Tuesday, February 08, 2011

نَوي (نئين) ممبئيءَ جون خوبيون

نَوي (نئين) ممبئيءَ جون خوبيون

ممبئيءَ جي بزنيس مئن جئه موتياڻيءَ سان گڏ سندس ڪار ۾ آءٌ پوني وڃي رهيو هئس. اسان کان سواءِ پوئينءَ سيٽ تي جئه جي ڌيءَ خوشبوءِ ۽ ممبئي جي گرانٽ اسپتال جي گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر مونا (صحيح نالو موهنا) جوتواڻي به هئي. اسان اڃا ممبئيءَ جي چيمبور واري علائقي ۾ هئاسين، جتان پوءِ واشي پُل ٽپي نئين ممبئيءَ مان لنگهي ايڪسپريس هاءِ وي ذريعي پوني وڃڻو هو.

”الطاف، دل ۾ نه ڪرين ته ۱۵ منٽ کن رستي تي نئين ممبئي ساڌو واسواڻي اسڪول مان ٿيندا هلون؟“ جئه موتياڻيءَ پڇيو.

”سائين منهنجا ڀلي... مون کي ڪهڙو پوني پهچي جهاز هلائڻو آهي. آءٌ ته اهو ئي چاهيندس ته اهڙيون شيون ڏسي سگهان، جيئن انهن تي لکي سگهان.“ مون جئه کي چيو.

”توهان جو دهليءَ جي ساڌو واسواڻي گرلس اسڪول بابت لکيل احوال به مون توهان جي ڪتاب ”دهليءَ جو درشن“ ۾ پڙهيو هو“، جئه چيو، ”هيءُ هڪ نئون اسڪول نيو ممبئيءَ جي هڪ غريب بستيءَ سانپاڙا (SANPADA) ۾ اسان سنڌين چندا جمع ڪرائي ٺهرايو آهي، جنهن ۾ ايندڙ سال کان پڙهائي شروع ڪرڻ جو پروگرام آهي.“

ممبئيءَ جي آدمشماري وڌڻ ۽ وڌيڪ زمين نه هجڻ ڪري ٿاني ڪريڪ جي ٻئي پاسي مين لينڊ تي ممبئي نالي نئون شهر اڏايو ويو، جيڪو ”نوي ممبئي“ (NAVI Mumbai) سڏجي ٿو. ٿاني ڪريڪ (Thane Creek) سمنڊ جو حصو آهي، جنهن ۾ الهاس ندي اچي ٿي ڇوڙ ڪري ۽ ٿاني ڪريڪ بائڪلا، فورٽ ۽ ڪولابا وٽ وڃيو عربي سمنڊ سان ملي، جنهن جون ڇوليون ڪراچيءَ جي ڪنارن کي به ڇُهن ٿيون.

ممبئيءَ واري پاسي بسنت پارڪ، ڪرشنا ريسٽورنٽ، نيپچون هوٽل، سينٽ ائنٿوني چرچ جهڙيون عمارتون لتاڙي ديونار بس اسٽاپ کان پوءِ V.N پورن روڊ ۽ سيان پان ويل هاءِ وي وٽان ٿيندا ٿاني ڪريڪ ٽپڻ لاءِ واسي پُل تي چڙهياسين. انهن شين کان علاوه SION يعني ممبئيءَ واري پاسي لوڪمانيا تلڪ اسپتال نالي عمارت وٽان پڻ لنگهياسين، جنهن جي مٿان L.T.M.G. Hospital به لکيل نظر آيو.

جئه موتياڻيءَ ٻڌايوته ممبئي جي ٽن ميڊيڪل ڪاليجن مان هيءَ هڪ آهي، جتي جي پڙهائي دنيا ۾ اعليٰ مڃي وڃي ٿي. ”ورهاڱي وقت هيءَ پنجاهه بسترن جي انڊين مليٽري اسپتال هئي. اڄ هيءَ اسپتال ڏيڍ هزار بسترن جي بيحد ماڊرن اسپتال آهي، جنهن جو موٽو Service through Excellence آهي ۽ ان تي عمل به ڪيو وڃي ٿو.“

جئه اهو پڻ ٻڌايو ته هيءَ اسپتال اهم هاءِ ويز (ايسٽرن ۽ ويسٽرن ايڪسپريس هاءِ وي) جي ڀرسان هجڻ ڪري هتي رستي تي ٿيل حادثن وارا مريض گهڻا اچن ٿا ۽ هتي جو Trauma Ward هر سال ٽن هزارن کان مٿي سيريس قسم جي زخمين جو علاج ڪري ٿو.

