جئه موتياڻيءَ سان ملاقات
اسان ممبئيءَ جي سيان (Sion) ريلوي اسٽيشن وٽ ٺهيل پُل تي، ڪجهه دير انتظار ڪيو ته ايتري ۾ جئه موتياڻيءَ جي ڪار پهچي وئي. هُن سان گڏ مون کي پوني وڃڻو هو. پوني ۾ دادا جشن واسواڻيءَ جي ۹۰هين جنم ڏينهن تي جشن ملهائي رهيا هئا. ان جشن ۾ راڳ روپ جي محفلن کان علاوه هڪ ”صوفيزم“ تي سيمينار به ڪري رهيا هئا. هن جشن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ساڌو واسواڻي مشن وارن دنيا ۾ رهندڙ ڪيترن ئي اديبن، شاعرن، آرٽسٽن ۽ ساڌو واسواڻيءَ جي مشن کي چاهڻ وارن کي دعوت ڏني هئي. مون کي ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ۽ ممبئيءَ جي مئرين اڪيڊميءَ جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ طرفان وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ اڳهين دعوت پهتل هئي. هاڻ جو پوني اچڻ لاءِ جڏهن چيو ويو ته مون کي ممبئيءَ کان وڌيڪ پوني وڃڻ جو شوق ٿيو. مون جيئن ئي هوش سنڀاليو ته پنهنجي ڏاڏيءَ ۽ پڦين کان پوني جون ڳالهيون ٻڌيون ته ڪيئن منهنجو والد ننڍو هو ته اسان جو ڏاڏو گذاري ويو. زمين سرڪار حوالي ٿي وئي، جيسين هُو وڏو ٿئي ۽ جيڪي ٿورو ڪجهه زمينن مان ملندو هو، ان مان ايتري پورت نه ٿيندي هئي، پر پوءِ هُنن ڀرت جو ڪم ڪري والد کي پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج مان پڙهائڻ لاءِ فِيُن جو بندوبست ڪيو. پوني جي موسم، ماڻهو ۽ ماحول، پنهنجي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ کان مختلف هو، سو اتي جون ڳالهيون منهنجو والد موڪلن ۾ اچي وڏي دلچسپيءَ سان پنهنجين ڀيڻن ۽ ماءُ سان ڪندو هوندو، جيڪي ساڳيءَ دلچسپيءَ سان ٻڌنديون هونديون، تڏهن ئي ته هنن کي چِٽيءَ طرح ياد ٿي ويون هيون.
- ۽ هاڻ مون کان جڏهن ساڌو واسواڻي مشن جي ائڊمن آفيسر رجني آهوجا پوني مان فون ڪري پڇيو ته آيا منهنجي پوني اچڻ جي پڪ آهي يا نه، ته مون يڪدم وڏي خاطريءَ سان هائوڪار ڪئي.
”پڪ؟“ هن هڪ دفعو وري ڪنفرم ڪرڻ ٿي چاهيو، ”مئڊم رجني پڪ سمجهه. بلڪ آءٌ ٻه ٽي ڏينهن پوني ۾ وڌيڪ رهي ان شهر جي گهٽي گهٽي گهمڻ ٿو چاهيان.“ ۽ پوءِ يڪدم منهنجي وات مان اهو به نڪري ويو ته، ”خبر اٿانوَ منهنجو پيءُ پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽيءَ) مان پڙهيو آهي. مون کي ان ڪاليج ۽ شهر ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي.“ اهو چوڻ بعد مون کي پاڻ ئي سٺو نه لڳو ته مون کي اهو چوڻ نٿي جُڳايو. مون کي جنهن سيمينار ۽ فنڪشن لاءِ گهرايو پيو وڃي، فقط ان ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ واکاڻ ڪرڻ کَتِي ٿي، پر اها به حقيقت آهي ته پوني جو هيءُ ڪاليج منهنجي ڌيان ۾ نه هجي ها ته ممبئيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ وارو پروگرام به ڪئنسل ڪريان ها، ڇو جو پوني وڃڻ جي پڪ بعد ئي ممبئي يونيورسٽيءَ جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي ۽ مئرين اڪيڊمي ممبئيءَ جي هيڊ ۽ مون سان گڏ سُئيڊن جي يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ واري ڪئپٽن برجيندرا ڪمار سئڪسنا کي مون ممبئيءَ اچڻ لاءِ هائوڪار جو خط لکيو هو.
