Tuesday, February 08, 2011

ممبئيءَ جو گيٽ وي ٽُ انڊيا

ممبئيءَ جو گيٽ وي ٽُ انڊيا

گذريل مضمون ۾ اسان ”گيٽ وي ٽُ انڊيا“ جي ڳالهه ڪئي آهي ته پاڻيءَ جي جهاز ۾ ممبئيءَ اچڻ وقت هي دروازو جنهن کي Gateway to India سڏين ٿا، نظر اچي ٿو. اهو ممبئيءَ جي بندرگاهه وٽ بلڪل سمنڊ جي ڪناري تي آهي ۽ عمارت سازيءَ جي لحاظ کان توڙي تواريخي خيال کان هيءُ دروازو ۽ هن جي ڀرسان ٺهيل، هن دروازي کان به آڳاٽي تاج محل هوٽل، بيحد اعليٰ آهي. ممبئي ايندڙ هر ٽوئرسٽ، ممبئيءَ جي هن علائقي ڪولابا (Colaba) ۾، هنن کي ڏسڻ لاءِ اچي ٿو. ان ڪري اڳتي وڌڻ کان اڳ، هنن تاريخي جاين جو ڪجهه احوال هتي لکيو وڃي، جيڪي ممبئي شهر جون ڄڻ icon آهن. جيئن لاهور ۾ مينارِ پاڪستان يا ڪراچيءَ ۾ جناح جي مزار آهي. ممبئي جو شهر ڪيترين ئي هوٽلن سان ڀريو پيو آهي، پر سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل تاج محل هوٽل جون ٻه عمارتون واقعي ڏسڻ وٽان آهن. رهائش جي خيال کان ته تمام مهانگيون آهن، پر ڏسڻ جا ته پئسا نه آهن. پوني مان جڏهن ممبئيءَ موٽيس ته هڪ ڏينهن مون به ارادو ڪيو ته گيٽ وي ٽُ انڊيا ۽ تاج محل هوٽل ڏسي وٺجي. جيتوڻيڪ وڃڻ کان اڳ اهو ئي سوچيم ته اجايو اڌ ڏينهن ضايع ڪرڻ آهي، پر پوءِ اتي پهچي اندازو لڳايم ته ممبئيءَ ۾ ايندڙ هر مسافر کي هتي ضرور اچڻ کپي، جتي هر وقت هڪ ڪارنيوال (ميلي) جو نمونو لڳي ٿو. ان قسم جو چهچٽو موڪل واري ڏينهن تي ڪلفٽن يا هاڪس بَي جهڙن سامونڊي علائقن تي به متل هوندو آهي، پر اتي اسان وٽ عورتن جو تعداد تمام گهٽ هوندو آهي، جن جا رنگين ويس وڳا ههڙن ميلن کي رنگين بنائين ٿا ۽ اسان وٽ فارينر ته ڪو ورلي هوندو. پر هتي گيٽ وي ٽُ انڊيا ۽ تاج محل هوٽل جي اڳيان سڄو ميدان انيڪ ملڪن جي ٽوئرسٽن ۽ مختلف هاڪرن ۽ کيل تماشا ڏيکارڻ وارن سان ڀريو پيو هو، جن ۾ ڦوڪڻن کان پشم وڪڻڻ وارن تائين ۽ ڀولڙين جا ڪرتب ڏيکارڻ وارا نظر اچي رهيا هئا. ڪيترائي فوٽوگرافر به گُهمي رهيا هئا، جن اتي جو اتي فوٽو ڪڍي ٿي ڏنا. هتان ئي ممبئيءَ جي آسپاس وارن ٻيٽن، خاص ڪري ايليفنٽا ٻيٽ ڏي لانچون ويون ٿي. ملائيشيا ڇڏئي مون کي به سال ٿي ويا هئا، سو جيڪا ملئي فئملي نظر آئي ٿي، ان کان ان جي ڳوٺ جو احوال ورتم ٿي ۽ پنهنجي ملئي زبان تِکِي ڪيم ٿي. ڪوالالمپور جي سائنس يونيورسٽي کان آيل شاگردياڻين جي هڪ گروپ کي چيم ته، ”دنيا توهان جو ملڪ ڏسڻ لاءِ وڃي ٿي ۽ توهان پينانگ، ملاڪا ۽ اپوح جهڙا شهر گهمڻ بدران هيڏانهن ممبئيءَ کان اچي نڪتيون آهيو؟“

