Thursday, February 03, 2011

فوٽو ڪڍيو سو به فلئش تي - الطاف شيخ


فوٽو ڪڍيو سو به فلئش تي
الطاف شيخ
جپان ۾ ڪي ڪي ڳالهيون جهان کان نراليون آهن. ماڻهن سان ٽٻ ريل گاڏيءَ ۾ توهان جي ڀرسان بيٺل جپاني ڇوڪري سڄي واٽ ڳڙندڙ سنگهه کي سڙسڙ ڪري مٿي ڇڪيندي رهندي، پر رومال يا ٽشو پيپر نڪ تي رکي نڪ کي صاف نه ڪري وٺندي. جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ سان فقط هڪ دفعو نڪ جي سڻڪي جو آواز ٿيندو ۽ هڪ دفعو باقي بيٺل ۽ ويٺل مسافرن جو هن ڏي ڌيان ويندو ۽ نڪ مان ڳڙندڙ سنگهه مان هن جي هميشه لاءِ جان ڇٽي پوندي، پر اها ڳالهه هتي جي سوسائٽيءَ ۾ معيوب سمجهي وڃي ٿي. اهو ڪم اسٽيشن تي لهڻ بعد Wash room ۾ ڪري سگهجي ٿو. في الحال ريل گاڏيءَ ۾ ٻين مسافرن اڳيان رکي رکي نڪ کي سڻڪي سنگهه کي مٿي چاڙهيندو رهجي جو ان قسم جي پيدا ٿيندڙ ايمرجنسي ۾ هن ملڪ ۾ فضيلت واري ڳالهه اها ئي آهي.

