ممبئي جو صيهان (SION) ۽ کار
منهنجي پروگرام موجب مون کي ڪراچيءَ کان ممبئيءَ پهچي ان ئي وقت پوني وڃڻو هو. پوني ۾ هفتو ڏيڍ رهي ان بعد ممبئيءَ اچي رهڻو هو، پر پوني وڃڻ کان اڳ ممبئيءَ جي پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻي هئي ته آءٌ ممبئيءَ پهتو آهيان ۽ هاڻ جو هاڻ ممبئي ڇڏيان به پيو. ان پوليس رپورٽنگ ۾ اڌ ڏينهن ضايع ٿي ويو، جو ممبئيءَ جو ايئرپورٽ سنٽا ڪروز واري علائقي ۾ آهي. ٽوئرسٽ جي پوليس رپورٽنگ لاءِ سڄي ممبئيءَ ۾ هڪ آفيس مقرر ٿيل آهي، جيڪا سمجهو ته ممبئيءَ جي ٻي ڪُنڊ تي فورٽ ۽ چرچ گيٽ وٽ آهي. ايئرپورٽ کان پوءِ کار، باندرا، ڌروي، ماهيم، متونگا، دادر، پاريل، بائڪلا، مازگائون، ماندوي وارا علائقا لتاڙي ممبئيءَ جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن تائين اچڻو پيو. اهو رستو هونئن کڻي اڌ ڪلاڪ کن جو هجي، پر منجهند جي وقت جڏهن هر شهر ۾ ٽرئفڪ اوج تي رهي ٿي، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ لڳيو وڃن. انڊيا اچڻ کان اڳ مون پنهنجي ميزبان جئه موتياڻي ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ سان ان ڳالهه تي بحث ڪيو ته جڏهن آءٌ ممبئيءَ رهان به ڪونه ٿو ته پوءِ ممبئي پهچڻ سان ڇو پوليس رپورٽنگ ڪريان. ”منهنجي خيال ۾ ڪرڻ کپي.“ منهنجي ٻنهي ميزبانن چيو. جيتوڻيڪ مون کين اهو دليل به ڏنو ته باءِ روڊ پوني وڃڻ بدران آءٌ يا ڪو ٻيو ممبئي کان Connecting اڏام ذريعي به ته پوني وڃي سگهي ٿو. ان حالت ۾ هُو ڪيئن ٿو ممبئيءَ جي هيڏي ڏورانهين پوليس اسٽيشن پهچي؟
ممبئي پهچڻ تي جڏهن ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر مون کي Resident Permit جو فارم ڏيندي چيو ته جنهن به شهر ۾ وڃين ته وڃڻ وقت ۽ ڇڏڻ وقت ان شهر جي پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪجانءِ يعني حاضري ڀرجانءِ ۽ هن تي ٺپو هڻائجانءِ. ان تي مون هن کي ٻڌايو ته جيئن ته آءٌ هتان سڌو پوني وڃڻ ٿو چاهيان، ان صورت ۾ ڇا مون لاءِ ضروري آهي ته ممبئيءَ جي پوليس آفيس ۾ رپورٽنگ ڪيان؟
”بلڪل نه“ هن چيو ۽ مون اها ساڳي ڳالهه ايئرپورٽ مان نڪرڻ وقت هڪ ٻئي اميگريشن جي پوليس آفيسر سان به ڪئي. هن به اهو ئي چيو ته مون لاءِ هن صورت ۾ ممبئيءَ ۾ رپورٽ ڪرڻ ضروري ناهي. پوني پهچي اتي رپورٽ ڪريان ۽ ان بعد جڏهن ممبئي رهڻ لاءِ ايندس ته پوءِ ممبئيءَ جي پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪريان.
