Tuesday, February 08, 2011

دنيا جو وڏي ۾ وڏو جُهڳي پاڙو

دنيا جو وڏي ۾ وڏو جُهڳي پاڙو

ممبئيءَ جي سيان (SION) پل وٽ اسان جئه جي گاڏيءَ ۾ جئه جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. هُو گهران ٻي ڪار ۾ اسان ڏي اچي رهيو هو. جنهن ۾ اسان کي پوني وڃڻو هو. شام جا چار کن ٿي رهيا هئا. فيبروريءَ جو مهينو هو. ڪراچيءَ ۾ ڪافي ٿڌڪار هئي، پر هتي ممبئيءَ ۾ چڱي گرمي محسوس ٿي رهي هئي. ڊرائيور منهنجي ڪري گاڏيءَ جي انجڻ ۽ ايئرڪنڊيشنڊ کي چالُو ئي رکيو. مون کي اهو سوچي خوشي ٿي ته ڪراچيءَ مان ”مارڪ ائنڊ اسپينسر“ جو پائي آيل نئون ڪوٽ پاڻ سان اڳتي گهلڻ بدران هتي ئي اُڇلڻ يا ڪنهن کي ڏيڻ ۾ مون کي افسوس نه ٿيندو. مون کي اڳهين شڪ هو ته، ممبئيءَ ۾ ته ڇا پر پوني ۾ به سيءُ نه هوندو پر ڪراچيءَ ۾ هن سال ڪجهه گهڻو سيءُ هجڻ ڪري آءٌ فيصلو ڪري نه سگهيس. آچر بازار ۾ ڪيترائي گاڏن وارا پنجاهه پنجاهه رپئي نوان ڪوٽ وڪڻي رهيا هئا، جيڪي ڪوٽ يورپ ۽ جپان پاسي ڏهين پندرهين هزار کان گهٽ نه ملن. ولايت ۾ موسم ختم ٿيڻ تي يا ڪنهن شيءِ جو دڪان نه هلڻ تي ان ۾ بئنڪ، ايئرلائين جي آفيس يا ريسٽورنٽ ٺاهڻ تي، اسان جا پٺاڻ ۽ افغاني واپاري دڪان جو سڄو مال اوڻي پوڻي ۾ خريد ڪري، ڪنٽينر ڀرائي پاڪستان موڪلين ٿا، ڪڏهن ته هنن کي اهو سامان مفت ۾ به ملي ويندو آهي، جو مفت ۾ ڏيڻ ۾ به دڪان جي مالڪ جو فائدو آهي، جو ٻي صورت ۾ هن کي ٽرڪن جو ڳرو ڀاڙو ڏئي اهو سامان ميونسپل جي حد کان ٻاهر اُڇلائڻو پوي ٿو. سو ان برانڊيڊ نئين ڪوٽ تي منهنجو خرچ پنجاهه رپيا خريداريءَ تي ۽ پنجاهه رپيا استري ڪرائڻ تي ٿيو هو. پڙهندڙن جي اطلاع لاءِ اهو به لکندو هلان ته هن سفر لاءِ مون ڍريون ڍريون جينز جون چار پتلونون ۽ ڇهه قميصون به آچر بازار مان، في داڻو ۳۳ رپيا، ورتيون ۽ ٻه يا ٽي ڏينهن پائڻ بعد ميريون ٿيڻ تي اُڇلائيندو ويس. اهڙيءَ طرح جيئن جيئن منهنجي سفر جا ڏينهن پورا ٿيندا پئي ويا، تيئن تيئن منهنجي بئگ جو وزن به هلڪو ٿيندو ويو. خاص موقعن جهڙوڪ ممبئي يونيورسٽيءَ ۽ نيول اڪيڊميءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ ۽ پوني ۾ سيمينار جي صدارت ڪرڻ ۽ پيپر پڙهڻ لاءِ ٻه وڳا الڳ هئا، جيڪي ميرا ٿيڻ تي ارجنٽ ڊراءِ ڪلين ڪرائي ورتم ٿي.

