ساڌوءَ جي ”نوري نماڻيءَ“ بابت ڪجهه سٽون
الطاف شيخ
ساڌو واسواڻي، جنهن جو پورو نالو ٿانورداس ليلارام واسواڻي آهي (جنم ۲۵ نومبر ۱۸۷۹ع، وفات ۱۶ جنوري ۱۹۶۶ع) بقول ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي، سنڌي ساهتيه ۾ هڪ نرالي ۽ اعليٰ جاءِ والاري ٿو. هن کي ويهين عيسوي صديءَ جي يگ پرشن ۾ ليکجي ته انهيءَ ۾ ذرو به وڌاءُ نه ٿيندو. آدرش تعليمي سرشتو تيار ڪري عمل ۾ آڻڻ، چرتر نرماڻ ڪرڻ، سماج سڌار ڪرڻ، عام جنتا کي آتمڪ سنديش ڏيڻ، دکي جيون جي سهائتا ڪرڻ جهڙا ڪم سندس حياتيءَ جو مول مقصد هئا. هُو گيان ڀڳتي ۽ ڪرم جو ساکيات سروپ هئو. پراچين يگ جي رشين منين جي امرواڻيءَ جو هن نه فقط اونهو اڀياس ڪيو، پر ان تي عمل به ڪيو. سڄي دنيا هڪ ڪٽنب مثل آهي ۽ سنسار جا سڀئي ماڻهو هڪ پريوار جا ڀاتي آهن- اهو نياپو هن گهر گهر تائين پهچايو...
۽ بقول ڊاڪٽر آر. ايم. گوڌواڻي جي، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي هڪ انوکي شخصيت هو. هُو نه فقط درويش، شاعر ۽ فيلسوف سنت هئا، پر ان سان گڏ اعليٰ ودوان تعليمدان، سماج سڌارڪ، روحاني رهبر، دکين جا دوست ۽ مسڪينن جا مِتر هئا. ساڌو واسواڻي ننڍي هوندي کان نرالو ٻار هو. هن مئٽرڪ توڙي بي. اي. ۽ ايم. اي. جي امتحانن ۾ امتيازي پوزيشنون حاصل ڪيون. پاڻ ڪلڪتي جي وديا ساگر ڪاليج، لاهور جي ديال سنگهه ڪاليج ۽ ڪراچيءَ جي ڏيارام ڄيٺمل (D.J) سنڌ ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو. سندس انگريزي ته ايڏي سٺي هئي جو شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ ان وقت (۱۸۹۵ع) جو مشهور پرنسپال هئسڪيٽ، ساڌو واسواڻيءَ لاءِ چوندو هو ته هن جو نالو ڊاڪٽر ائني بيسنت کان به وڌيڪ روشن ٿيندو. سندس اها اڳڪٿي اڳتي هلي سچ ثابت ٿي.
ساڌو واسواڻيءَ، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ تمام گهڻا ڪتاب لکيا آهن، جيڪي نثر ۾ به آهن ته نظم ۾ به. سندن نظمن جو مجموعو ’نوري نماڻي‘ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، جنهن جو انگريزيءَ ۾ ‘Humble Nuri’ جي نالي سان ترجمو به ٿي چڪو آهي. سنڌي لوڪ ڪٿائن جي سورمين مان ’نوري نماڻيءَ‘ کان ساڌو واسواڻي ايترو ته متاثر ٿيو، جو هن پنهنجو تخلص ئي رکيو ’نوري!‘ ائين ته هن شاه لطيف ۽ مارئيءَ جي وطن جي حُب کي به ياد ڪيو آهي، ته ساميءَ جي ويدانتي واڻيءَ کي به نه وساريو اٿائين. ساڌو واسواڻي جي نوري نماڻي ڪتاب کي ’نوري گرنٿ‘ به سڏيو وڃي ٿو ۽ ساڌوءَ جا چاهيندڙ هن ڪتاب جو ائين قسم کڻن ٿا جيئن سِک گرو گرنٿ صاحب جو. بقول ڪشو منسکاڻيءَ جي:
I regard the ‘Nuri Granth’ as a world scripture with a message. And it will thrill, it will inspire many an aspiring hearts.