ٻاهر نڪتس ته جئه موتياڻيءَ جو ماڻهو ”ياديو مسافر“ (هي سندس نالو آهي) جيڪو مون کي پوليس آفيس وٺي هلڻ لاءِ آيو هو، تنهن کي چيم ته جئه جو نمبر ملائي ته ٻڌايانس ته مون کي هتي پوليس رپورٽنگ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، بس هاڻ ڀلي پوني هلو. جئه مون کي سمجهائيندي چيو ته، ”الطاف تون رهيو آهين جپان ۽ يورپ جي ملڪن ۾... هي انڊيا آهي، سڀاڻي اهي ئي پوليس آفيسر چوندا ته رپورٽنگ ڇو نه ڪرايئي. منهنجا ڪيترائي سڃاڻو پاڪستان کان هتي ايندا رهن ٿا ۽ مون کي ان ڳالهه جو وڏو تجربو آهي.“ مون دل ۾ مون چيو ته، ’ٺهيو پوليس جي معاملي ۾ انڊيا پاڪستان ‘Same Same’ آهي. اسان رڳو انڊين فلمون ڏسي خوش پيا ٿيون، پر انڊيا جي پوليس به فقط فلمن جي حد تائين عوام جي خدمتگار آهي، جيئن اسان جي پوليس جو فرض آهي ”عوام جي خدمت ڪرڻ“- پر فقط Slogan تائين.‘
جئه کي چيم ته پوءِ منهنجي ڪري توکي پوني هلڻ ۾ دير ٿي ويندي.
”منهنجو فڪر نه ڪر،“ جئه چيو، ”آءٌ رات جو به هلي سگهان ٿو.“
پوليس اسٽيسن جي رپورٽنگ مان شام جو چئين بجي ڌاري واندو ٿيس. جئه مون کي پوني وٺي هلڻ لاءِ منهنجي انتظار ۾ ويٺو هو.
”توهان سيان (SION) واري پل وٽ اچي انتظار ڪريو ته آءٌ کار کان اچان ٿو“. جئه چيو. هن جي The Enterprise نالي ڪمپنيءَ جي آفيس توڙي گهر ممبئيءَ جي کار واري علائقي ۾ آهي. کار وارو علائقو سانٽا ڪروز ۽ سيئان جي وچ ۾ آهي. سمنڊ ته سڄي ممبئيءَ جي چوڌاري آهي، بلڪ ممبئي، ڪراچيءَ وانگر يڪو زمين جو ٽڪرو نه هو، پر عربي سمنڊ ۾ ڇهه ست ٻيٽن جو جهڳٽو هو. جن جي چوڌاري سمنڊ جو پاڻي ڦري ٿي آيو، پر پوءِ سمنڊ جا اندريان حصا ڀري، هنن سڀني ٻيٽن کي ملائي، ان مٿان روڊ رستا ۽ ريل جون پٽڙيون وڇايون ويون. اڃا به ڪن ڪن هنڌن تي سمنڊ جو پاڻي اندر تائين اچي، ڪِريڪ (Creek) ٺاهي ٿو، جيئن ڪراچيءَ ۾ نيٽي جيٽي وٽ عربي سمنڊ جو پاڻي اندر تائين ڪاهي آيو آهي. کار وارو علائقو ته اڃا به سمنڊ جي ويجهو آهي، جيئن گهڻو اڳ ڪراچيءَ جو کارا در وارو علائقو بلڪل سمنڊ جي ڪناري تي هو. (ان ڪري ئي ان جا نالو کارا در يعني کارو در پيو). اهڙيءَ طرح ممبئيءَ جي هن علائقي کار جو نالو به سمنڊ جي کاري پاڻي ڪري پيو. هتي جي مقامي زبان مرهٺي ۾ سمنڊ جي نمڪين پاڻيءَ کي کارا سڏيو وڃي ٿو. ان تان کار نالو پيو. ماڙيپور ۽ يونس آباد (ڪراچيءَ جي سامونڊي پسگردائين) وانگر هتي به گهڻا مهاڻا رهيا ٿي ۽ هتي هڪ سڄي بستيءَ جو نالو ’کار ڊنڊا‘ پڻ آهي. کار کان هيٺان وارو علائقو باندرا به سامونڊي پاڻيءَ ۽ دلدل (Marshy lands) جو ٻيو ڪراچيءَ جو ماڙيپور ۽ ڪَڪَا ڳوٺ لڳو ٿي، پر پوءِ ممبئيءَ ڏاڍي تيز ترقي ڪئي. انگريزن، پارسين، گجراتين، سنڌي هندن عمارتن، تعليمي ادارن، ڪارخانن، فئڪٽرين ۽ پارڪن پٺيان وڏو خرچ ڪيو ۽ هي کارا در ۽ چاڪيواڙي جهڙا علائقا اڄ يورپ جو ڏيک ڏين ٿا. ٿي سگهي ٿو اسان جي ڪراچيءَ جا اهي علائقا هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ممبئيءَ جا کار، باندره، سانٽا ڪروز بنجي وڃن. پي پي جي اڳئين دورن ۾ ته بنهه نه ٿي سگهيا. هونئن کار ۾ سِکَ ڪافي رهن ٿا. سندن هڪ اسڪول گرونانڪ هاءِ اسڪول وٽان منهنجو اڪثر لنگهڻ ٿيندو هو. هڪ ڳالهه آهي ته ممبئيءَ جي ڪيترن علائقن وانگر کار ۾ به مون کي روڊ رستا ۽ گهٽيون سڌيون ۽ سٺي جوڙجڪ واريون لڳيون. پوني بعد جڏهن ممبئيءَ اچي رهيو هوس ته جئه موتياڻيءَ پنهنجي آفيس جي ائڊريس ٻڌائي ته لنڪنگ روڊ تي رام ڪرشنا بلڊنگ ۾، پلاٽ نمبر ۵۰۱ تي آهي. مون سمجهيو مون کي ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، پر آٽو رڪشا واري يڪدم صحيح هنڌ تي پهچائي ڇڏيو.
