انڊيا ۾ پوليس رپورٽنگ جو رولو
ممبئي ايئرپورٽ تي پهچڻ سان اميگريشن ۽ ڪسٽمس ڊپارٽمينٽ جا آفيسر ڌارين ملڪن کان ايندڙن جي پاسپورٽن تي جلدي جلدي ٺپا هڻي فارغ ڪندا ويا. جن جي ويزائن تي ”پوليس رپورٽنگ“ لکيل هو، انهن کي ٻه فارم ڀري فوٽا هڻڻا پيا ٿي، جنهن ڪم جي اُڪلاءَ لاءِ به اميگريشن کاتي جون ٻه ٽي ڇوڪريون موجود هيون، جن مان هڪڙيءَ مون کان به فارم وٺي منهنجي پاسپورٽ وارا Particulars انهن فارمن تي لکيا ۽ آءٌ پڙهڻ وارو چشمو ڪڍي اهو سڀ ڪجهه لکڻ کان بچي ويس. انهن پُر ڪيل فارمن مان هڪ، اتي ويٺل اميگريشن آفيسر رکيو ۽ ٻيو مون کي ڏنو ويو ته پوليس اسٽيشن تي وڃي، ممبئيءَ پهچڻ جي رجسٽريشن ڪرايان.
منهنجي خيال ۾ پاڪستان ۽ انڊيا دنيا جا اڪيلا ملڪ آهن، جتي هڪٻئي جي ملڪن جي مسافرن کي نه فقط ايئرپورٽ تي دخول (Entry) جو ٺپو هڻائڻو پوي ٿو، پر پوليس اسٽيشن تي به رپورٽ ڪرڻي پوي ٿي، جن کي ”پوليس رپورٽنگ“ معاف ٿيل آهي، انهن لاءِ پوليس اسٽيشن تي وڃڻ جي ضرورت ناهي. ٽي سال کن اڳ جڏهن دهلي ۽ بڙودا وغيره آيو هئس ته اسلام آباد ۾ موجود انڊيا جي ايمبسيءَ انڊيا جي ويزا وٺڻ مهل اهو چئي منهنجي لاءِ پوليس رپورٽنگ معاف ڪئي هئي، ته منهنجي عمر ۶۰ سالن کان مٿي هئي ۽ انڊيا جي قانون مطابق وڏي عمر جي ماڻهن کي تڪليف نٿي ڏني وڃي، پر هن ڀيري جڏهن مون کي ويزا ملي ته ان تي Police Reporting جو ٺپو لڳل ڏسي مون کي حيرت ٿي، پر پوءِ سوچيم ته ڪهڙو ٿو فرق پوي. مون کي ڪهڙو انڊيا پهچي گم ٿي وڃڻو آهي. ممبئي، پوني... ۽ جتي به پيو ويندس اتي پهچڻ ۽ شهر ڇڏڻ وقت پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪري، پني تي ٺپو پيو هڻائيندس، پر پوءِ جڏهن پنهنجي ممبئيءَ جي هوسٽ جئه موتياڻيءَ کي ٻڌايم ته هن اها ئي صلاح ڏني ته هڪ دفعو وري انڊين هاءِ ڪميشن ڏي پاسپورٽ موڪليان ۽ کين درخواست لکان ته هُو مون کي پوليس رپورٽنگ کان آزاد ڪن ته سٺو.
”چڱو آءٌ سڀاڻي ئي Application موڪليان ٿو.“ مون هن کي ٻڌايو، ”پر جي معاف نه ڪيائون ته پوءِ پوليس رپورٽنگ ۾ ڪهڙي قباحت آهي؟“
”ٻيو ڪجهه ناهي، وقت جو زيان ٿو ٿئي.“ هن ٻڌايو ۽ ان سان گڏ مون کي هڪ ٻن واقفڪارن، جن جو انڊيا اچڻ وڃڻ ٿي چڪو هو، تن ٻڌايو ته انڊيا ۾ توڙي اتي جا مسافر جڏهن پاڪستان اچن ٿا ته اسان وٽ، پوليس ٻن ٽن سوَن کان هزار رپيا کن رشوت به گهري ٿي.
انڊيا، انگلينڊ ۽ شايد فرانس جي ويزا لاءِ به، پاسپورٽ ۽ گهربل ڪاغذ ڪراچيءَ ۾ Fedex ڪمپنيءَ جي معرفت، اسلام آباد موڪليا وڃن ٿا. هڪ خيال کان اها ڳالهه سٺي به آهي، نه ته هن کان اڳ سفارتخانن اڳيان سج اڀري کان ماڻهو قطار ۾ خوار پيا ٿيندا هئا. چئن ڏينهن بعد منهنجو پاسپورٽ اسلام آباد کان واپس آيو، پر انڊين هاءِ ڪميشن وارن معذرت ڪئي ۽ فيڊيڪس آفيس جي عملي به ٻڌايو ته اڄ ڪلهه انڊيا وارن هر مسافر لاءِ ”پوليس رپورٽنگ“ ضروري ڪري ڇڏي آهي، چاهي ڪو ستر سالن جو هجي! ۽ واقعي ممبئيءَ پهچي اتي جي پوليس اسٽيشن تي ڏٺم ته هڪ پاڪستاني بوهري جيڪو انگلينڊ کان آيو هو ۽ عمر ۾ مون کان وڏو لڳي رهيو هو، سو به پنهنجي آمد جو اطلاع ڪرڻ لاءِ پوليس اسٽيشن پهتو هو.
