Thursday, February 03, 2011

ڪُتا آزاد، پٿر قيد .....

ڪُتا آزاد، پٿر قيد .....

اسان جي ملڪ ۾ ڪتن جو وڏو آزار آهي. شهر هجن يا ڳوٺ توهان کي جتي ڪٿي گهٽين ۾ رول، بيمار، ڦٽيل، سست ۽ ڇتا ڪُتا نظر ايندا. اُهي نه فقط گندگيءَ ۾ واڌارو آڻين ٿا پر ڪيتريون ئي معصوم جانيون هنن جي چَڪڻ ڪري موت جو شڪار ٿيو وڃن. اسان وٽ نه آهي اهڙن نقصانڪار جانورن جي خاتمي جو بندوبست نه وري ترت علاج. ڪيترائي غريب دوائن جي نه هجڻ ڪري يا ناڪارا قسم جي بي اثر دوائن ڪري، تڙپي تڙپي مريو وڃن. گذريل سال ۲۰۰۷ع جي رپورٽ مطابق دنيا ۾ سڀ کان گهڻا ڇتي ڪتي جا چڪيل پاڪستان ۾ موت جو شڪار ٿيا ۽ وري پاڪستان ۾ ڏٺو وڃي ته سڀ کان گهڻا ڇتي ڪتي جا موت سنڌ ۾ ٿين ٿا. ڪتو چاهي صاف سٿرو رکيو وڃي ۽ پالتو هجي، تڏهن به هو ڪو بهتر جانور نٿو سمجهيو وڃي. يورپي ملڪن ۾ جتي ڪتو پالڻ جي اجازت آهي، اتي هن کي صاف سٿرو رکڻ ۽ هن کي وقت تي سيون هڻائڻ تي سختي مڙهي وئي آهي. ميونسپالٽي طرفان ڪتي پالڻ واري کان هر سال هزارها رپيا ٽئڪس ورتو وڃي ٿو، جو هو رستن تي ڪتن جي گندگي اڇلائڻ لاءِ دٻا مهيا ڪن ٿا. ڪتي کي پاڻ سان واڪ ڪرائڻ واري مرد توڙي عورت لاءِ ضروري آهي ته کيسي ۾ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون کڻي هلي. رستي تي ڪتي جي هنگڻ تي مالڪ جو ڪم آهي ته اُها پلاسٽڪ جي ٿيلهي هٿ تي چاڙهي پنهنجي ڪتي جو گند کڻي، في الحال بئگ ۾ رکي ۽ جي عورت آهي ته پنهنجي پرس ۾ ۽ پوءِ روڊ جي ڪنڊ تي پهچي ميونسپالٽي طرفان ڪتي جي شڪل ٺهيل دٻي ۾ اڇلائي. ٻي صورت ۾ سرڪار طرفان انهن تي ڏنڊ ۽ سزائون رکيل آهن ۽ جي ڪتو ڪنهن کي چڪ ٿو هڻي ڪڍي ته مالڪ کي لکها رپيا ڏنڊ ڏيڻو پوي ٿو. ايڏين سختين هوندي به يورپي ملڪن جا ڪتا به بيمار ٿيندا رهن ٿا، اهي به چڪيندا رهن ٿا ۽ انهن جا مالڪ پنهنجن انهن پالتو جانورن جو رستي تان گند کڻڻ کان لنوائيندا رهن ٿا. سئيڊن، ناروي ۽ جپان جهڙن ملڪن جون حڪومتون پنهنجي عوام کي ڪتي پالڻ کان discourage ڪنديون رهن ٿيون. سئيڊن ۾ M. Sc ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ اتي جي سائنسدان ڊاڪٽرن اهو ثابت ڪيو هو ته ڪتي جي زبان مان ڳڙندڙ لاڙ بيمارين جو سبب آهي ۽ ڪتي کي ڪيترو به صاف رکڻ جي باوجود هو نقصانڪار رهي ٿو. اسلام به ڪجهه مجبورين جي جهڙوڪ ٻني ٻاري جي چوڪيداري کان علاوه گهر ۾ ڪتي کي رکڻ کان منع ڪئي آهي ۽ ڪتي کي نجس يعني پليت جانور قرار ڏنو آهي. ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي گهٽين ۾ ڪتو نظر ئي نٿو اچي. مون جهڙي واڪ جي جي شوقينن کي پڪ اهڙا ملڪ وڻندا هوندا جتي هو ڪتي جي ڀونڪار، ڏاڙهڻ ۽ پٺيان پوڻ جي خوف بنا سڪون سان واڪ ڪري سگهن ٿا. سعودي عرب جي شهر ينبو (ينبع) ۾ رهندو هوس ته هر گهٽي ۾ توڙي شهر کان ٻاهر ٻهراڙي ڏي واڪ ڪري وڃي نڪرندو هوس، پر ڪٿي به ڪو ڪتو نظر نه ايندو. ملائشيا ۾ ڪتا آهن پر فقط چينين جي ڳوٺن ۾ سو به هنن جا پالتو ٿين ۽ گهر ۾ ٻڌيل رهن ٿا، باقي ملئي ماڻهن جي ڳوٺن ۾ مجال آهي جو ڪو ڪتو نظر اچي. جپان وانگر ملائيشيا ۾ به آزاد ۽ بنا پٽي وارو جانور فقط ٻلو نظر اچي ٿو. پر تعجب جي اها ڳالهه آهي ته ايران جي گهٽي گهٽي ۾ رول ڪتو ته ڇا پر لاوارث ٻلا ٻليون به نظر نه ٿيون اچن. ايران جون ٻليون ٿائلنڊ جي سيامي ٻلين کان به سهڻيون ٿين ٿيون ۽ اهي گهرن ۾ ئي ڪنهن غاليچي جي ڪنڊ تي يا ٻرندڙ بخاريءَ جي ڀرسان ادب سان ويٺل نظر اچن ٿيون. باقي رول ڪتا ڪٿي به نظر نٿا اچن. چاهي قُم، تهران، نيشاپور، مشهد جهڙا وڏا شهر هجن يا قاسم آباد، سعيد آباد، شريف آباد، ديهه مري يا ديهه غيبي جهڙا ڳوٺڙا هجن . جي ها! اهي ايران جي ڳوٺن جا نالا آهن جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان جا ڳوٺ لڳن ٿا – يعني نالن ۾ - افعالن ۾ نه . ايران جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ هليا وڃو ته به پڪو رستو، بجلي، پاڻي، اسڪول ۽ اسپتال جهڙي شيءَ نظر ايندي. اسان جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڳوٺن ۾ به نالي خاطر ته اسڪول به آهن ته اسپتالون به پر منجهن نه ماستر نه شاگرد، نه بورڊ نه بينچون، نه ڊاڪٽر نه دوائون .... رهي بجلي سان ته هاڻ شهرن مان به موڪلائي وئي آهي. سياري ۾ آچر ڏينهن جڏهن فئڪٽريون ڪارخانا بند رهن ٿا، ڪو ايئرڪنڊيشنر به نٿو هلائي، تڏهن به حيدرآباد ۽ ڪراچي جهڙن شهرن ۾ به لوڊ شيڊنگ پئي ٿئي.

