ڌار هوندي به هڪ-جهڙايون آهن
اسان کي ايئرپورٽ ڇڏئي هاڻ ٻه ڪلاڪ اچي ٿيا هئا. پوليس اسٽيشن تي وڃڻ لاءِ اسان جي ڪار اڃا ڏکڻ طرف وڃي رهي هئي، جيڏانهن ممبئيءَ جي ڪياماڙي آهي. يعني وڃيو سمنڊ وٽ ختم ٿئي. آخر ڊرائيور کان پڇيم ته، ”پوليس اسٽيشن ڪٿي آهي؟“
”بس هاڻ V.T اسٽيشن اچڻ واري آهي، ان جي ڀر سان ئي آهي.“ هن وراڻيو. وي. ٽي. (وڪٽوريا ٽرمينل) شهر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن آهي، جيئن کڻي سمجهو ته ڪراچيءَ جي صدر اسٽيشن. ننڍي کنڊ ۾ ريلوي جو نظام انگريزن ٺاهيو. نه فقط گڏيل هندستان ۾، پر ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾... جتي جتي به انگريزن جي حڪومت هئي، جيئن ملايا (ملائيشيا)، سنگاپور، هانگ ڪانگ وغيره، اتي هُنن ڪورٽن جون عمارتون ۽ ريلوي اسٽيشنون تمام سٺيون ٺهرايون. اسان وٽ به لاهور واري ريلوي اسٽيشن جي بلڊنگ چڱي سٺي آهي، پر ممبئيءَ جي هن ريلوي اسٽيشن جي ڇا ڳالهه ڪجي! اها اڄ ڪلهه V.T بدران C.S.T (ڇترا پتي شيوا جي ٽرمينل) سڏجي ٿي.
مون نيٺ ممبئيءَ جو نقشو کولي ڏٺو ته اسان ايئرپورٽ وٽ ته نه ڦري رهيا هئاسين، پر ممبئيءَ جي ٻي پوڇڙ وٽان اچي نڪتا هئاسين، ”ياديو! ڪمال ٿو ڪرين! توکي ايئر پورٽ وٽ ڪا ٻي پوليس اسٽيشن هٿ ڪانه آئي؟“
”نه سائين ٽوئرسٽ جي پوليس رپورٽنگ لاءِ سڄي ممبئيءَ ۾ هيءَ هڪ پوليس آفيس مقرر ٿيل آهي.“ هن ٻڌايو. جيڪي ممبئيءَ شهر کان واقف نه آهن، اهي ائين سمجهن ته هيءَ پوليس آفيس ايئرپورٽ کان پري ڪراچيءَ جي ٻي پوڇڙ تي چاڪيواڙي جهڙي ڳتيل علائقي ۾ آهي، جتي مس مس پهڻ بعد، اسان کي جاءِ نه پئي ملي، جو کڻي ڪار پارڪ ڪريون. بهرحال چوٿو ميل کن پري هڪ هنڌ ڪار پارڪ ڪري ماڻهن ۽ موٽر لارين جي پيهه پيهان مان رستا ٽپندي، ان پوليس آفيس ۾ پهتاسين. عمارت جي پهرينءَ ماڙ تي واسطيدار مرهٽو پوليس انسپيڪٽر، ورانڊي ۾ ٽيبل ڪرسي رکيو ويٺو هو. سندس اڳيان ٻه فائيل ۽ ٻه ٺپا رکيا هئا. ياديو منهنجو پاسپورٽ، ايئرپورٽ تان مليل فارم ۽ گهربل ٻه تصويورن سندس اڳيان وڌايون. ”ابهي ٺهرو، بُلاتي هين.“ هن فائيل مان ڪنڌ کڻڻ بنا اسان کي چيو. ڪنڊ ۾ رکيل ٽن ڪرسين مان ٻن تي اڳي ئي هڪ پاڪستاني پيرسن جوڙو ويٺل هو. ٽينءَ تي ياديو مون کي ويهاري پاڻ ڪنڊ ۾ ٿي بيٺو. بس ويٺا انتظار ڪريون ته صاحب بهادر ڪيڏي مهل ٿو فائيل مان اکيون ڪڍي ۽ اسان کي ٺپو هڻي ڏئي. منهنجو هڪ رشوت خور آفيسر ٻڌائيندو آهي ته هُو جڏهن ڪنهن وڏيري کي الزام هيٺ پنهنجي آفيس ۾ گهرائيندو آهي ته هن کي يڪدم اندر نه سڏائيندو آهي. ”ڀلي حيدرآباد يا سکر جي نٽهڻ اُس ۾ ٻاهر سڙندو رهي، پوءِ اڌ ڪلاڪ بعد اندر آفيس ۾ گهرائي ڪوڪا ڪولا پياريندو آهيانس ته ڪڪڙ ٿي پوندو آهي ۽ رشوت ڏيڻ سان گڏ ٿورا به مڃيندو آهي ته صاحب عزت ڏني.“ سو اڄ اسان جو به اهو حال هو. مس مس صاحب فائيلن مان واندو ٿيو ۽ اسان کان اڳ آيلن کان پڇيائين ته ”پاسپورٽ جي فوٽو ڪاپي ۽ ٻه ٻه فوٽو آندا اٿانوَ؟“
”فوٽو آهن پر پاسپورٽ جي فوٽو ڪاپي ڪانهي!“ هنن چيو.
