ممبئي، برطانيا جي شهزاديءَ کي ڏيج ۾ مليو
منهنجي خيال ۾ اڳتي وڌڻ کان اڳ پنهنجي پڙهندڙن کي هن عجيب قسم جي شهر ”ممبئيءَ“ بابت ڪجهه ٻڌايان، جيڪو تاريخ توڙي جاگرافيءَ جي خيال کان هڪ عجيب شهر آهي. جيڪو جهاز راني توڙي وڻج واپار ۾ نرالو شهر آهي. هن شهر جو ڪوبه حصو سمنڊ يا ان ۾ ڇوڙ ڪندر ٿاني ڪريڪ، مالاد ڪريد يا ’ماهيم بي‘ جو پاڻي پري ناهي. ٿورو سوچيو ته ڪراچي به ممبئيءَ جهڙو لڳي ها، جيڪڏهن عربي سمنڊ جو پاڻي گلشنِ اقبال، گلستانِ حديد، ملير، نرسري، صدر، ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ به نظر اچي ها، پر اسان وٽ ڪراچيءَ جي فقط ڏکڻ واري پوڇڙ- ڪياماڙي، ڪلفٽن ۽ ماڙيپور کي عربي سمنڊ ڇُهي ٿو. ائين کڻي چئجي ته ڪراچي اهو شهر آهي، جنهن جي ٽن پاسن کان خشڪي (زمين) آهي ۽ هڪ طرف کان پاڻي ۽ ممبئي اهو شهر آهي جنهن جي ٽن پاسن کان پاڻي آهي ۽ هڪ پاسي کان ڌرتي آهي. حقيقت ته اها آهي ته اڄ وارو هي ممبئيءَ جو شهر جيڪو هڪ پيس ۾ ڌرتيءَ جو ٽڪرو لڳي ٿو، جنهن تي ريل گاڏيون ۽ موٽر ڪارون جوگيشري، انڌيري، سنٽاڪروز، کار ۽ باندرا کان دادار، مهالڪشمي، بائڪلا، فورٽ ۽ ڪولابا تائين ائين پيون اچن وڃن، جيئن اسان وٽ سهراب ڳوٺ، لياقت آباد ۽ گرومندر کان صدر، جامعه ڪلاٿ مارڪيٽ، ٽاور ۽ ڪياماڙي، اهو ممبئي اڄ کان ٻه صديون کن اڳ ست کن ٻيٽن تي مشتمل هو ۽ اڄ جون ڪيتريون ئي ممبئيءَ جون ريلوي اسٽيشنون، عمارتون، پاڙا ۽ علائقا سمنڊ هو. جيئن هن کان اڳ واري مضمون ۾ لکي چڪو آهيان، ته ممبئيءَ جو ڌاروي علائقو جنهن ۾ اڄ ڏهه لک کان به گهڻا ماڻهو رهن ٿا، اهو سمنڊ ۽ Marshy (گپ ۽ چڪڻ) هو، جنهن ۾ هتي جا جهونا ۽ اصلوڪي رهاڪو ڪولي مڇيون ماريندا هئا. ائين ته ممبئي جهڙا دنيا ۾ ٻيا به شهر آهن، بلڪ هالنڊ نالي هڪ ملڪ به آهي، جنهن جي نه فقط چوڌاري پر اندر به سمنڊ جي پاڻيءَ ڇوليون ٿي هنيون، پوءِ اتي جي ماڻهن (ڊچن) ٿورو ٿورو ڪري سمنڊ ڀري اڄ وارو هالنڊ ٺاهيو آهي، جيڪو ٽي چار صديون اڳ اڌ جيترو به نه هو. جنهن لاءِ چوڻي مشهور آهي ته:
God Made land
Dutch made Holland.
پر ٻين شهرن ۽ ممبئيءَ ۾ اهو فرق آهي ته ممبئي تمام جلد وڌيو ويجهيو آهي. آدمشماريءَ ۾ به ته بزنيس ۽ ناڻي ڏوڪڙ ۾ به. اڄ ممبئيءَ جي زمين نيويارڪ کان به مهانگي اگهه ۾ وڪامي ٿي.
