سواءِ موسم جي هر شيءِ انگلينڊ جي
الطاف شيخ
سمنڊ رستي ممبئيءَ جي بندرگاهه ڏي پهچڻ تي سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل ۸۰ فٽ کن اتاهون دروازو نظر اچي ٿو، جنهن کي Gateway to India (انڊيا ۾ داخل ٿيڻ جو دروازو) سڏين ٿا. اڄ کان سئو سال کن اڳ اڃا هوائي جهاز عام نه ٿيا هئا. ڌارين ملڪن ڏي سفر ڪرڻ جو طريقو فقط سمنڊ رستي هو. انڊيا جي سامونڊي ڪناري تي ڪوچين، سورت، مئنگلور ۽ ڪاليڪٽ جهڙا ڪيترائي مشهور ۽ آڳاٽا بندرگاهه آهن، جن تي اوائلي دور ۾ يورپي قومن جا سامونڊي، سياح ۽ مهم جُو ماڻهو (Explorers) ايندا رهيا، پر پوءِ هڪ طرف ممبئي تمام وڏو بندرگاهه ٿي ويو ۽ ٻئي طرف بحري جهازن (Ships) جي سائيز به وڏي ٿيندي وئي ۽ انهن جي مالڪن انڊيا جي ڪنهن ننڍي بندرگاهه ۾ جهاز کي موڪلڻ بدران ممبئي بندرگاهه تي موڪلڻ کي ئي ترجيح ٿي ڏني. ويندي انگيلنڊ جو شهنشاهه جارج پنجون ۽ سندس زال راڻي مئري انڊيا آيا ته هنن جو جهاز به سورت يا ڪاليڪٽ ۾ لنگرانداز ٿيڻ بدران ممبئيءَ آيو، جتان پوءِ هُو دهليءَ روانا ٿيا، انهن ڏينهن ۾ ڪلڪتي جو بندرگاهه ڪافي وڏو هو، پر ڪلڪتو انڊيا جي اوڀر ۾ ٿيو ۽ جپان، ملائيشيا ۽ چين کان ايندڙن لاءِ ته ڪلڪتو کڻي ويجهو ٿيو، پر انگريزن (جن جو انڊيا تي راڄ هو) يا يورپين لاءِ ممبئي ويجهو بندرگاهه ٿيو. هُو انڊيا جي ڪنهن به شهر ۾ اچڻ چاهيندا هئا ته پهرين پاڻي واري جهاز رستي ممبئيءَ جي بندرگاهه تي اچي پوءِ اٺن، گهوڙن، هاٿين ۽ بعد ۾ ريل ۽ ڪارن جي ايجاد بعد، انهن ذريعي پوني، مدراس، دهلي يا ڪلڪتي روانا ٿيندا هئا. سو انڊيا ۾ اچڻ لاءِ ممبئيءَ جو شهر مشهور هو، جنهن جي بندرگاهه تي ٺهيل هي دروازو ڄڻ ته انڊيا ۾ داخل ٿيڻ جي نشاني هئي. دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ سمنڊ جي ڪناري تي مختلف يادگارَ ٺهيل آهن يا انهن بندرگاهن جي ڪا اوچي عمارت پري کان ڏسي پاڻيءَ جي جهازن جا مسافر ان بندرگاهه تي پهچڻ جو اندازو لڳائيندا آهن، جيئن نيويارڪ جي بندرگاهه ۾ لنگرانداز ٿيڻ کان اڳ آزاديءَ جو مجسمو (Statue of Liberty) نظر اچي ٿو. سو ممبئيءَ جي سامونڊي ڪناري تي ٺهيل هي اتاهون ۽ خوبصورت دروازو ممبئيءَ جي نشاني (Land Mark) سڏيو وڃي ٿو.