ممبئيءَ کان پوني پهچڻ جي رهنمائيءَ لاءِ ساڌو واسواڻي مشن جي ڪو چيئرپرسن مئڊم ڪرشنا ڪماريءَ، مون کي ممبئيءَ ۾ رهندڙ بزنيس مئن جئه موتياڻيءَ سان لهه وچڙ ۾ اچڻ لاءِ چيو ۽ جئه کي فون تي ڳالهائڻ مان ئي محسوس ڪري ورتم ته، هُو تمام سٺي طبيعت جو آهي. هن مون کي پوني وڃڻ جو ڪو رستو ٻڌائڻ بدران يڪدم چيو: ”سائين توهان فڪر ئي نه ڪريو. بس رڳو ممبئي ايئرپورٽ تي لهجو. منهنجو ڊرائيور توهان کي رپورٽنگ ۽ رجسٽريشن لاءِ پوليس اسٽيشن به وٺي هلندو ۽ ان بعد آءٌ پاڻ توهان کي پوني وٺي هلندس ۽ پوءِ واپسيءَ تي توهان جي دل چيو ته ڀلي اڪيلو باءِ ٽرين يا باءِ بس موٽجو.“
اهو ٻڌي مون کي خوشي ٿي ۽ آءٌ سفر جو سوچڻ بدران سڪون سان پنهنجن ليڪچر ٺاهڻ ۽ صوفيزم تي سيمينار ۾ پيپر پڙهڻ ڏي ڌيان ڌرڻ لڳس.
ممبئيءَ جي سيان پل وٽ جڏهن جئه موتياڻيءَ سان ملاقات ٿي ته ڏٺم ته هو خوب سيرت سان گڏ خوبصورت ۽ خوش مزاج ماڻهو پڻ لڳم. سچ ته اهو آهي ته پوني بعد ممبئيءَ آيس ته به آخري ڏينهن تائين هن سان ملندو رهيس ۽ سندس دلچسپ ڳالهيون ٻڌندو رهيس. هن شخص ۾ صبر ۽ شڪر جو جذبو ۽ سخاوت جو درجو ڏسي، مون کي حيرت ٿي ٿِي. سڄو ڏينهن غريب غربي جي ڪمن پٺيان لڳو رهيو ٿي. هن کي پنهنجي بزنيس جو به فڪر نٿي ٿيو.
”دادا جو چوڻ آهي ته،“ هُو چوندو هو، ”جيترو ٿي سگهي ڏيو، ڏيو، ڏيو... ضرورتمندن جي مدد ڪريو. غريب کي پئسو ڏوڪڙ ڏيو، بيمار جي خدمت ڪريو.“ ساڌو واسواڻي ۽ دادا جشن جي سچن پوئلڳن مان جئه موتياڻي به هڪ آهي.