اسان جي ڪار واشي (VASHI) پُل ٽپي نوي ممبئي يعني نيو ممبئيءَ جي علائقي ۾ پهتي. نوي ممبئي ائين آهي، جيئن اسان وٽ نيو ڪراچي آهي. ڪراچي شهر جي آدمشماري وڌي ته ناظم آباد ۽ نارٿ ناظم آباد ٿيو ۽ ان بعد اڳتي جي زمين تي نيو ڪراچي اڏيو ويو. ممبئي جي شهر جي آدمشماري وڌڻ بعد ڪٿي نئون شهر اڏيو وڃي؟ ممبئي ته هڪ ٻيٽ وانگر آهي، جنهن جي چوڌاري عربي سمنڊ آهي يا الهاس نديءَ جهڙيون نديون ڊيلٽا ۽ ڪريڪ ٺاهي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيون ڪن. سمنڊ ڀري زمين ٺاهڻ يعني Reclaim ڪرڻ ڪو سستو ۽ سولو ڪم ناهي. اها بنايل زمين ته ڪولابا ۽ فورٽ واري علائقي کان به مهانگي پوي ٿي ۽ هتي انهن لکين بيروزگار ۽ غريب ماڻهن جي رهائش جو سوال هو، جيڪي ممبئي شهر ۾ پورهئي لاءِ اچن ٿا. توهان سرجاني ٽائون ۽ نيو ڪراچيءَ جي ماڻهن کي منهوڙي کان پري سمنڊ ڀري ته نه رهائي سگهندائو، ڇو جو اهڙيءَ طرح سمنڊ ڀري زمين ٺاهڻ تي ايڏو خرچ ٿو اچي جو ان زمين جو اگهه صدر ۽ آءِ آءِ چندريگر جي دڪانن کان به مهانگو ٿي وڃي. بهرحال ڪراچي، مدراس، ڪولمبو، جدي جهڙا بندرگاهه خوش نصيب آهن، جيڪي باقي ملڪ جي سرزمين سان ڳنڍيا پيا آهن، پر ”ممبئي“ نيويارڪ جي مئن هٽن، برانڪس، ڪئينس ۽ بروڪلن جي ٻيٽن جيان آهي، جيڪي آمريڪا جي باقي سرزمين سان پُلين ذريعي ڳنڍيا ويا آهن. سو ممبئي به هن واشي پُل ذريعي انڊيا جي باقي سرزمين سان ڳنڍي، اتي جيڪا ويران زمين هئي اتي نئين (NAVI) ممبئي اڏرائي وئي. اهو آهي ته انڊيا جي حڪومت هن نئين شهر کي وڏي رٿا ۽ سوچ ويچار سان ٺهرايو، جنهن جو ڪم ۱۹۷۲ع کان شروع ٿيو هو. اڄ نوي ممبئي، جنهن جي پکيڙ ۱۸۰ کن چورس ڪلوميٽر آهي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو رٿابنديءَ وارو شهر (Planned City) آهي.

