ممبئي جا ڪولهي ۽ ڪوري
ممبئي شهر کان جيڪي واقف آهن يا هاڻ وڃڻ جو ارادو رکن ٿا، انهن لاءِ لکندو هلان ته ڌراوي ممبئيءَ جي ٻن اهم ريلوي لائينن (ويسٽرن ۽ سينٽرل) جي وچ ۾ ۱۷۵ کن هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل ڪچي آبادي آهي، جنهن ۾ ڏهه لکن کان به گهڻا ماڻهو رهن ٿا. ڌراويءَ جي اولهه ۾ ماهيم ۽ باندرا جهڙا علائقا آهن، جيڪي سمجهو ته ڪراچيءَ جو طارق روڊ (PECH) ۽ ڌوراجي سوسائٽيءَ وارو علائقو آهي. اتر ۾ مٺي (Mithi) نالي ندي وهي ٿي، جيڪا ماهيم واري کاڙي (Creek) مان ٿيندي عربي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ ممبئيءَ جا ٻه سهڻا علائقا ۽ ڪراچيءَ جي صدر ۽ بولٽن مارڪيٽ جهڙا بزنيس سينٽر سيان (SION) ۽ مٽنگا (Matunga) اٿس. هن علائقي ۾ وٺي هلندڙ جئه موتياڻي جي ڊرائيور برج موهن ٻڌايو ته، ”ڌراوي (جنهن علائقي ۾ هُو پاڻ به رهي ٿو) ۾ پاڻيءَ جو نيڪال صحيح طرح نه هجڻ ڪري سانوڻيءَ (Monsoon) جي موسم ۾ ڄڻ ته ٻوڏ اچي ويندي آهي ۽ ڌراوي ۾ رهندڙن لاءِ اچڻ وڃڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. گندگي ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ واڌ اچي ويندي آهي.“
هونئن عام حالتن ۾ به پاڻي ۽ ماحول جي آلودگيءَ ڪري هتي جا ماڻهو ۽ ٻار ڪيترين ئي بيمارين ۾، خاص ڪري پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا رهن ٿا، پر اهو آهي ته انهن جي پرگهور لهڻ ۽ دوا درمل لاءِ ڪيترا ئي هندن، پارسين ۽ ولايت ۾ رهندڙ امير ماڻهن جا فلاحي ادرا (NGOs) آهن، جيڪي صحيح طرح خيراتي اسپتالون ۽ اسڪول هلائين ٿا ۽ هتي رهندڙ غريب ماڻهن کي اها وڏي اميد آهي ته سندن اولاد لکي پڙهي يا ڪارآمد هنر سکي پاڻ کي خوشحال ۽ سُکي بنائيندا.
دراصل اڄ وارو هي ڌراوي وارو علائقو، ڪراچيءَ جي بابا ڀٽ ۽ شمس پير واري علائقي وانگر سامونڊي پاڻي ۽ تمر (Mangrove) جي ٻوٽن جو علائقو هو، جتي جي ڪولي (Koli) نالي رهندڙ مهاڻن جي قوم ۱۹هين صديءَ جي اڌ تائين مڇيون، کيکڙا ۽ گانگٽ ڦاسائي گذارو ڪندي هئي... پوءِ آهستي آهستي هتي جو پاڻي گدلو ٿيندو ويو ۽ هي سڄو علائقو سُڪل وڻن، مئل مڇين ۽ گند ڪچري سان ڀرجندو ويو. ڪولين جو مڇي مارڻ جو ڌنڌو ختم ٿي ويو. مٽي ۽ گند ڪچري سان ڀرجڻ ڪري ان مٿان دور دراز کان ايندڙ بيروزگار