ساڌو واسواڻي ۽ دادا جشن
ملائيشيا ۾ جڏهن آءٌ صبح جي وقت دادا جشن جو ٽي ويءَ تي ليڪچر ٻڌندو هئس ته منهنجا ملئي دوست مون کان اڪثر پڇندا هئا ته، ”اهو ڪمزور جسم ۽ جهيڻي آواز ۾ ليڪچر ڏيڻ وارو ڪير آهي؟ جنهن جي ڪلهن تي شال ۽ چپن تي خوبصورت مُرڪ آهي ۽ جنهن جي Mesmeric اکين ۾ عجيب ڪشش آهي.“
ٻه سال اڳ نيو جرسي (آمريڪا) ۾ هئس ته منهنجي پاڙي واري ٽائون ۾ رهندڙ گهوٽڪيءَ جو رميش ٿارواڻي مون کي موڪل واري ڏينهن تي اڪثر ڪلوسٽر (Closter) شهر وٺي هلندو هو، جتي ۴۹۴ دوري (Durie) ايوينيو تي ساڌو واسواڻي سينٽر آهي. هي سينٽر هڪ پراڻو Masonic مندر هو، جنهن کي هتي جي سنڌي ڪميونٽي خريد ڪري، ان جي مرمت ڪري، هي اڄ وارو ساڌو واسواڻي سينٽر ٺاهيو. هيٺين ليول تي رڌڻو ۽ ماني کائڻ يا گڏجاڻي وغيره لاءِ هال آهي. مٿين ماڙ تي ڪتاب پڙهڻ يا ليڪچر ٻڌڻ جي بندوبست لاءِ هال آهي، جيڪو گلابي رنگ جو آهي، جنهن ۾ وال ٽُ وال پرل رنگ جو غاليچو وڇايل آهي. هڪ پاسي کان ننڍي اسٽيج ٺهيل آهي، جنهن تي هن مشن، جنهن جو مقصد تعليم عام ڪرڻ ۽ ڏکويلن جي مدد ڪرڻ آهي، جي باني ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي پينٽنگ سوني فريم ۾ رکيل آهي. هن سينٽر جو انتظام هلائيندڙ مئڊم آشا جوتواڻيءَ ٻڌايو ته اهڙي ئي هڪ تصوير دادا جشن جي، ڏاڪڻ وٽ رکيل هئي، جيڪا دادا جشن جي چوڻ تي هٽائي وئي آهي. هن سينٽر تي هر آچر تي ميمبرن ۽ مهمانن جي ميٽنگ ٿئي ٿي، ڀڄنن ۽ ليڪچر جو پروگرام ٿئي ٿو. آخر ۾ سڀ گڏجي اتي تيار ڪرايل ماني کائين، جنهن کي پاڻ لنگر به چئي سگهون ٿا ته پرساد يا ‘Group Meal’ به. هر ٽئي آچر تي، آشا جوتواڻيءَ ٻڌايو ته، هو وئن ۾ کاڌو رکي نيوجرسيءَ جي Hackensack علائقي ۾ غريبن ۽ بي گهر ڪٽنبن کي پهچائين ٿا.
جنهن جاءِ تي ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي سوني فريم ۾ تصوير ٽنگيل آهي، ان جي ڀرسان ڪتاب پڙهڻ لاءِ هڪ ٽيبل (Rostrum) رکيل آهي، جنهن جي مٿان ساڌو واسواڻيءَ جي بيتن جي مجموعي ”نوري نماڻي“ جي انگريزي ترجمي جي ڪاپي ”Humble Nuri“ رکيل آهي، جيڪا ساٽن جي ڪپڙي جي پوش سان سينگاريل آهي ۽ هر هفتي هن جو ڪجهه حصو پڙهيو وڃي ٿو. ساڌو واسواڻيءَ جو شاعراڻو تخلص ”نوري“ هو. ”نوري نماڻي“ جون چند سٽون:
How can I describe thee?
Pray give me the strength,
That I install thee
In my very being.
None can write
Thy full description & praise!
