Tuesday, February 08, 2011

سمنڊ پاسي کان ممبئيءَ جو ڏيک

سمنڊ پاسي کان ممبئيءَ جو ڏيک

تعليم ختم ڪري سامونڊي زندگي اختيار ڪرڻ تي منهنجو جهاز جنهن پهرئين بندرگاهه ۾ داخل ٿيو اهو ممبئي هو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ انگريزن طرفان رکيل نالي بمبئي (Bombay) سان سڏيو ويو ٿي. سنگاپور، دبئي، بئنڪاڪ جهڙا بندرگاهه هاڻ ماڻهن جا دلپسند ٿيا آهن، نه ته جن ڏينهن ۾ اسان مئرين انجينئرنگ (جهازن جي انجنيئري) جي تعليم پئي حاصل ڪئي، يا سامونڊي نوڪريءَ ۾ گهڙياسين، انهن ڏينهن ۾ بمبئي، سلون جو بندرگاهه ڪولمبو، يمن جو بندرگاهه عدن ۽ مٿي ڏور اوڀر ڏي هانگ ڪانگ ”بلي بلي“ بندرگاهه هئا، جن ۾ پهچڻ سان جهاز هلائيندڙ ۽ جهاز جا مسافر سمنڊ جا سُور وساري وهندا هئا.

جولاءِ يا شايد آگسٽ جو مهينو هو، جنهن ۾ اسان وارو عربي سمنڊ اصل تاءَ ۾ هوندو آهي. ڪراچيءَ کان ڪولمبو تائين چؤماسي (Monsoon) جون بگڙيل هوائون ۽ سامونڊي ڇوليون چڱن ڀلن جو تيل ڪڍي ڇڏينديون آهن. اسان به ڪراچيءَ کان سمنڊ جا سٽڪا کائيندا، ڏيڍ ڏينهن بعد بمبئيءَ کان اچي نڪتاسين. کُليل سمنڊ جا خطرا ڇڏي، جيئن جيئن ڪناري ڏي وڌياسين تيئن تيئن سامونڊي زندگيءَ بابت مزاحمتي سوچون، پنهنجو موت مري ويون. بمبئيءَ جون عمارتون پهرين ڌنڌليون ۽ پوءِ وڌيڪ ويجهو اچڻ تي چِٽيون نظر آيون. بمبئي بندرگاهه جو approach مون کي ڏاڍو ڀلو لڳو. مون اڃا دنيا ئي ڇا ڏٺي هئي؟ چٽگانگ ۽ ڪراچي بندرگاهه کان علاوه مون ڏٺو ئي ڇا هو. چٽگانگ بندرگاهه ته سمنڊ جي ڪناري تي آهي ئي ڪونه، جو سمنڊ ختم ٿيڻ سان چٽگانگ جون عمارتون نظر اچن. پهرين ڳالهه ته تعليم ختم ڪرڻ تائين چٽگانگ شهر ۾ اوچيون عمارتون هيون ئي ڪٿي. ايوب خان وڏي مهرباني ڪري چٽگانگ وارن کي خوش ڪرڻ لاءِ بپن بتني (نيئن مارڪيٽ) جي عمارت ٺهرائي ڏني هئي. بهرحال چٽگانگ ائين آهي جيئن ڪوٽڙي، جنهن تائين پهچڻ لاءِ ٻيڙيءَ کي سنڌونديءَ ۾ اندر گهڙڻو ٿو پوي. تيئن چٽگانگ پهچڻ لاءِ ڪرنا ڦلي نديءَ ۾ جهاز کي هلڻو پوي ٿو ۽ ڪراچيءَ جو approach ته بيحد سادو ۽ بي ذائقه آهي. سامونڊي داخلا (approach) ان بندگاهه جو سهڻو لڳي ٿو، جيڪو پهاڙي علائقي ۾ آهي، جيئن لبنان جي بندرگاهه طرابلس يا هانگ ڪانگ جو آهي. اهڙن بندرگاهن ۾ گهڙڻ سان چوڌاري جبلن تي اڏيل شهر- يعني عمارتون ۽ رستن تي ٻرندڙ بتيون پري کان خوبصورت منظر پيش ڪن ٿيون ۽ هڪ ٿڪل جهازيءَ، توڙي مسافر جي دل خوش ٿيو وڃي. ڪراچيءَ جو شهر ڪنهن پهاڙيءَ تي ته ڇا سطح سمنڊ کان به هيٺ آهي، ان ڪري ڪراچيءَ جون بتيون ۽ عمارتون پري کان ته ڇا بنهه ويجهو پهچڻ تي به نظر نٿيون اچن. الله پناهه ۾ رکي، هي جو رکي رکي ڪڏهن ڪڏهن وڏيون وڏيون ويرون ٿيون چڙهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن عربي سمنڊ ۾ به چاڙهه کائين ٿيون... پر چڱو جو ڪراچيءَ جو رُخ ڪري پوءِ ٻئي پاسي ٽريو وڃن. اهڙي ڪا وِير ڪراچيءَ ۾ گهڙي پوي ته ان جو پاڻي به واپس سمنڊ ڏي نه وڃي سگهي. ڪلفٽن کان صدر ۽ نرسريءَ تائين سڄو علائقو پاڻيءَ هيٺ اچي وڃي. بهرحال اسان بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ جي ”نظاري“ (approach) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ۾ اسين ڪراچيءَ جا رهواسي يتيم هجڻ ڪري، اسان کي هر ڌارئين بندرگاهه ۾ گهڙڻ وارو نظارو موهيو وٺي. بمبئيءَ جو ته وري به گهڻن کان بهتر آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته بمبئي (Mumbai) هڪ قدرتي بندگاهه آهي. اسان وٽ ته وري به ڪراچيءَ ۾ منهوڙي وٽ وڏي ڀت (جيڪا بريڪ واٽر سڏجي ٿي) بندرگاهه کي عربي سمنڊ جي ڊئريڪٽ ايندڙ ڇولين کان بچائي ٿي، پر ممبئيءَ جو هي بندرگاهه، چوڌاري ڪيترائي ٻيٽ هجڻ ڪري، اهڙين آفتن کان بچيل آهي ۽ ٻي ڳالهه ته بندرگاهه وٽ سمنڊ تمام اونهو آهي، ان ڪري گهڻي کوٽ کوٽان جي ضرورت نٿي پوي، نه ته ٻين بندرگاهن ۾ ٻارهو ئي ”ڊريزر جهاز“ هلندا رهن ٿا، جيڪي تري مان مٽي ۽ گپ ڪڍن ٿا، جيئن بندرگاهه هر وقت اونهو رهي ۽ سامان سان ڀريل جهاز جو ترو سمنڊ جي تري سان لڳي ڦاسي نه پوي.

