ممبئيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ ڪاليج بورڊ
الطاف شيخ
ممبئيءَ کان پوني هلڻ لاءِ مون پنهنجي بئگ جئه موتياڻيءَ جي ڪار ۾ رکي، ساڌو واسواڻي مشن طرفان، پوني ۾ بندوبست ڪيل ٽن ڏينهن جي فنڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ، ممبئيءَ جون سنڌي فئمليون هڪ ڏينهن پوءِ نڪرڻ واريون هيون، پر جئه موتياڻي منهنجي ڪري اڄ ئي پوني هلي رهيو هو. ساڻس گڏ سندس ڌيءَ، اي ليول جي شاگردياڻي ”خوشبو“ پڻ هلي رهي هئي ۽ هن سان گڏ پٺينءَ سيٽ تي ويٺل، مونا نالي وڏي ڄمار جي ليڊي ڊاڪٽر پڻ هئي، جنهن ٻڌايو ته هن کي اڄ به ياد آهي ته، ”هُوءَ جڏهن ۱۹۳۸ع ۾ حيدرآباد جي ميران ٻائي اسڪول ۾ پرائمري ڪلاسن ۾ هئي ته ساڌو واسواڻيءَ پاڻ اچي ڪلاس ۾ هلندڙ پڙهائي چيڪ ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ اسان کي نصيحت ڀريون ڳالهيون ٻڌائيندو هو.“ جئه ٻڌايو ته سندس زال جي طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري، هن ڀيري هُوءَ دادا جشن جو هي فنڪشن اٽينڊ نه پئي ڪري، نه ته هن قسم جا فنڪشن جتي ڪُنڊ ڪڙڇ کان آيل سنڌي فئمليون اچيو ٿيون گڏ ٿين، هوءَ هرگز مِس نه ڪندي آهي.
جئه گاڏي اسٽارٽ ڪري اڳتي وڌائي ڇڏي. گاڏي ڪجهه دير سيان واري علائقي جي روڊن تي ئي هلندي رهي، جنهن سان گڏ جيڪو علائقو مليل آهي، اهو چيمبور سڏجي ٿو. آءٌ دريءَ مان SION ۽ چيمبور علائقي جون عمارتون، پارڪ، روڊ ۽ انهن جي سڃاڻپ لاءِ لڳل سائن بورڊ پڙهندو هلان ٿو.
سيان ٽرومبي روڊ
آيورويديڪ هاسپيٽل
اشوڪ نگر،
حاجي ملنگ نگر،
راهل نگر،
وشواگوتم نگر،
شانتي نگر.... وغيره وغيره
جيئن اسان وٽ پنجاب ڪالوني، دهلي ڪالوني، نيلم ڪالوني، شيرين جناح ڪالوني ۽ ٻيون ڪيتريون ڪالونيون آهن، جيڪي فقط ڪلفٽن جي علائقي ۾ اچن ٿيون.
هڪ چؤنڪ جو نالو ’آڏواڻي چؤنڪ‘ لکيل هو، جيڪو پڪ ڪنهن سنڌي هندوءَ جي نالي هوندو. آڏواڻي فئمليءَ جا ڪيترائي ميمبر ممبئيءَ، بلڪ انڊيا ۾ مشهور آهن، جن جون ڪيترن ئي ڪمن ۾ پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون ڪيل آهن. سڀ کان وڏي اهم شخصيت لال ڪرشنا آڏواڻي آهي، جيڪو ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۴ع تائين انڊيا جو ڊپٽي پرائيم منسٽر به ٿي رهيو ۽ اڄڪلهه لوڪ سڀا جي مخالف ڌر جو ليڊر آهي. پاڻ انڊيا جي BJP (ڀارتيا جنتا پارٽي) جو سينئر ليڊر آهي، بلڪ سندس پارٽي، ايندڙ چونڊن لاءِ هن جو نالو وزيراعظم لاءِ ڏيڻ جي سوچ رکي ٿي هتي هڪ همراهه کي چيم ته، ”آڏواڻي هيڏي وڏي عمر جو آهي، حڪومت جو ڪاروبار ڪئين هلائي سگهندو؟“
ٺهه پهه وراڻيائين، ”ايڏو ته پوڙهو ڪونهي. قائم علي شاهه جيڏو ٿيندو، اهو به ته سنڌ جي وزارتِ اعليٰ هلائي رهيو آهي.“ مون ان ڏينهن محسوس ڪيو ته سياستدانن لاءِ شايد ڪا رٽائرمينٽ جي عمر جي حد مقرر ناهي. بهرحال مون کي قائم علي شاهه جي صحيح عمر جي خبر ناهي، پر لال ڪرشنا آڏواڻي ۱۹۲۷ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪشنچند آڏواڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. هن نيشنل ڪاليج حيدرآباد مان پڙهڻ بعد ايل ايل بي (وڪالت) جي ڊگري بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪئي.
جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته اهو ننڍڙو چوراهو (چؤنڪ) لال ڪرشنا آڏواڻيءَ نالي نه ٿي سگهندو، بلڪل صحيح هوندو. هن جي نالي ڪو روڊ يا چؤنڪ ممبئيءَ جي ڪٿي وچ شهر ۾ هجڻ گهرجي. هي اسان ممبئيءَ جي پوڇڙ وٽ هئاسين، سمجهو ته ڪراچيءَ وارو ملير يا لانڍي هجي يا ماڙيپور يا ماچ ڳوٺ هجي. منهنجي ڌيان ۾ هڪ ٻه ٻيون آڏواڻي شخصيتون به هيون، جيئن ته ڊاڪٽر پورنيما آڏواڻي، جيڪا فزيوٿيراپسٽ به آهي ته قانون جي مضمون ۾ ڊاڪٽوريٽ به آهي. هُوءَ انڊيا جي نيشنل ڪميشن جي چيئرپرسن به رهي چڪي آهي ۽ ڪيترن ڪتابن جي ليکڪا پڻ آهي.
خود لال ڪرشنا آڏواڻيءَ جي ڌيءَ پراتيڀا آڏواڻي به اهم شخصيت آهي. هوءَ يونين هوم منسٽر به رهي چڪي آهي. پاڻ ٽي وي جرنلزم کان به مشهور آهي. پاڻ جين چئنل تي کوج پروگرام جي ائنڪر ٿي ڪم به ڪيو اٿس ۽ شتروگن سنها سان ڪنهن سيريل ۾ ۲۲ اپيسوڊ ڪيائين.
ائين هتي جو هڪ رهاڪو پنکج آڏواڻي به آهي، جيڪو سنوڪر راند جو ورلڊ چئمپين آهي، پر اسان واري ميزبان چيو ته انهن مان ڪوبه ٿي نٿو سگهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو چوراهو اشوڪ ۽ هيرو جي پيءُ مشهور بئريسٽر هوتچند آڏواڻيءَ نالي هجي، جو ان چؤنڪ جو سڄو نالو ”ايڇ آڏواڻي چؤنڪ“ آهي.
اشوڪ ۽ هيرو ٻه ڀائر ممبئيءَ ۾ رهن ٿا. اشوڪ بزنيس مئن آهي ۽ هيرو پنهنجي پيءُ وانگر ممبئيءَ جو مشهور بئريسٽر آهي. سندن پيءُ هوتچند آڏواڻي ڏهاڪو کن سال اڳ گذاري ويو. منهنجي سندس زال (هيرو ۽ اشوڪ جي ماءُ) دادي ساوتريءَ سان ملاقات، پوني ۾ دادا جشن جي فنڪشن تي اوچتي ٿي. هوءَ انهيءَ گيسٽ هائوس جي بلڊنگ ۾ ٻئي فلور تي ٽِڪيَل هئي، جنهن جي چوٿين تي آءٌ رهيل هئس. نيرن تي وڃڻ لاءِ هُوءَ پنهنجين ٻن مرهٺي خدمتگار ڇوڪرين سان گڏ آهستي آهستي ٿي لفٽ اندر گهڙي ته مون کي سندس وڏي عمر ڏسي، سندس همت ۽ جذبي کي داد ڏيڻو پيو. جنهن ٽيبل تي هن کي سندس خدمت چاڪري ڪرڻ وارين ڇوڪرين ويهاريو، آءٌ به نيرن کڻي اتي اچي ويٺس ۽ کانئس اهو ٻڌي خوشي ٿي ته هُوءَ مشهور بئريسٽر هوتچند آڏواڻيءَ جي پتني آهي. مون سمجهيو ته هن نوي ورهين جي ڄمار واري عورت سان سوال جواب ڪندي مون کي ڪافي دِقت محسوس ٿيندي. هُوءَ ضرور آهستي ڳالهائيندي ۽ ٽيبل جي ٻئي پاسي ويٺل آءٌ، چڱيءَ طرح ٻڌي نه سگهندس يا وڏي عمر جي ڪري شايد هُوءَ ڪَنَن کان ڳري هجي ۽ منهنجي ڳالهه ٻُڌي يا سمجهي نه سگهي، پر جسماني طرح ڪمزور نظر اچڻ جي باوجود هُوءَ ڳالهائڻ ٻولهائڻ چُست ۽ ٻُڌڻ ۾ بلڪل سرل هئي. پاڻ ٻڌايائين ته هوءَ ۱۹۱۴ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي (يعني جيڪو مون سندس عمر جو نوي سال اندازو لڳايو ان کان به پنج سال وڏي نڪتي ۽ لال ڪرشن آڏواڻيءَ کان به تيرهن سال وڏي ٿي.) پاڻ ۱۹ سالن جي هئي ته سندس شادي حيدرآباد جي مشهور وڪيل گوپالداس آڏواڻيءَ جي پٽ هوتچند سان ٿي. پاڻ ٻڌايائين ته هن مئٽرڪ ڪراچي جي هرديوي ٻائي ۽ وشن ديوي اسڪول مان ڪئي ۽ گريجوئيشن هندستان لڏي اچڻ کان اڳ بمبئيءَ مان ڪئي. کين ٽي پٽ ٿيا پر راجڪمار ننڍيءَ عمر ۾ گذاري ويو. باقي ٻه پٽ اشوڪ ۽ هيرو ممبئيءَ جا مشهور وڪيل ۽ بزنيس مين آهن. ساوتري جنهن کي سڀ عزت مان دادي سڏي رهيا هئا، جو مڙس بئريسٽر هوتچند آڏواڻي (جنهن جي نالي شايد هي چيمبور علائقي وارو چوراهو ”ايڇ آڏواڻي چوڪ“ سڏجي ٿو)، هڪ وڏو مُخيَر (Philanthropist) ٿي گذريو آهي، جنهن نه فقط حيدرآباد سنڌ ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، پر هندستان جي ورهاڱي بعد ممبئيءَ اچي، اُتي به HSNCB (حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيٽ بورڊ) قائم ڪيو، جنهن اداري هيٺ هڪ هڪ ڪري ڪيترائي ڪاليج ممبئي ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ کوليا ويا. اڄ انهن ڪاليجن جو تعداد ٽيهن کان به مٿي آهي. پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جو انگ ته ان کان به وڌيڪ آهي. سنڌين جا هي تعليمي درسگاهه نه فقط مختلف مضمون پڙهائڻ کان، پر سندن بلند معيار سببان سڄي هندستان ۾ مشهور آهن ۽ سڀ ممبئي يونيورسٽيءَ سان Affiliated آهن.
هي بورڊ HSNCB (حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيئيٽ بورڊ) پهرين ۱۹۲۱ع ۾ حيدرآباد ۾ جوڙيو ويو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ”بمبئي پريزيڊنسيءَ“ جي سنڌ ڊويزن سڏي وئي ٿي. ان وقت حيدرآباد ۾ هن بورڊ طرفان ”رشي ڏيانند گدومل ڪاليج“ کوليو ويو ۽ پوءِ ويهن سالن بعد هن بورڊ طرفان ڪامرس ڪاليج لاءِ سيڪشن ٺاهي وئي. ورهاڱي وقت ”ڪي ايم ڪند ناني“ ڪاليج جو پرنسپال هو. ممبئيءَ اچي هن پرنسپال ۽ دادي ساوتريءَ جي مڙس هوتچند آڏواڻيءَ HSNCB بورڊ کي قائم رکڻ ۽ ڪاليج ٺاهڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي. هوتچند چندا گڏ ڪيا، Sponsors ڳوليا ۽ ۱۹۴۸ع ۾ باندرا جي علائقي ۾ ساڳئي نالي ”رشي ڏيانند نيشنل ڪاليج“ کوليو ويو. هن بورڊ (حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيئيٽ بورڊ) جو ڪيتريون ئي ڏهايون هوتچند آڏواڻي صدر ۽ پرنسپال ڪندناني سيڪريٽري ٿي رهيو. هنن ڪاليجن ۽ بورڊ جا اهي ٻئي ڄڻا ٿنڀا ۽ سرواڻ سڏيا وڃن ٿا. اڄڪلهه هن بورڊ جي صدارت شري نرنجن هيراننداڻيءَ حوالي آهي، جيڪو بلڊنگ ڪنسٽرڪشن جي حوالي کان دنيا ۾ مشهور آهي ۽ ممبئيءَ ۾ سندس اڏايل هيراننداڻي باغ، اسپتال ۽ فلئٽن جا انبار آهن.
باندرا ۾ بورڊ طرفان پهريون ڪاليج کُلڻ بعد ۱۹۵۴ع ۾ ممبئيءَ جي هڪ ٻئي خوبصورت علائقي ۾ ڪشنچند چيلارام ڪاليج کوليو ويو ۽ پوءِ ته نه فقط آرٽس جا ڪاليج، پر قانون، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ سائنس جا پڻ، آهستي آهستي پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي حساب سان، کُلندا ويا. جن لاءِ چندا توڙي خدمتون سنڌي هندن مهيا ٿي ڪيون، پر داخلا نه فقط سنڌي شاگردن کي پر هر زبان ۽ هر مذهب جي ٻارن کي ڏني وئي ٿي. ان ڪري هندستان ۾، خاص ڪري مهاراشترا صوبي ۾، عوام توڙي حڪومت، سنڌي ڪميونٽيءَ کي پسند ڪرڻ لڳي ۽ کين عزت جي نگاهه سان ڏٺو ٿي. هُو جتي به رهيا ٿي ته حڪومت تي بار هجڻ بدران هنن حڪومت جي مدد ڪئي ٿي ۽ خير خيرات ڪيا ٿي، خاص ڪري تعليمي ۽ صحت جي ڪمن ۾ هُو اڄ تائين دل کولي مدد ڪندا اچن.
