۱۲ سال پگهار نه وٺڻ واري ڊاڪٽرياڻي
کنڊالا ڇڏڻ وقت سج لهي ويو هو. اسان جو ميزبان جئه موتياڻي، جيڪو گاڏي هلائي رهيو هو، تنهن ٻڌايو ته هاڻ پوني پهچڻ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ کن مس آهي. ديهو (Dehu) روڊ تائين، هي ”ممبئي، پوني ايڪسپريس وي“ هلندو، ان بعد پاڻ ساڄي پاسي وارو روڊ وٺي، شيواجِي نگر کان وڃي نڪرنداسين، جيڪو پوني جو مرڪزي علائقو آهي.
”واپسيءَ تي جي الطاف پاڻ سان ممبئيءَ موٽيو، ته هن کي نئشنل هاءِ وي NH۴ تان وٺي هلنداسين“ ڊاڪٽرمونا، جئه موتياڻيءَ کي چيو.
”ڇو ڀلا ان رستي تان؟“ مون ڊاڪٽر مونا کان پڇيو.
”ان ڪري ته جيئن ان رستي تي تاريخي شهر ڪارجات (Karjat) ۽ کوپولي (Khopoli) ڏسي سگهين“ مونا چيو.
ڪارجات ۽ کوپولي NH۴ رستي تي ائين آهن، جيئن ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندڙ نئشنل هاءِ وي تي مڪلي ۽ ٺٽو آهن. جئه ٻڌايو ته ”ڪارجات“ الهاس نديءَ جي ڪناري تي هڪ خوبصورت شهر آهي، جيڪو ٽوئرزم، تعليمي ادارن ۽ فلمي شوٽنگ کان مشهور آهي. ”ڪارجات“ ممبئي جو ئي هڪ ڇيڙو سمجهجي، جيئن لانڍي ڪراچيءَ جو آهي، پر هي شهر اسان جي روهڙي ۽ ڪوٽڙيءَ وانگر ريلوي جنڪشن جو شهر آهي، جتي CST (ڇتراپتي شيواجي ٽرمينس) ريلوي اسٽيشن ممبئيءَ کان لوڪل ريل گاڏيون به اچن ٿيون ته کوپولي، پانويل ۽ پوني کان ايڪسپريس ٽرينون به پهچن ٿيون. جيئن اسان وٽ ملتان جو حلوو ۽ حيدرآباد سنڌ جي رٻڙي مشهور آهي، تيئن ڪارجات جو سموسي پڪوڙي جهڙو ”ودا پاو“ (Vada pao) مشهور آهي. ان ۾ پٽاٽي جي ڀاڄي وڌي وڃي ٿي. مختلف شهرن ڏي ويندڙ هاءِ وي به هن شهر سان ڳنڍيل آهن. ڪارجات، ممبئيءَ جي سئنٽا ڪروز، ڪُرلا، Sion يا باندار کان ۵۰ کن ڪلوميٽر ٿيندو.
ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته، ”ڪارجات ۾ ٽوئرسٽن لاءِ سڀ کان وڏي ڪشش ۽ ڏسڻ وٽان جاءِ آرٽ ڊائريڪٽر نتن ڊيسائيءَ جو ”ND Studio“ آهي. انڊيا جا ٽاپ ڊائريڪٽر هن فلمي اسٽوڊيو ۾ پنهنجين فلمن جي شوٽنگ لاءِ اچن ٿا.“
جئه ٻڌايو ته ڪارجات ۾ هاليووڊ جي ٻن فلمي ڪمپنين والٽ ڊزني ۽ Twentieth Century fox جا ڪافي پراڻا فلمي اسٽوڊيو آهن ۽ انهن جي ڪيترين فلمن جي شوٽنگ هتي ٿئي ٿي.
اهڙيءَ طرح ممبئي ــ پوني واري پراڻي رستي تي اسان جي ٺٽي وانگر کوپولي شهر آهي، جتي مسافر ڪجهه دير ترسي ٿڪ ڀڃن ٿا.
ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ هن شهر کي ڪئمپولي (Campolee) سڏيو ويو ٿي. ان بعد هن جو نالو کوپولي پيو، جيڪو هتي جي مقامي زبان مرهٺيءَ جو لفظ آهي. کوپي معنيٰ جهوپڙي ۽ اوالي معنيٰ قطار يعني گهڻين جهوپڙين جي قطار. مرهٺي زبان جو مشهور ليکڪ ”ڊگهي“ (R.V.dighe) هن شهر کوپولي ۾ ئي رهندو هو.
ممبئيءَ ۾ جئه موتياڻيءَ جي ڪار ۾ چڙهڻ وقت مون کي ڊاڪٽر مونا بيحد Serious قسم جي لڳي رهي هئي، پر هاڻ کيس خوش مزاج ۽ فرينڊلي ڏسي پڇيم؛ ”ڊاڪٽر مونا مون توهان کي ميڊيڪل جو ڊاڪٽر سمجهيو ٿي پر توهان جي مختلف ڳالهين جي معلومات مان لڳي ٿو ته توهان Ph.D واريون ڊاڪٽر آهيو؟“
”توهان پهرين صحيح سمجهيو هو.“ ڊاڪٽر مونا کلندي چيو، ”آءٌ Gynaecologist (زناني بيمارين جي) ڊاڪٽر آهيان.“
ڊاڪٽر مونا به پوني ۾ ساڌو واسواڻيءَ وارن جو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هلي رهي هئي. سندس رهائش به ساڳئي گيسٽ هائوس ۾ هئي، جتي منهنجي رهڻ جو بندوبست ٿيل هو. هن سان روزانو فنڪشن ۾، يا مانيءَ تي ڊائننگ هال ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي. هڪ امير، وڏي مانَ مرتبي ۽ اعليٰ خاندان سان سندس تعلق هوندي به مون هن کي بيحد Humble، غريبن جي خدمت ڪرڻ واري، ضرورتمند انسانن جي مددگار ۽ هيڏي وڏي عمر جي باوجود محنتي ۽ پورهيت محسوس ڪيو. هوءَ ساڌو واسواڻي ۽ دادا جشن جي قولن تي عمل ڪرڻ وارن مان هڪ آهي. هن جي ٻن ڀيڻن ايشوريءَ ۽ نرملا ته شادي به نه ڪئي ۽ سڄي عمر پوني ۾ رهي ساڌو واسواڻي مشن طرفان خير جي ڪمن ۾ غريب ماڻهن ۽ بيمارن جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي زندگي ارپي ڇڏي. پوني ۾ منهنجي ساڻن ۽ ٻين به ڪيترين وڏي عمر جي عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين سان ملاقات ٿي، جيڪي ايشوري ۽ نرملا وانگر، ساڌو واسواڻي مشن جي اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ غريب ٻارن، بيمارن ۽ بکايلن جي مدد ڪنديون رهن ٿيون. انهن ۾ هڪ ڪالي نالي اسرائيل جي به ڇوڪري هئي. اهڙيءَ طرح ڪيترائي مرد به پنهنجي زندگيءَ جو مقصد خلق جي خدمت ڪرڻ کي سمجهي، هن مشن سان وابسته آهن، جن ۾ هڪڙو جئه موتياڻيءَ جو مائٽ انجنيئر راجيش آئيداساني به آهي، جنهن سان ملاقات پڻ ٿي. هُو وڏي پگهار تي آسٽريليا ۽ انگلينڊ ۾ مليل نوڪرين جي آفرن کي ٺڪرائي، هتي فقط اجهي ۽ روٽيءَ تي، مفت ۾ Maintenance جو ڪم ڪري ٿو. سندس پيءُ شيتل ۽ ماءُ لڪشمي ديوي به پوني آيل هئا، جن جو هُو اڪيلو اولاد آهي. شيتل (جنم تاريخ ۸ فيبروري ۱۹۳۲ع) ٻڌايو ته هن جو پيءُ پوهومل آئيداساني مانجهند جو رهاڪو هو ۽ سندس زال (يعني راجيش جي ماءُ) لڪشمي ديوي جو پيءُ واڌو مل ٽنڊي آدم جو وڏو واپاري هو. شيتل جو ڏاڏو (يعني انجنيئر راجيش جو پڙڏاڏو) ڏيارام آئيداساني ”راءِ صاحب“ هو.