نوري گرنٿ انسان کي اها سکيا ڏئي ٿو ته توهين پياسي ٿيو. جيڪڏهن توهان چاهيو ته هي جنم جيڪو توهان کي مليو آهي، اهو سونو جنم ”مانکه جنم درلڀ هئه، هوت نه بارو نبار!“ هيري جئسا جنم امولڪ، هاٿ نه آوي پياري! وري وري ڪين ايندو. مَسين مَسين توهان کي مليو آهي، اهو توهين سڦل ڪريو. ان ڪري پنهنجي اندر پياس اٿاريو، سِڪ اٿاريو، سِڪ ۾ ويهي سڄڻ واسطي ڳوڙها ڳاڙيو، پرڀوءَ کي پائڻ واسطي اسان کي فقط پياس کپي، جيڪا ڳالهه ساڌو واسواڻيءَ گيت جي صورت ۾ ڪئي آهي:
روئي روئي رات گذاريان،
پياس ۾ پيئا! تو لاءِ پڪاريان!
قسمت آهي وڏو وڇوڙو،
دن رات دل ۾ آهي ولوڙو!
نه جمنا جي لهرن آهي ايڏو پاڻي،
جو منهنجي اکين آهي نوري نماڻي!
اهو آهي ”نوري گرنٿ“ جو آواز: پياس اٿاريو!
پڇاڙيءَ جا ڇهه سال ساڌو واسواڻيءَ بيماريءَ جي بستري تي گذاريا. نه اٿي سگهندا هئا، نه ويهي سگهندا هئا، نه پاسو ورائي سگهندا هئا، پر سندس چپن تي اهي اکر هئا: شڪر، شڪر، شڪر!
واه واه جت وِهارين تون،
فضل نوري نهارين تون،
شڪر آهي شڪر تنهنجو!
هڪ دفعي ساڌو واسواڻيءَ دهلي يونيورسٽيءَ ۾ ”اسلام ۾ تعليم“ جي عنوان تي ليڪچر ڏنو. ان وقت جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر حليم صدارت ڪئي. ساڌو واسواڻيءَ ليڪچر ۾ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٻڌايون. ٻڌڻ وارا حيرت ۾ پئجي ويا. ليڪچر پورو ٿيو ته ساڌو واسواڻيءَ کان پڇيائون:
”توهان هندو آهيو يا مسلمان؟“
ساڌو واسواڻيءَ وراڻيو: ”آءٌ ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهيان.“
تڏهن کيس چيائون: ”وچ ۾ ته آهي ڪجهه ڪين.“
ساڌو واسواڻيءَ چيو: ”صحيح ٿا چئو. آءٌ اهو ڪجهه ڪين ئي ته آهيان.“
اها اٿو نوري گرنٿ جي سکيا. ڪڇ ڪين ٿيو! اسان سان ٿوري ڳالهه ٿئي ٿي ته اڀا ٿي ٿا بيهون. نوري گرنٿ چوي ٿو ته پياسي انسان جو اهو ڪم ناهي. پياسي انسان چاهي ٿو مان ڪجهه ڪين ٿيان!
ڏيئي ساهه سڄڻا! سَرهي ٿيان:
فنا ٿي اي نوري امرت پيئان!
اڄ نوري منگي ٿي تو در مسڪين:
مهر هيءَ هڪڙي ٿيان ڪڇ ڪين!
ڏسين شال سڄڻا، اندر جي اُڪير:
ڪرين شال مون کي فنا جو فقير!
نوري گرنٿ ۾ ساڌو واسواڻي اهو به چوي ٿو ته، تون جنهن شاهن جي شاهه پرماتما جي کوج ۾ آهين، سو تون پاڻ آهين:
ناهي توکان مٿي ڪوبه ٻيو،
سلطان تون شاهن جو شاهه.
نوري گرنٿ ۾ ساڳيو خيال ساڌو واسواڻيءَ هينئن به بيان ڪيو آهي:
وڃين ڇو اي پياري!
تون گنگا ڪناري،
پنهل آهين پاڻ،
ڪٿي ويٺو ڳولهين،
ڪنهن کي ٿو ٻولين،
پنهل آهين پاڻ.
ساڌو واسواڻي نوري گرنٿ ۾ چون ٿا ته هي جهان خواب وانگر آهي. دونهين جي محل جي ڪا هستي ڪانهي. ڌن، جوڀن سڀ پاڇا آهن:
جڳ سارو جئن رات جو سپنو
هت ڏينهن ٻه چار اٿيئي رهڻو
جڳ سارو اٿئي دونيهن محل
پاڇا اٿيئي ڌن جو ڀن جواني
بنگلا ماڙيون گاڏيون فاني
ملڪ سارو اٿيئي موت مڪان
ڇڏ ويسر ڪر ڪو ڌيان.