”وڃي فوٽو ڪاپي ڪرائي اچو.“ پوليس آفيسر حڪم صادر ڪيو ۽ هُو غريب اٿيا. مون دل ۾ سوچيو غريب ۽ ٿڪل مسافرن جو سر ويو، جو ڪار پارڪ ڪري اسين پنڌ اچي رهيا هئاسين ته رستي تي اهڙو ڪوبه دڪان نظر نه آيو، جتي فوٽو ڪاپي جي سهوليت هجي. آٽو رڪشا ڪري ريلوي اسٽيشن پاسي ئي وڃڻو پوندن. اسان وٽ اهي ٻئي شيون هيون. پنهنجو وطن ڇڏڻ وقت آئون هميشه ڊزن کن پاسپورٽ سائيز فوٽو ۽ پاسپورٽ جي پهرين ٻن صفحن ۽ ويزا واري صفحي جون ٽي کن فوٽو ڪاپيون کڻي هلندو آهيان. اهي سندس اڳيان ٽيبل تي رکيم، پر ڏسان ته هُو ڪجهه به نه پيو ڪري. مون سمجهيو هُو يڪدم ٺپا هڻي اسان کي فارغ ڪندو. آخرڪار ڊرائيور کان پڇيائين ته، ”هن سان گڏ تون آيو آهين؟“
”هائو.“ ڊرائيور هائوڪار ڪئي.
”ٿوري دير ويهو. وڏو صاحب اندر ماني پيو کائي.“ هن چيو ۽ پوءِ ڏهن منٽن بعد ڊرائيور کي پاڻ سان وٺي اندرئين هال ۾ هلڻ لاءِ چيو. شايد صاحب کي چوڻ لاءِ. پر مون ڏٺو ته هُو ٻن منٽن ۾ موٽي آيا ۽ پوليس واري رجسٽر تي منهنجو نالو، پاسپورٽ نمبر ۽ ٻيا Particulars لکي مون کان صحيح ورتائين ۽ منهنجي ايئرپورٽ تي مليل فارم (Residential Permit) تي ممبئي اچڻ ۽ وڃڻ جو ٺپو هڻي ڏنائين، جيئن آءٌ پوني روانو ٿي سگهان. مون هن ضروري ڪاغذ کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري پاسپورٽ سان گڏ پينٽ ۾ گوڏي وٽ ٺهيل زپ واري کيسي ۾ سوگهو ڪيو. ڊرائيور ٻڌايو ته، ”پوليس آفيسر گهڻي خرچي گهري رهيو هو، پر پوءِ پنج سئو رپين ۾ راضي ٿي ويو.“
”صاحب (جئه موتياڻي) هجي ها ته نه وٺي ها.“ مون چيو.