آءٌ ڪجهه دير گاڏيءَ ۾ ويهي پُل تان لنگهندڙ پيدل ماڻهن کي ڏسندو رهيس، جيڪي اسان جي گاڏيءَ جي ڀرسان فٽ پاٿ تان گذري رهيا هئا. گهڻا تڻا مرد توڙي عورتون غريب ئي لڳا ٿي. ظاهر آهي غريب عوام ئي ريل رستي سفر ڪري، هاڻ پل مٿان لنگهي هيڏانهن هوڏانهن وڃي رهيا هئا. امير ماڻهو ته ڪارن ۾ گذري رهيا هئا. دهلي وانگر هتي به مردن جي عام ڊريس پتلون آهي، عورتن جي گهڻي ڀاڱي شلوار قميص ۽ ٻئي نمبر تي ساڙهي. آءٌ اڄ ايئرپورٽ کان وٺي هيستائين پهريون دفعو چڱي طرح مرهٽي عورتون ڏسي رهيو هوس، جيڪي بنگالين ۽ سلوني عورتن وانگر سنهيون ۽ ڪارسريون ٿين ٿيون. هونئن به هندوستان جي جيترو ڏکڻ ۾ ويندائو اوترو ماڻهو سنها ۽ ڪارا نظر ايندا، جيئن مدارس، بئنگلور، ڪيرالا، تامل ناڊو ۽ تري وندرم پاسي. هاڻ ڪار جي انجڻ بند ڪري آءٌ ٻاهر ٿي بيٺس. هڪ ٻن لنگهندڙن کان سندن نوڪري ۽ پگهار پڇيم ۽ هڪ ڳالهه جو اندازو لڳايم ته هتي جي ماڻهن کي نوڪري گهڻا ڪلاڪ ۽ ايمانداريءَ سان ڪرڻي پوي ٿي ۽ پگهار به گهٽ ملي ٿي ۽ جتي ممبئيءَ ۾ چوڌاري وڏا امير ۽ انهن جي رهائش جا يورپ جهڙا سهڻا علائقا آهن، اتي غربت به تمام گهڻي آهي. ڪي ڪي علائقا اسان جي ڪراچيءَ جي مڇر ڪالوني جهڙن علائقن کان به وڌيڪ ڏکيا ۽ سهولتن کان خالي آهن. بهرحال هتي جو غريب عوام توڙي اسان جو، ٻئي چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر وهن ٿا. هنن کي ڪهڙي خبر ته هنن جي حڪومتن ائٽم بم ٺاهي، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو بچاءُ ته ڪيو آهي، پر غريبن لاءِ اٽو به مهانگو ڪيو آهي.

هڪ سائيڪل وارو اچي لنگهيو، جنهن جي سائيڪل سان ٻڌل کاريءَ ۾ ٽي چار ٿرماس هئا. ڊرائيور برج موهن مون کان ڪافيءَ جو پڇيو.

”ڪٿي آهي ڪافي؟“ مون حيرت مان پڇيو.

”هن سائيڪل واري وٽ.“ هن سائيڪل واري کي ترسائي ٻڌايو. سائيڪل واري ٻه ننڍڙا پلاسٽڪ جا گلاس، تمام ننڍڙا گلاس، هاڻ توهان کي ڪيئن ٻڌايان ته اهي ڪيترا ننڍڙا هئا؟ ستين رپئي جيڪا ڊالر مس جي شيشي ايندي آهي اها به وڏي چئبي. درزي ٽوپو ڏيڻ مهل آڱوٺي تي جيڪو لوهي انگشت (Needle Thumb) چاڙهيندو آهي، ان کان ٿورو وڏا پر ساڳي شڪل جا گلاس ڪڍي، انهن ۾ ٿرماس مان ڪافي وڌي، جيڪا ٻه ڍڪ به ڪا مس ٿي، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي سواد ۽ خوشبوءِ ۾ ڏاڍي سٺي ڪافي هئي. بيحد ڪريمي ۽ مٺي ڪافي هئي. دل چيو ته اهڙي ڪافي جو جيڪر وڏو ڪوپ پيئجي. سائيڪل وارو روانو ٿي ويو، اسان پلاسٽڪ جا اهي مني گلاس فٽ پاٿ تي اڇلائي پير سان ائين چيڀاٽڻ لڳاسين، ڄڻ سگريٽ جا ٽوٽا هجن.

”برج! تون به مرهٺو آهين؟“ وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون ڊرائيور کان انٽرويو وٺڻ شروع ڪيو.

