ڪھڙا ڪھڙا مور مري ويا
الطاف شيخ
جپان ۾ ايندڙ ڪيترا ڌاريا ماڻهو ميڪ اپ ۾ ٿڦيل، اوچن ۽ ٻهڪندڙ ويس
وڳن ۾ ملبوس، ناز نخري سان هلندڙ گيشائن کي رنڊيون ئي سمجهن ٿا، پر ائين ناهي.
گيشائون اعليٰ درجي جون فنڪار چئي سگهجن ٿيون، جن مختلف فنن جو علم ۽ تربيت حاصل
ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ۽ جدوجهد ڪئي آهي. هو اڪيلي سر ويهي مردن جي ٽولي يا اڪيلي مرد
جي ڳالهين ذريعي دل وندرائين ٿيون، دعوت ۾ گهرايل مهمانن کي وڏي ادب ۽ احترام سان
چانهه ۽ ڪافي پيارين ٿيون، جپاني سرندو (Samisen) وڄائي يا پنهنجي مٺي سر ۾ راڳ آلاپي پنهنجي مهمان
کي خوش ڪري سگهن ٿيون، پر هو ڪنهن به صورت ۾ هنن سان بستري لاءِ ٻڌل نه آهن. ائين
ته هي به انسان آهن، ڪنهن کي دل ڏئي سگهن ٿيون، پنهنجي مالڪڻ جو اڏو ۽ ساٿ ڇڏي
پنهنجي ڪنهن پراڻي مهمان يار يا عاشق سان ڀڄي به سگهن ٿيون، پر اهڙا واقعا گيشائن
جي دنيا ۾ بلڪل نه برابر ٿين ٿا. وڏي پئماني جي ڌاڙيلن ۽ ننڍي کنڊ جي کدڙن وانگر
جپان جي هنن گيشائن جا به ڪجهه اصول آهن، جن کي ٽوڙڻ هنن لاءِ ناممڪن ڳالهه آهي.
ڪوٺي تي آيل ڪنهن يار سان ڀڄي وڃڻ- توڙي کڻي شاديءَ خاطر، نه فقط ان هڪ گيشا لاءِ
پر گيشائن جي سڄي ڪميونٽي لاءِ ٻڏي مرڻ آهي.
ڪيترا ڌاريا خاص ڪري امير آمريڪن گيشائن کي شهواني ضرورتون پوريون
ڪرڻ جو Symbol ان
ڪري به سمجهن ٿا جو ٻي وڏي لڙائي هارائڻ بعد جپان آمريڪا جي قبضي ۾ اچڻ ڪري، هي
شان شوڪت، ڄاڻ ۽ فن جو ادارو پٺتي هليو ويو. ان جي جاءِ تي عام رنڊيون گيشائن جو
روايتي لباس پهري هوٽلن ۾ رهندڙ امير آمريڪن جي گهرائڻ تي گيشائون ٿي آيون ٿي ۽
آمريڪن توڙي ٻيا ان ۾ ئي خوش ٿيڻ لڳا ته هنن جي حڪم تي جپان جون گيشائون به آڻ مڃي
سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ ائين نه آهي. هي هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن کي هتي جو مڪاني
ماڻهو ئي سمجهي سگهي ٿو يا اهو جيڪو هتي گهڻو وقت رهيو هجي.
اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ ڪنهن زماني ۾ هيرامنڊي لاهور کان آيل هر
ڳائڻي رنڊي سمجهي وئي ٿي. بلڪ هر اسٽيج ڊرامي، فلم يا ويندي ٽي وي جي اوائلي ڏينهن
تائين هر ڳائڻي لاءِ جنهن اسٽيج فلم يا ٽي ويءَ تي ڳايو ٿي ان کي ماڻهن مٿين صف ۾
ئي بيهاريو ٿي. بلڪ سچي ڳالهه اها آهي ته ان ڪم لاءِ آيون ئي ان صفت جون عورتون
ٿي. هڪ فلم پروڊيوسر يا ڊائريڪٽر کي گهڻي ڀاڱي اداڪارون چونڊڻ لاءِ ملڪ جون گهڻي
ڀاڱي ڳاڙهيون بازارون ئي تپاسڻيون پون ٿيون ۽ نه ڪي اسڪول ڪاليج. پر اڄڪلهه اسان
وٽ فلمن يا ٽي وي ڊرامن جون اداڪارائون يا ڳائڻيون يونيورسٽين جون گريجوئيٽ ۽ سٺن
خاندانن جون ٿينديون وڃن. انڊيا جو ته معيار اڃا به گهڻو مٿانهون آهي. هنن جي
ائڪٽريسن توڙي ماڊل عورتن جي تعليم، صحت، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي ڍنگ، معلومات ۽ محفل
۾ اٿڻ ويهڻ جي ادب آدابن جو مقابلو اسان جي ملڪ جي ڪا ورلي ڪري سگهي، پر اهو ان
قسم جو معيار اسان وٽ توڙي انڊيا ۾ سمجهو ته اڄ آيو آهي، پر جپان ۾ جيستائين
گيشائن جو تعلق آهي ته هنن وٽ اهي ڳالهيون سوين سال اڳ کان موجود هيون. صحيح معنيٰ
۾ هر گيشا هڪ اعليٰ طاقتور ادارو آهي. ڪيتريون گيشائون ملڪ جي وڏن سياستدانن،
فوجين، حاڪمن، فلمي اداڪارائن، اعليٰ رانديگرن کان مٿانهون درجو رکن ٿيون. هر گيشا
جي زندگيءَ ۾ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن اهم شخصيتن سان ويجهڙائي رهي ٿي- توڙي کڻي Sexual ويجهڙائي
نه ٿيندي هجي، پر جيستائين دل جي رازن جي ڳالهه آهي، اهي هڪ گيشا کان ڳجها نٿا رهن
۽ جنهن اڻ ڇپيل Code of Conduct مطابق
اهي راز هتي جون گيشائون پنهنجي پيٽ ۾ محفوظ رکن ٿيون، ان جو به جواب نه آهي. پنج
ئي آڱريون برابر به نه آهن. ڪڏهن ڪڏهن (تمام ورلي) ڪا گيشا ڪو ٻڙڪ ٻاهر به ڪڍي
ويهندي آهي ۽ پوءِ انهن همراهن جو سر هليو ويندو آهي. اهڙي ئي هڪ گيشا جنهن جو ذڪر
هڪ ٻئي سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان، ملڪ جي هڪ وزيراعظم جا واڄٽ ڪڍي ڇڏيا هئا ۽
ايتريقدر جي ٻي اليڪشن ۾ پاڻ ته ڇا سندس پارٽي به هارائي وئي. ساڳي وقت ان هڪ گيشا
جي غلطيءَ ڪري ٻيون منهن مٿو پٽينديون رهيون جو ان ڪيس بعد ملڪ جا امير
ڪارخانيدار، فوجي جنرل، سياستدان ۽ اعليٰ بيورو ڪريٽ گيشائن وٽ ڀيرو ڀرڻ کان ٽهي
پيا.
بهرحال ملڪ جي مشهور سياستدان، بزنس مين، رانديگر ۽ ٻين اهم شخصيتن
وانگر جپان جي گيشائن ۾ به ڪجهه اهم شخصيتون ٿي گذريون آهن ۽ انهن ۾ ڪي ته بين
الاقوامي Fame جون
به مالڪياڻيون ٿيون. گيشائن بابت جيتوڻيڪ هن کان اڳ وارن جپاني سفرنامن ۾ ايترو
گهڻو ڪجهه لکي چڪو آهيان جو هاڻ وڌيڪ لکڻ جو ارادو نه هئم، پر ويجهڙائيءَ ۾ هڪ
تمام اهم ۽ پنهنجي وقت جي حسين ترين ۽ ذهين گيشا جي مرڻ جو اخبار ۾ پڙهي ٻه چار
لفظ هن پنهنجي زماني جي بلي بلي گيشا صاحبه ميڊيم ڪيهارو ناڪامورا (Kiharu
Nakamura) تي لکڻ ويٺو آهيان، جنهن جي ملاقاتين ۾ آمريڪا جي
چارلي چئپلن (ائڪٽر) کان وٺي مشهور فرينچ ليکڪ ۽ آرٽسٽ Jean Cocteau جهڙا
دنيا جا مشهور ماڻهو هئا ۽ جپان جي تاريخ جي هيءَ پهرين گيشا آهي، جنهن انگريزي
سکي ان ڪري نه فقط سندس ملڪ جا جپاني پر مغرب جا به اهم ماڻهو هن جا ئي Visitor ٿيڻ
۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳا هئا. مٿين ٻن ماڻهن کان علاوه اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جو
مشهور بيس بالر بيت رٿ ۽ اخباري دنيا جو امير ترين وليم رئنڊولف به هن گيشا وٽ ٻڪر
ٿيندو رهيو ۽ ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، عاشق هزارين مان نه رڳو“ آلاپيندو رهيا.