ياديو ڊرائيور ٽهڪ ڏيندي چيو، ”پوءِ ته هزار ڏيڍ هزار کان ته گهٽ ڪڏهن به قبول نه ڪري ها. انهيءَ ڪري ته صاحب ان ڪم لاءِ مون کي موڪليندو آهي.“
پوني مان واپس ممبئيءَ آيس ته وري ياديو سان گڏ هن آفيس ۾ پوليس رپورٽنگ لاءِ پهتس ۽ پوءِ هفتي ڏيڍ بعد جڏهن ڪراچي ٿي موٽيس ته هن پوليس رپورٽنگ پٺيان اڌ ڏينهن وڃايم ۽ پڪو پهه ڪيم ته اڳتي جيڪڏهن انڊيا جي ويزا سان گڏ پوليس رپورٽنگ هوندي ته هرگز نه ايندس. نوجوان ڀلي اچن پرآءٌ پنهنجي عمر جي ماڻهن کي اها ئي صلاح ڏيندس ته اهڙي صورت ۾ انڊيا گهمڻ کان هٿ کڻي ڇڏيو ته بهتر آهي. گرمي ۽ اس ۾ سڄو شهر لتاڙي، ڪلاڪ ٻه ملزمن وانگر اچي بيهڻ ۽ رشوت به ڏيڻ، هن عمر ۾ عجيب لڳي ٿو ۽ جي توهان ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آيل آهيو ته پوءِ گهمڻ لاءِ توهان جو وقت ئي ڇا بچيو. آءٌ ته جيتوڻيڪ ممبئي ۽ پوني ۾ هفتي هفتي کان به مٿي رهيس، پر هن پوليس رپورٽنگ جي ڀوت جو سر تي سوار هجڻ، مون کي سيمينار ۾ پيپر پڙهڻ يا ليڪچر ٺاهڻ ۽ ڏيڻ ۾ ڏکيائي ۽ ذهني ڪوفت پيدا ڪري رهيو هو. ممبئيءَ ۾ ته ڪي چار پنج ڪلاڪ ضايع ٿيا (جيڪي پڻ اهميت رکن ٿا ۽ هڪ دفعو به نه پر چار دفعا رپورٽنگ ڪرڻي پئي) پر پوني ۾ ته پورا ٻه ڏينهن ضايع ٿي ويا. ممبئيءَ کان پوني رات جو ڏهين وڳي ڌاري پهتس. صبح ساڻ پوليس آفيس پهچي ويس. هتي پوني ۾ به ممبئي ۽ ڪراچيءَ وانگر سڄي شهر ۾ ان ڪم لاءِ هڪ ئي آفيس آهي. صحيح آفيس ڳولڻ لاءِ آٽو رڪشا ۾ ڪلاڪ لڳي ويو. ڪو چوي ته هيءَ آهي ته ڪو ٻِي پيو ٻڌائي. مزي جي ڳالهه اها ته آفيس اتي ئي ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ هئي، جتي منهنجي رهائش جو بندوبست هو ۽ جتي ’صوفيزم‘ تي سيمينار هلي رهيو هو. بهرحال آفيس ۾ نائين بجي ئي پهچي ويس، جو قانون موجب شهر ۾ داخل ٿيڻ سان ۲۴ ڪلاڪن اندر رپورٽنگ ڪرڻ ضروري آهي. آفيس ۾ ٻين به ڪجهه ملڪن جا فارينر ان ڪم لاءِ ويٺا هئا. گهڻا تڻا ايران، ملائيشيا، نيپال، سري لنڪا ۽ يمن پاسي جا شاگرد هئا. خبر پيئي ته رپورٽنگ جا آفيسر يارهين وڳي اچن ٿا. يارنهن ٿيا، آهستي آهستي ٿي هڪ هڪ اچڻ لڳو. مختلف ملڪن جا مختلف سيڪشن هئا. پاڪستان ۽ بنگلاديش جو جدا هو، ٻين ملڪن جا ته اچي ويا، ۱۲ ٿي ويا پر اسان وارو نه آيو. مون کان سواءِ هڪ بنگلاديشي واپاري هو ۽ ٻه سنڌي هندو به هئا، جيڪي پنهنجي ڪنهن مائٽ جي پوني کان ۴۰ ميل کن پري شهر ۾ شادي اٽينڊ ڪرڻ آيا هئا. هنن لاءِ هڪ هڪ منٽ قيمتي هو، هڪ بجي تائين جڏهن