Thursday, February 03, 2011

ڦلترو، اردلي ۽ فيچڪ وال - الطاف شيخ


ڦلترو، اردلي ۽ فيچڪ وال
الطاف شيخ

جپانيءَ جا ڪي ڪي لفظ به عجيب ۽ کل جهڙا آهن. خاص ڪري اهي لفظ جيڪي ٻين ٻولين تان کنيا اٿن. انگريز يعني English- man کيIgirisu چون. پوءِ ڪي اکر جپانيءَ ۾ آهن ئي ڪونه جهڙوڪ ’ف‘، ’ل‘، ’ٿ‘ وغيره، جن بدران ٻيا اکر استعمال ڪن ۽ ٻيو ته جپاني لفظ Vowels سان ڀريا پيا آهن. هر اکر (Consonant) پويان a,e,o,u,i جو هجڻ ضروري آهي. ان ڪري منهنجو نالو به الطاف بدران جپانيءَ ۾ اريطافو لکڻو پوي ٿو. چاڪليٽ چاڪوريٽو Chokoreto ٿيو پوي. (ڏسو آهي نه هر اکر پويان واول.) ملائيشيا سڏجي ٿو. اهڙي طرح ٻيا ڪجهه دلچسپ لفظ آهن، جيئن ته:
Australia- Osutoraria
Italy- Itaria
Application- Apurikeshon
Click- Kuriku
Salesman- Serusman
Ball pen- Boru pen
هڪڙو'N' اهڙو اکر آهي، جيڪو لفظ جي آخر ۾ اچي ته ان جي پويان واول لڳائڻ ضروري ناهي. ان ڪري جن ڌارين جي نالن پويان Nاچي ٿو اهي ائين رهن ٿا، جيئن ته ميمن، پاڪستان، فرحان وغيره. اسان جي ڏهٽيءَ جو نالو ايمان ميمن آهي ته ان جو نالو ائين ئي لکيو وڃي ٿو جو هر اکر پويان واول آهي ۽ ”ن“ آخر ۾ اچڻ ڪري ان پويان ڪو واول لڳائڻو نٿو پوي نه ته جپانيءَ ۾ ڪيڪ ڪيڪي، بال بارو ۽ بسBasu ٿيو پوي.


مزي جي ڳالهه ته اهي سڀ ڌاريا لفظ يا اسان ڌارين جا نالا ڪانجيءَ ۾ نٿا لکي سگهجن، جيڪا جپان جي شڪيلن واري لکڻي آهي. ڌارين جا لفظ پنهنجي زبان ۾ لکڻ لاءِ جپانين جيڪا الف ب ايجاد ڪئي آهي، اها ڪاٽا ڪانا سڏجي ٿي. مٿيان دلچسپ لفظ به مون ڪاٽا ڪانا ۾ پڙهيا، جيڪي هتي اچڻ سان يعني جڏهن اڄ کان ٽيهارو سال اڳ پهريون دفعو جپان ۾ آيو هوس ته سکي ياد ڪري ڇڏيا هئم، جيئن هوٽل، ڪلب، ڊپارٽمينٽ اسٽور، سپر مارڪيٽ جهڙين شين جي ته خبر پئجي سگهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي اصل انگريزي اُچارن بدران هوتيرو، ڪيرابو، ڊيپاٽو ۽ Supa لکيل ٿئي جو جپاني انهن کي ائين ٿا اُچارين جيئن اسان وٽ ڊرم کي ڊم، واليوم کي واليم، اسٽيشن کي ٽيشن ۽ بس اسٽاپ کي بس اسٽان ٿا سڏين. پر اڄ به ڪيترا جپانيءَ ۾ لکيل نوان لفظ اُچاري سوچيندو آهيان ته اهو اصل جپاني لفظ آهي يا انگريزيءَ تان مروڙيل. جيئن ڪالهه هڪ هنڌان لنگهي رهيو هوس ته دڪان جي ٻاهران جپاني (ڪاٽا ڪانا) ۾ لکيل هو:Doraee Kireeneego سمجهه ۾ نه اچي ته اهو ڇا جو دڪان ٿي سگهي ٿو ۽ دورائي ڪيري اين ايگو ڇا ٿي سگهي ٿو. ڇا توهان جي دماغ ۾ ڪجهه اسٽرائيڪ ٿيو. گهٽ ۾ گهٽ آئون ته سمجهي نه سگهيس. نيٺ واپسيءَ تي رستو ٽپي دڪان جو دروازو کولي ڏٺم ته هي دڪان ڇا جو آهي، جنهن جو مالڪ پنهنجي زبان جو نالو ڏيڻ بدران شوق ڪري انگريزي نالو جپاني زبان ۾ لکيو آهي، جيئن پاڻ وٽ ڪيترا انگريزي نالا سنڌيءَ ۾ لکيا ويندا آهن، پر جيسين ڪو صحيح اُچار نه ٻڌائي سمجهه ۾ نه پيو ايندو. جيئنWaves ريفريجريٽر جو نالو اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لکيو وڃي ٿو، پر ان ويوز کيWaves بدرانViews به پڙهي سگهجي ٿو.
بهرحال دڪان ۾ گهڙڻ سان ٽنگڻين ۾ لڙڪيل ڪپڙن کي ڏسي سمجهي ويس ته ڌوٻيءَ جو دڪان آهي ۽ هن انگريز ٿيڻ جي شوق ۾ جپانيءَ ۾Dry Cleaning لکڻ لاءِ وڌيڪ Vowel هنيا آهن.
هڪ جپاني شاعره جيڪا اڪثر پنهنجا شعر ٻڌائيندي ٿي رهي، گهڻا ڏينهن گذرڻ بعد به جڏهن نه ٻڌائين ته انٽرنيٽ ذريعي شعر نه لکڻ جو پڇيومانس ته ان جو سبب لکيائين ته اڄڪلهه هوءَRoman chiku Moodo ۾ نه آهي ۽ آئون ڪا دير سوچيندو رهيس ته اهو ڪهڙو لفظ ٿي سگهي ٿو- جيڪو ٻيو نه پر انگريزي لفظ Romantic Mood آهي. جيئن هڪ ٻئي مان خوش جوڙي"Happy Couple" کي جپانيHapee Copuru لکن. پر اهي لفظ وري به ٿورو سوچڻ بعد سمجهه ۾ اچيو وڃن، پر ڪي ته اهڙا آهن جو پهرين نظر ۾ سمجهه ۾ نٿا اچن ته اهي ڇا ٿي سگهن ٿا. مثال طور هي لفظ ڏسو:
Ooeere, Takushii, Doraibu, Baire enguru, Panfuvetto.
ان قسم جا انگريزيءَ جا جپانيءَ ۾ آيل لفظ خود انگريزن لاءِ سمجهڻ به اهڙا ئي ڏکيا آهن، جهڙا ڪيترا انگريزيءَ جا لفظ اسان جي سنڌي اردوءَ ۾ اچي ويا آهن.
جهڙوڪ: ڦلترو (بندوق صاف ڪرڻ جي تار Pull Through)، اردلي (فوجي آفيسر جي ٺاهه جوڙ ڪرڻ وارو سپاهي Orderly)، فيچڪه وال (وائلر جو Fedd Check Valve) وغيره.
بهرحال مٿيان جپاني لفظ هيٺين انگريزي لفظن بدران جپان ۾ استعمال ٿين ٿا:
Oil, Taxi, Drive, Billingual, Pamphlet.

No comments:

Post a Comment