بهرحال هن وقت اسان کي سڌو پوني وڃڻو هو ۽ اسان جئه موتياڻيءَ جي اچڻ جو انتظار، هن جي چوڻ مطابق سيان پل وٽ ڪرڻ لڳاسين. پل جي هيٺان ممبئيءَ جي هن علائقي سيان (Sion) جي ريلوي اسٽيشن نظر اچي رهي هئي، جتان اسان ڦري هتي مٿي آيا هئاسين. جئه جي اسسٽنٽ ياديو (Yadev) ٻڌايو ته هن ريلوي اسٽيشن وٽ ئي پورچوگالين جي زماني جو ٺهيل قلعو آهي، جيڪو “Sion Fort” سڏجي ٿو. هي ۱۶۷۰ع ڌاري ٺهرايو ويو هو. اسان جي ايشيائي ملڪن ۾ انگريزن جو راڄ انڊيا ۽ سريلنڪا کان ملائيشيا تائين ضرور رهيو، پر انهن کان به اڳ انهن ملڪن تي پورچو گالين قبضو ڪيو، پوءِ سنڌ جو ٺٽو هجي يا ممبئي، ملائيشيا جو ملاڪا (انهن ڏينهن جو گادي وارو شهر) هجي يا سريلنڪا جو ڪولمبو، انگريزن کان گهڻو گهڻو اڳ پورچوگالي پهتا، پر اهو کڻي چئجي ته هنن کي انگريزن جهڙو عقل نه هو، جو صحيح طرح انتظاميا هلائي، انهن ملڪن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪن. اڄ وارو ممبئي، جيڪو گهڻو اڳ ست ويران ٻيٽَ هئو، اهي هندن بعد گجرات جي مسلمان حاڪمن جي قبضي ۾ آيا، جن کان بعد ۾ پورچوگالين کسيا. پورچو گالين عيسائي ٻاوَن کي مذهب جي تبليغ ڪرڻ ۽ گرجا گهر ٺاهڻ جي موڪل ڏني ۽ مدد پڻ ڪئي. عيسائين هن ٽڪريءَ وٽ، جتي پوءِ هي قلعو به ٺاهيو ويو ۽ اڄ جتي SION ريلوي اسٽيشن آهي، هڪ گرجا گهر (Chapel) ٺاهيو، جنهن جو نالو يروشلم جي هڪ پهاڙي صيهون (Zion)، جتي حضرت دائود عليه السلام جو عبادت گاهه ۽ محل ٺهيل هو، تان رکيو ۽ ان بعد هي علائقو ان نالي SION سان سڏجڻ لڳو.
