جمشيد ٽاٽا غيرت ۾ اچي هوٽل ٺهرائي
گذريل مضمون ۾ ممبئيءَ جي هوٽل واٽسن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اها ۱۹۰۳ع تائين ممبئيءَ جي وڏي ٺٺ ٺانگر واري هوٽل سمجهي وئي ٿي، جنهن ۾ سواءِ موسم جي هر شيءِ انگلينڊ کان آندي وئي هئي. هن هوٽل ۾ فقط ۽ فقط انگريزن ۽ گوري کل وارن يورپين کي اندر اچڻ جي اجازت هئي. ڪيترائي اهڙا انڊين، ايشيا ۽ آفريقا جي ملڪن جا اسان جهڙا ڪارا هئا، جن وٽ انگلينڊ يا اٽلي، فرانس ۽ هالينڊ جو پاسپورٽ هو، پر يورپين نسل جا گورا نه هجڻ ڪري هنن کي هن هوٽل ۾ رهائش ته ڇا قدم رکڻ جي به اجازت نه هئي. گورا پنهنجين گورين ميمن (مڊمن) سان، ۽ اهي مڊمون پنهنجن پيارن ڪتن سان ته هن هوٽل واٽسن ۾ داخل ٿي سگهيون ٿي، پر هڪ انڊين، توڻي کڻي هُو ڪنهن رياست جو نواب ڇو نه هجي، ڪنهن سلطنت جو والي وارث يا پير مرشد ڇو نه هجي يا ڪو وڏو ڪامورو ڪڙو، پر هن کي هيڏانهن رخ ڪرڻ کان منع ٿيل هئي. ۱۹۰۳ع ۾ ممبئيءَ جي سامونڊي ڪناري تي تاج محل پئلس هوٽل جي نمودار ٿيڻ بعد هوٽل واٽسن جو آهستي آهستي زوال شروع ٿيو.
دراصل ممبئيءَ جو سيٺ ۽ ڪارخانيدار جمشيد ٽاٽا هيءَ هوٽل شايد ڪونه ٺهرائي ها ۽ واٽسن هوٽل جو ئي هميشه بخت بالا هجي ها، پر ان پويان به هڪ ڪهاڻي مشهور آهي. چون ٿا ته، انڊيا جو هي مشهور واپاري جمشيد نسرونجي ٽاٽا پنهنجن ڪجهه يورپي دوستن سان ”هوٽل واٽسن“ ۾ گهڙي رهيو هو ته، دروازي تي بيٺل دربان هن کي اهو چئي اندر گهڙڻ کان منع ڪئي ته هن قسم جي اعليٰ هوٽل ۾ فقط گورا (انگريز ۽ يورپين) داخل ٿي سگهن ٿا. ”جمشيد جِي“ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هن تاج محل پئلس هوٽل ٺهرائڻ جو پڪ پهه ڪيو.
پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته هي جمشيد ٽاٽا اهو شخص آهي، جنهن ٽاٽا ڪمپني شروع ڪئي، جنهن جون لاريون ۽ ٽرڪون انڊيا کان علاوه ايران، ملائيشيا، عرب ملڪن، سنگاپور، انڊونيشيا ۽ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ نظر اچن ٿيون. ان کان سواءِ ٽاٽا ڪمپنيءَ جي چانهه، لوهه جون شيون، ڪپڙي ۽ اليڪٽرانيڪل سامان جون شيون سستيون، مضبوط جٽادار ۽ مشهور آهن. ٽاٽا ڪمپنيءَ جا ايڏا ته ڪارخانا آهن، جو بهار صوبي جي جهارکنڊ رياست جو هڪ شهر جمشيدپور سڏجي ٿو، جنهن ۾ فقط ٽاٽا ڪمپنيءَ جا ڪارخانا آهن. خاص ڪري لوهه جا ڪارخانا. هي شهر ٽاٽا نگر به سڏجي ٿو.
’جمشيد جِي‘ جيڪو هتي انڊيا ۾ ڪٿي ڪٿي ’جمشت جِي‘ به سڏجي ٿو. ۱۸۳۹ع ۾ گجرات جي هڪ ڏاکڻي ننڍي ڳوٺ نوساري (Navsari) ۾ نسرونجي ٽاٽا ۽ جيون ٻائيءَ جي گهر ۾ ڄائو. نسرونجي ٽاٽا جو پارسي ٻاون واري فئمليءَ سان تعلق هو. پارسي آتش پرست (زورو سٽرين) ٻاون ۾ جمشيد جو پيءُ نسرونجي پهريون ماڻهو هو، جيڪو واپار وڙي ۾ آيو ۽ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي بمبئيءَ ۾ اچي رهيو. جمشيد جڏهن ۱۴ سالن جو ٿيو ته هن ممبئيءَ جي هڪ مشهور ڪاليج ايلفنسٽون ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ۱۸۵۸ع ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هن پنهنجي پيءُ جو ڪاروبار سنڀاليو. هي اهي مشڪل ڏينهن هئا، جڏهن سال کن اڳ ۱۸۵۷ع ۾ مقامي ماڻهن انگريزن خلاف هنگامو ڪيو هو ۽ انگريز سخت بگڙيل هئا.