جن شهرن کي هوائي ۽ سامونڊي اڏا آهن، انهن جا ٽي مختلف Approach ٿين ٿا. مثال طور ڪراچيءَ جي باءِ روڊ واري Approach کان اسان سڀ واقف آهيون ته ٽال پلازا گذرڻ کان پوءِ سبزي منڊيءَ وارو علائقو نظر اچي ٿو، پوءِ آهستي آهستي عمارتون شروع ٿين ٿيون ۽ پوءِ سهراب ڳوٺ جي گپا گيهه کان پوءِ شهر شروع ٿيو وڃي. هوائي جهاز رستي ڪراچيءَ جي Approach سهڻي لڳي ٿي. تمام گهڻو پکڙيل شهر آهي، جنهن ۾ رات جو بتين جو چمڪاٽ، آسمان سان ڀريل تارن جو ڏيک ڏئي ٿو ۽ مغرب پاسي کان ايندڙ جهاز ڪراچيءَ جي هڪ پاسي سمنڊ ۽ ان ۾ بيٺل ۽ هلندڙ جهاز به ڏسي سگهن ٿا. بهرحال هوائي Approach مان صحيح معنيٰ ۾ پائلٽ ۽ ان سان گڏ ويٺل ڪو پائلٽ يا فلائيٽ انجنيئر ئي لطف وٺي سگهي ٿو. دريءَ پاسي ويٺل مسافر فقط هڪ پاسي جي مختلف جهلڪ ڏسي سگهن ٿا. هنن کي ان دريءَ مان صحيح طرح View نظر نٿو اچي، جيڪو ”ڪاڪ پٽ“ ۾ ويٺلن کي ويڪري Angle واري دريءَ مان نظر اچي ٿو. باقي سامونڊي جهاز جا مسافر هر بندرگاهه جي اچڻ جو صحيح طرح نظارو ڏسي لطف ماڻي سگهن ٿا. بلڪ ولايت ۾ ته ان نظاري ۽ سمنڊ جي اٿاهپڻي ۽ سانت جو مزو وٺڻ لاءِ ماڻهو هوائي جهاز جي ٽڪيٽ کان گهڻي مهانگي ٽڪيٽ وٺي پاڻيءَ جي جهاز ۾ سفر ڪن ٿا. بهرحال پاڻيءَ جو جهاز ڪراچيءَ جي ويجهو اچيو پهچي ته به ڪو سونهن ڀريو نظارو نٿو اچي ۽ پوءِ پهرين منهوڙي جو ٻيٽ نظر اچي ٿو، جنهن وٽان مڙي جهاز ڪياماڙيءَ کان اچيو نڪري، جتان کان ٽاور تائين ٺهيل چئنل (وهڪري) ۾ جهاز اچيو بيهي. نيٽي جيٽي ۽ PNSC بلڊنگ وارو پاسو ”ايسٽ وهارف“ ٿو سڏجي ۽ چئنل جو ٻيو ڪنارو ”ويسٽ وهارف“ ٿو سڏجي. ويسٽ وهارف جي ڪنهن جيٽي تي جهاز ٻڌبو آهي ته پوءِ اسان کارا در پاسي کان ڦري شهر ڏي ايندا آهيون.