ساڌو واسواڻيءَ جي ويچار موجب هي جڳ رڻ پٽ جيان آهي. ناڄاڻائي (Ignorance) جي ڪري جيئن هرڻ رُڃ ۾ واريءَ کي جل (پاڻي) سمجهي ڀٽڪي ڀٽڪي ساهه ڏيندو آهي، تيئن انسان به هن جڳ ۽ ان جي رونقن کي سڀ ڪجهه سمجهي پنهنجي حياتي برباد ڪري رهيو آهي.
سمجهه جڳ سارو اٿيئي رُڃ،
بنا گيان اتري نه اوديا جي اڃ.
هي جڳ جُوٺو آهي ان ڪري ساڌو واسواڻي تاڪيد ڪري ٿو:
”جوٺي جڳ کان من تون موڙ.“
ساڌو واسواڻيءَ نوري نماڻي شعرن جي مجموعي ۾ انسان کي آگاهي ڏئي ٿو ته مٿرا، ڪاشي سڀ انسان جي من مندر ۾ آهي، هن کي گهرجي ته هُو پرڀو لاءِ پياس رکي، من مندر ۾ مالڪ جو مشاهدو ماڻي:
اندر مٿرا اندر ڪاشي،
پوءِ ڇو پيارا ڦرين بنواسي.
اندر گوڪل اندر مٿرا،
رهه روز فقط تون پياسي.
ساڌوءَ جو يقين آهي ته انسان کي فقط پياس، تانگهه، سڪ ئي پرڀوءَ سان ملائيندي،. پريم کان سواءِ انسان جو جيئڻ بيڪار آهي:
پريم بنا جيئڻ اجايو،
پريم بنا نه سفر سجايو،
بن ڀڳتيءَ ويٺو وقت وڃائين
پريم بنا سڀ ڪوڙ ڪمائين.
نوري گرنٿ (نوري نماڻي شعرن جي مجموعي) ۾ ساڌو واسواڻي پرماتما جي پار جي پانڌيئڙن کي ڪي صلاحون ڏنيون آهن. جن تي عمل ڪرڻ سان ساڌڪ سڦلتا جو سهرو ٻڌي سگهي ٿو:
ستگر جي اسڪول ۾ سبق چار پڙهج،
پڙهي، سچي پريم چاڙهيءَ مٿي چڙهج.
پهريون سبق صدق سونهارو،
ٻيو سبق سچ جو، سائينءَ پيارو،
ٽيون سبق صبر جو، جيون جو آڌارو،
چوٿون سبق سِيل جت، نوري چمڪي تارو.
ساڌو پرڀوءَ کي پرارٿنا ڪندي چون ٿا:
تون ٺاڪر مان در جي داسي،
تون مالڪ مان مهر جي پياسي!
آهين پتا تون اسان جي ماتا،
جڳ جنني آهين جڳ داتا!
نوري، شاهه لطيف جي سورمي، جنهن پنهنجي نياز نوِڙت حليمائي، خاڪساريءَ سان ڄام تماچيءَ جو پيار حاصل ڪيو. ساڌو واسواڻيءَ ان نوريءَ جي ڪردار جي نه صرف پنهنجي جِيون ۾ ساکي ڏني پر پنهنجو تخلص ئي ”نوري“ رکيو. ساڌوءَ جيڪي هزارين گيت چيا، انهن ۾ ’نوري‘ تخلص استعمال ڪري نوريءَ کي نهال ڪري ڇڏيائون:
مندون موٽي آيون، تون نه موٽئين هوت،
دم دم آهه دل کي لڳي تنهنجي چوٽ،
هاڻ موٽ منهنجا گهوٽ، نه ته نوري ويندي وسامي.
ساڌو واسواڻي پنهنجن شاگردن ۽ چاهيندڙن کي چيو ته جڏهن منهنجو ساهه هي جسم ڇڏي وڃي ته سندس رچيل الوداع جو گيت ڳائجو. اڄ اهو گيت ساڌو جي اسڪولن ۾، آشرمن ۾ ۽ ڪيترن گهرن ۾ ڳايو وڃي ٿو. ان جون ٻه ٽي سٽون هن ريت آهن:
اچو هاڻي! اچو هاڻي! منهنجا پيارا وطن واسي!
وٺان موڪل اوهان کان ٿي، آهيان آسيس لاءِ پياري!
خدا حافظ، خدا حافظ!
وڃڻ جي ويل آئي آ، ٿئي ٿو ڏينهن اڄ پورو،
بازيگر جي آ هيءَ بازي، ختم ٿيو کيل سمورو.
خدا حافظ، خدا حافظ!
No comments:
Post a Comment