None can fathom thee
Nor can anyone comprehend
Thy form or attributes
هي ڪتاب ايڇ. ٽي. ساڌواڻيءَ ترجمو ڪيو آهي. بهرحال هتي نيو جرسي، آمريڪا جي ساڌو واسواڻي سينٽر جي ڳالهه ان ڪري کڻي ويٺو آهيان، جو هڪ ڏينهن هن سينٽر تي ڪنڌڪوٽ (سنڌ) کان تازو آمريڪا آيل هڪ سنڌي هندو ڊاڪٽر مليو. هُو هن سينٽر تي پنهنجي ڪنهن دوست سان پهريون دفعو آيو هو. مون کي ساڌو واسواڻيءَ جي پينٽنگ جي تصوير ڪڍندو ڏسي مون کان پڇيائين ته، ”هي ڪير آهي؟“
”هي ڪير آهي؟“ مون سندس سوال کي ورجائيندي هن ڏي حيرت مان ڏٺو، ”ڇا تو ساڌو واسواڻيءَ جو نالو نه ٻڌو آهي؟“
”نه“. هن وراڻيو.
”ڪمال آهي!“ مون چيو، ”هي اهو سنڌي شخص آهي، جنهن سڄي هندوستان ۾ تعليم جي روشني پکيڙي. اڄ هن جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن مان هڪ لک کان مٿي گريجوئيٽ آهن.“
منهنجي ڳالهه کي شايد هن ٽوڪ سمجهي ڪجهه دل ۾ ڪيو ۽ پنهنجي ناعلميءَ تي پڙدو رکڻ خاطر هن دليل ۾ وراڻيو، ”پر سنڌ ۾ ته ساڌو واسواڻي مشن طرفان ڪوبه اسڪول ناهي، جتي تعليم جي سڀ کان گهڻي ضرورت آهي. ڇا ساڌو واسواڻي سنڌ ۾ ڄائو هو؟“
منهنجي خيال ۾ سنڌ جي هن نوجوان ڊاڪٽر وانگر سنڌ جي نئين ٽهي، ساڌو واسواڻيءَ جي شخصيت ۽ سندس سماجي ۽ تعليمي خدمتن کان اڻ واقف آهي. ان ڪري هتي ساڌو واسواڻي ۽ سندس ڀائٽي دادا جشن جو مختصر احوال ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.
ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ (سڄو نالو: ساڌو ٿانورداس ليلا رام واسواڻي، خداآبادي) ۲۵ نومبر ۱۸۷۹ع تي حيدرآباد ۾ شري ليلا رام واسواڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. سندن ماءُ جو نالو ورن ٻائي هو. ساڌو واسواڻي جو ننڍپڻ تمام ڌرمي ماحول ۾ گذريو، جو گهر ۾ سندس ماءُ پيءُ صبح جو سوير اٿي پوڄا پاٺ ڪندا هئا. شري ليلا رام (ساڌوءَ جو پيءُ) ديوي ماتا جو پڪو devotee هو ۽ ماءُ گرباني جو صبح جو اٿي دور ڪندي هئي.سندس وڏا خداآباد کان حيدرآباد اچي رهيا.
ساڌو واسواڻي ننڍپڻ کان ئي بيحد ذهين ۽ ڏاهو هو. اسڪول جي ڏينهن ۾ هُو پنهنجي ڪلاس جو هوشيار ۽ محنتي شاگرد هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ”بمبئي پريزيڊنسيءَ“ ۾ آئي ٿي ۽ هن سڄي سنڌ مان پهريون نمبر حاصل ڪيو. ايم. اي. ڪرڻ بعد ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي ”ميٽروپوليٽن ڪاليج ڪلڪتي“ جو پروفيسر ٿي رهيو، جيڪو ڪاليج اڄڪلهه ودياساگر ڪاليج سڏجي ٿو. ان بعد هُو لاهور جي ديال سنگهه ڪاليج جو پرنسپال ٿيو. تعليمي کيتر ۾ نوڪري دوران هن هميشه پنهنجي شاگردن منجهه اخلاقيات تي زور ڏنو. هن جو هميشه اهو قول رهيو ته، Character Building is Nation Building. آءٌ پنهنجي هڪ ۳۰ سالا پراڻي سفرنامي ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ ۾ ڪولمبو (سريلنڪا) جي شري متي ديوڪي جي ڳالهه ٻڌائي چڪو آهيان، ته ڪيئن هڪ ڏينهن سندس فليٽ تي ويٺا هئاسين ته هيٺ کيڏندڙ ٻارن مان هڪڙي ٻئي کي گار ڏني. جنهن تي هُوءَ يڪدم هيٺ لهي وئي ۽ ان ٻار کي دڙڪا ڏيئي سمجهايائين. اسان کي حيرت ٿي ته هن پرائي سنهالي ٻُڌ ٻار کي ڇو وڃي نصيحت ڪئي. موٽي اچڻ تي اسان جڏهن سبب پڇيس ته هن، حيدرآباد جي ميران ٻائي اسڪول جي پڙهيل ۽ ساڌو واسواڻيءَ جي پوئلڳ، ساڌوءَ جي مٿئين قول کي ورجائيندي چيو ته هي ٻار کڻي ڪنهن جو به هجي، پر هن ۾ اخلاق هجڻ ضروري آهي. سڀاڻي اهو اسان جو صدر به ٿي سگهي ٿو، ته وزيراعظم به ٿي سگهي ٿو.