هڪ ڏينهن ممبئي شهر ۾ هڪ گجراتي همراه سانونت سان گُهمي رهيو هئس ته هن هڪ ڊگهين ڀتين واري ڪمپائونڊ ڏي اشارو ڪندي ٻڌايو ته، ”هي هندن جو شمشان گهاٽ آهي، يعني هُو هتي مري ويلن کي ساڙيندا آهن.“ اهو ٻڌي مون کي حيرت ٿي ته اهو هڪ اهڙي هنڌ تي هو، جتي چوڌاري عمارتون ۽ دڪان هئا. مون هن کي چيو ته، ”هن کان اڳ انڊيا جي جنهن به شهر ۾ مون شمشان گهاٽ ڏٺو ته اهو نديءَ جي يا سمنڊ جي ڪناري تي نظر آيو.“
”هي به سمنڊ جي ڪناري تي هو،“ هن وراڻيو، ”پر هاڻ سمنڊ جو ڪنارو ڪافي پري هليو ويو آهي.“
هن جو مطلب هو ته ان شمشان گهاٽ کان سمنڊ جي ڪناري تائين واري زمين Reclaim ڪئي وئي آهي يعني سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀريو ويو آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ گزري واري حصي ۾ (ڪولمبس هوٽل تائين) سمنڊ جو پاڻي بيٺل هو، يا ڊفينس سوسائٽيءَ جو فيز ڇهون، ستون ۽ اٺون سمنڊ هو، جنهن کي مٽيءَ سان لٽي زمين Reclaim ڪئي وئي. اها مٽي ڊريزر جهازن ذريعي سمنڊ جي تري مان ڪڍي هيڏانهن اڇلائي وئي. ڪن هنڌن تي اوسي پاسي جي ڪا ٽڪري ڀڃي ان جي پٿرن ۽ ريتيءَ سان سمنڊ کي ڀريو وڃي ٿو. جيئن سنگاپور ۾، جيڪا سمنڊ مان وڌيڪ زمين Reclaim ڪئي وئي، اها اتي موجود بڪت تيما پهاڙيءَ کي ڀڃي ڀري وئي.
ممبئيءَ کي عجيب شهر ان ڪري به چوندس، جو هن شهر ۾ پراڻيون عمارتون ۽ يادگار موجود آهن ته بلڪل ماڊرن شيون به! امير ماڻهو آهن ته ڇا امير آهن ۽ ساڳئي وقت جتي ڪٿي غربت پڻ نظر اچي ٿي ۽ ڇا ته ڏکوئيندڙ غربت آهي!
اڄ جو سامونڊي ڪناري وارو هيءُ شهر ممبئي جيڪو ڪراچي جدي، بيروت يا ٻين سمنڊ جي ڪناري وارن شهرن جيان لڳي ٿو، اهو دراصل ستن ٻيٽن تي مشتمل هو. انهن ٻيٽ جا نالا هئا: ڪولابا، فورٽ، بائڪلا، پارلي، ورلي، متنگا ۽ ماهيم. انهن ٻيٽن جي وچ ۾ ٻيڙيون هليون ٿي ۽ هندستان جي باقي سرزمين کان پري هئا. اهو ائين سمجهو ته جيڪڏهن ڪراچي به ڇهن ستن ٻيٽن تي مشتمل هجي ها ته پوءِ لاهور، ملتان يا سکر کان باءِ روڊ ايندڙ همراهه سهراب ڳوٺ وٽ اچي ترسي پون ها ۽ پوءِ ٻيڙين رستي ناظم آباد واري ٻيٽ تي ڪو وڃي، يا صدر ٻيٽ تي، ڪو ڪلفٽن ٻيٽ تي ته ڪو ڪورنگي ٻيٽ ڏي روانو ٿئي ها. پر ڪراچي يڪو ڌرتيءَ جو Piece آهي، پر اڄ وارو ممبئي ٻيٽن جو جهڳٽو هو، جنهن جي چوڌاري پکڙيل سمنڊ مٽيءَ سان ڀري سڀ ٻيٽ هڪٻئي سان ملايا ويا ۽ نه فقط اهي ست ئي ٻيٽ ماڻهن ۽ عمارتن سان ڀرجي ويا آهن، پر ممبئي وڃي مالاد، بوري ولي ۽ ڊهيسر (Dahisar) تائين لڳي آهي، جيئن ڪراچي، سبزي منڊي ۽ ٽول پلازا سان وڃي لڳي آهي.