جمشيد پنهنجي وطن (انڊيا) جي ترقيءَ لاءِ وڏي محنت ڪئي. ان وقت جي جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي. عوام کي تعليم يافته بنائڻ لاءِ تعليمي ادارا کوليائين. روزگار مهيا ڪرڻ لاءِ ڪارخانا لڳرايائين ۽ اڄ ڏينهن تائين سندس اولاد به اهو ڪم ڪندو هلي. ۱۹۶۰ع ۾ اسان پنهنجي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) طرفان باءِ روڊ ڍاڪا ويا هئاسين. رستي تي امرتسر، دهلي ۽ ڪلڪتي جهڙن ڪيترن ئي انڊين شهرن ۾ ڏينهن ٻه رهياسين. واپسيءَ تي ڪلڪتي بعد اسان جمشيدپور (يعني ٽاٽا نگر) به وياسين، جتي ٽاٽا وارن جون فئڪٽريون هيون، جن ۾ ڪم ڪندڙ هزارين مزورن جي رهائش لاءِ اتي ننڍا ننڍا گهر ٺهيل هئا. هڪ اسپتال هئي، جنهن ۾ هنن کي مفت دوا درمل ملي ٿي. اسان ٻارن جو اسڪول به ڏٺو، جنهن ۾ انهن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جا ٻار پڙهيا ٿي. ههڙو سڪون ڀريو ماحول ۽ غريب ماڻهن لاءِ مهيا ڪيل روزگار ۽ سهوليتون ڏسي پنهنجي وطن جا غريب ڳوٺ ياد اچي ويا. خاص ڪري سنڌ جا، جتي نه ڪارخانا ۽ فئڪٽريون هيون، جو ڳوٺاڻا روزگار ڪمائي سگهن ۽ نه بنيادي سهولتون. هي ايوب خان جي حڪومت وارو دور هو. مون سان گڏ منهنجي ڪلاس ميٽن لاڙڪاڻي جي مرحوم علي رضا ميمڻ ۽ پنهنجي ڳوٺائي نجم انصاريءَ کي چيم ته ڪاش اسان جي ڳوٺن ۾ به هيئن فئڪٽريون لڳن، هيئن ترقي ٿئي. ميرپورخاص جي ڪلاس ميٽ خالد لطيف ٽهڪ ڏيندي اڙدوءَ ۾ چيو هو، ”ته ڇا هي ٽاٽا وارا اچي فئڪٽريون هڻندا ڇا؟ سائين پنهنجن پيرن، ميرن ۽ وزيرن کي چئو ته ايوب خان، جيڪي فئڪٽرين جون پرمٽون ٿو ڏئي، اهي ٻين کي ڇو ٿا وڪڻي ڏيو. ڳوٺ جي ماڻهن جو مستقبل سڌارڻ بدران پاڻ وڃيو ٿا ٺڙڪو عيش ڪن.“
اڄ ان کي ۴۸ سال گذري ويا آهن. پاڪستان ۾ ڪئين حڪومتون آيون ۽ ويون. گذريل پنجاهه سالن کان اسان جي صوبي جا وزير اسان جا سنڌي ئي ٿيندا رهيا، پر اڄ به سنڌ جي ڳوٺن جي اها ئي حالت آهي، اها ئي غربت ۽ اها ئي بيروزگاري آهي، بلڪ بيماري ۽ بدامنيءَ جي حالت خراب تر ٿي وئي آهي.
مون هن پارسي سيٺ جمشيد نسرونجي ٽاٽا جي آتم ڪهاڻي ‘For the love of India: The life of Jamshetji Tata” پڙهي آهي. آر ايم لالا لکي آهي. ’جمشيد جِي‘ هميشه چوندو هو ته:
‘Political freedom must be accompanied by economic self-sufficiency’
هن انڊيا جي ڳوٺن ۾ ڪارخانا ۽ فئڪٽريون هڻي نه فقط هزارين نوڪريون مهيا ڪيون، پر هن ٻين ڪارخانيدارن ۽ واپارين لاءِ پڻ راهه هموار ڪئي.
جمشيد ٽاٽا ملڪ کي انگريزن کان آزاد ٿيندو نه ڏسي سگهيو. هُو ان کان گهڻو اڳ ۱۹۰۴ع ۾، تاج محل پئلس هوٽل ٺهڻ جي ٻئي سال، گذاري ويو، پر هن جي هميشه دادا ڀائي نائورو جِي ۽ ڦيروز شاهه مهتا جهڙن قومپرستن سان دوستي رهي ۽ انهن جو ئي سندس سوچ تي اثر رهيو.