ساڌو واسواڻي مذهبن بابت اونهي مطالعي ۽ ڄاڻ ڪري ۳۰ سالن جي ڄمار ۾ برلن (جرمني) ”ورلڊ ڪانگريس آف رليجنس“ اٽينڊ ڪرڻ ويو. اتي هن جيڪي تقريرون ڪيون انهن جي ٻڌڻ سان ڪيترا ئي گورا کانئس بيحد متاثر ٿيا، جن مان پوءِ ڪجهه ساڌو واسواڻيءَ جي ”انسان ذات جي ڏکن کي مٽائڻ“ واري مشن ۾ مددگار ثابت ٿيا. پاڻ جڏهن چاليهه سالن جو ٿيو ته سندس ماءُ گذاري وئي. هي اهو وقت هو جڏهن ساڌو واسواڻي لکڻ جي ڪم ۾ مشغول هو. سندس لکڻيون ايترو ته اثر واريون ثابت ٿيون جو، Mahatma Gandhi’s Young India اخبار جي پهرئين صفحي تي هن جي آرٽيڪل ڇپبي هئي. سندس سڄي ڄمار هڪ اصول جي چوڌاري ڦرندي رهي:
“Be strong, Be manly, spend your strength in the service of poor and broken one”.
ساڌو واسواڻيءَ نالي چون ٿا ته ننڍي هوندي حيدرآباد ۾ هڪ ڪاسائيءَ جي دڪان اڳيان لنگهي رهيو هو ته ٻڪرين جي رڙين تي هن جي دل کي جُهٻي آئي ۽ هن ان ڏينهن کان ڪنهن به جانور يا پکيءَ جو گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو ۽ سڄي زندگي ٻين کي به اها ئي نصيحت ڪندو رهيو. اڄ سڄي دنيا ۾ سندس جنم ڏينهن ۲۵ نومبر کيMeatless Day طور ملهايو وڃي ٿو ۽ ڪيترا ماڻهو هن ڏينهن تي قسم کڻندا آهن ته هُو زندگيءَ جا باقي ڏينهن گوشت کي هٿ نه لائيندا.