مئڊم ڪِهارو ناڪا مورا ٽوڪيو جي هڪ امير ۽ تعليم يافته فئملي ۾ 1913ع
۾ ڪازوڪو (Kazuko) جي نالي سان
پيدا ٿي. گيشا ٿيڻ بعد هن پنهنجو نالو ”ڪهارو“ رکيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”خوشنما
بهار“. گيشائون گهڻو ڪري هن پروفيشن ۾ اچڻ بعد پنهنجو نالو بدلائين ٿيون، جيئن گيشا
جي ڪهاڻي بابت مون وارو ڪتاب ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ ۾ مرڪزي ڪردار واري گيشا جو نالو
”مس سدا بهار چنبيلي“ آهي.
ڪهارو جي مائٽن چاهيو ٿي ته هوءَ ڊاڪٽر يا ٽيچر ٿئي، ان ڪري پندرهن
سالن جي ڄمار تي پهچي جڏهن هن گيشا ٿيڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ته پهرين سندس ماءُ
پيءُ ان جي مخالفت ڪئي، جيتوڻيڪ جپان جي سوسائٽيءَ ۾ ڪنهن جو گيشا ٿيڻ ڪو خراب نٿو
سمجهيو وڃي، بلڪ فخر جي ڳالهه ليکي وڃي ٿي. بهرحال سال بعد جڏهن هوءَ سورهن سالن
جي ٿي ته ماءُ پيءُ هن کي گيشائن جي اعليٰ ڪميونٽي ۾ داخل ڪرايو.
ٽريننگ دوران (جڏهن ٿيڻ واري گيشا مائيڪو سڏبي آهي) هن آرٽ ۽ فن جي
شين سکڻ سان گڏ انگريزي پڙهڻ ۾ به ڌيان ڏنو. اهوئي سبب آهي جو گيشا ٿيڻ بعد پنهنجي
وقت جي مڙني گيشائن ۾ ڪِهارو کي مغربي ملڪن کان آيل Dignitaries وڌيڪ
پسند ڪيو ٿي ۽ هن سان رهاڻ ڪرڻ ۾ پنهنجي خوشنصيبي سمجهي ٿي. فرينچ شاعر جين Cocteau ته
هن جي حسن ۽ ذهانت تي ايڏو فدا هو جو هڪ دفعو ته هن يڪو هفتو ڪِهارو سان ڪچهريءَ ۾
گذاريو ۽ هن جي ڳالهين مان Inspire ٿي گيشا تي نظم لکيو.
ڪهارو گيشائن بابت چوندي هئي ته صحيح معنيٰ ۾ ڪامياب گيشائون اهي آهن
جيڪي آرٽ ذريعي مرد جي دل وندرائين- يعني دلچسپ ڳالهين، ڳائڻ وڄائڻ، چرچي ڀوڳ ۽
شعر شاعري ذريعي- ۽ نه Sex ذريعي. ڇو ته ”شا“ معنيٰ وندرائڻ واري ۽ گي (Gei) معنيٰ آرٽ
ذريعي. اها گيشا جيڪا مرد کي هئنڊل نٿي ڪري سگهي اها گيشا نه چئبي.