هي ست ٻيٽ هندستان جي مشهور بادشاهه اشوڪا جي راڄ جا حصا هئا. اشوڪا جي مرڻ بعد هي ٻيٽ ۱۳۴۳ع تائين مختلف هندو راجائن جي هٿن ۾ ڦرندا رهيا. واڪيشور ۽ امبرناٿ وارا مندر انهن ڏينهن جا ٺهيل آهن، يعني سن ۱۰۰۰ع ڌاري ۱۱۰۰ع ۾ ته راجا ڀيم ديو پنهنجي سلطنت جي گادي ماهيم ٻيٽ تي ٺاهي. ۱۳۴۳ع ۾ هي ٻيٽ گجرات جي مسلمان سلطانن جي قبضي ۾ آيا ۽ ٻه صديون هنن جي هٿ وس رهيا.
۱۵۳۴ع ۾ پورچوگالين، جيڪي انڊيا جي ٻين به ڪيترن حصن تي قبضو ڪري چڪا هئا، انهن طاقت جي زور تي هي ٻيٽ به پنهنجي قبضي ۾ ڪيا ۽ ان وقت جي مسلمان سلطان بهادر شاهه کي قتل ڪيو ويو. هن پاسي سمنڊ جو پاڻي اونهو هجڻ ڪري پورچوگالين جي جهازن لاءِ هيءُ بهترين علائقو هو ۽ هُنن هِنن ٻيٽن جو نالو ئي رکيو ”بام بائيا“ (Bom Baia) جنهن پورچوگالي لفظ جي معنيٰ آهي، ”سٺو خليج“ (Good Bay). هنن هتي ڪجهه ننڍا قلعا ٺاهيا ۽ گرجا گهر ٺاهيا. جن مان هڪ ”سينٽ ائنڊريو چرچ“ اڄ به باندرا ۾ موجود آهي. پورچوگالين جي هنن ٻيٽن ۾ وڌيڪ دلچسپي نه رهي. هنن بس اهي گرجا گهر ٺهرائي ڇڏيا، جيئن مقامي آبادي ’ڪولي‘ ۽ ٻيا عيسائي ٿيندا رهن. آخر هُو هنن ويران ٻيٽن ۾ دلچسپي ڇو وٺن، جڏهن گوا، دمان، ديو ۽ پنجم جهڙا علائقا ۽ بندرگاهه هنن جي هٿن ۾ هئا. بس هنن يورپين جي هٿن ۾ جهاز راني هئي، ان وقت جا ماڊرن هٿيار، يعني پستول ۽ بندوقون هيون ۽ ٻئي پاسي هندستان جا آخري مسلمان حاڪم ڪبوتر پالڻ، راڳ جي محفلن ۽ رَنُن جي چڪر ۾ ويا ڪمزور ٿيندا، جن کي تخت تان هٽائڻ ۾ هنن ٺڳ يورپين کي ڪا دير نه لڳي.
بهرحال سترهين صديءَ جي اڌ تائين انهن ٻيٽن ڌوڙ پئي پاتي. انگريزن جو انڊيا جي ڳپل حصي تي اثر ڇانئجي چڪو هو. هنن جو سامونڊي رستي اچڻ وڃڻ گجرات جي بندرگاهه سورت مان بهتر پئي ٿيو. انهن ڏينهن ۾ اڃا جهاز به ننڍا هئا، جيڪي تانگهي پاڻيءَ ۾ به هلي سگهيا ٿي. انگريز (۽ يورپي قومن مان پورچوگالي) انڊيا جي بندرباٽ ڪيو ويٺا هئا. سندن پاڻ ۾ اختلاف ۽ اندروني جهيڙا پنهنجي جاءِ تي باقي مقامي انڊين جي مقابلي ۾ هُو لنگوٽيا يار ٿي ٿِي ويا. هنن لاءِ انڊين هندو چاهي مسلمان راجا به باگڙي ڀيل يعني اڇوت هو، پر پنهنجو گورو (انگريز توڙي يورپي) موالي چرسي به سيد پير هو.