ممبئي ۽ نوي ممبئيءَ کي پاڻ سان ملائڻ لاءِ هڪ واشي برج آهي، جنهن ذريعي اسان نوي ممبئي پهتاسين ۽ ٻي ايرولي (Airoli) برج آهي. نوي ممبئي جيڪا ڪراچيءَ کان به وڏي آهي، اها مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جيئن ته واشي، نيرول، بيلاپور، خارگهر، اگراول وغيره جيئن ممبئيءَ جا سانتا ڪروز، ورلي، دادر، باندره، ڪولابا مختلف حصا آهن يا ڪراچيءَ جا ڪلفٽن، صدر، کارادر، گلشنِ اقبال وغيره. نيو ممبئيءَ جا سڀ کان سهڻا، اوچا ۽ ماڊرن علائقا واشي ۽ نيرول آهن. واشي King of Navi Mumbai سڏجي ٿو ۽ نيرول Queen of New Mumbai سڏجي. هونئن نوي ممبئي ان ضلعي ۾ نٿو اچي، جنهن ۾ ممبئي آهي، پر نوي ممبئي ٿاني ڪريڪ (سامونڊي درياهه) جي ٻي پار ٿاني Thane ۽ رائگاد Raigad ضلعن جو حصو آهي، جيئن ڪوٽڙي برج جي ٻئي پاسي، توڙي کڻي حيدرآباد جا ماڻهو ۽ انهن جا گهر آهن، پر اهي گهر ڄامشوري ضلعي ۾ اچن ٿا. تيئن ٿاني ڪريڪ جي هڪ پاسي ممبئي ضلعو آهي ۽ ٻئي پاسي ٿاني ضلعو. بهرحال جيڪا پيهه پيهان ممبئيءَ ۾ آهي، اها نوي ممبئيءَ ۾ نه آهي، تنهن هوندي به جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته نوي ممبئيءَ جي آدم شماري ويهه لکن کان مٿي آهي. نوي ممبئي ائين آهي، جيئن نيو ڪراچي، جنهن ۾ ظاهر آهي ٻين علائقن کان غريب ماڻهو روزگار لاءِ اچي رهن ٿا، پر ڪجهه ڳالهيون آهن، جيڪي نوي ممبئيءَ جون دنيا مڃي ٿي. بلڪ اهي سٺيون ڳالهيون انڊيا جي حڪومت جي ئي ڳنڍ ۾ ٻڌڻ کپن، جنهن جي سٺي رٿا ۽ انتظاميه جو سبب آهن ۽ جن کي سِکڻ ۽ فالو ڪرڻ لاءِ ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن جون حڪومتون به انڊيا جي نقشِ قدم تي هلن ٿيون ۽ پنهنجن شهرن جي ڊيولپمينٽ انڊيا جي رٿا جي Study ڪري ان موجب جوڙين ٿيون. انهن سٺين ڳالهين ۾ هڪ ته تعليم آهي، ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهي چڪو آهيان ته نوي ممبئيءَ جا ۹۶ سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن. اها هڪ قابلِ داد ڳالهه آهي، جو نوي ممبئيءَ ۾ اڌ کان وڌيڪ مزور طبقو رهي ٿو، جيڪو آڻيون ۽ چاڙهيون جي پريشانين ۾ ڪٿي ٿو تعليم جو سوچي، پر نه... هتي توهان کي غريب کان غريب جا ٻار به پڙهيل ملندا، بلڪ ٺيڪ ٺاڪ تعليم يافته! شڪل جا سادا هوندا، ڪپڙا سادا هوندن. کاڌو خوراڪ سادو هوندن (جيڪو هتي جي اڪثر اميرن جو به سادو آهي) پر کين علم جام هوندو. غريب کان غريب گهر جون ڇوڪريون به گرئجوئيٽ هونديون ۽ هتي جو ڪو گرئجوئيٽ معنيٰ صحيح قسم جو تعليم يافته. اهو ئي سبب آهي جو يورپ، آمريڪا، ويندي عرب ۽ مسلم ملڪن ۾ به نرس ۽ ڪلارڪ جي ڪم کان ٽيچر، ڪمپيوٽر ورڪر ۽ بيبي سٽنگ لاءِ انڊيا جي پورهيتن ۽ ٽيڪنيشن جي گهڻي ڊمانڊ آهي.

انڊيا جي ٻين شهرن وانگر نوي ممبئيءَ ۾ به ڪيترائي اسڪول آهن، جيڪي نه فقط سرڪاري آهن، پر ان کان وڌيڪ خيراتي آهن. هتي جي پارسي، عيسائي يا هندو وٽ پئسو ٿيندو ته هُو غريبن جي علائقي ۾ تعليمي ادارا ۽ اسپتالون کوليندو. نه فقط کوليندو پر انهن کي هلائڻ لاءِ صحيح قسم جا ماڻهو رکندو، جيڪي ايمانداريءَ سان ڪم ڪن. صحيح طرح ٻارن کي پڙهائين. نوي ممبئيءَ جي هڪ اهڙي ئي غريب علائقي سان پارا (SANPADA) ۾ ساڌو واسواڻي مشن وارن سنڌي سخي مردن کان چندا وٺي چاليهه کن ڪلاس رومن جو هڪ ٽماڙ اسڪول ٺهرايو آهي، جيڪو عمارت سازيءَ جي خيال توڙي سونهن ۽ هاءِ ڪلاس مٽيريل جي لحاظ کان، ڪراچيءَ جو ڪلفٽن وارو گرامر اسڪول ٿو لڳي، جنهن کي ڏسڻ ۽ ڪجهه سامان ڏيڻ لاءِ جئه موتياڻي، اسان کي هتي وٺي آيو هو. جيتري ايراضيءَ ۾ اسڪول جي بلڊنگ هئي، اوتري ٻي هئي، جنهن ۾ ٻارن جي راندين جو گرائونڊ ۽ ٻارن جي چهل قدميءَ لاءِ ڇٻر هئي. چوڌاري نظر ڦيرايم ته ڏهه ڏهه ماڙ غريباڻي قسمن جي فلئٽن جون ڪيتريون ئي عمارتون هيون. جئه ٻڌايو ته هي سڄو علائقو دلدل ۽ گند وارو Slum هو، جنهن کي سرڪار صاف ڪرائي هي هڪ هڪ ڪمري يا ٻن ٻن ڪمرن وارا سستا فلئٽ ٺهرايا آهن، جيئن ممبئي شهر ۾ پورهيو ڪندڙ غريب هي فلئٽ مسواڙ تي يا قسطن تي خريد ڪري، هتي نوي ممبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪن ۽ ٽرين ۽ بسين جو سٺو سلسلو هجڻ ڪري هنن کي ممبئي شهر پنهنجي Job تي پهچڻ ۾ تڪليف يا وقت جو زيان نٿو ٿئي. دل ۾ مون سوچيو ته هُو غريب ضرور آهن، پر هڪ طرف سرڪار هنن لاءِ اجهو ۽ سستي ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي آهي، ته ٻئي طرف ممبئيءَ ۾ رهندڙ هنن سنڌي هندن ۽ ٻين قومن ۽ مذهبن جي سخي مردن هن قسم جا اعليٰ اسڪول کولي، غريبن لاءِ گهر جي در تي تعليم مهيا ڪئي آهي ۽ نه فقط ملڪ جا امير پر غريب به هن قسم جي انگريزي ميڊيم وارن اسڪولن ۾ پڙهي پنهنجو مستقبل بهتر بنائي سگهن ٿا. هن اسڪول جو نالو ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل اسڪول آهي ۽ بلڪل دهليءَ واري اسڪول جي پئٽرن تي آهي، جنهن اسڪول ”ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل گرلس اسڪول“ جو تفصيلي احوال آءٌ ”دهليءَ جو درشن“ نالي انڊيا جي سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان. دهلي وارو فقط ڇوڪرين لاءِ آهي، پر هي ٻنهي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ آهي. هي اسڪول به ڪي جي ۽ نرسري کان ٻارهين ڪلاس تائين رکيو ويو آهي، پر جيئن ته هي اڃا هاڻ هن سال ٺهيو آهي، ان ڪري هن ۾ شروعات ڪرڻ لاءِ فقط نرسري کان ڪلاس ڇهين جي ٻارن کي داخلا ڏني وئي آهي. جئه ٻڌايو ته، ”هر سال هڪ هڪ ڪلاس وڌائيندا وينداسين. ايندڙ سال ستون ڪلاس، پوءِ اٺون ۽ آخر ۾ ٻارهين تائين دنگ ڪنداسين. هن وقت پهريون سال شروع ڪرڻ تي ۴۰۰ ٻارن داخلا ورتي آهي، جيڪي ڪلاس ون کان ڪلاس سڪس جا شاگرد آهن.“