ساڌو واسواڻي مشن، جنهن جو ڪم خير خيرات ڪرڻ، هر غريب غربي لاءِ تعليم عام ڪرڻ ۽ مريضن ۽ ضرورتمندن جو علاج ڪرائڻ جهڙا ڪم آهن، ان مِشن جو جئه موتياڻي ممبئي برانچ جو جنرل سيڪريٽري آهي. سندس اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن سان گهڻي ڄاڻ سُڃاڻ هجڻ ڪري، هُو هر وقت غريبن جي دوا درمل جي بندوبست ڪرڻ لاءِ پريشان رهيو ٿي. کيس ان ڪم ۾ سڀ کان گهڻي مدد ”اوم پروڊڪشن“ جي مالڪ مهيش منيال ڪئي ٿي. مهيش جي ڏاڏي ڪشن داس جو شڪارپور ۾ سيڌي جي سامان جو دڪان هو. سندس پيءُ لکميچند منيال سنڌ مان لڏي اچڻ وقت پهرين ممبئيءَ جي علائقي پاريل ۾ اچي رهيو ۽ پوءِ سيان (SION) ۾ Settle ٿيو. پاڻ پهريائين ڪپڙي مارڪيٽ ۾ ڪم ڪيائين، ان بعد پيپر مرچنٽ ٿيو ۽ ممبئيءَ جي فورٽ واري علائقي ۾ آفيس ۽ ڪاغذ جو گُدام کوليائين، جتي هاڻ سندس ٻه پٽ مهيش ۽ منوج ساڳيو ڪاغذ جو ڪاروبار هلائين ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته هتي ئي ڏوڏيجا پيپر مارٽ جي آفيس پڻ هئي، جنهن جو مالڪ لوڪرام ڏوڏيجا، سنڌيءَ جو ناميارو اديب ٿي گذريو آهي. سندس هڪ ڪتاب، ”وساريو نه وسرن- منهنجو وطن منهنجا ماڻهو“ بيحد مشهور ٿيو، جنهن ۾ هن ۱۹۱۲ع کان ۱۹۴۷ع تائين جو دلچسپ احوال لکيو آهي. حيدرآباد جي انڊس گلاس فئڪٽريءَ جي مالڪ لوڪرام، ممبئيءَ اچي ڪاغذ جو ڪاروبار ڪيو، جيڪو سندس وفات بعد پٽ گرڌاري هلائيندو رهيو. مهيش منيال کان خبر پيئي ته اڄ ڪلهه لوڪرام جا پوٽا پنهنجن وڏن جو ڪاروبار هلائين ٿا ۽ ڪجهه سال ٿيا ته هُو هتان پنهنجي آفيس شفٽ ڪري پوني وڃي رهيا آهن.
بي پهچ ۽ بي سهارا مريضن جي مدد ڪرڻ اسان واري ميزبان جئه موتياڻيءَ جي اولين ترجيح رهي ٿي. اهي چاهي سنڌي هجن يا مقامي مرهٺا، هندو هجن يا مسلمان عيسائي... هُن، ضرورتمند انسانن جي مدد ڪرڻ پنهنجي ڊيوٽي سمجهي ٿي. جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته، ”ٻن سالن کان اسان سنڌ جي ٻارن جي دل جون اهي آپريشنون ڪرائي رهيا آهيون، جيڪي پاڪستان ۾ نٿيون ٿين. ان ڪم لاءِ سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن وارا اسان سان سهڪار ڪري رهيا آهن ۽ هيستائين اٺ کن ٻارن جون ڪاميابيءَ سان آپريشنون ٿي چڪيون آهن.“