ممبئي يا ان جو بندرگاهه ڪٿي آهي؟ ڪراچيءَ کان ڪولمبو وڃڻ لاءِ انڊيا جو مغربي ڪنارو ڏئي وڃجي ٿو. هن ڪناري تي ڪيترائي ننڍا وڏا بندرگاهه آهن، ڪجهه جي اڄ ڪلهه اهميت نه رهي آهي، پر گذريل صدين ۾، جڏهن جهازن جي سائيز ننڍي هوندي هئي ته اڄ جا اهي ننڍا بندرگاهه به اهم هئا. بلڪ انڊيا جو هي مغربي ڪنارو جيڪو ويسٽرن گهاٽ به سڏجي ٿو، جهازي دنيا ۾ هڪ خوبصورت ۽ رومانٽڪ ڪنارو هو، جنهن تي ماندوي، ڪنڊلا، پوربندر، ڀاءُ نگر، کنڀاٽ، سورت، گوا، منگلور، ڪاليڪٽ، ڪوچين- تري وندرم جهڙا آڳاٽا بندرگاهه ۽ شهر آهن. ممبئي ته پوءِ وجود ۾ آيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزن ان کي ايڏو ٺاهيو ۽ ترقي ڏني، جو ٻيا بندرگاهه هن جي اڳيان اهميت وڃائيندا رهيا. بهرحال ممبئيءَ جو بندرگاهه کڻي ايڏو پراڻو ناهي، ته به اڄ ان کي ۱۲۵ سال ٿي ويا آهن.

الهاس نالي هڪ ندي ويسٽرن گهاٽ واري جابلو علائقي مان نڪري عربي سمنڊ ۾ جتي ڇوڙ ٿي ڪري، اتي ممبئي ۽ ان جو بندرگاهه آهي. انڊيا جي مشهور شهر ’الهاس نگر‘ جو نالو به هن نديءَ تان پيو، جيڪو ممبئي شروع ٿيڻ کان ۵۰ ميل کن پهرين ٿو اچي. پاڪستان مان لڏي ويل گهڻي کان گهڻا سنڌي الهاس نگر ۽ ممبئي جي ڀر واري شهر ڪلياڻ ڪئمپ ۾ رهن ٿا. الهاس نگر اهو شهر آهي، جتي سنڌين جون ڪيتريون فئڪٽريون، ادبي ادارا، سنگتون ۽ Associations آهن ۽ هتي جي ڪارخانن ۾ ٺهيل شين لاءِ مشهور آهي ته انهن تي ”ميڊ باءِ USA“ لکيل هوندو آهي، يعني ميڊ باءِ ”الهاس نگر سنڌي ائسوسيئيشن.“