لڳي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ ايران جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اسان جي گهٽين جهڙن بيمار، ڇتن ۽ مرزيل ڪتن جي تمام گهڻائي هئي جن، گهٽين مان لنگهندڙ ماڻهن جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي هئي تڏهن ته فارسيءَ جي هڪ شاعر شڪايت طور انهن ڪتن تي شعر لکيو جنهن جو مفهوم آهي ته: ”هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جتي ڪتا آزاد آهن ۽ پٿر قيدي ...“

پر اڄ جي ايران ۾ نه فقط پٿر قيدي آهن پر ڪتن کي به قيدي بنايو ويو آهي. پٿر هن ريت قيدي آهن جو توهان کي ايران جي ڪنهن به شهر جا رستا اسانجي ڪراچي ۽ حيدرآباد يا لاڙڪاڻي ۽ دادو جهڙا ڀڳل نظر نه ايندا. ڀڳل رستن تي ڪتن کي هڻڻ لاءِ پٿر به جام. ڪتن کي قيدي هن ريت بنايو ويو آهي جو ايران ۾ ڪتن لاءِ جيل خانا (Dog Prison) ٺاهيا ويا آهن جتي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪتن کي انهن لوهي پڃرن ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو، جيسين انهن جو مالڪ ڏنڊ جي ادائيگي نه ڪري. اها ڀڃڪڙي به مالڪ ئي ته ڪري ٿو، جيئن ته ڪتي کي دڪانن ۽ بازارين ۾ وٺي هلڻ، رستي تي هن جي هنگڻ تي – يعني ڪتي جي هنگڻ تي، مالڪ جو رستو صاف ڪرڻ کان گوهي ڪرڻ وغيره.