۽ ڪِهارو لاءِ مشهور آهي ته هوءَ ان ڳالهه ۾ اهڙي ته هوشيار هئي جو
هن Mizuage (نٿ
ٽوڙڻ) واري رسم جي رات به پنهنجي مان واري مهمان کي ڳالهين ۾ اهڙو ته وڪوڙي ۽
ٿڪائي رکيو جو Sex تائين
نوبت ئي نه آئي ۽ هن کي ننڊ اچي وئي. مٿين رسم بابت پهرين لکي چڪو آهيان ته جنسي
تعلقات بابت گيشا تي گراهڪ يا سندس مالڪڻ (ماما سان) طرفان ڪابه پابندي نه ٿئي، پر
هن جي هڪ دفعو Virginity ختم
ڪرڻ لاءِ ”ماما سان“ طرفان آندل امير گراهڪ سان گيشا کي هڪ رات لاءِ همبستري ڪرڻي
پوي ٿي، جنهن کي ”ميزو آگي“ سڏجي ٿو. ان لاءِ گراهڪ کان تمام وڏو ملهه ورتو وڃي
ٿو، جيڪو ”ماما سانَ“ کي هڪ قسم جو ان محنت جو اجورو آهي، جيڪا محنت هوءَ هڪ عام
ڇوڪريءَ کي گيشا بنائڻ ۾ ڪري ٿي. ان کان علاوه گيشا جي هر شام جي ورتل في ۾ ماما
سانَ جو وڏو حصو ٿئي ٿو. هي هڪ اهو ڌنڌو آهي، جنهن ۾ ”ماما سانَ“ (مالڪڻ) گيشا جي
رهائش، کاڌي پيتي ۽ ٽريننگ تي پنج ڇهه سال Investment ڪري
ٿي ۽ پوءِ گيشا جي قابليت مطابق هن جي Earning ٿئي ٿي. سواءِ "Mizuge" واري رسم واري هڪ رات بعد Sex لاءِ نه گيشا ٻڌل رهي ٿي ۽ نه ماما سانَ کيس زور
ڀري سگهي ٿي. ڪِهارو جي حسن ۽ آرٽ جي دنيا جي ذهانت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي
ٿو ته هوءَ پنهنجي وقت جي مهانگي ترين گيشا هئي. هن وٽ مڪاني ۽ ڌاريا امير ماڻهو
آيا ٿي ۽ بلن جون رسيون ۽ انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ جا رجسٽر شاهد آهن ته ڪهارو جي ڪنهن
ڪنهن شام جي في (جنهن ۾ مهمانن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ سان گڏ ميوزڪ ۽ ناچ به شامل
هوندو هو) ٻارنهن هزار ڊالر (يعني ڇهه لک روپيا) به هئي.
ٽوڪيو جي هيءَ انگريزي ڳالهائيندڙ گيشا- ڪهارو
پنهنجي وقت جي مڙني گيشائن کان وڌيڪ شان شوڪت واري ٿي رهي ۽ مرڻ گهڙي
تائين هوءَ جپاني توڙي بين الاقوامي اخبارن ۾ ڇپبي رهي. پاڻ مشهور ليکڪا به هئي ۽
سندس ڇهن ڪتابن مان The Memoir of a Tokyo- born Geisha ۽ ٻيو ڪتاب Lexicon of Obsolete Witty Japanese Phrases جپان
۾ سڀ کان گهڻو وڪامندڙ (Best Sellers) شمار ٿيا. مٿين ٻن ڪتابن مان پهريون ڪتاب جيڪو اصل
ته جپانيءَ ۾ "Edokko Geisha Ichidai-ki" جي نالي سان ڇپيو هو. اهو انگريزيءَ کان علاوه
فرينچ، اسپيني، جرمن، چيني، اطالوي، سئيڊش ۽ ڪورين زبانن ۾ به ڇپجي چڪو آهي. هونءَ
ڪنهن گيشا لاءِ ڪتاب لکڻ ڪا نرالي ڳالهه ناهي. هنن وٽ لکڻ لاءِ هزارين ڳالهيون ۽
راز رهن ٿا. هو پنهنجن عزت ماب ۽ امير (پر پريشان) گراهڪن کي سڪون رسائڻ لاءِ هنن
سان نه فقط مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪن ٿيون، پر هنن جا گهرو جهيڙا توڙي Financial مونجهارا
۽ سياسي شڪستن جا راز ٻڌن ٿيون. جپان جي ڪيترين ئي گيشائن جا ڪتاب يا ڊائريون پڙهڻ
لاءِ دلچسپ مواد ثابت ٿيون آهن. ڪيترا اهي ڪتاب جيڪي يورپي يا آمريڪن ليکڪن گيشائن
بابت لکيا آهن. انهن ۾ به وڏي Contribution ڪنهن نه ڪنهن گيشا جي آهي. ويجهڙائي ۾ هڪ آمريڪن
جو گيشا بابت لکيل ڪتاب جنهن تي فلم به ٺهي ۽ هن ان مان ڪروڙها رپيا ڪمايا آهن، ان
ليکڪ تي جپان جي گيشا آمريڪا جي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو آهي ته ان ڪتاب ۾ ڇپيل ڳالهيون هن
پنهنجي آمريڪن ليکڪ سنگتي کي فقط دوستي ياريءَ ۾ ٻڌايون هيون ۽ نه ڇپائي عوام ۾
عام ڪرڻ لاءِ.