انهن ڏينهن ۾ انگلينڊ، اسڪاٽليند ۽ آئرلينڊ (جنهن کي اسين برطانيا يعني گريٽ برٽن به سڏيون ٿا) تي چارلس ٻئي جي بادشاهت هئي. چارلس ٻيو، چارلس پهرئين جو پٽ هو ۽ ۱۶۳۰ع ۾ ڄائو هو. انگلينڊ ۾ هلندڙ سول جنگ ۾ چارلس پهرئين کي ۱۶۴۹ع ۾ قتل ڪيو ويو، جنهن بعد چارلس ٻيو تخت تي ويٺو هو. پڙهندڙن جي آسانيءَ لاءِ، جيئن هنن کي تواريخ ۾ هن چارلس ٻئي جو دور Locate ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي، اهو ٻڌائيندس ته اڄ جي انگلينڊ جي گاديءَ تي ويٺل راڻي ايلزبيٿ دوم آهي. پاڻ هن کي ايلزبيٿ دوم يا Two ان ڪري ٿا سڏيون جو سندس ماءُ جو نالو به ايلزبيٿ هو. اڄ واري راڻي صاحبه ايلزبيٿ دوم کان اڳ، هن جو پيءُ جارج ڇهون انگلينڊ جو بادشاهه هو ۽ ان کان اڳ ايلزبيٿ جو ڏاڏو جارج پنجون برطانيا جو بادشاهه هو. هنن بادشاهن جي چهرن (Faces) جون تصويرون، ان وقت جي انڊيا جي چاندي وارن روپين تي نظر اچن ٿيون. انگليند جي حاڪمن ۾ هڪ وڪٽوريا نالي راڻي به ٿي گذري آهي، جيڪا برطانيا توڙي انڊيا جي راڄ ۾ هڪ بيحد مشهور ۽ طاقتور راڻي مڃي وئي ٿي. بلڪ هن وڪٽوريا جي ڏينهن ۾ برطانيا جي دنيا جي مختلف ملڪن (انڊيا، آسٽريليا، ڪئناڊا، نيوزيلينڊ، ملايا، هانگ ڪانگ، ڪينيا، نائيجيريا وغيره) تي حڪومت ۽ دٻدٻو عروج تي هو ۽ هن راڻيءَ کي مهاراڻي سڏيو ويو ٿي. يعني راڻين جي به راڻي. مهاراڻي وڪٽوريا نالي دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پارڪ، روڊ، عجائب گهر ۽ اسڪول ڪاليج ۽ مجسما آهن. مهاراڻي وڪٽوريا ۱۸۱۹ع ۾ ڄائي هئي. ۱۸ سالن جي هئي ته ۱۸۳۷ع ۾ تخت تي ويٺي ۽ ۶۴ سال راڄ ڪيائين. ۱۹۰۱ع ۾ وفات ٿيس. اها مهاراڻي وڪٽوريا اڄ جي راڻي ايلزبيٿ جي ڏاڏي جي ڏاڏي هئي ۽ جنهن بادشاهه چارلس دوم جي پاڻ ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اهو هن مهاراڻي وڪٽوريا کان به ۲۰۰ سال کن اڳ ڄائو يعني مهاراڻي وڪٽوريا جي ڄم جو سال ۱۸۱۹ع هو ته چارلس دوم جو ۱۶۳۰ع هو. چارلس دوم جڏهن برطانيا جو بادشاهه ٿيو ته ۲۱ مئي ۱۶۶۲ع تي هن جي شادي پورچوگال جي بادشاهه جي ڌيءَ ڪئٿرين سان ٿي. (سندس سڄو نالو Catherine Henrietta of Braganza هو) شاديءَ ۾ پورچوگال جي بادشاهه چارلس دوم کي ٻين شين کان علاوه موراڪو جو بندرگاهه وارو شهر طنجر (Tangier) ۽ بمبئي وارا سمورا ٻيٽ ڏنا يعني هي ممبئي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ ستن ويران ٻيٽن جو جهڳٽو هو ۽ جنهن جي ڪل آدمشماري ڪا ڏهه هزار ڪولي ذات جا مهاڻا مس هئي (جن ماءُ ممبا نالي ديويءَ جي پوڄا ڪئي ٿي) انگلينڊ جي بادشاهه جي ملڪيت ٿي وئي.
No comments:
Post a Comment