ماڻهو جهڳيون ٺاهي رهڻ لڳا، جيئن ڪراچيءَ ۾ ڪنهن زماني ۾ لياريءَ جي ڪناري تي پنجاب ۽ سرحد کان ايندڙ پورهيت رهيا ٿي، جن کي هاڻ لياري ايڪسپريس ٺهڻ بعد حڪومت هاڪس بي پاسي نئين ٺهيل ڪالوني ”پرويز مشرف ڪالوني“ ۾ شفٽ ڪيو آهي. بهرحال ڌراوي ۾ هاڻ ڪا هڪ قوم نٿي رهي. هندو به آهن ته مسلمان ۽ عيسائي به. مهاراشترا صوبي جا آهن ته گجرات جا مٽيءَ جا ٿانو ٺاهڻ وارا ڪنڀار به آهن ۽ اهي ان ئي نالي ڪنڀار سان سڏجن ٿا. مٽيءَ جي ٿانوَن ٺاهڻ واري لاءِ شايد گجراتي زبان ۾ به اهو ئي لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪو اسان وٽ سنڌ ۾ آهي. ڌراوي ۾ ڪنڀارن جي يڪي ڪالوني (Potters Colony) آهي. اهڙيءَ طرح هندوستان جي ڏاکڻي صوبي تامل ناڊو جي مسلمان کَلگورن جي ڪالوني آهي، جيڪي جانورن جي کَلن کي مسالا ۽ ڪيميڪل هڻي، سُڪائي انهن مان بوٽ ۽ ٻيون شيون ٺاهين ٿا. ڪراچيءَ جي دهلي ڪالوني يا لياقت آباد (لالوکيت) ۾ ڀرت ۽ سلائيءَ جي ڪارخانن وانگر ڌراوي جي هڪ حصي ۾ اتر پرديش کان لڏي آيل ڪاريگر رهن ٿا ۽ ڀرت ۽ سلما ستاري جو ڪم ڪن ٿا. اهي ريڊي ميڊ ڪپڙا به ٺاهين ٿا ۽ ڪيتريون هٿ جون ٺهيل شيون وڪري لاءِ ولايت جي مارڪيٽن ۾ به وڃن ٿيون. چون ٿا ته ممبئيءَ جي هن علائقي ڌراوي ۾ ۱۵۰۰۰ هڪ ڪمري واريون فئڪٽريون آهن. هڪ فئڪٽري جيڪا اسان واري ڊرائيور جي گهر ڀرسان هئي، ان ۾ شهر مان گڏ ڪيل ردي واري پلاسٽڪ جي شين کي مشين ذريعي ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري، ان کي باهه تي ڳاري سانچي ذريعي نيون شيون ٺاهيون ويون ٿي. اهڙي طرح جا ڪم جنهن کي Recycling سڏجي، اهي هتي جام ٿين ٿا.
مٿي هڪ هنڌ لکي آيو آهيان ته هن ڪچي آباديءَ جي اسڪولن ۾ غريبن جا ٻار پڙهي لکي پاڻ کي سُکي بنائيندا. اڄڪلهه جي دور ۾ جڏهن تعليم يافته شاگرد ڊگريون کڻيو پيا هلن، پر نوڪريون ڏکيون ٿيون ملن، تڏهن هن علائقي ڌراوي جو جيڪو اسڪول ڏسڻ جو مون کي موقعو مليو، ان ۾ پڙهندڙ ٻار ضرور پاڻ کي نمايان بنائيندا ۽ هن مقابلي جي دنيا ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائيندا. منهنجي نوڪريءَ جا آخري ٻه ڏهاڪا ماستريءَ (Teaching) ۾ گذريا آهن ۽ آءٌ هڪ سٺي استاد ۽ محنتي شاگرد جي سڃاڻپ جي پروڙ رکان ٿو. هن سادي فرنيچر پر صاف سٿري اسڪول ۾ جنهن محنت ۽ Devotion