”هتي جي ڳالهه ئي ٻِي آهي، هتي جون پراڻيون عمارتون، هتي جو ڪلچر ۽ رسم و رواج ڏسڻ وٽان آهي.“ هنن چيو. سندن ڳالهه ٻڌي مون کي ڏک ضرور ٿيو ته اهي ئي ڳالهيون اسان جي ملڪ ۾ به ته آهن. واقعي ملاڪا جي قلعي ۽ ڪيداح جي قبرستان کان ته اسان جي حيدرآباد جو پڪو قلعو ۽ ٺٽي جو قبرستان جهونو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه اسان وٽ موهن جو دڙو آهي، پر اسان وٽ هي فارينر ڇو نٿا اچن. اڄڪلهه سڀ کان وڏي ڪمائي ٽوئرزم مان آهي. ٽوئرسٽ اچن ٿا، خرچ ڪن ٿا ۽ مقامي ماڻهوءَ جي ڪمائي ٿئي ٿي، پر اسان جي ملڪ ڏي ايندي شايد ان ڪري گهٻرائين ٿا جو امن امان ناهي ۽ اها ئي حقيقت آهي. اسان وٽ به ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪيترائي يادگار (Monuments) انگريزن، پارسين ۽ هندن ٺهرايا، پر انهن مان ڪيترا، خاص ڪري مورتيون (Statues) ته اسان مذهبي جوش ۾ ڊاهي ڇڏيون، پر عمارتون به خراب ڪري ڇڏيون. جيتوڻيڪ ايران جهڙي ڪٽر مذهبي ملڪ ۾ به تواريخي شين جي ٺاهه جوڙ ڪري ساڳي حالت ۾ قائم رکيون ويون آهن، چاهي اهي کڻي آتش پرست بادشاهن جون مورتيون هجن يا پهلوي شهنشاهه جا محلَ. اتي به ساڳي ڳالهه امن امان جي ٿي اچي. ايران ۾ Law & Order جي حالت بهتر آهي ته روزانو هزارين ٽوئرسٽ، نه رڳو شيعا سني پر عيسائي ۽ يورپي به اچن ٿا. هر هڪ جي جان مال محفوظ آهي، چاهي ڪو مقامي ڳوٺاڻو غريب هجي يا يورپي گوريون عورتون.

ممبئيءَ جي سامونڊي ڪناري تي ٺهيل هي دروازو انگريزن اڄ کان هڪ صدي کن اڳ ٺهرايو، جن جي ننڍي کنڊ تي حڪومت، بلڪ راڄ هو. هي ڪمان وارو دروازو ۲۶ ميٽر (۸۰ فٽ کن) اتاهون آهي. سندس وچ جي گنبذ جو قطر ۱۵ ميٽر آهي. دروازي جي مٿان لکيل آهي:

“Erected to commemorate the landing in India of their Imperial Majesties King George V and Queen Mary on the second of December MCMXI”.