ساڌو واسواڻيءَ جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خدمت ”ميران تحريڪ“ (Mira (Meera) Movement) آهي، جيڪا هن ۱۹۳۳ع ۾ حيدرآباد ۾ شروع ڪئي. جنهن جو ڪم تعليمي ميدان ۾ جاکوڙ ڪرڻ آهي. ان تحريڪ هيٺ حيدرآباد ۾ ميران ٻائي اسڪول کوليو ويو ۽ ورهاڱي بعد ۱۹۶۲ع ۾ ”سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس“ کوليو ويو. هي انگلش ميڊيم اسڪول پوني جي مشهور واسواڻي چؤنڪ تي آهي، جنهن ۾ ۵۰۰۰ جي لڳ ڀڳ ڇوڪريون پڙهن ٿيون. ڪاليج جي سنڌي پرنسپال ڪرن جوتواڻيءَ ٻڌايو ته هن ۾ هر ذات ۽ زبان جون ڇوڪريون آهن، جن مان ڪيترن ئي غريب ڇوڪرين جي نه فقط في معاف آهي، پر کين ڪتاب ۽ ماني به ڏني وڃي ٿي. ڪيترين کي ته کِيسي خرچي به ڏني وڃي ٿي، جنهن خرچ جو پورائو پوني ۾ رهندڙ سنڌي بزنيس ڪميونٽي ڪري ٿي. پوني ۾ منهنجي رهائش جو بندوبست به هن ڪاليج واري روڊ جي سامهون واري گيسٽ هائوس ۾ هو ۽ مون کي هن ڪاليج جي نه فقط ڪجهه فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو مليو، پر مٿين ڪلاسن جي اسٽوڊنٽس کي ليڪچر به ڏنم. هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته پرنسپال ۽ مڙيئي پڙهائڻ واريون ماسترياڻيون بيحد ايمانداري ۽ محنت سان پڙهائي رهيون هيون. ٻه چار سنڌي ليڪچرارياڻيون هيون، باقي مرهٺي هيون. ڇوڪريون (Students) به بيحد disciplined ۽ هوشيار هيون، ڇو جو منهنجي ليڪچر بعد، هنن جيڪي مون کان سوال ڪيا ٿي اهي ذهين ۽ معلوماتي هئا. ڪاليج کي وڏو گرائونڊ هجڻ ڪري شاگردياڻين کي فوٽ بال ۽ والي بال راند کيڏڻ جو موقعو به ميسر آهي. ان کان علاوه جوڊو ڪراٽي به سيکاريو ويو ٿي.
پوني ۾ هن سينٽ ميران ڪاليج کان علاوه ٻيا به پنج تعليمي ادارا آهن، جيڪي ساڌو واسواڻي مشن وارا هلائين ٿا، اهي آهن:
· سينٽ ميران اسڪول (انگلش ميڊيم)
· سينٽ ميران اسڪول (سنڌي ميڊيم)
· سينٽ ميران پرائمري اسڪول (سنڌي ميڊيم)
· سينٽ ميران بال ڀون
· SVM ڪنڊر گارٽن
ساڌو واسواڻي مشن جي وڏڙي ديدي رتنا واسواڻيءَ کان پڇيم ته، ”هيءَ ميران ڪير آهي؟“
”ميران ٻائي سورهين صديءَ جي مشهور اتر انڊيا جي بڪتي (devotional) شاعره هئي،“ ديدي رتنا ٻڌايو، ”اسان جي ڪميونٽيءَ جو ليڊر ساڌو ٿانورداس واسواڻي، ميران ٻائيءَ جو پوئلڳ (devotee) هو. هُو هن جي ذاتي ڪهاڻيءَ کان بيحد متاثر هو، جنهن نياڻي جي تعليم عام ڪرڻ چاهي ٿي، ان ڪري ساڌو واسواڻيءَ اسڪولن ۽ ڪاليجن جا نالا ميران ٻائي (St’ Mira) نالي رکيا.“
”ساڌو واسواڻي مشن (SVM) جو تعليم کان علاوه ڳوٺن جو سڌارو، سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ بيمار ۽ ضرورتمندن جي دوا درمل ۽ علاج ڪرائڻ پڻ آهي. پوني شهر ۾ ئي ڪيترا اهڙا صحت گهر آهن جن سان ”ساڌو واسواڻي مشن“ وارن جو واسطو آهي، جتي غريب ۽ ضرورتمند مريضن جو مفت علاج ٿئي ٿو. هنن سڀني ميڊيڪل سينٽرن جو قول (Motto) اهو ئي آهي. جنهن جي ساڌو واسواڻيءَ پرچار ڪئي ته:
‘Every patient is a picture of God
To serve him is to worship God’.