تاج محل پئلس هوٽل جو ڪم انڊين انجنيئرن سيتا رام خانديرائو وائديا ۽ ڊي.اين. مرزا شروع ڪيو، پر پوءِ آخر ۾ مڪمل ڪرڻ وقت انگريز انجنيئرن به ڪم ڪيو. ان وقت جي حساب موجب ۴۲ ڪروڙ رپيا خرچ آيو هو. هن هوٽل ۾ ۴۶ سوٽس سميت ۵۶۵ ڪمرا آهن ۽ ۱۲ ڪمرا اهڙا آهن، جن ۾ ۲۵ کان ۵۰۰ ماڻهن جي ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ٿي سگهي ٿو. هوٽل جي ٻاهرين سونهن ۽ عمارت سازيءَ جو ڪم بيحد موهيندڙ آهي، ڪنهن انگريز خوب لکيو آهي ته:
The Immaculate Structure and Magnificient interiors stand witness to a century of gracious Indian Hospitality and warmth to Heads of State, celebrities and industry leaders.
ممبئيءَ جي هيءَ تاج محل پئلس هوٽل اها آهي، جنهن ۾ گذريل صدي ۾ ڪئين بادشاهه ۽ حاڪم، شاعر ۽ اديب، شهزادا ۽ سائنسدان يعني اهم شخصيتون رهي ويون. هوٽل جي رسيپشن ۾ موجود هڪ خدمتگار مرهٺي ٻڌايو ته هتي پرنس ايڊورڊ (شهنشاهه جارج پنجين جو پوٽو ۽ راڻي ايلزبيٿ جو سؤٽ)، ڪئٿرين (پرنس ايڊورڊ جي زال- جيڪا سالياني ومبلڊن لان ٽينس چئمپين شپ جون ٽرافيون ڏيندي آهي)، هيرالڊ پنجون، ناروي جو بادشاهه (جنهن جي ماءُ مارٿا سئيڊن جي آهي ۽ پاڻ يعني ناروي جي هن بادشاهه، جيڪو سمجهو ته ناروي جو وڏو سيد پير آهي، تنهن پنهنجي رعيت جي هڪ عام ڇوڪري سونيا هرالدسن سان ۱۹۶۸ع ۾ شادي ڪئي هئي. پرنس فلپ ڊيوڪ آف ايڊنبرگ (راڻي ايلزبيٿ جو مڙس) ۽ سندن پٽ پرنس چارلس (ڊائنا جو مڙس)، بيٽلز (گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي جا لورپول، انگلينڊ جا مشهور پاپ ڳائڻا جان لينن، پال، جارج هريسن ۽ رنگو، ايلوس پريسلي (آمريڪن ڳائڻو ۽ ائڪٽر)، بل ڪلنٽن (آمريڪا جو ۴۲هون صدر)، آمريڪا جي ۳۵هين صدر جان ايف ڪينيڊي جي زال جئڪولين ۽ دنيا جون ٻيون انيڪ اهم شخصيتون هن هوٽل ۾ رهي ويون آهن. انهن سان گڏ آءٌ پنهنجي ڳوٺائي، جهازي دوست، ڪئپٽن رشيد ابڙي کي به ياد ڪريان ٿو، جيڪو پڻ پنهنجي شپنگ بزنيس جي ڪم سان ممبئيءَ ايندو آهي ته هن هوٽل ۾ اچي رهندو آهي ۽ هن هوٽل بابت اسان سڀ کان پهرين ڪئپٽن رشيد ابڙي کان ئي ٻڌو ۽ ڪراچي ڇڏڻ وقت هو جي گيٽ وي ٽُ انڊيا ۾ هيءَ هوٽل ڏسڻ لاءِ زور نه ڀري ها ته، آءٌ شايد ممبئيءَ جي هن حصي ۾ نه اچان ها. هاڻ آءٌ به اهو ئي چوندس ته ممبئي ايندڙ ٽوئرسٽ کي ڪولابا پهچي ممبئيءَ جون هي عمارتون ضرور ڏسڻ کپن. هڪ اسان جهڙي ٽوئرسٽ هن هوٽل جي عمارت بابت خوب لکيو آهي ته:
Taj Mahal Palace is a perfect blend of unrivaled legendary richness and heritage coupled with state of the art facilities make it the ideal choice for business and leisure travellers.
