱۷ع ۾ بمبئيءَ ۾ گذاري ويو، جيڪا هاڻ ممبئي سڏجي ٿي.
دادا ڀائي نائورو جِي بيحد وڏي ڄمار ۽ ڪيترائي عهدا ماڻيا، جن مان ڪجهه جو مون هتي ذڪر نه ڪيو آهي. پڙهيل ڳڙهيل ۽ ذهين ته تمام گهڻو هو ۽ هن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا، جن مان ڪجهه مشهور هي آهن:
· The Manners and Customs of Parsees (۱۸۶۴)
· The European and Asiatic Races (۱۸۶۶)
· The wants and Means of India (۱۸۷۰)
· Poverty and Un British Rule in India (۱۹۰۱)
مٿي بيان ڪيل ڪاليج (ايلفنسٽن ڪاليج) جي لئبريري، جيڪا مون کي ممبئي يونيورسٽيءَ جي نهرو لئبريريءَ کان به وڏي لڳي، ان ۾ دادا ڀائيءَ جي مٿين ڪتابن مان هڪ ”دي وانٽس ائنڊ مينس آف انڊيا“ جو ۱۸۷۰ع وارو ڇاپو نظر آيو، جيڪو لنڊن جو ڇپيل آهي. هن ئي لئبريريءَ ۾ ڪيترائي اهڙا ڪتاب به نظر آيا، جيڪي دادا ڀائي نائورو جِي جي زندگيءَ تي ٻين لکيا آهن، انهن مان ڪجهه ليکڪ آهن: رستم پي ماساني، مُني راول، ايس. آر. بخشي، ديبندار ڪمار داس، زربانو گفرڊ، وغيره وغيره.
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان، ته داداڀائي نورو جِي نه فقط انڊيا جي پر اسان پاڪستانين لاءِ به هڪ اهم شخصيت آهي، جو اسان جي ليڊر محمد علي جناح نه فقط هن جي عزت ٿي ڪئي پر هن کي پنهنجو سياسي استاد (Mentor) پڻ سمجهيو ٿي، اسٽينلي والپرٽ جي چوڻ مطابق:
‘In politics, Jinnah’s heroes remained Dadabhai Naoroji and another brilliant leader of Bombay’s Parsi Community, Sir Pherozeshah Mehta....’
(آڪسفورڊ يونائيٽيڊ پريس طرفان ۱۹۸۴ع ۾ ڇپايل ڪتاب ”جناح آف پاڪستان“ تان ورتل).
ڪراچيءَ ۾ جناح جي مزار وٽ گهيري واري روڊ جو نالو هن پارسي سياستدان ۽ تعليمدان نالي ”سر دادا ڀائي نائورو جِي روڊ“ آهي. هيءُ مضمون لکڻ دوران منهنجو جناح جي مزار وٽان لنگهه ٿيو. اهو ڏسي افسوس ٿيو ته داداڀائي نائورو جي روڊ وارو سيمنٽ جو بورڊ ڪنهن ڀڃي ان جي جاءِ تي ٽين جو هڪ بورڊ هڻي ڇڏيو آهي، جنهن تي ڪنهن اسپري پينٽ سان لکي ڇڏيو آهي ته، ”پيشاب ڪرنا منع هَي.“ بورڊ کي ڊاهڻ واري شايد اهو سوچيو هجي، ته هڪ پارسي (باهه جي پوڄاريءَ) جي نالي روڊ ڇو هجي. ڊان اخبار جي مشهور پارسي ڪالم نويس ارڌشير ڪاواسجي ٻڌايو ته ان روڊ جو نالو محمد علي جناح جي وفات کان به هڪ سال اڳ رکيو ويو هو ۽ ان روڊ جي ڀر ۾ ئي اسان جو ليڊر آرامي آهي. اهڙيءَ طرح فريئر پارڪ جو به نالو بدلايو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ اسان کي اهو ڏسڻ نه کپي ته ڪو پارسي آهي يا عيسائي. اسان کي اهو ڏسڻ کپي ته هن ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن جي ڪنهن گهڻي خدمت ڪئي آهي.
هتي دادا ڀائي نائورو جِي جي انگلينڊ جي پارليامينٽ جو ميمبر ٿيڻ واري چونڊ بابت به لکندو هلان. دادا ڀائي نائورو جِي انهن اڳواڻ ميمبرن مان هو، جن انڊين نيشنل ڪانگريس ٺاهي. نائورو جِي انڊيا ڇڏي، جڏهن لنڊن وڃي رهيو هو، ته هن انگلينڊ جي هائوس آف ڪامنس جي ميمبر ٿيڻ لاءِ چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ۱۸۹۲ع ۾ هن کي ان جي ڪاميابي نصيب ٿي ۽ برطانيا جي پارليامينٽ جو پهريون انڊين ميمبر قرار ڏنو ويو. چون ٿا ته هن چونڊ ۾ نائورو جِي کي سوڀارو بنائڻ ۾، ان وقت جي وزيراعظم لارڊ سئلسبريءَ جو هٿ هو، جنهن دراصل نٿي چاهيو ته هي ايشيا جو ماڻهو، سندن گورن جي پارليامينٽ جو ميمبر ٿئي. وزيراعظم سئلسبريءَ پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي ملڪ جي انگريز عوام کي، نائورو جِي کي ووٽ نه ڏيڻ جي تلقين ڪئي ۽ هن کي ”ڪارو“ سڏيو. نائورو جِي کي ڪارو (Black Man) سڏڻ تي ماڳهين نائورو جِي انگريزن جو هيرو ٿي پيو ۽ انگريزن پنهنجي وزيراعظم جي ان نفرت جي مزاحمت ڪئي. دادا ڀائي نائورو جِي جو نالو گهر گهر جي ڳالهه ٿي پيو ۽ جنهن تڪ مان هُو اليڪشن ۾ بيٺو هو، ان جو مخالف اميدوار، جيڪو جيتوڻيڪ مقامي گورو انگريز ۽ حڪومت جي پارٽيءَ جو ماڻهو هو، پر بُريءَ طرح هارائي ويو. بقول ارڌشير ڪاواسجي جي:
The British, whatever else they may be, believe in fair play and supporting the under dog.
برطانيا جي هن وزيراعظم جي، انڊين باشندي دادا ڀائي نائورو جِي جي خلاف اها تقرير، سياست جو سبجيڪٽ پڙهندڙ شاگردن ۾ تمام مشهور آهي، خاص ڪري هيءُ ٽڪرو:
However great the progress of mankind has been and however for we have advanced in overcoming prejudices, I doubt if we have yet got to that point of view where a British constituency would elect a balck man...
No comments:
Post a Comment