جئه موتياڻيءَ، جيتوڻيڪ مون کي سختيءَ سان منع ڪئي ته آءٌ دادا جشن واسواڻيءَ جي مشن مطابق جئه (۽ ٻيا ڪارڪن جيڪا خدمت ڪن ٿا) انهن جي تعريف ۾ ڪجهه نه لکان، جو هُو ان کي پنهنجو فرض ٿا سمجهن، پر ساڳئي وقت انڊيا کان موٽڻ بعد ڪجهه ٻارن ۽ انهن جي والدين سان ملاقات ٿي ته ڏٺم ته اُهي ساڌو واسواڻي مشن لاءِ دعائون ٿا ڪن ۽ سندن تعريف به ٿا ڪن ته هنن کي شاباس هجي، جو هنن نه فقط پئسو خرچ ڪيو، پر پنهنجو وقت به ڏنو. انهن ئي مرِيضن مان نئون جتوئي ڳوٺ جي ستين ڪلاس جي نياڻي اقصيٰ ارم آهي، جنهن کي گهر ۾ سونهن سڏين ٿا. هن جي والد وزير حسين سومري ٻڌايو ته هونئن ٻين ٻارن جي آپريشن تي ڏيڍ ٻه لک خرچ ٿو ٿئي، پر سندن ڌيءَ سونهن تي واسواڻيءَ وارن جو ٻيڻو ٽيڻو خرچ اچي ويو، جو پهرئين دفعي وڃڻ تي آپريشن ٿي نه سگهي، جو سونهن کي سائي (Jaundice) هئي. سو پهرين ان جو علاج هلندو رهيو ۽ اسان وطن موٽي آياسين ۽ پوءِ وري ٻيو دفعو اسان کي گهرايو ويو ۽ آپريشن ٿي. ٻئي دفعا سونهن جا ماءُ پيءُ به ويا، پهرئين دفعي مهينو ۽ ٻئي دفعي کين ٻه مهينا رهڻو پيو. هنن سڀني جي هوائي جهاز جي ٽڪيٽن، ممبئيءَ ۾ رهائش، کاڌي پيتي ۽ نانا واتي هاسپيٽل ۾ آپريشن وغيره جو سڀ خرچو واسواڻي مشن وارن ڏنو. سونهن جي والده ٻڌايو ته پئسو خرچ ڪرڻ کان علاوه جئه موتياڻي، سندس زال نيلو ۽ ڌيءَ خوشبوءِ اسان جي هر وقت سارَ سنڀال لهنديون رهيون ۽ اسان جو وڏو خيال رکيائون.
آءٌ جنهن ڏينهن ممبئيءَ کان ڪراچيءَ موٽي رهيو هئس، ان کان هڪ ڏينهن اڳ به لاڙڪاڻي کان ماهنور نالي هڪ ڇهه ست سالن جي نياڻي پنهنجي پيءُ عبدالقيوم انصاريءَ ۽ ماءُ سان گڏ ممبئيءَ پهتي هئي، جنهن جي پڻ ناناوتي اسپتال ۾ دل جي آپريشن ٿيڻي هئي. مون ڏٺو ته هنن جي آڌرڀاءُ ۽ رهائش جي بندوبست ۽ ڊاڪٽرن سان صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن جئه موتياڻي ۽ سندس دوست مهيش منيال ڊوڙندا رهيا.
جئه موتياڻيءَ جي ممبئيءَ جي کار واري علائقي ۾ The Enterprise نالي پنهنجي ڪمپني آهي، جنهن کي هُو ۽ سندس وڏو ڀاءُ موهن موتياڻي هلائين ٿا. سندس باقي ٻه ڀائر سريندر ۽ سُنيل موتياڻي دبئيءَ ۾ بزنيس هلائين ٿا.
جئه جي ڏاڏي رامچند موتياڻيءَ جو ميرپورخاص ۾ ڪاروبار هو. ورهاڱي بعد جئه جا والدين وشنداس موتياڻي ۽ پدما آئيداساني پهرين جوڌپور ۾ آيا، جتان پوءِ ممبئيءَ ۾ اچي Settle ٿيا. جئه جو والد ۱۹۷۹ع ۾ گذاري ويو، ان کان پوءِ جئه ۽ سندس ڀاءُ فئمليءَ جي بزنيس کي هلائين ٿا. جئه جي زال نيلو، هري رام مانجهاڻيءَ جي ڀيڻ ٿئي. هُو صاحب ميرپورخاص جو MPA آهي ۽ اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. جئه جي وڏي ڀاءُ موهن (من) جي زال لليتا نيلو جي ڀيڻ ٿئي. جئه جي ننڍي ڀاءَ سُنيل (دبئي واري) جي زال ڀارتي ٽنڊي محمد خان جي ڪشن ڀوڄواڻيءَ جي ڌيءَ آهي.
No comments:
Post a Comment