سان اسڪول جون عيسائي ماسترياڻيون پڙهائي رهيون هيون ۽ ٻارن ۾ دلچسپي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ڪري رهيون هيون، انهن لاءِ هنن کي جَسُ هجي ۽ ساڳئي وقت اهو به چوندس ته اهڙن اسڪولن جا ٻار چاهي غريب گهرن جا هجن پر خوش نصيب آهن جو هُو صحيح تعليم جي هٿيار سان آراسته ٿي رهيا آهن ۽ هُو اڳتي هلي مقابلي جي جنگ آسانيءَ سان کٽي ويندا. ساڳئي وقت پنهنجي ڳوٺ جو هڪ اسڪول ياد اچڻ سان ڏک ۽ مايوسي به ٿي. مهينو کن اڳ پنهنجي ڳوٺ جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ ويس ته ڪيترا ڪلاس روم ماسترياڻين کان خالي هئا. خبر پئي ته ڪجهه ماسترياڻيون فقط پهرين تاريخ پگهار وٺڻ لاءِ اينديون آهن، باقي ڏينهن هُو گهرن ۾ ويهي ٽي وي ڏسن يا پينگهن ۾ لُڏن. ان سسٽم کي چالو رکڻ لاءِ هُو پنهنجي پگهار جو هڪ حصو پنهنجي واسطيدار عملدارن کي رشوت طور ڏين. جيڪي ماسترياڻيون حاضر هيون انهن به صحيح طرح پڙهائڻ جو فرض ادا نه پئي ڪيو يا ته هنن کي پڙهائڻ ئي نٿي آيو. پڙهائڻ معنيٰ گفتگو ڪرڻ... ٻارن سان مغزماري ڪرڻ... سوال جواب پڇڻ ۽ جنهن ڳالهه کان هُو اڻ واقف هجن، اها تفصيل سان سهڻي نموني سمجهائڻ... پر هتي ٽوٽي ماسترياڻين ٻارن کي ڪجهه لکڻ لاءِ ڏئي ڇڏيو هو. ڪن ٻارن اُبتو سُبتو پئي لکيو، ڪن لکي يا بنا لکڻ جي هڪٻئي سان ڳالهايو پئي. ڪيترا اکر هنن صحيح شڪل ۾ بيهاريا ٿي، پر لکڻ جو طريقو غلط هين. يعني ٻار ڪلاس ون پاس ڪري ٻئي يا ٽئي تائين اچي پهتا هئا، پر هنن ڪڏهن ٻارن ڏي غور به نه ڪيو ته هُو ايم يا واءِ، يا ڊبليو ڪيئن پيا لکن... پر ڳالهين ۾ ڪيتريون ئي ماسترياڻيون (مِسون) هيڊماسترياڻيون ٿي لڳيون. جڏهن هنن پنهنجو پاڻ پڏائڻ خاطر ان ڳالهه تي زور ٿي ڏنو ته هنن کي پڙهائڻ جي علم جي ڊگري (بي ايڊ يا ايم ايڊ) آهي ۽ ٻارن کي پڙهائڻ ۾ وڏي مهارت رکن ٿيون. اهڙن موقعن تي دل چوندي آهي ته ڪاش! اهڙو ڪو بندوبست هجي جو اسان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٽيچرن کي انڊيا يا ملائيشيا جا اسڪول ڏيکاريا وڃن ته ٽيچنگ (پڙهائڻ) ڪيڏو محنت طلب جاب آهي ۽ ههڙا ملڪ جن جي شاگردن کي دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، اتي جي اسڪولن جا استاد پنهنجي قوم ۽ ملڪ خاطر ڪيڏي محنت ڪن ٿا ۽ پگهار کي حلال ڪري کائين ٿا.