بهرحال پاڻ ڊاڪٽر مونا جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ٻڌايو ته سندس صحيح نالو ڊاڪٽر موهنا آهي پر مٽ مائٽ ۽ واقفڪار کيس ڊاڪٽر مونا سڏين ٿا.
”منهنجي پيءُ جو نالو ٽوپڻ داس جوتواڻي (جنم ۱۹۰۴ع ۽ وفات ۱۹۶۸ع) آهي ۽ ماءُ جو نالو ٽلي آهي،“ ڊاڪٽر مونا ٻڌايو، ”منهنجا ناناڻا ٽهلراماڻي آهن. منهنجي ناني جو نالو ٿانوڻ داس ٽهلراماڻي آهي ۽ منهنجو مامو ليکراج ٽهلراماڻي شروعاتي سنڌي انجنيئرن مان آهي، جيڪو ۱۹۲۵ع ۾ انگلينڊ مان B.E جي ڊگري حاصل ڪري آيو ۽ سکر بئراج ٺاهڻ ۾ هن جو وڏو هٿ آهي.
ڊاڪٽر مونا جي پيءُ ٽوپڻ داس ايس. جوتواڻي (ايس مان مراد سندس پيءُ يعني ڊاڪٽر مونا جي ڏاڏي جو نالو سکرام داس آهي) به انگلينڊ مان ۱۹۲۸ع ۾ سول انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي هئي. ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته سندس ڏاڏي کي سيوهڻ ۾ وڏيون حويليون هيون. هُوءَ پاڻ دادوءَ ۾ ۲۱ سيپٽمبر ۱۹۳۲ع تي ڄائي، جو انهن ڏينهن ۾ سندس پيءُ (انجنيئر ٽوپڻ داس جوتواڻي) جي نوڪري دادوءَ ۾ هجڻ ڪري مونا جي ماءُ دادوءَ ۾ رهي ٿي.
”دراصل اسان جو هن پاسي، پوني، احمد آباد، بڙودي ۽ بمبئي ننڍي هوندي کان اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي.“ ڊاڪٽر مونا هڪ ڏينهن پوني ۾ نيرن تي ٻڌايو، ”منهنجو هڪ چاچو ڊاڪٽر وليرام جوتواڻي Leps هو ۽ ۱۹۴۷ع کان اڳ ريلوي طرفان ٽرانسفر ٿي بڙودا (گجرات) آيو هو.“
ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته سندس چاچي جي وڏي ڌيءَ ڊاڪٽر سرسوتي، جيڪا هينئر ۸۸ ورهين جي آهي، تنهن کي حيدرآباد شهر ۾ نوڪري ملي، جتي هن ڏيڍ سال جو Condensed ڪورس ڪري MBBS جي ڊگري حاصل ڪئي.
”مون پرائمري تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي.“ ڊاڪٽر مونا ٻڌايو، ”مون کي ياد آهي ته ساڌو واسواڻي پاڻ اسان جي ڪلاس ۾ اچي بيهندو هو ۽ ڏسندو هو ته اسان جي پڙهائي سٺي پئي ٿئي يا نه. گهر ۾ به موٽي اچي هوم ورڪ ڪبو هو، بلڪ ماءُ پيءُ ڪجهه وڌيڪ ئي پڙهائيندا هئا. ان ڪري ننڍي هوندي کان وٺي اسان ڀائرن ڀينرن ۾ محنت جي عادت پيئي ۽ اسان هر امتحان ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪئي.“
ڊاڪٽر مونا مئٽرڪ ممبئي يونيورسٽيءَ مان اچي ڪئي ۽ MBBS به ممبئيءَ جي ان وقت توڙي اڄ جي بهترين ڪاليج ”گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج“ مان ۱۹۵۵ع ۾ ڪئي. سندس شادي ڪشن جوتواڻيءَ سان MBBS ڪرڻ بعد ٿي. کيس ٻه ٻار آهن. وڏو ٻار ڌيءُ ڊاڪٽر سوني آهي، جيڪا آمريڪا جي شهر سئن فرانسڪو ۾ رهي ٿي جنهن کي پڻ ٻه ٻار آهن. پٽ روي ساڻس گڏ ممبئيءَ ۾ رهي ٿو.