بهرحال مئڊم ڪهارو نه فقط سٺي ليکڪا، سٺي ڳائڻي، سٺي سرندو نواز ۽
مرحوم علي ناز وفائيءَ وانگر سٺي Conversationalist هئي، پر پڙهندڙن کي تعجب لڳندو ته هوءَ هوائي جهاز
جي پائليٽ به هئي. گيشا جي ٽريننگ وٺڻ دوران هن گيشا ٿيڻ لاءِ ضروري آرٽ ۽ فن سکڻ
سان گڏ انگريزي ۽ هوائي جهاز هلائڻ جي سکيا به ورتي. بلڪ جپاني رڪارڊ موجب مئڊم
ڪِهارو جپان جي پهرين عورت آهي، جنهن هوائي جهاز اڏائڻ جا ڪلاڪ مڪمل ڪرڻ بعد
امتحان پاس ڪري بين الاقوامي "Pilot License" حاصل ڪيو.
ڪِهارو لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ صحيح قسم جي گيشا هئي، جنهن گيشائن
جي اصولن تي پورو پورو عمل ڪيو ٿي. ٻي وڏي لڙائيءَ دوران جڏهن ڪهارو تي حڪومت
طرفان زور ڀريو ويو ته هوءَ جپان پاران جاسوسيءَ جي ڪمن ۾ حصو وٺي ته هن صاف صاف
انڪار ڪري ڇڏيو ته هڪ گيشا جي صورت ۾ هوءَ نه ڪنهن گراهڪ جو راز فاش ڪندي ۽ نه
ڪنهن جو راز ڪڍڻ لاءِ هوءَ ڪنهن سان قربائتي ٿيندي. ڀلي کڻي اهو گراهڪ فارينر هجي،
دشمنن جي ملڪ جو هجي. جپان حڪومت ڪهارو کي شايد ٻي وڏي لڙائيءَ جي ”ماتا هري“ (Mata
Hari) ٺاهڻ ٿي چاهيو.
اڳتي هلي ڪهارو ڏٺو ته هيءَ انگهي پيل لڙائي ۽ تيزيءَ سان جپان ۾
ايندڙ Modernization ۾
ڪيتريون گيشائون پنهنجا قدر وڃائي ويٺيون آهن. ان سان گڏ انهن وٽ ايندڙ گراهڪ هاڻ
دل جو سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ هنن جي فن (ڳائڻ، وڄائڻ ۽ ڳالهائڻ) مان لطف اندوز ٿيڻ
بدران جسماني لست وٺڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. اهو سوچي هن گيشا جي زندگي تان دستبرداري
حاصل ڪئي ۽ هڪ جپاني ڊپلوميٽ سان شادي ڪري انڊيا رواني ٿي وئي. پاڪستان اڃا نه
ٺهيو هو. هوءَ دهلي، ممبئي، ڪراچي ۽ لاهور جا چڪر هڻي ڪلڪتي اچي Settle ٿي.