ممبئيءَ جو هي دروازو کڻي ممبئيءَ جي هڪ نشاني آهي، پر هن دروازي جي ڀرسان ٺهيل تاج محل هوٽل (جنهن کي تاج محل پئلس به سڏجي ٿو) سڄي دنيا ۾ هن دروازي (Gateway to India) کان به آڳاٽي ممبئيءَ جي نشاني (Land Mark) هلندي اچي. ممبئيءَ جي سامونڊي ڪناري تي هن اتاهين دروازي ۽ محلات جهڙي تاج محل هوٽل جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي. منهنجي خيال ۾ جي آگري جي تاج محل جا پهرئين نمبر تي ۽ ممبئيءَ جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن وڪٽوريا ٽرمينس (ڇتراپتي شيوا جِي ٽرمينس) جا ٻئي نمبر تي گهڻا فوٽو ڪڍيا وڃن ٿا ته تاج محل هوٽل ۽ گيٽ وي ٽُ انڊيا واري نظاري جا پڪ ٽئي نمبر تي هوندا. مون به ڪيترين ئي ڪنڊن کان هنن عمارتن جا فوٽو ڪڍيا. ان بعد هڪ فوٽوگرافر کي پئسا ۽ پنهنجي ڪئميرا ڏئي وڌيڪ فوٽو ڪڍرايم ته جيئن هُو ان ڪم جو ڄاڻو هجڻ ڪري سٺا فوٽو ڪڍي ڏئي.
ممبئيءَ جي هن تاج هوٽل جي تعريف ته گهڻو اڳ کان ٻڌي هيم، پر هاڻ هن جي سهڻي ۽ شانائتي عمارت جي اڳيان بيهي حيرت ٿي ٿئي ته هيءَ عمارت جيڪا هن وقت به خوبصورت ۽ اعليٰ قسم جي آهي، اها اڄ کان ۱۰۶ سال کن اڳ ڇا هوندي، جڏهن ٺهي راس ٿيڻ بعد هن جو ۱۶ ڊسمبر ۱۹۰۳ع تي هوٽل جي مالڪ جمشيد ٽاٽا افتتاح ڪرايو هوندو. سندس ڀر ۾ ٺهيل ”گيٽ وي ٽُ انڊيا“ وارو دروازو ته هن هوٽل ٺهي راس ٿيڻ بعد ويهه سال کن رکي پوءِ ٺهيو. توهان هتي پهچي ڏسندائو ته هن تاج هوٽل جون ٻه عمارتون نظر اينديون، هڪ ائين آهي جيئن ڪراچيءَ جو ڊي. جي. ڪاليج، هاءِ ڪورٽ يا ميونسپل ڪارپوريشن جي عمارت جيڪا ”دي تاج محل پئلس“ سڏجي ٿي ۽ ان جي ئي ڀرسان هن هوٽل جي ٻي عمارت ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ جي حبيب بئنڪ يعني هڪ ڊگهي ٽاور جهڙي عمارت، جيڪا بلڊنگ سڏجي به ٽاور ٿي ۽ اها ۱۹۷۳ع ۾ ٺهي.
تاج محل پئلس (هوٽل) کان اڳ ممبئيءَ جي اُتم ۽ اعليٰ هوٽل ”واٽسن هوٽل“ هئي. انهي هوٽل جي به ڇا ڳالهه ڪجي! يعني ان زماني ۾ ۱۸۶۸ع ڌاري واٽسن نالي هڪ انگريزَ، اِها هوٽل ممبئي شهر جي ڏاکڻي علائقي ۾ ٺهرائي هئي، جنهن ۾ فقط انگريز ۽ يورپين گورا ئي گهڙي سگهيا ٿي. هيءُ علائقو... جنهن ۾ اڄ به ان هوٽل جي بلڊنگ موجود آهي ۽ اڄ ڪلهه اها ”اسپلانڊي مئنشن“ سڏجي ٿي، ان کي ان وقت کان وٺي ”ڪالا گهوڙا“ سڏيو وڃي ٿو. دراصل هن علائقي جي روپ واڪ اسٽريٽ ۽ ميڊوز اسٽريٽ (جنهن جو اڄ ڪلهه نئون نالو ناگن داس ماسٽر روڊ رکيو ويو آهي)، اتي موجود ڪامرس هائوس بلڊنگ اڳيان ڪاري پٿر مان ٺهيل گهوڙي جو مجسمو (Statue) رکيل هو، جنهن تي شهنشاهه ايڊورڊ ستون ويٺل ڏيکاريل هو. اڄ ڪلهه اهو مجسمو اتي موجود ناهي. منهنجي ميزبان پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته اهو مجسمو وچ ممبئيءَ جي بائڪلا واري علائقي جي جاماتا اديان ۾ رکيل آهي. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو به ٻڌائيندو هلان ته، انڊيا جي جيڪا پهرين فلم ۱۸۹۶ع ۾ ٺهي هئي، اها هن علائقي ڪالا گهوڙا ۾، مٿي لکيل رستن ۽ ڀر واري روڊ وي. بي. گانڌي روڊ تي ٺهي هئي.