هن پُل تي پهچڻ کان اڳ، ڪراچيءَ جي KDA اسڪيم ون جهڙي هن علائقي SION جي روڊن تي ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج نظر آيا. لٽل اينجلز هاءِ اسڪول، املک اميچند ڀيمجي وديالا، گانڌي ميموريل انگلش اسڪول، گرونانڪ نئشنل هاءِ اسڪول، ڪيول راماني هاءِ اسڪول، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته سنڌين جو هجي، جو ممبئيءَ ۾ ٻن ڊزنن کان مٿي ڪاليج ۽ سئو کن اسڪول هتي رهندڙ سنڌي هندن پنهنجي خرچ مان ٺهرايا آهن. هڪ هنڌ سِکَن جي ٽڪاڻي وٽان لنگهندي ياديو ٻڌايو ته سيان جو اهو حصو ”سنڌي ڪالوني“ سڏجي ٿو. هڪ هنڌ ”ساڌنا وديالا انگلش ۽ مرهٺي اسڪول“ جي عمارت وٽ ياديو ڊرائيور برج موهن کي گاڏي آهستي هلائڻ لاءِ چيو، جيئن آءٌ هن اسڪول جي تصوير ڪڍي سگهان ۽ هُو ان بابت ڪجهه ٻڌائي سگهي. ”هن اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس تائين انگريزي ۽ مرهٺيءَ ۾ پڙهايو وڃي ٿو“، هن ٻڌايو، ”هي اسڪول ڊي.ڊي.ديش پانڊي جي سرپرستيءَ ۾ ٺهيو هو، توهان انڊين فلمون ڏسندا آهيو؟“
”ڇو؟“ حيرت مان پڇيومانس.
”انڊيا جي مشهور فلم ائڪٽريس، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر اشوني ڀاوءِ به هن اسڪول جي شاندار اسٽوڊنٽس مان آهي.“
بهرحال انڊيا ۾ اچي هر ٽوئرسٽ اهو يڪدم محسوس ڪري ٿو ته انڊيا جي هر شهر جي هر حصي ۾، توڙي ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليمي ادارا تمام گهڻا آهن، جن ۾ انگريزيءَ کي تمام گهڻي اهميت ڏنل آهي. ان کان علاوه هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ شاگردن جو تعداد توڙي تعليم جو معيار تمام اتاهون نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي ملڪن ۾، ويندي اهي ادارا جيڪي پاڪستاني سرمائيڪارن جا آهن، اهي به انڊين گرئجوئيٽ کي نوڪريءَ جي معاملي ۾ وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا.
مون هن علائقي SION جي رستن تان لنگهندي ڪجهه ٻين شين جا به نالا نوٽ ڪيا- جيئن:
· گرو ڪرپا هوٽل- جنهن لاءِ لکيل هو ته اها ممبئيءَ جي ماڻهن جي دلپسند هوٽل آهي، جتي گذريل چاليهه سالن کان بهترين سموسا تيار ڪيا وڃن ٿا.
· بئنڪ آف برودا جي بلڪل سامهون ”يو. پي. ڊئيري ۽ مٺائي“ جو دڪان. ياديو چيو جئه کي SION پُل تي پهچڻ ۾ اڃا وقت لڳندو، هتي ڪجهه کڻي کائو. هتي جا سموسا، جليبي ۽ لسي ڏاڍي سُٺي اٿوَ. بنگالي مٺائي به سڄي SION ۾ هتي جي سٺي آهي.“
· ”OLD SIES“ ڪاليج جي بلڪل سامهون ”راجو سئنڊوچ“ نالي دڪان جنهن لاءِ ياديو ٻڌايو ته هن جو سئنڊوچس سڄي ممبئيءَ ۾ مشهور آهن.
”ياديو! سڄي ممبئيءَ ۾ يا فقط ممبئيءَ جي هن علائقي SION ۾؟“ مون ٽوڪ واري نموني ياديوَ کان پڇيو، جنهن تي اسان جي ڊرائيور ”برج“ کان به ٽهڪ نڪري ويو.
· اروڙا ٿيٽر ۽ ان کان علاوه SION جو هڪ ٻيو خوبصورت سئنيما هال Cine Max Multiplex جنهن لاءِ ياديو ٻڌايو ته ان جو اصل نالو روپام ٿيٽر هو.
· موٿيا ديوي مندر وٽان به لنگهياسين، جنهن لاءِ ياديو ٻڌايو ته نوراتڙي وارن ڏينهن ۾، هن مندر ۾ مهاراشترا صوبي جا لکين عقيدتمند اچن ٿا. هنومان مندر ۽ هنومان نالي هڪ هوٽل وٽان به اسان جو لنگهه ٿيو. SION پل وٽ پهچي ياديو موڪل ورتي ته هُو هتان SION ريلوي اسٽيشن تان لوڪل ٽرين پڪڙي گهر ٿو وڃي. ڊرائيور برج ۽ آءٌ جئه موتياڻيءَ جو انتظار ڪندا رهياسين، جيڪو مون کي پنهنجي ڪار ۾ پوني وٺي هلڻو هو.
No comments:
Post a Comment