ڊاڪٽر مونا جون ٻه ڀيڻون... اندرا جيڪا ۷۸ سالن جي آهي ۽ ٻي ڊاڪٽر ڪرشنا جنهن جو مڙس آمريڪن هو ۽ ڪجهه سال اڳ گذاري ويو ۽ هڪ ڀاءُ چندرو... آمريڪا ۾ رهن ٿا. اندرا جي شادي هيرانند ڀٽاڻيءَ سان ٿي. هُو لاس اينجلس ۾ رهن ٿا ۽ ٽي ٻار اٿن. سندس ڀاءُ چندرو نيويارڪ ۾ رهي ٿو ۽ ٽريول ايجنسيءَ جو ڪاروبار اٿس ۽ هڪ ٻيو ڀاءُ ڀرت پڻ نيويارڪ ۾ رهي ٿو.
ڊاڪٽر مونا جي هڪ ٻي ڀيڻ روما جيڪا چندرو گدواڻيءَ جي زال آهي، پڻ پوني ۾ رهي ٿي ۽ هڪ اسڪول جي پرنسپال آهي. ان کان سواءِ سندس ڪوشيلا نالي ڀيڻ پڻ پوني ۾ آهي ۽ پريتم شبلاڻيءَ جي زال آهي.
ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته سندس ناناڻا بوبڪ پاسي ٽلٽي ڳوٺ جا آهن. ڊاڪٽر مونا گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج مان ڊگري حاصل ڪرڻ ۽ هائوس جاب ڪرڻ بعد مختلف اسپتالن ۾ ڪم ڪيو، جنهن مان ۲۰ سال کن ميونسپل هاسپيٽل ۾ نوڪري ڪئي اٿس ۽ ڪجهه سال چمبور ۽ کار جي اسپتالن ۾ ڪم ڪيو اٿس. ڊاڪٽر مونا جي نيڪيءَ واري خاني ۾ سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي، ته هن ڪلياڻ ڪئمپ جي هڪ خيراتي اسپتال ۾ هڪ نه، ٻه نه، پورا ٻارنهن سال بنا پگهار جي نوڪري ڪئي ۽ غريبن جي خدمت ڪئي. پاڻ هن وقت ۷۵هون سال به ٽپي وئي آهي، پر اڄ به صبح کان شام تائين مريضن جو علاج ۽ آپريشنون ڪري ٿي. ان معاملي ۾ ڊاڪٽر مونا جي ڀينرن ايشوري ۽ نرملا کي ٿو ڀيٽجي ته هنن ته ڄڻ سڄي عمر خلق جي خدمت حوالي ڪري ڇڏي. ايشوري جيڪا ڊاڪٽر مونا کان چار پنج سال وڏي آهي ۽ هن وقت اسيءَ کان به ٽپي وئي آهي. ساڌو واسواڻيءَ جي حيدرآباد وارن ڏينهن کان وٺي تعليم ۽ ميڊيڪل جي دنيا ۾ غريبن ۽ ضرورتمندن جي خدمت ڪندي پئي اچي ۽ ائين هيءَ عمر اچي ٿي اٿس ۽ ساڳيو حال سندس ٻي ڀيڻ نرملا جو آهي. پوني ۾ ٻنهي ڀينرن سان ملي مون کي بيحد خوشي ٿي.
No comments:
Post a Comment