پوني ۾ هفتو کن رهڻ دوران هڪڙي ڏينهن SVM جي آفيسر نريش سنگهاڻي مون کي اهي اسپتالون ۽ دواخانا ڏيکاريا، جيڪي SVM طرفان موڪليل مريضن جو مفت علاج ڪن ٿا. اهي هن ريت آهن:
· شانتي ڪلينڪ
· منگهارام کيملاني ڊسپينسري
· ساڌو هيرانند فري هوميوپئٿڪ ڊسپينسري
· راڌا ڪرشنا ديا ڊسپينسري
· انلئڪ ائنڊ ٻڌراني اسپتال. (هيءَ ۱۵۰ بسترن جي اسپتال ڪوريگائون پارڪ ۾ آهي)
· ۱۷۵ بسترن واري ڪئنسر انسٽيٽيوٽ، وغيره
پوني ۾ ساڌو واسواڻي مشن جي پوسٽل ائڊريس آهي:
Sadhu Vaswani Misson
10, Sadhu Vaswani Path
Pune 411001, India
۽ ٽيليفون نمبر آهن: ۰۰۹۱-۲۰-۴۰۰۶۴۴۴۷-۴۸
۽ فئڪس نمبر آهي: ۰۰۹۱-۲۰-۲۶۱۲۷۴۷۴
سندن اي ميل ائڊريس هن ريت آهي:
svm.admin@airtelbroadband.in
ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي، جيڪو هن تحريڪ جو باني هو، هن فاني دنيا مان ۱۶ جنوري ۱۹۶۶ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. حڪومت انڊيا هن جي ياد ۾ ۲۵ نومبر ۱۹۶۹ع تي پوسٽ جي ٽڪلي به جاري ڪئي.
ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي وفات بعد سندس مشن جو ڪم سندس ذهين ڀائٽيو دادا جشن خير خوبيءَ سان هلائيندو اچي. دادا جشن (سڄو نالو: جشن پهلاج راءِ واسواڻي) ۲ آگسٽ ۱۹۱۸ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پهلاج راءِ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ جو نالو ڪرشنا ديوي هو. ساڌو واسواڻي وانگر دادا جشن پڻ ننڍپڻ کان نهايت محنتي ۽ ذهين ٻار هو. پاڻ ۱۳ سالن جي ڄمار ۾ سڀ کان گهڻين مارڪن سان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سترنهن سالن جي عمر ۾ هن بامبي يونيورسٽيءَ مان B.Sc جي ڊگري حاصل ڪئي. M.Sc ۾ هن جي ٿيسز جو سبجيڪٽ هو:
‘The Scattering of X-Ray by Solids’
سندس هيءَ ٿيسز ان وقت جي مشهور پروفيسر ۽ اعليٰ سائنسدان (جنهن کي Scientific Genius سڏيو ويو ٿي) سي. وي. رامائن assess ڪئي. دادا جشن ڪراچيءَ جي ڊي. جي. (ڏيا رام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج ۾ فيلو پڻ ٿي رهيو، پر پوءِ هُو سگهو ئي دنيا جا ڌنڌا ڇڏي پنهنجي گرو ۽ نيڪ چاچي ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ جو پانڌيئڙو ٿي رهيو.
دادا جشن بين الاقوامي ليول تي دانشور ۽ فلاسافر مڃيو وڃي ٿو. هن ڪيترن اهم هنڌن تي ڳالهايو آهي، جيئن ته لنڊن ۾ برٽش هائوس آف ڪامنس ۾، آڪسفورڊ ۾ گلوبل فورم آف اسپرچوئل ليڊرس ۾، شڪاگو جي ورلڊ پارليامينٽ آف رليجنز ۾، يونائيٽيڊ نئشنس ۾، وغيره وغيره. پاڻ ۷۵ کن ڪتابن جو مصنف آهي، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
· From Hell to Heaven.
· Tear Drops (Poems).
· Glimpses.
· How to Overcome Tensions.
· The Holy Man of Hyderabad.
· Burn Anger Before Anger Burns you.
· Why Do Good People Suffer.
دادا جشن کي سندس ادبي ۽ سماجي خدمتن ڪري ”يو- ٿانٽ“ ايوارڊ به مليو آهي. پاڻ هن وقت ۹۰ سالن جو آهي ۽ سندس هن جنم ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ پوني ۾ رٿيل جشن تي مون کي به وڃڻ جو موقعو مليو ۽ هڪ ڏينهن (جنهن ڏينهن ”صوفيزم“ تي سيمينار هليو) صدارت لاءِ منهنجي عزت افزائي ڪئي وئي.
No comments:
Post a Comment