منهوڙي جو لائيٽ هائوس
الطاف شيخ
ترخم نالي ڪتاب ۾ هڪ ٻيٽ، منهارا جو ذڪر ٿيل آهي، جتي هندستان جي مغل شهنشاهه اڪبر جو جنرل عبدالرحيم خان خانان ٺٽي بعد گھمڻ لاءِ ويو هو. ڪيترن جو اهو خيال آهي ته اهو منهارا ٻيٽ اڄ وارو منهوڙو آهي.
بهرحال تاريخ جي رڪارڊ موجب ڪراچي جو بندرگاهه ارڙهين صدي جي شروعات کان مشهور ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي بندرگاهه جو انتظام قلات جي خانن جي هٿ ۾ هو جيڪو پوءِ ڪيترا دفعا سنڌ جي حاڪمن ڏي به ايندو ويندو هيو جن جي پڻ هن ۾ اک هئي ۽ هنن هن بندر جي اهميت سمجھي ٿي. آخرڪار مير فتح علي 1795ع ۾ ڪراچي کي هميشه لاءِ پنهنجي قبضي ۾ آندو ۽ 1797ع ۾ منهوڙي تي قلعو ٺهرايو، جتان لنگھندڙ هر ٻيڙو نظر آيو ٿي. 1843ع ۾ انگريزن جو سنڌ تي قبضو ٿيو ۽ نيول آپريشن ۾ انگريزن جي جهازن هن قلعي تي بم ۽ بارود هڻي تباهه ڪري ڇڏيو. منهوڙي تي قبضي ڪرڻ بعد ڪراچي جو شهر انگريزن جي حوالي ٿي ويو.
سنڌ جو گونر ٿيڻ سان سر چارلس نيپيئر ڪراچي کي فري پورٽ ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ۽ ان خيال کان هن منهوڙي ٻيٽ جي سڌاري ڏي ڌيان ڏنو. هن پهرين به ڪياماڙي کي (جيڪو پڻ ٻيٽ هو) نيپيئر مول ذريعي باقي ڪراچي شهر سان ڳنڍيو، جيڪو ڪم 1854ع ۾ پورو ٿيو. ٻيو اهم ڪم اهو ڪيائين، جو منهوڙي ٻيٽ تي لائيٽ هائوس ٺهرايائين ته جئين پنهنجا ۽ ڌارين ملڪن کان ايندڙ جهاز، ڀٽڪي ڪناري جي ويجھو وارين ٽڪرين سان نه ٽڪرائجن ۽ کين ڪراچي بندر ۾ اچڻ-وڃڻ جي رستي جي صحيح ڄاڻ ٿي سگهي.
منهوڙي ٻيٽ جو هي لائيٽ هائوس 1889ع ۾ ٺهي راس ٿيو. هن جي اوچائي 91 فٽ آهي پر سطح سمنڊ (sea level) کان 109 فٽ مٿانهين آهي.
لائيٽ هائوس گول مناري وانگر ٺاهيو وڃي ٿو، جنهن جي چوٽي تي آرسين ۽ شيشن lenses کي اهڙي حساب سان رکيو وڃي ٿو جو ميڻ بتي جهڙي معمولي روشني به تيز طاقتور ٿي، پري پري تائين پهچي سگهي ٿي. ظاهر آهي جيترو مٿي هوندو، اوترو پري تائين نظر ايندو. ڏورانهن ملڪن کان ايندڙ جهاز جڏهن لائيٽ هائوس جي گھيري ۾ اچن ٿا ته ان جا هلائيندڙ، سک جو ساهه کڻن ٿا. اڄ جي ماڊرن دور ۾ به هڪ جهاز هلائيندڙ لاءِ، بندرگاهه جو لائيٽ هائوس وڏي رهنمائي ۽ ڏڍ آهي. خاص ڪري رات جي وقت. کلئي سمنڊ ۾ سمنڊ جي اونهائي به تمام گھڻي ٿئي ٿي ۽ سوين ميلن تائين بنا ڪنهن سامونڊي رنڊڪ جي هلي سگهجي ٿو ۽ جهاز جو ڪنهن سان ٽڪرائڻ جو خطرو نٿو رهي. ڪناري جي ويجھو اچي رفتار به گھٽائڻي پوي ٿي ته خطري جو به ڊپ رهي ٿو. ڇو جو ڪناري ويجھو سمنڊ جا ڪيترا حصا تانگھا، پٽ گپ وارو، سمنڊ اندر ننڍيون پهاڙيون ٻيٽارا ۽ پهرين جا ڀڳل جهاز موجود رهڻ جو انديشو ٿئي ٿو، جيڪي هلندڙ جهازن کي نقصان رسائين ٿا. لائيٽ هائوس جي روشني نظر اچڻ سان جهاز کي ان جي سڌائي ۾ هلائي اچڻو پوي ٿو ۽ پڪ رهي ٿي ته اها ڪراچي آهي. ٻي صورت ۾ ڌُڪي تي جهاز کي چند ڊگريون غلط موڙڻ سان، جهاز ساڄي پاسي ٺٽي/ بدين واري علائقي جي گپ ۾ ڦاسي سگهي ٿو. يا کاٻي پاسي بلوچستان واري علائقي ڏي، سمنڊ اندر موجود ٽڪرين سان ٽڪرائجي چڪناچور ٿي سگهي ٿو. هاڻ ته سمنڊ تي رستا ڳولڻ جا ڪيترا ئي ماڊرن آله instruments نڪري پيا آهن. نه ته اڳئين زماني جا جهاز ران (۽ اڄ به ڪيترا ٻيڙا هلائڻ وارا ناکئا) لائيٽ هائوس جي روشنيءَ تي ڀاڙين ٿا. جنهن بندرگاهه ۾ گھڙڻ جي ڪا بيڪن، بتي بئاءِ يا لائيٽ هائوس ناهي، اوڏانهن وڃڻ کان هر جهازي ڪيٻائي ٿو. خاص ڪري رات جي وقت.