تهران ۾ هڪ سرڪاري اهلڪار ٻڌايو ته ” ڪتو پالڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي ۽ نه ان جي اسانجهڙي ملڪ ۾ ضرورت آهي جتي چوڌاري امن امان آهي.“

هڪ مذهبي رهنما ٻڌايو ته اسلام ۾ ڪتي کي گهر ۾ رکڻ کي خراب سمجهيو وڃي ٿو. ”پر اسانجي ملڪ ۾ مڙيئي ڪجهه مٿي ڦريل نوجوان آهن جيڪي مغرب جي وهنوار تي هلڻ کي ماڊرن ٿا سمجهن. جيتوڻيڪ عام خلق مغرب جي انهن ڳالهين کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿي. يورپ جا مرد يا عورتون ڀلي ڪتن کي ڪڇن ۾ کڻي هلن يا انهن کي ڀاڪر پائين ۽ چميون ڏين، پر اسان مسلمانن لاءِ ڪتو هڪ پليد جانور آهي.“

مغرب جي ان ڪتي پالڻ واري شوق کي گهٽائڻ لاءِ تهران جي سيڪيورٽي چيف مسٽر احمد رضا رادان نئون آرڊر ڪيو آهي ته ڪنهن کي به ڪتي سان گڏ پبلڪ جاين تي اچڻ جي اجازت ناهي.

منهنجي خيال ۾ ايران جو هي هڪ داخلي مسئلو آهي. بيحد معمولي ۽ عام ڳالهه آهي، بلڪه سٺي ڳالهه آهي جو ايران جي حڪومت عوام لاءِ بهتر قدم پئي کڻي جيئن آمريڪا، يورپ، جپان ۽ ٻين سڌريل ملڪن ۾ عوام جي بهتري لاءِ هر روز ان قسم جا قانون ڪڍيا پيا وڃن. جيئن ته بسين ۾ يا پبلڪ جاين تي سگريٽ ڇڪڻو ناهي، جتي ڪٿي ٿڪون اڇلائڻيون ناهن، ويندي سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ ته ريل گاڏيءَ ۾ چيغم به نٿا کائي سگهو، هوٽلن، بسين ۽ ريل ۾ اُگري ڌپ وارو دورين ميوو پاڻ سان کڻي نٿا سگهو ۽ هن قسم جو ڪتن لاءِ قانون جيڪو هن هفتي کان ايران جاري ڪيو آهي، جيڪڏهن انگلينڊ، سئيڊن، آمريڪا يا جپان وغيره ۾ نڪري ها ته سڄي دنيا ان کي ساراهي ها پر رات انٽرنيٽ تي انگلينڊ ۽ آمريڪا جي هڪ ٻه اخبار پڙهندي حيرت ٿي ته اتي جي اخباري نمائندن هن کي غلط رنگ ڏيئي وڏي هاءِ گهوڙا مچائي آهي ته ايران ۾ ڪتن سان ظلم ٿي رهيو آهي. ڪتا پالڻ وارن سان ڏاڍائي ٿي رهي آهي جو هنن کي پنهنجا ڪتا پاڻ سان گڏ گهمائڻ کان روڪيو پيو وڃي ... وغيره وغيره. اهي ڳالهيون ڏسي مغرب جي ايران لاءِ تعصبي سوچ جو صاف اظهار ٿئي ٿو. مغربي پريس جون اهڙيون ڳالهيون پڙهي پڙهي اسان جهڙن کي ايران خراب ٿي لڳو جيڪو هتي پهچي مختلف لڳو آهي.

No comments:

Post a Comment