بهرحال پاڻ انڊيا جي هڪ جهوني ۽ ان وقت جي ”ٺٺ ٺانگر“ واري هوٽل واٽسن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا ممبئيءَ جي هن ”ڪالا گهوڙا“ واري علائقي ۾ ٺهي هئي. هيءَ هوٽل سرن ۽ سيمينٽ بدران لوهه جي چادرن مان ٺهرائي وئي. هوٽل جي مالڪ واٽسن هن هوٽل جي سڄي عمارت لوهه مان انگلينڊ ۾ ٺهرائي، پوءِ ان جا ٽڪرا ٽڪرا پاڻيءَ جي جهاز ۾ کڻائي هتي ممبئيءَ ۾ فٽ ڪرائِي. جيڪي لنڊن کان واقف آهن، انهن لاءِ لکندو هلان ته هن هوٽل جو ڊزائينر اهو ئي سول انجنيئر مئسن آرڊش آهي، جنهن لنڊن جي سينٽ پانڪراس ريلوي اسٽيشن ڊزائين ڪئي ۽ هن هوٽل جي عمارت لنڊن جي ڪرسٽل پئلس سان تمام گهڻو ملي ٿي. ممبئيءَ جي هن پنج ماڙ واٽسن هوٽل ۾ مهمانن جي رهائش لاءِ ۱۳۰ ڪمرا هئا. گرائونڊ فلور تي لابي ۽ بار ٺهيل هو. هن روم جو فرنيچر، هنڌ بسترا ويندي پاڻيءَ جا نلڪا، ٽائيلون ۽ رنگ روغن انگلينڊ مان گهرايا ويا. بيحد اوج وارن ڏينهن ۾ ته هن هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ خدمتگار ڇوڪريون به انگريز رکيون ويون هيون ۽ هن هوٽل لاءِ ان وقت اهو چرچو عام هوندو هو ته، ”ڪاش واٽسن انگلينڊ کان اتي جي موسم به درآمد (امپورٽ) ڪري ها.“ يعني هن هوٽل جي عمارت توڙي ان ۾ نظر ايندڙ ماڻهو ۽ ماحول هر لحاظ کان برٽش لڳو ٿي ۽ پوءِ ممبئيءَ جي ڏاکڻي علائقي ڪولابا ۾ انڊيا جي هڪ پارسي سيٺ ۽ ڪارخانيدار جمشيد ٽاٽا ”تاج محل پئلس“ نالي هوٽل ٺهرائي ۽ آهستي آهستي واٽسن هوٽل جي مشهوري گهٽجي وئي ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي راجا، بادشاهه، وزير، سياستدان تاج محل پئلس ۾ رهڻ لڳا، جيڪي اڳ هوٽل واٽسن ۾ رهيا ٿي. هوٽل واٽسن جي پراڻن قابلِ ذڪر مهمانن ۾ آمريڪن مشهور ليکڪ، ليڪچرر ۽ طنزيه و مزاحيه اديب مارڪ ٽوين به هڪ هو، جيڪو ”ائڊوينچرز آف هڪل بيري فن“ ۽ ”دي ائڊوينچرز آف ٽام سويئر“ جهڙن ناولن ڪري نامور ٿيو. سندس ڄم جو سال ۱۸۳۵ع آهي ۽ وفات جو ۱۹۱۰ع. هيءَ واٽسن هوٽل ئي آهي، جنهن جي بالڪنيءَ ۾ هن ڪانگ ڏٺا ۽ ممبئيءَ جي هنن پکين جو ذڪر هن Following the Equator ڪتاب ۾ ڪيو آهي. يورپ ۽ آمريڪا پاسي ان زماني ۾ ڪانگ نه هئا. هاڻ آهستي آهستي ٿي، پاڻي وارن جهازن ذريعي انهن ڏيهن تائين پهتا آهن. هيءَ واٽسن هوٽل ئي انڊيا جي پهرين جاءِ آهي، جتي پهرين چڙندڙ ڦرندڙ فلمون ڏيکاريون ويون، جيڪي ان وقت ”گونگيون فلمون“ سڏبيون هيون ۽ پوءِ آواز واريون ”ٽاڪيز“ سڏجڻ لڳيون. بهرحال هي فلمون به فقط انگريزن ۽ گورن يورپين لاءِ هيون.