”نو سر! آءٌ تامل آهيان، مدراس جو.“

”مدراس ته چڱو وڏو شهر آهي، اتي ئي ڪنهن جي ڊرائيوري ڪرين ها.“

”ها، پر پاڻيءَ ڪري مون کي مدراس ڇڏڻو پيو.“ هن ٻڌايو.

”تنهنجو مطلب آهي گهڻي مينهن ڪري؟“ مون حيرت مان پڇيو. ڏکڻ هندستان ۾ مئي کان آگسٽ تائين سخت مينهن ٿا پون.

”نه سائين. پاڻيءَ جي کوٽ ڪري مدراس ۾ پاڻيءَ جي ڏاڍي اڻاٺ آهي، ان ڪري ٻارن کي هتي وٺي آيس.“

”پوءِ هتي مسواڙ تي ته وڏو خرچ ايندو هوندءِ؟“ چيومانس. ممبئيءَ اچڻ کان اڳ ڪيترن ئي ممبئيءَ وارن کان ٻڌو هوم ته ممبئيءَ ۾ جايون مئن هٽن (نيويارڪ) کان به مهانگيون آهن.

”آءٌ هتي جي هڪ سستي علائقي ڌاراوي (Dharavi) ۾ رهان ٿو، جتي ٻارنهن سئو رپيا مسواڙ آهي“ هن ٻڌايو.

”بس! فقط ٻارنهن سئو!“ مون کي بيحد حيرت ٿي ۽ پڇيومانس ته، ”ان ۾ گهڻا ڪمرا آهن؟“

”هڪ به نه،“ هن ٽهڪ ڏيندي ٻڌايو، ”در کولڻ سان جيڪو ٻارنهن فوٽ باءِ ٻارنهن فوٽ آهي، اهو ئي ڪمرو آهي، اهو ئي ورانڊو آهي. ڪنڊ ۾ گئس جي سلينڊر تي رڌپچاءُ ڪندا آهيون. زال ۽ ٻه ٻار پٽ تي وڇايل تڏي تي سمهندا آهيون.“

”۽ باٿ روم يا ٽئاليٽ؟“ مون پچيو.

”اهو ڪنهن جي به گهر ۾ نه ٿئي. ان لاءِ هڪ رپيو ڏئي ميونسپل جي عوامي ٽئاليٽ ۾ فارغ ٿيندا آهيون. ٻار ٻچا ته ڏينهن ڏٺي جو، وڏا صبح ساجهر يا شام جو منهن اونداهيءَ ۾ ندي ناليءَ جي ڪناري تي فارغ ٿي رپيو بچائين.“

”ٻار اسڪول وڃن؟“ مون پڇيومانس.

”ها، اتي ئي ڌراوي علائقي ۾ اسڪول آهن، جيڪي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ اسان جي امير انڊين ۽ فارينرس جيڪي ٽوئرسٽ طور هتي اچن ٿا ۽ اسان جي غربت کي ڏسيو وڃن، انهن اسان غريبن لاءِ ٺهرايا آهن.“ برج موهن ٻڌايو.

”آءٌ ڪنهن ڏينهن تنهنجو گهر ۽ گهٽي هلي ڏسي سگهان ٿو؟“ مون برج کان پڇيو.

”ڇو نه! توهان هلي فوٽو به ڪڍي سگهو ٿا. ڪيترائي فارينر اسان جي علائقي ڌراوي ۾ فوٽو ڪڍندي نظر ايندا آهن. هنن کي تعجب لڳندو آهي ته ههڙي خوشحال ممبئيءَ جي وچ ۾ هڪ اهڙو به غريب علائقو آهي، جتي هزارين غريب ڪٽنب... گند، گرمي ۽ گپاگيهه ۾ جانورن واري زندگي گذارين ٿا.“