تاج محل پئلس جي ڀرسان جيڪا ٽاور جهڙي عمارت آهي ۽ هن هوٽل جو ئي حصو آهي ۽ فقط ”تاج“ جي لفظ سان سڏي وڃي ٿي، ان جي جاءِ تي هڪ ٻي هوٽل ”گرين هوٽل“ جي نالي سان هئي. هيءَ (گرين هوٽل) اها هوٽل آهي، جنهن ۾ گوا جي رهاڪن جو هڪ قومپرست گروپ پهريون دفعو ۱۹۵۰ع ۾ گڏ ٿيو هو ۽ پورچوگال حڪومت تي زور آندو ته اها گوا کي واپس انڊيا حوالي ڪري. ياد رهي ته هندستان جي ورهاڱي وقت به گوا پورچوگال جو هڪ صوبو سمجهيو ويو ٿي ۽ هتي جي رهاڪن وٽ انڊيا جو نه پر پورچوگال جا پاسپورٽ هئا ۽ اڄ تائين گوا جي رهاڪن کي جيڪي پورچوگال جي پاسپورٽ سان آهن، پورچوگال کان پينشن ملي ٿي. بهرحال بمبئي جي هيءَ گرين هوٽل ”تاج محل هوٽل“ وارن خريد ڪئي ۽ ۱۹۷۳ع ۾ ان کي ڊهرائي اڄ واري ٽاور نما بلڊنگ ٺهرائي.
ممبئيءَ جي هن تاج محل پئلس هوٽل جو پارسي مالڪ جمشيد نسرونجي ٽاٽا کي وفات ڪئي، اڄ هڪ صديءَ کان به مٿي ٿي ويو آهي، پر هو ”ٽاٽا گروپ“ نالي پنهنجي ڪمپني قائم ڪري ويو آهي، جيڪا هن جو اولاد هلائيندو اچي. ٽاٽا گروپ ۾ اسٽيل ۽ لوهه جي شين جي ڪارخانن کان وٺي لارين ٽرڪن (۽ هاڻ ڪارن) جا ڪارخانا ۽ فئڪٽريون پڻ آهن. اڄ ڪلهه ٽاٽا گروپ جي آٽوموبائيل ڪمپنيءَ دنيا جي سڀ کان ننڍي ڪار ”ٽاٽا نانو“ نالي ٺاهي آهي، جيڪا غريب عوام جي پهچ کي ڌيان ۾ رکي، ان جي قيمت انڊيا جا هڪ لک رپيا آهن، جيڪي ٻه سال کن اڳ تائين ته پنهنجن پاڪستاني هڪ لک رپين برابر ئي هئا، پر هاڻ اسان جي ناڻي جو قدر گهٽجڻ ڪري انڊين لک رپيا اسان جي ڏيڍ لک رپين برابر ٿي ويا آهن. ڏٺو وڃي ته ان هوندي به سستي ٿي جو اسان وٽ چڱي خاصي موٽر سائيڪل جي قيمت ئي هڪ لک رپين کي وڃي پهتي آهي.
ٽاٽا گروپ ۾ ائين دوائن، ڪيميڪل، رنگ روغن ويندي چانهه جا ڪارخانا به آهن. اهڙيءَ طرح هن گروپ جي هڪ ڪمپني ”تاج هوٽل ريسورٽس ائنڊ پئلسز“ آهي، جنهن ۾ انڊيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ۸۰ کن هوٽلون، ۷ محلات، ۶ ذاتي ٻيٽ ۽ ۱۲ ريسورٽ (Resorts) آهن. هنن جي پهرين هوٽل هيءَ ممبئي واري آهي، جنهن جو افتتاح ۱۹۰۳ع ۾ ٿيو هو، ان بعد جمشيد ٽاٽا جو اولاد تاج هوٽلن جو تعداد وڌائيندو ويو آهي. دهليءَ ۾ جيڪا هنن جي هوٽل آهي، ان جو نالو ”دي تاج محل هوٽل“ لکنو واري هوٽل جو نالو ”دي تاج ريزيڊنسي“ آهي. اهڙيءَ طرح بئنگلور واري هوٽل جو نالو ”دي تاج ويسٽ اينڊ“، ڪوچين واري جو ”تاج مالابار“ ۽ گوا واري جو ‘Taj Exoticia’ آهي. سري لنڪا ۾ به ٽاٽا ڪمپنيءَ جون ٽي هوٽلون آهن. ڪولمبو ۾ ٻن هوٽلن مان هڪ جو نالو ”تاج سمودرا“ آهي. مالديپ ۾ ٻن هوٽلن مان هڪ جو نالو ”تاج ڪورل ريف ريسورٽ“ ۽ ٻيءَ جو ”تاج ايگزوٽيشيا ريسورٽ“ آهي. لنڊن واري هوٽل جو به ساڳيو نالو آهي. ٽيڪساز جي شهر بوسٽن واري هوٽل جو ”تاج بوسٽن“ آهي. اهڙيءَ طرح آفريقا، آسٽريليا، ملائيشيا ۽ عرب ملڪن جي هوٽلن جا تاج سان لاڳاپيل نالا آهن.
No comments:
Post a Comment