هي دروازو شهنشاهه جارج پنجين ۽ سندس راڻي صاحبه ميري جي ۱۹۱۱ع ۾ ممبئي اچڻ جي ياد ۾ ٺهرايو ويو هو. جارج پنجون انهن ڏينهن ۾ انگلينڊ توڙي انگريزن جي هٿ هيٺ انڊيا، ملايا، هانگ ڪانگ، آسٽريليا ۽ ڪئناڊا وغيره جو بادشاهه هو، جنهن جي موت جو چانديءَ جو رپيو انڊيا ۾ هليو ٿي. مغلن جي آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر بعد انڊيا جي حاڪم، انگلينڊ جي راڻي وڪٽوريا ٿي، جيڪا ’مهاراڻي‘ سڏي وئي ٿي. ان بعد سندس پٽ ڪنگ ايڊورڊ ستون انگلينڊ جو بادشاهه ٿيو يعني انڊيا جو به. سندس (ايڊورڊ ستين) ۱۹۱۰ع ۾ وفات بعد سندس پٽ جارج پنجون بادشاهه ٿيو. جارج پنجين ۱۹۱۰ع کان پنهنجي وفات ۱۹۳۶ع تائين حڪومت ڪئي ۽ شهنشاهِه هند ٿي رهيو. سندس راڻي مئري اها Queen آهي، جنهن جي نالي دنيا جو مشهور بحري جهاز ”ڪوئن مئري“ آهي. جارج ۱۸۶۵ع ۾ ۽ مئري ۱۸۶۷ع ۾ لنڊن ۾ ڄاوا. سندن شادي ۱۸۹۳ع ۾ ٿي ۽ کين ڇهه ٻار ٿيا. پنج پٽ ۽ هڪ ڌيءَ. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته انگلينڊ جي اڄڪلهه جي راڻي ايلزبيٿ هن راڻي مئريءَ جي پوٽي ۽ جارج ڇهين جي ڌيءَ آهي. جارج پنجين جي ۱۹۳۶ع ۾ وفات بعد ڪجهه عرصي لاءِ سندس وڏو پٽ ايڊورڊ اٺون تخت تي ويٺو . ان بعد سندن ٻيو پٽ شهزادو البرٽ ”جارج ڇهين“ جي نالي سان تخت تي ويٺو. راڻي مئري اڃا جيئري هئي ته سندس پٽ ”شهنشاهه جارج ڇهين“ ۱۹۵۲ع ۾ وفات ڪئي. ان بعد ڪوئن مئريءَ پنهنجي پوٽي (جارج ڇهين جي ڌيءَ) ايلزبيٿ کي تخت تي ويهاريو. ان بعد ٻئي سال ۱۹۵۳ع ۾ ۸۵ سالن جي ڄمار ۾ ڪوئن مئريءَ وفات ڪئي.

بهرحال هيءَ راڻي مئري (Queen Mary) ۽ سندس مڙس شهنشاهه جارج پنجون هئا، جيڪي تخت تي وهڻ بعد ڊسمبر ۱۹۱۱ع ۾ انڊيا اچي رهيا هئا، جو هنن جي ياد ۾ ممبئيءَ جي ان وقت جي گورنر ”سر جارج سڊنهام ڪلارڪ“ هن يادگار در جو سنگِ بنياد رکيو. هن در تي ڏهه سال کن ڪم هلندو رهيو ۽ ۱۹۲۴ع ۾ مڪمل ٿيڻ تي ان وقت جي وائسراءِ هند، ارل آف ريڊنگ هن در کولڻ جو افتتاح ڪيو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ آزاديءَ بعد انگريز ۽ سندن فوجون انڊيا مان لڏڻ لڳيون. سندن فوج جا آخري سپاهي، ”سمر سيٽ لائيٽ انفنٽري“ جي بٽالن ۲۸ فيبروري ۱۹۴۸ع تي هن در هيٺان لنگهي پاڻيءَ واري جهاز ۾ چڙهي انگلينڊ رواني ٿي وئي.

پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته مٿي بيان ڪيل وائسراءِ Issaacs اهو ماڻهو آهي، جنهن ۱۹۲۱ع ۾ وائسراءِ ٿيڻ بعد ٻئي سال مهاتما گانڌيءَ کي جيل ۾ وڌو هو.

No comments:

Post a Comment