بنگال جو مشهور سياسي ليڊر چندرا بوش انگريزن جي خلاف هو ۽ هو هماليه جبلن جي لڪل
هنڌن تان برطانيه خلاف تحريڪ هلائي رهيو هو. ڪِهارو جيئن ته هاڻ هڪ گيشا نه هئي ۽
ويتر هڪ سفارتڪار جي زال ٿي پئي هئي، ان ڪري هن کي جپاني حڪومت جي چوڻ تي انگريزن
خلاف ڪم ڪرڻو پيو. هن کي اهو ڪم سونپيو ويو ته چندرا بوش کي جپان حڪومت جا ڳجها
نياپا پهچائي ۽ کانئس مليل خبرون پنهنجي مڙس ذريعي جپان جي فوجي حڪومت کي ٻڌائي.
ڪجهه عرصي بعد هنن جي ڪلڪتي (انڊيا) کان رنگون (برما) بدلي ٿي، جتي
سندس مڙس سان گهرو مسئلن تي اختلاف ٿيڻ تي کانئس طلاق وٺڻي پيئي ۽ پنهنجي اڪيلي پٽ
سان گڏ جپان موٽڻو پيو. هن وري گيشا ٿي ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي، پر لڳاتار هلندڙ جنگ (Second
World War) جي بيماريءَ ۾ ٽوڪيو ۽ ان جا سڀ Tea Houses ۽
ڳاڙهيون بازارن تباهه ٿي چڪيون هيون. گيشا ٿي ڳائڻ وڄائڻ جهڙا ڪم ڪرڻ تي به بندش
پئجي وئي هئي. هن ٽوڪيو جهڙن وڏن شهرن کان پري رهي، جتي بمباريءَ جون حالتون هيون،
ڳوٺ ۾ زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ ٽوڪيو تڏهن موٽي جڏهن 1945ع ۾ ناگاساڪي ۽
هيروشيما تي ائٽم بم ڪرڻ کان پوءِ جپانين آڻ مڃي ۽ جنهن جو اعلان شهنشاهه هيرو
هِٽو تقرير ذريعي ڪيو.
جنگ هارائڻ بعد جپان جون ويران حالتون به ڪِهارو پنهنجين اکين سان
ڏٺيون. ڪيترا جپاني امير، فوجي، ڪارخانيدار ۽ بيورو ڪريٽ جيڪي سندس گراهڪ رهي چڪا
هئا، اهي آمريڪن اڳيان جنگي ڏوهاري (War Criminals) طور پيش ٿيڻ لڳا. هر طرف ڏڪار ۽ غربت جي حالت ڏسڻ
۾ آئي ٿي. آمريڪن فوجين کي خوش ڪرڻ لاءِ ۽ کانئن پئسو حاصل ڪرڻ لاءِ عام رنڊيون
پاڻ کي گيشا سڏرائي هنن جي هوٽلن جي ڪمرن ۾ پيش ٿيڻ لڳيون ۽ اهي ڪم جن کان گيشائون
انڪار ڪن اهي هي عورتون ڪرڻ لڳيون. گيشا جو صديون پراڻون جيڪو Image هو،
اهو داغدار ٿي ويو. ڪِهارو کي هاڻ هي پروفيشن ۽ پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ پسند نه آيو.
هوءَ پنهنجي ٻي مڙس سان گڏ جيڪو کانئس 10 سال کن ننڍو هو ۽ ڌنڌي جي لحاظ کان فوٽو
گرافر هو، نيويارڪ آمريڪا هلي وئي.