ممبئي شهر جي آدمشماري ايڏي وڌي وئي آهي جو الهاس ندي، جتي ڊيلٽا ٺاهي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، اتي پاڻيءَ جي ان حصي (Thane Creek) مٿان پل ٺاهي ممبئيءَ کي مين لئنڊ سان ملايو ويو آهي، جتي ”نيو ممبئي“ نالي شهر اڏيو ويو آهي. جتان روزانو ريل رستي ماڻهو ممبئيءَ جي مختلف علائقن ۾ پهچن ٿا. بيلاپور شهر به اتي ئي آهي. بهرحال جڏهن اسان پاڻيءَ واري جهاز کي ممبئيءَ آڻيون ٿا ته هن ٿاني ڪريڪ وٽ اچيو پهچون. ان جي اوسي پاسي يعني ممبئيءَ جي بندرگاهه کان ڏهاڪو کن ميل پهرين، سمنڊ ۾ ٻه ٽي ٻيٽ به نظر اچن ٿا، جيئن ته بچر ٻيٽ (جيڪو اڄڪلهه جواهر دويپ سڏجي ٿو)، ڪراس ٻيٽ، ايليفنٽا ٻيٽ وغيره. انهن سڀني ۾ Elephanta ٻيٽ، جيڪو اڄ ڪلهه ”غاز پوري ٻيٽ“ سڏجي ٿو، مشهور آهي ۽ ممبئيءَ ايندڙ ٽوئرسٽ هن ٻيٽ جي سئر سان گڏ ٻيڙيءَ جي سفر جو به لطف وٺن ٿا. هن ٻيٽ تي اچڻ لاءِ گيٽ وي آف انڊيا وٽان ٻيڙيون هلن ٿيون. هي ٻيٽ اتان ۱۰ ڪلوميٽر پري سمنڊ ۾ آهي ۽ غارن ۽ غار وارن مندرن جي ڪري مشهور آهي، جيئن ڪوالالمپور (ملائيشيا) ۾ باتو غارن ۾ اندر هڪ جهونو هندو مندر آهي. هن ٻيٽ جو اصلوڪو نالو به ”غاريپوري“ (غارن وارو هو) پوءِ سترهين صديءَ جي پورچوگالي جهازين هن جو نالو Elephanta رکيو. هن ٻيٽ جي جملي پکيڙ ۶ چورس ميل آهي. ٽوئرسٽن جي گهمڻ لاءِ هڪ نئرو گيج ريل گاڏي به آهي.

اسان جي جهازن جو آسٽريليا توڙي ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي وڃڻ وقت هتان ممبئيءَ وٽان لنگهه ٿئي ٿو. سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ کان سواءِ هتي جهازن جي مرمت جو به سٺو بندوبست آهي. ڪڏهن ڪڏهن جهاز جي ٻاهرين مرمت لاءِ جهاز کي خشڪ گودي (Dry Dock) ۾ جهاز کي بيهارڻ ضروري ٿي پوندو آهي. ممبئي ڊراءِ ڊاڪنگ کان مشهور بندرگاهه آهي ۽ ايشيا ۾ پهريون ڊراءِ ڊاڪ ممبئيءَ ۾ ٺهيو. جپان، ڪوريا ۽ روس جهڙن ملڪن ۾ به پوءِ ٺهيا. ۱۷۳۶ع ۾ لوو جي نسرونجي واديا، سورت شهر جي پارسيءَ، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان ڊراءِ ڊاڪ ۽ جهاز ٺاهڻ جو مقاطو (Contract) حاصل ڪيو ۽ ۱۷۵۰ع ۾ ڊراءِ ڊاڪ ٺاهي مڪمل ڪيو. جهاز سازيءَ سان تعلق رکندڙ هن واديا پارسي فئمليءَ هڪ سئو سالن اندر (۱۸۴۰ع تائين)، هن ڊراءِ ڊاڪ ۾ انگريزن لاءِ هڪ سئو کان مٿي جنگي ۽ مال بردار جهاز ٺاهيا. هيءَ واديا فئملي اها مشهور فئملي آهي، جنهن جي اولاد مان نيويلا (Neville) واديا جناح صاحب جي ڌيءَ دينا سان شادي ڪئي. لووجي نسرونجي واديا ۱۷۰۲ع ۾ سورت ۾ ڄائو ۽ ممبئي ۾ ۱۷۷۴ع ۾ وفات ڪيائين. جهاز ٺاهڻ جي اعليٰ معيار ڪري ۽ ايشيا ۾ پهريون ڊراءِ ڊاڪ ٺاهڻ ڪري، پاڻ (Lovji Wadia) ۽ سندس ڀاءُ سوراڀجي واديا، اڄ تائين مشهور آهن. بهرحال پاڻيءَ جو جهاز جڏهن ممبئيءَ جي بندرگاهه ڏي وڌي ٿو ته پري کان ئي تاج محل هوٽل، تاج محل پئلس ۽ گيٽ وي نظر اچن ٿا.

No comments:

Post a Comment