مٿي اهو پڻ لکيو اٿم ته اڄ کان مُني صدي کن اڳ تائين، هتي ڪولي نالي مهاڻن جي قوم رهي ٿي، جن جو گذر سفر مڇين جي شڪار تي هو. ڪولي اڄ به هن صوبي مهاراشترا ۽ ڀر وارن علائقن ۾ رهن ٿا. ڌراوي ۾ ٻين قومن جي اچڻ ڪري هتي جا اصلي باشندا ڪولي (KOLI) ويا پري ڌڪبا، پر هاڻ حڪومت طرفان هنن مهاڻا پيشه ماڻهن لاءِ ڪيترن ئي هنڌن تي رهائشگاهون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي ”ڪولي وادا“ سڏجن ٿيون. ويندي هتي جي هڪ ريلوي اسٽيشن جو نالو هن قوم جي شناخت کي برقرار رکڻ لاءِ ”ڪولي وادا ريلوي اسٽيشن“ رکيو ويو هو، پر هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ هن اسٽيشن جو نالو سِکن جي نائين گرو ”سري گرو تيغ بهادر جي“ جي نالي ”G.T.B.N اسٽيشن“ رکيو ويو آهي. هيءَ اسٽيشن ممبئيءَ جي هاربر لائين واري پٽڙيءَ تي ”چوناڀٽي“ اسٽيشن وٽ آهي. اسٽيشن جي ڀرسان سِکن جي وڏي آدمشماري رهي ٿي ۽ ان پسگردائيءَ جو نالو ”گروتيغ بهادر نگر“ آهي. هونئن ته ڏٺو وڃي ته هي اڄ وارو ممبئي، جڏهن مختلف ويران ٻيٽن جي شڪل ۾ هو ته به هيءَ قوم ڪولي هتي رهي ٿي. ٿر جي اسڪالر ۽ ڪالم نويس کي سندس عوامي آواز اخبار واري آفيس ۾ فون ڪري پڇيم ته، ”آيا هي ممبئي مهاراشترا، گجرات ۽ انڌرا پرديش جي سامونڊي ڪناري تي رهندڙ ’ڪولي‘ قوم اها ساڳي آهي، جيڪا اسان وٽ سنڌ ۾ بدين، ماتلي ۽ ٿر پاسي ’ڪولهي‘ سڏجي ٿي؟“
”ها، اها ساڳي قوم آهي،“ من موهن گيانيءَ وراڻيو، ”پر اسان وٽ هُو ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿا.“
ممبئي يونيورسٽيءَ جي گجراتي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر رتي لعل روهت ٻڌايو ته ڪولي ڪميونٽيءَ جا ماڻهو نه فقط سڄي ممبئيءَ ۾ پکڙيل آهن، پر سڄي مهاراشٽرا صوبي جي سامونڊي ڪناري تي نظر ايندا. هُو باگڙي، ڀيلن جهڙين ذاتين وانگر شڊول ڪاسٽ سان تعلق رکن ٿا ۽ هنن جي مرهٺيءَ سان ملندڙ جلندڙ پنهنجي زبان (Dialect) آهي. پروفيسر رتي لعل ٻڌايو ته لڳي ٿو ته ڪولي لفظ مرهٺي زبان مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ ڪوريئڙو آهي. يعني اهو جيڪو ڄار اُڻي، يعني مهاڻو (Fisherman) جيڪو ڄار (Net) ٿو ٺاهي. اتر هندستان ۾ هنن کي ’ڪوري‘ سڏين.
ممبئي، اڄ جي صورت اختيار ڪرڻ کان گهڻو گهڻو اڳ جڏهن ستن ٻيٽن تي مشتمل هئي ۽ اڃا انگريز يا پورچوگالين به قبضو نه ڪيو هو، ته هنن ويران ٻيٽن تي فقط هي ڪولي رهيا ٿي، جن مڇيءَ جو شڪار ڪري پيٽ گذر ڪيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ هنن ٻيٽن مان ڪجهه تي ڪولي ذات جي ماڻهن جا رکيل نالا ڪجهه هن ريت هئا: ڪولڀات، پال وا بندر، ڊونگري، مئزگائون، ناءِ گائوم ۽ ورلي. ڪولڀات جو نالو ڦري ڪولابا (Colaba) ٿي ويو آهي ۽ پالوا بندر اڄ اپولو بندر ٿي ويوآهي. هنن جو ڊونگر ٻيٽ تي ممبا ديويءَ جو مندر هو، جنهن ديويءَ جو نالو هن شهر تي پيو. جنهن کي پوءِ انگريزن ۽ يورپين ’بامبي‘ سڏيو. هاڻ وري ساڳيو نالو ’ممبئي‘ ٿي ويو آهي.
No comments:
Post a Comment