اتي ويٺل ڪلارڪ اهو ئي چوندو رهيو ته صاحب اجهو ٿو اچي، اجهو ٿو اچي. نيٺ اسان ان جي سينيئر عملدار وٽ وياسين، تنهن غير حاضر پوليس انسپيڪٽر تي حيرت ۽ ڪاوڙ ڪرڻ بدران اسان کي دڙڪو ڏنو ته هلي انتظار ڪريو اجهو آيو. اسين شام جو ڇهين بجي تائين انتظار ڪندا رهياسين پر هُو نه آيو. ٻئي ڏينهن وري صبح ساڻ اچي حاضر ٿياسين جو پوليس رپورٽنگ ڪرائڻ بنا ڪيڏانهن به نٿي وڃي سگهياسين. اهو ڪم يا ويزا ختم ٿيڻ بعد هڪ ڏينهن به وڌيڪ رهڻ ڇهه مهينا جيل آهي. هن قصي ۾ توڙي جو پوليس آفيس جو ASI پاڻ غير حاضر هو، پر اسان جي ٿاڻن ۽ عدالتن ۾ ڪير ٿو پڇي، ”عدالتن طرفان انصاف ڏيڻ“، ”پوليس آهي يار عوام جي“- جهڙا سهڻا سپنا فقط فلمن تائين محدود آهن. بهرحال ٻئي ڏينهن صاحب بهادر ۱۲ بجي ڌاري آيو. ٻن منٽن ۾ ٺپا لڳي ويا. حق جي ڳالهه ڪجي ته ان ڪم لاءِ پوني جي هن پوليس آفيسر نه رشوت گهري ۽ نه گهرڻ جو ڏيک ڏنو. سٺي اخلاق سان پيش آيو. ”بنگلاديش ۽ پاڪستان جا گهٽ ٽوئرسٽ ٿا اچن، ان ڪري مون کي ٻين ڪمن ۾ لڳايو وڃي ٿو.“ هن ٻڌايو. ها ايترو ضرور چيائين ته پنهنجو پنهنجو فائيل خريد ڪري اچو، جو توهان جي پاسپورٽ جي فوٽو ڪاپي ان ۾ وجهي آفيس رڪارڊ لاءِ رکندس. اسان ٻاهران اسٽيشنري جي دڪان تان ويهين رپئي وارو فائيل وٺي آياسين. اهڙيءَ طرح پوني ڇڏڻ وقت به اسان کي اڌ ڏينهن انتظار ڪرڻو پيو. بنگلاديش جي همراهه چيو ته، ”ملڪ کڻي الڳ الڳ آهن، پر مار! منجهن ڪيتريون نه هڪجهڙايون آهن!“ پوني ڇڏڻ وقت اهو ئي سوچيندو رهيس ته واسطيدار پوليس آفيسر اڄ نٿو اچي ته مون کي سڀاڻي ممبئيءَ وڃڻ بدران هڪ ڏينهن وڌيڪ ٽِڪڻو پوندو ۽ منهنجي ٽرين جي ٽڪيٽ به ضايع ٿي ويندي، پر هو اچي ويو ۽ جيتوڻيڪ سرهي منهن سان اسان جي فارمن تي ٺپا هڻي اسان کي آزاد ڪيائين، پر بهرحال اڌ ڏينهن ته ويو ۽ جيسين ٺپو نه لڳي تيسي ويچارو مسافر ٽينشن ۾ ئي رهي ٿو. ڪنهن ڏينهن ڪراچيءَ جي پوليس اسٽيشن تي وڃي جائزو وٺندس ته هو انڊيا کان آيل مسافرن سان ڪهڙو ورتاءُ ٿا ڪن، پر ممبئيءَ ۾ ڪجهه پاڪستاني مليا جن ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ جڏهن سندن مائٽ يا دوست انڊيا کان اچن ٿا ته پوليس آفيس وارا هنن کي چڱو خوار ڪن ٿا. بهرحال اهڙن موقعن تي اهو احساس ٿئي ٿو ته ڪهڙي آهي ”پاڪ انڊيا دوستي“ بس ٺلهو نعرو آهي! معمولي معولي ڳالهه تي اسان جا ڪيترا پاڪستاني ٽوئرسٽ انڊيا جي جيلن ۾ پيا سڙن ۽ ڪو پڇڻ توڙي ڪُڇڻ وارو ئي ڪونهي.
No comments:
Post a Comment