ممبئيءَ جي مٿين سنڌي بورڊ جي ڪاليجن مان ڪجهه ٻيا هن ريت آهن:
· هاسارام ريجهومل (H.R) ڪامرس ڪاليج، چرچ گيٽ، ممبئي.
· شريمتي مٺي ٻائي موتيرام ڪندناني (Smt. M.M.K) ڪامرس ڪاليج باندره، ممبئي.
· شريمتي چاندي ٻائي همٿ مل منسخاني (Smt. C.H.M) آرٽس ۽ سائنس ڪاليج، الهاس نگر.
· ڪندناني ڪاليج آف فارميسي، ورلي، ممبئي.
· گوپالداس جهمٽ مل (G.J) آڏواڻي لا ڪاليج، باندره.
· واٽومل انسٽيٽوٽ آف اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي، ورلي، ممبئي.
· ٿڌومل شاهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج، باندره ويسٽ، ممبئي.
· L.H. هيراننداڻي ڪاليج آف فارميسي، الهاس نگر.
· ناري گرشاهاڻي لا ڪاليج، الهاس نگر وغيره وغيره
منهنجي ميزبان جئه موتياڻيءَ ڪجهه مشهور ماڻهن جا نالا به ٻڌايا، جيڪي هنن جي حيدرآباد سنڌ ڪاليجيئٽ بورڊ جي باندره چرچ گيٽ ۽ ورلي وارن ڪاليجن مان پڙهيا. ٻه چار نالا جيڪي هن وقت ياد اٿم هن ريت آهن.
· مرحوم امجد خان، اسٽيج ۽ فلم ائڪٽر، جيڪو پنهنجي مزاحيه ۽ وِلين واري اداڪاريءَ کان مشهور هو. خاص ڪري هندي فلم ’شعلي‘ ۾ گبر سنگهه جي ڪردار ڪري نه فقط ننڍي کنڊ ۾ پر ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور پاسي به کيس سڀ سڃاڻن ٿا، جو اها فلم انهن ملڪن ۾ به ڏاڍي هلي. مون به بئنڪاڪ ۽ سنگاپور جي سئنيمائن ۾ ڏٺي.
· ڊاڪٽر مسز اندرا هندوجا، مشهور سنڌي گائناڪالاجسٽ ۽ سڄي ڏکڻ ايشيا جي شروع جي ڊاڪٽرن مان هڪ آهي، جنهن In-Vitro Fertilisation ۾ ڪامياب تجربا ڪيا.
· ڪرمنل لا جو ماهر، بمبئي هاءِ ڪورٽ جو وڪيل، مسٽر عبدالمجيد ميمڻ.
· بمبئي جو مشهور دل جو سرجن، پهلاجاني.
· مشهور ائڪٽر ۽ پارليامينٽ جو ميمبر، راجيش کنا.
· دنيا جو پندرهون نمبر ۽ انڊيا جو ٽيون نمبر امير ترين ماڻهو، انيل امباني.
· مشهور فلم ائڪٽر ۽ ڪاميڊين جاويد جعفري، جنهن جو اڄڪلهه SONY چئنل تي گانن ۽ ڊانس جو پروگرام ”بوگي ووگي“ ايندو آهي. پاڻ سيد جواهر علي جعفري (هن کي فلمي دنيا ۾ جگديپ سڏيو وڃي ٿو) جي گهر ۴ ڊسمبر ۱۹۶۳ع ۾ ڄائو.
· انڊين فلمن جو مشهور ڳائڻو سريش وادڪر، جيڪو انڊين ٽي ويءَ جي راڳ جي پروگرام ”ساري گاماپا“ جي مقابلي جو جج ٿيو. سندس پهريون گانو شايد لتا سان گڏ فلم ”ڪروڌ“ جو duet آهي: چل چميلي باغ ۾...
سريش وادڪر جا ڪجهه ٻيا مشهور گانا:
- اي زندگي گلي لگالي... فلم صدمه
- رام تيري گنگا ميلي هوگئي... فلم رام تيري گنگا
- سانجهه ڍلي گگن تلي... فلم اتساهه
- گورون ڪي نا ڪالون ڪي... فلم ڊسڪو ڊانسر
No comments:
Post a Comment