پوني کان واپسيءَ تي هڪ ڏينهن آءٌ، هن ڊرائيور برج سان گڏ ممبئيءَ جو هي علائقو ڌراوي ڏسڻ ويس. منهنجي خيال ۾ ممبئي ايندڙ ٽوئرسٽ لاءِ، جتي گيٽ آف انڊيا ۽ تاج محل هوٽل جهڙيون شيون ڏسڻ ضروري آهن، اتي ڌراوي جهڙو عجيب ۽ واقعي غريب علائقو به ڏسڻ کپي ته ڪيئن انسان پنهنجي جياپي لاءِ ڪهڙين مشڪل حالتن ۾ رهي به زندگي گذاري رهيا آهن. سوڙهيون، ڪچيون ۽ گدليون گهٽيون، هڪ هڪ ڪمري جا ٽين، تختن يا فوم جي ڀتين ڇتين وارا ڳُتيل گهر، ڪي گهر هڪ ماڙ يا ٻه ماڙ پڻ. هڪ ڪمري جي سوڙهن، غير هوادار ڪمرن وارن گهرن يا ڪارخانن ۾ ماڻهو ڪارخانا هلائي رهيا آهن. ردي سامان کي Recycle ڪري نيون شيون ٺاهي رهيا آهن. پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ دٻا کڻي ميونسپالٽيءَ جي نلڪي اڳيان قطار ۾ بيٺا آهن، گهٽين جا گٽر کُليا پيا آهن، جن مان وهندڙ گندگيءَ اڳيان گهٽيءَ جا ڪتا ٻلا ۽ پاڙي جا ننڍا ٻار ويٺا کيڏن.

ممبئيءَ جي هيءَ ڌراوي (DHARAVI) نالي بستي ائين Slum (ڪچي آبادي) آهي، جيئن ڪراچيءَ جي اورنگي ٽائون شپ يا ڪنهن زماني ۾ نيويارڪ شهر جو هارلم هو، جيڪو هاڻ ترقي ڪري هڪ ماڊرن علائقو ٿي ويو آهي. انگريزي لفظ ‘Slum’ جي ٺهڪندڙ معنيٰ قومي انگريزي اڙدو لغت ڪافي بهتر حد تائين ملي ٿي. ”ڪچي آبادي، شهر جو ڳُتيل ۽ خراب حالت وارو حصو، جتي غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهو رهن ٿا. ان لاءِ انڊيا ۽ پاڪستان جي ڪن شهرن ۾ اڙدو جو لفظ ”جُهڳي پاڙو“ به استعمال ٿئي ٿو. ڪراچيءَ جو گزري ڳوٺ، نيلم ڪالوني، شيرين جهان ڪالوني، مڇر ڪالوني، قيوم آباد وغيره سڀ هڪ قسم جا Slums آهن يا هئا، جن کي آءٌ به سٺ سالن کان ڏسندو اچان، پر ڪنهن جي به اڄ (يا گهڻو اڳ) اهڙي ڪسمپرسي، پسماندگي يا گندگيءَ جي اها حالت نه رهي آهي، جهڙي ممبئيءَ جي هن ماڊرن زماني ۾ نظر اچي ٿي. ڌراوي دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪچي آبادي (Slum) آهي ۽ ان جي ئي ٽڪر جو اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ”اورنگي ٽائون شپ“ وارو علائقو آهي، پر ٻنهي علائقن کي ڏسڻ بعد اورنگي بهتر ۽ صاف سٿرو لڳي ٿو. ڌراوي جا ڪچا گهر، جيڪي ڄڻ هڪٻئي جي مٿان چڙهيا پيا آهن، انهن ۾ پلاسٽڪ، رنگ ٺاهڻ، چمڙي ۽ بوٽن جا ڪارخانا ۽ هوم انڊسٽريون ۽ انهن جو نڪرندڙ ڪچرو ۽ ڌپ، اٿلندڙ گٽر، ڪمرن مٿان ڪمرا، جن ڏي پهچڻ لاءِ اونڌيون ابتيون ڏاڪڻيون ڏسي حيرت ٿي ٿئي، ته ميل ٻه هيڏانهن يا هوڏانهن نڪر ته يورپ جهڙي ممبئي آهي ۽ ان جي وچ ۾ هي سوڙها گهر، جن ۾ ماڻهو واڳن وانگر هڪٻئي جي ڀرسان پٽ تي پيا آهن. هڪ هڪ ڪمري واري گهر ۾ ڪيترائي رهندڙ ڀاتي، ڪي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ نڪري ويا آهن ته ٻيا رات جي نوڪريءَ ڪري اچي سُتا آهن. گهٽيءَ ۾ زالون ٻارن جي ڳالهه تان يا ميونسپل جي نلڪي تان پاڻيءَ جي واري لاءِ وڙهي رهيون آهن.

No comments:

Post a Comment