۱۹۰۳ع ۾ تاج محل پئلس هوٽل کلڻ ۽ واٽسن جي وفات بعد هيءَ هوٽل پنهنجو اوج وڃائي ويٺي. ۱۹۶۰ع ۾ واٽسن هوٽل کي بنهه بند ڪري وڪرو ڪيو ويو. هڪ انڊين واپاريءَ ان کي خريد ڪري ان کي ڀتين ذريعي مختلف حصن ۾ ورهائي ان جا دروازا ۽ ڏاڪڻيون الڳ ڪري گهرن طور مسواڙ تي ڏنا. ڪجهه حصي جا ننڍا Cubicles (ڪوٺيون) ٺاهي آفيس طور مسواڙ تي هلايون. هن بلي بلي عمارت جي حالت ڏسي ڪراچيءَ جي ميٽرو پال هوٽل ياد اچي وئي، جنهن جو اڄ کان چاليهه سال کن اڳ تائين ڇا شان شوڪت هو. ملڪ جا وڏا ماڻهو ۽ امير يورپي ٽوئرسٽ رهڻ لاءِ ايندا هئا. نئين سال جون دعوتون ڏسڻ وٽان هيون. اهڙي هڪ دعوت ۾ منهنجي ملاقات پهريون دفعو ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان ٿي هئي. پوءِ ڪيترائي سال ٻاهر رهڻ بعد اچي ڏسان ته ميٽروپول هوٽل جا رهائشي ڪمرا آفيسون ٿيون پيون آهن، جن مان ٻه ڪمرا منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽن شوڪت جماڻي ۽ ڳوٺ وليد جي اختر عباسيءَ مسواڙ تي وٺي انهن ۾ ”فقراءَ انٽر پرائيز“ نالي آفيسون کوليون هيون. هُو پاڪستان مان جڙيون ٻوٽيون، گلاب ۽ گينڊي جا گل هالينڊ ۽ بيلجم ايڪسپورٽ ڪندا هئا. بعد ۾ شوڪت جماڻي اهو بزنيس ڇڏي پنهنجي اباڻي ڌنڌي پيٽرول پمپن ڏي موٽيو. اڄ هُو پيٽرول پمپن جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو. بهرحال ان وقت، ستر جي ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ به ميٽروپول هوٽل جو ڪو حال هو. هاڻ ته جهڙي کنڊر ٿي وئي آهي ۽ ممبئيءَ جي ڪالا گهوڙا واري علائقي جي هيءَ واٽسن هوٽل واري عمارت ڏسندؤ ته ان جي ڪراچي جي ميٽروپول هوٽل کان به خراب حالت آهي. هن بلڊنگ وٽ ٻه پوڙها پارسي ڪچهري ڪندي نظر آيا جن ٻڌايو ته، ”واٽسن هوٽل جي بلڊنگ ۾ ۵۳ فئمليون رهن ٿيون ۽ منجهس ۹۷ آفيسون آهن، جن ۾ گهڻيون تڻيون وڪيلن جون آهن، جو ڀر ۾ ممبئيءَ جون سول ۽ سيشن ڪورٽون آهن. بامبي هاءِ ڪورٽ به هتان ويجهي آهي.“ بهرحال واٽسن هوٽل جي هيءَ عمارت (جيڪا اڄ ڪلهه Esplande Mansion سڏجي ٿي) نه فقط ممبئيءَ جي پر انڊيا جي جهوني ۾ جهوني لوهه جي (Cast Iron جي) بلڊنگ آهي.
No comments:
Post a Comment