آمريڪا پهچي هن پنهنجو پاڻ کي جپاني آرٽ ۽ ڪلچر جو ايڪسپرٽ طور تعارف
ڪرايو. هر وقت ڳري ڪمونو ۾ ملبوس هجڻ ڪري ڪمونو هن جي سڃاڻپ ٿي پيو. هوءَ پنهنجي ۽
فئمليءَ جي گذر سفر لاءِ اخبارن ۾ مضمون لکڻ کان علاوه ماڊلنگ ڪرڻ لڳي ۽ اسڪول
کولي آمريڪن ڇوڪرين کي جپاني راڳ، ميوزڪ ۽ ڊانس سيکارڻ لڳي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي
اباڻي وطن جپان جو به چڪر هڻي ايندي هئي، جتي پنهنجي ليڪچرن ۽ ٽاڪ شوز ۾ اهو ئي
روئڻ روئندي رهي ٿي ته جپانين کي ڇا ٿي ويو آهي جو پنهنجا پراڻا قدر ۽ ريتون رسمون
وساريندا وڃن. آمريڪا ۾ رهي هن مختلف سئنيما ۽ ٿيٽر پروڊڪش ۾ جتي جپان ۽ اتي جي
ڪلچر بابت ڪا فلم يا ڊرامو ٺهيو ٿي ته صلاح مشورو ڏنو ٿي. اهڙين فلمن ۽ ڊرامن مان "Madama Butterfly" ۽ "Pacific Overtures" بيحد مشهور
ٿيا. پاڻ پنهنجي سڄي زندگي ”گيشائن“ بابت ماڻهن جون غلط فهميون دور ڪندي رهي ته
هنن کي Sex Symbol نه
سمجهيو وڃي ۽ هن جي چوڻ مطابق هن ڪڏهن به پنهنجي گراهڪ کي وندرائڻ دوران Sex کي
هٿيار نه بڻايو. ڪو گراهڪ ان ڏي رُخ اختيار ڪندو به هو ته هوءَ هن کي ان ڳالهه تان
هميشه ٽاري ڇڏيندي هئي ۽ هن کي ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آماده ڪندي هئي.
زندگيءَ جا آخري سال مئڊم ڪهارو آمريڪا جي پرنسٽن ۽ ڪولمبيا جهڙن
يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيندي رهي، جتي سندس ڪتابن کي عزت جي نگاهه سان
ڏٺو ويو ٿي. بقول هفتيوار رسالي ”دي ايڪانامسٽ“ جي سندس ليڪچر دوران ليڪچر هال
ماڻهن سان هميشه ٽٻ رهيا ٿي ۽ هوءَ پنهنجن ٻڌندڙن کي پنهنجو ليڪچر ٻڌائڻ ۾ اهڙو ئي
ڪامياب رهندي هئي ۽ سڄي هال ۾ ائين حاوي رهي ٿي، جهڙوڪ هڪ گيشا جي صورت ۾ گراهڪ
اڳيان. ان کان اڳ جو گراهڪ وانگر ڪو ٻڌندڙ راهه تان ٿڙي وڃي، پاڻ ئي اعلان ڪندي:
"Now, another question, please,
preferably not about sex."
۽ پاڻ ته ميزو آگي واري رسم واري رات تي به پنهنجي گراهڪ کي ان ڳالهه
تان ٽاري ڇڏيائين، جنهن لاءِ ان جو گراهڪ (خريدار) ”ماما سان“ کي لکن جي ادائگي
اڳواٽ ڪري آيو هو. نٿ ٽوڙڻ جي ان ملهه کان جيڪو ڪِهارو جي ماما سان حاصل ڪيو هو،
ڪهارو پاڻ لاءِ کير جي پئسن طور مانواري گراهڪ کان پنهنجي لاءِ تحفي ۾ ٽائيپ
رائيٽر جي به گهر ڪئي.
ٽوڪيو جي گيشا جيڪا 1913ع ۾ ڄائي سا نوي سالن جي ڄمار ۾ هن سال 2004ع
۾ پنجين جنوريءَ تي آمريڪا ۾ گذاري وئي.
مٿين مضمون ۾ مئڊم ڪهارو جي فرينچ شاعر يار Jean Cocteau جو
گيشا بابت هڪ نظم:
I HAD THE STRANGEST
DREAM
The geisha hurries down
the street,
balancing on high wooden
shoes,
a maiko beside her for
balance.
The skies growl threats
of rain,
and the wind is growing
stronger.
her paper parasol is no
protection.
When the rain finally
comes,
it washes the white off
her face.
The cherry-crimson of
her lips
runs in red rivers down
her breasts.
Her silken robes turn
muddy,
her careful wig grows
damp.
The parasol, a drowned
tissue-bird,
shakes its paper
feathers in the rain
.

This is nice post.All this post is interesting and lovely . I like this all content. Thank,s to the writer for writing this post.
ReplyDeletePilot license
Dear Shagor! Thanks for offering the valuable comments over the post
DeleteEngr. Abdul Wahab Sahito