جپان ڇڏڻ کان هفتو ڏيڍ اڳ آئون هر ان ماڻهوءَ جو فوٽو ڪڍندو رهيس، جنهن سان منهنجو سفر دوران جپان ۾ واسطو يا ويجهڙائي رهي. ان کان علاوه اهڙين جاين ۽ نظارن، ڪاڄن ۽ فنڪشنن، ماڻهن ۽ انهن جي ويس وڳن جا ته پهرين ڏينهن کان فوٽو ڪڍندو رهيس، جن بابت اخبار جي ڪالم لاءِ ڪجهه لکڻ ٿي چاهيم.
هڪ ڏينهن آئون شهر جو چڪر ڏئي گهر آيس ته منهنجي زال اسان جي فئملي ڊاڪٽر ۽ ڀرواري بس اسٽاپ ”اِرو سينٽر“ واري اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر وتنابي جي ڳالهه ڪئي.
”اڄ آفرين (اسان جي ڏهٽي) کي ٽڪا هڻائڻ ويس ته ڊاڪٽر وتنابيءَ پري کان ئي ڏسي مون کي کيڪاريو ۽ هلي اچي خير خبر پڇي.“ مستوران ٻڌايو.
ڊاڪٽر وتنابي سان اسان جا ڪجهه وڌيڪ سٺا تعلقات ان ڪري به آهن جو هن کي سٺي انگريزي اچي ٿي ۽ هو پنهنجي انگريزي ڳالهائڻ جي پرئڪٽس اسان سان ئي ڪندو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هو سنگاپور ۾ ٽي سال نوڪري ڪري چڪو آهي، ان ڪري اسان سان سنگاپور ۽ ملائيشيا جي ڀرواري شهر ”جوهور باروءَ“ جون خبرون ڪندو رهي ٿو. اڄ اتفاق سان هو مون کي بس ۾ مليو هو. بلڪ صبح جو آفيس ٽائيم ۾ نڪرڻ سان ڪڏهن ڪڏهن ان بس ۾ چڙهڻ جو اتفاق ٿي ويندو آهي، جنهن ۾ پاڻ هوندو آهي. سندس گهر اسان جي بس اسٽاپ کان ٽي چار اسٽاپ پهرين آهي. پاڻ اسپتال لاءِ ارو سينٽر اسٽاپ تي لهي ويندو آهي ۽ آئون ٻه چار اسٽاپ اڳتي هن شهر ڪوڪورا جي ريلوي اسٽيشن تي يا احسن ۽ ايمان (ڏهٽن) جي اسڪول واري اسٽاپ تي وڃي لهندو آهيان.
”ٻارن لاءِ چيو هوندائين ته بس ۾ کيچل ڪندا هليا.“ مون زال کي چيو.
”نه تنهنجي دانهن پئي ڏنائين.“
”منهنجي؟ خير ۾؟ مون ته پاڻ اڄ سندس فوٽا ڪڍيا ته توکي پاڪستان وڃي ياد ڪنداسين.“ مون چيو.
”ان فوٽن واري ڳالهه جي ئي شڪايت ڪرڻ لاءِ مون وٽ هلي آيو هو ته الطاف منهنجا ڀري بس ۾ فوٽو ڪڍيا، سو به فلئش لائيٽ سان.“ مستوران ٻڌايو.
اهو ٻڌي مون کي يڪدم ڳالهه دل سان لڳي ته واقعي ڀريل محفل يا بس وغيره ۾ ڪنهن جو ائين فوٽو ڪڍڻ سو به فلئش سان جنهن ۾ هو ٻين اڳيان ويتر نمايان ٿي وڃي. هڪ جپانيءَ لاءِ وڏي Embarrassment آهي. هونءَ ته آئون ڪيترن ئي واقفڪار ۽ اڻ واقفڪارن جا فوٽو بس ۾ يا گس پنڌ تي ڪڍندو رهان ٿو، پر اهي سڀ تڏهن جڏهن چوڌاري ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هجي، پر جيئن ته ڊاڪٽر وتنابي اڄ مون کي ان وقت ملي ويو، جنهن وقت منهنجي هٿ ۾ ڪئميرا به هئي ۽ هن جي تصوير ڪڍڻ لاءِ مهيني کن لاءِ آتو هوس سو يڪدم ڪڍي ورتيمانس، پوءِ جيتوڻيڪ کيس شرمائيندو ڏسي آئون به ڏاڍو پريشان ٿي ويو هوس.
هڪ دفعي بس اسٽاپ تي يوڪو نالي هڪ عورت ننڍڙي ٻار سان ملي جيڪا ڪراچيءَ ۾ ڪجهه سال رهي وئي هئي. ڪجهه لفظ اردو جا به ڳالهائي رهي هئي. سندس مڙس ڪنهن بين الاقوامي ڪمپنيءَ طرفان ڪراچيءَ ۾ بدلي ٿي آيو هو ۽ هاڻ هو دبئي ۾ رهي ٿو. پاڻ ماءُ پيءُ سان ملڻ هتي آئي هئي، جيڪي هن ئي شهر ۾ رهن ٿا. هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ ڪوڪورا اسٽيشن وڃي رهي هئي.
هڪ دفعي بس ۾ سفر ڪندڙ هڪ ڇوڪريءَ جي ميڪ اپ ڪرڻ دوران تصوير ڪڍيم. هڪ اسٽاپ تي جيئن ئي بس خالي ٿي ته هن يڪدم پرس مان لپ اسٽڪ ڪڍي جلدي جلدي ميڪ اپ شروع ڪيو، جيئن ٻئي اسٽاپ کان اڳ مڪمل ڪري سگهي، جنهن تان گهڻا ماڻهو چڙهن ٿا. مون کانئس موڪل وٺي تصوير ڪڍي، پر سندس تصوير ۾ اهو نئچرل اسٽائيل Capture ٿي نه سگهيو، جيڪو جيڪر لڪ چوريءَ ۾ کيس احساس ڏيارڻ بنا تصوير ڪڍڻ ۾ اچي ها. ان ئي ڏينهن بس ۾ ويٺل ڪمونو ۾ ملبوس ٻن ڇوڪرين جي پڻ تصوير ورتم، جيڪي پنهنجي ڪاليج جي ڪنهن فنڪشن لاءِ وڃي رهيون هيون. جپان ۾ اڄ ڪلهه ڪمونو ڪو ورلي پهري ٿو. مردن سان گڏ عورتون به مغربي ڊريس ۾ ئي نظر اچن ٿيون.
گيشائن بابت ڪجهه جپاني شاعري
جپاني شاعريءَ ۾ گيشائن تي ڪيترائي شعر آهن، جيڪي هنن جي عاشقن لکيا آهن، عام ماڻهن لکيا آهن ۽ ڪيترا ته گيشائن پاڻ به لکيا آهن. آئون شاعر نه آهيان ۽ نه وري ڪا رديف قافئي جي ڄاڻ رکان ٿو، ان ڪري هتي انهن شعرن جو هوبهو نثري ترجمو ڪيان ٿو، جنهن ڪري انهن جپاني شعرن جي اها اصليت واري سونهن نه رهي آهي، پر ان هوندي به پڙهندڙ ان مان ڪجهه نه ڪجهه جپاني شاعري ۽ شاعرن جي احساسات ۽ جذبن جو اندازو لڳائي سگهندا.
تون ۽ مان
ٻئي رهون ٿا آني اندر
آئون، آئون آهيان ان جي اڇ
توکي مون پنهنجي جسم سان ڍڪي ڇڏيو آ.
اڄ رات سمهان ٿي اڪيلي
پنهنجي لڙڪن جي بستر تي
هڪ اونهي ساگر ۾ ڄڻ
لوڙهي ڇڏيل ٻيڙيءَ جيان
جڏهن مان اوتيان ٿي ساڪي
ان شخص لاءِ جنهن سان پيار آ
هن جي چپن تائين پهچڻ کان اڳ
آئون سڪورا جيان کڙيو پوان
(ساڪي= جپاني شراب جيڪو چانورن مان ٺاهيو وڃي ٿو. سڪورا= چيري بلاسم جا گل)
مون سڀني ۾ توکي پاڻ سان گڏ گڏ ڏٺو
منهنجي ٽهڪن مون کي ننڊ مان جاڳايو.
چرين وانگر چوڌاري توکي ڳوليم
اکين مان لڙڪ وهائيندي.
ڪجهه دير اڳ جي پريت محبت
۽ دکيل سگريٽن جو هي دونهون
آهستي آهستي سڀ روانا ٿي ويا
رهي فقط آهي راک
منهنجي جنهن لاءِ دل ماندي
مُور نه اچڻ جي اهو ڪري
جن لاءِ مون کي آهي ڌڪار
اچن هر روز هڪ سؤ بار
ڄاڻان ٿو مان ته هوءَ هلڪي آهي ۽ بي وفا پڻ
پر هوءَ اڌ گابري پڇتاءَ سان واپس موٽي آ
ساڻي ۽ ڏکويل حال ۾.
هڪ پوپٽ کي به ضرورت آهي
سج لٿي کان پوءِ ماڳ موٽڻ جي.

No comments:

Post a Comment