انڊيا ۾ هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته اتي ڳوٺن ۾ رهندڙن جو پگهار، ڪمائي (Income) شهر ۾ رهندڙن جيترو آهي، بلڪ ڪن ڳوٺن ۾ شهرن کان به وڌيڪ آهي، جيئن نوي ممبئيءَ ۾ هر فئملي جو ماهانو Average انڪم ۹۵۰۰ رپيا آهي ۽ نوي ممبئيءَ جي واشي علائقي جو ۱۲۳۰۰ رپيا آهي، جيڪو اسان جي ۱۹۰۰۰ رپين برابر ٿيو. ان جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو India ۾ لا ۽ آرڊر (قانون ۽ امن امان) جي حالت بهتر آهي ۽ ڳوٺن ۾ به ڪارخانا ۽ فئڪٽريون آهن، جتي ڳوٺاڻن کي سٺو پگهار ملي ٿو. بلڪ ائين کڻي چئجي ته سٺي بچت ٿيو وڃي. مثال طور هالا يا سيکاٽ ڳوٺ جو ڪو مزور ڪراچيءَ جي فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندو ته هن جي ايتري بچت نه ٿيندي، جيتري جيڪڏهن اها ساڳي فئڪٽري، سندس ڳوٺ هالا يا سيکاٽ ۾ هجي ها. هڪ اهو به سبب آهي جو اسان جي ڳوٺن جا ماڻهو غريب آهن. خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن جا، پنجاب ۾ ته وري به ڪيترائي ڪارخانا ۽ روزگار مهيا ڪرڻ جا ذريعا آهن. سنڌ جي ڳوٺن ۾ ته اوندهه انڌوڪار آهي، چاهي ڪنهن ڳوٺ مان ٻه ٻه ٽي ٽي وزير ٿيا هجن، وزيراعليٰ ٿيا هجن. ڳوٺن ۾ اسڪول وڏيرن ۽ ڀوتارن جون اوطاقون ٿي وڃڻ ڪري، ڳوٺ جي غريب ٻارن لاءِ صحيح تعليم به ناهي، جنهن کي حاصل ڪري هُو ڪٿي نوڪريءَ لاءِ مقابلو ڪري سگهن. انڊيا جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ به ڪراچيءَ جي ڪانوينٽ ۽ ماما پارسي اسڪولن جهڙا تعليمي درسگاهه آهن، جيڪي عيسائي، پارسين ۽ هندو مخيرن کوليا آهن، يا علائقي جي چونڊيل نمائندن، ڳوٺن جي وڏيرن ۽ ٻين اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي ڪوششن سان کليا آهن ۽ اسان جي وڏيرن، ڀوتارن، وزيرن جا شوق ڇا آهن، اهي ڪنهن کان به لڪل نه آهن.

No comments:

Post a Comment