سر چارلس نيپيئر يڪدم محسوس ڪيو ته ڪراچي کي جي اهم بندرگاهه بڻائڻو آهي ته بندرگاهه جو واڌارو ۽ لائيٽ هائوس ضروري آهي. منهوڙي جي هن لائيٽ هائوس لاءِ سنڌ جي دور دراز هنڌن تان ۽ خاص ڪري راجستان مان اٺن ذريعي پٿر آندا ويا. جن کي هٿ سان گولائي ڏني وئي، جيئن صحيح طرح ٺهڪي اچن. هر پٿر جا ڇهه ئي پاسا مختلف ماپن جا ٺايا ويا ٿي، جن کي اندرئين پاسي Concave ۽ ٻاهرئين پاسي convex ڪيو ويو ٿي. لائيٽ هائوس جي چوٽي تائين پهچڻ لاءِ 133 ڏاڪا ٺاهيا ويا. هي لائيٽ هائوس earthquake-proof ٺاهيو ويو، جيئن مٿس زلزلي جو اثر نه ٿئي. اڄ به دنيا جي وڏن لائيٽ هائوس منجھان آھي. سندس ٺهرائڻ تي خرچ، يارهن لک ڇهه هزار رپيا آيو ھيو. اڄ جي قيمت لڳائجي ته ڏهن ڪروڙن کان به مٿي خرچ آهي.
هتي اهو لکڻ دلچسپيءَ کان ٻاهر نه ٿيندو ته منهوڙي جي هن لائيٽ هائوس جو پهريون انچارج مسٽر بوندري هو جيڪو مشهور جرنلسٽ ۽ ليکڪا رضيه ڀٽي جو ڏاڏو هو. رضيه ڀٽي ڪجهه سال اڳ ننڍي عمر ۾ گذاري وئي پاڻ انگريزي رسالي نيوز لائين (News line) جي ايڊيٽر هئي ۽ بيحد دلير جرنلسٽ. جنهن جي مڃتا طور دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن طرفان کيس سندس حياتيءَ ۾ ئي انعام مليا ۽ سندس بابت لکيو ويو. سنڌيءَ جي مشهور جرنلسٽ جي اين مغل به رضيه ڀٽي تي ڪنهن سنڌي اخبار ۾ مفصل ۽ پراثر مضمون لکيو هو. رضيه ڀٽي جو پيءُ جهازن جو ڪيئپٽن ٿيو ۽ پاڪستان ٺهڻ وقت جيڪي ڪجهه ديسي ڪئپٽن هئا انهن مان هي هڪ هو. پاڻ بعد ۾ ڪراچي بندرگاهه جو پائلٽ ۽ پوءِ ڊي سي (ڊپٽي ڪنزرويٽر) مقرر ٿيو، جيڪا هڪ تمام وڏي ۽ اهم پوسٽ آهي. اڄ ڪلهه ان پوسٽ تي منهنجو چٽگانگ مئرين اڪيڊمي جو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن افتخار احمد آهي. بهرحال رضيه ڀٽي جو نه فقط پيءُ پر ڀاءُ ڪئپٽن ڪريم بوندري به جهازن جو ڪئپٽن ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ڊي سي ٿيو ۽ هن جي ريٽائرمينٽ بعد ئي اسانجو مٿيون جهازي ساٿي ڊي سي ٿيو آهي. سٺ هنڌن جا ماڻهو جهاز راني ۽ بندرگاهن جي دنيا ۾ آيا نه ته هن ڪم لاءِ گھڻو ڪري بوندري، ساونت، مقدم، مرچنٽ جهڙن هندستان جي مالابار ڪوسٽ جي رهاڪن ۽ ڪوڪني ڪميونٽين جا ماڻهو اڳيان اڳيان هوندا هئا.
No comments:
Post a Comment