مون کي ممبئيءَ پهچي پهرين پوني روانو ٿيڻو هو، جتي ”صوفيزم“ تي سيمينار ۾ ساڌو واسواڻي مشن طرفان دادا جشن جي ڄم وارو نوي سالا جشن اٽينڊ ڪرڻو هو ۽ هفتي ڏيڍ بعد ممبئيءَ موٽڻو هو، جتي ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ طرفان مختلف عنوانن تي ليڪچر ڏيڻا هئا ۽ ممبئيءَ جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ جيڪا راجيندرا نالي جهاز تي آهي، مئرين انجنيئرنگ تي پيپر پڙهڻو هو. ساڌو واسواڻي مشن (svm) ممبئيءَ جي جنرل سيڪريٽري جئه موتياڻيءَ ان بابت منهنجي ڪافي رهنمائي ۽ مدد ڪئي ۽ منهنجي ممبئيءَ پهچڻ تي پاڻ سان پوني وٺي هلڻ جو وعدو به ڪيو، جيئن مون کي انڊيا پهچڻ سان تڪليف نه ٿئي. ويندي پوليس رپورٽنگ لاءِ به هن چيو ته سندس ڊرائيور ايئرپورٽ جي ٻاهران منهنجو فوٽو جهلي بيٺو هوندو، جيئن مون کي سڃاڻڻ ۾ آساني ٿئي ۽ هُو ان ڪم جو اُڪلاءُ ڪري ڇڏيندو.
اميگريشن طرفان مليل فارم، جيڪو Residential Permit ٿو سڏجي، وٺي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتس ته موتياڻي صاحب جو ڊرائيور ”ياديو مسافر“، جنهن ٻڌايو ته سندس مادري زبان ڀوجپوري آهي، پر موتياڻي ڪٽنب سان گذريل ڏهن سالن کان ڪم ڪرڻ ڪري، ڀڳل سڳل سنڌي به ڳالهائي وٺي ٿو. ايئرپورٽ جي دروازي سامهون ئي پوسٽر جهليو بيٺو هو، جنهن تي منهنجي فٽ باءِ ڏيڍ فٽ تصوير ۽ ان جي مٿان انگريزيءَ ۾ نالو لکيل هو. مون ۾ جهڙو نئون ساهه پيو، ڇو جو آءٌ هي پهريون دفعو اڪيلي سِر سفر ڪري رهيو هئس سو به هڪ اوپري ملڪ ۾. ڪيترا ماڻهو مون کي سفر جي حوالي سان وڏو سياڻو سمجهندا آهن، پر منهنجو سفر هميشه نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ٿيو آهي. پاڻيءَ جي جهاز هلائڻ واري لاءِ ته پاسپورٽ به ضروري ناهي. هن وٽ CDC نالي هڪ خاص ڪتابچو ٿئي ٿو ۽ پنهنجي جهاز کي بنا ويزا جي ڪنهن به ملڪ ۾ وٺي وڃي سگهي ٿو. ايمرجنسيءَ ۾ ته اسرائيل ۽ سائوٿ آفريڪا جهڙن ملڪن جي بندرگاهن ۾ به گهڙي سگهجي ٿو. هوائي جهاز هلائڻ واري کي ته منزل تي پهچڻ تي هوٽل جو رخ ڪرڻو پوي ٿو. اسان جو ته رهڻ ڪهڻ توڙي ماني کائڻ به ان ئي جهاز تي ٿئي ٿو. ڪيترائي دفعا مختلف ملڪن ۾ بيٺل پاڻيءَ جي جهاز تي بدلي ٿيڻ تي، هوائي جهاز ۾ وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي، پر ان جي به ڪڏهن ٽڪيٽ يا ويزا جو نه سوچيوسين. آفيس طرفان هوائي جهاز ۾ چاڙهي ڇڏيندا هئا، منزل اچڻ تي ان ملڪ جو اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جو ايجنٽ ايئرپورٽ تان اچي وٺي ويندو هو. نوڪري ڇڏڻ بعد ايران يا جپان آيس سو به گروپ سان گڏ. يا گذريل دفعي انڊيا (دهلي ۽ بڙودا پاسي) آيس ته ڄڃ سان گڏ ۽ هر شيءِ جو بندوبست پاڪستاني گهوٽ ۽ انڊين ڪنوار جي مائٽن سڄي ڄڃ لاءِ ڪيو هو. سو هي منهنجي لاءِ پهريون سفر هو، جنهن ۾ پاڻ ئي ويزا لڳرايم، ٽڪيٽ خريد ڪيم ۽ بئگ کڻي اڪيلي سِر نڪري پيس، انهن جي دعوت تي جن کي مون هن کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو ۽ ڪراچي ايئرپورٽ ڇڏڻ کان وٺي سوچيندو رهيس، ته ممبئي ايئرپورٽ تي ڪوبه وٺڻ لاءِ نه آيو ته مون کي پوني وڃڻ لاءِ خبر ناهي ڪهڙي بس يا ٽئڪسي اسٽينڊ تي وڃڻو پوندو يا ڪهڙي ريلوي اسٽيشن تان ٽرين ۾ چڙهڻو پوندو. گذريل دفعي دهليءَ کان بڙودا ٽرين ۾ سفر ڪندي اهو ضرور محسوس ڪيو هئم ته انڊيا جون ريل گاڏيون هر وقت فُل رهن ٿيون ۽ شايد ان ڪري اسان جي سفر لاءِ اسان جي دهليءَ واري ميزبان مهينو اڳ ٽڪيٽون خريد ڪري ڇڏيون هيون. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ مان هر وقت ممبئي يونيورسٽيءَ ۽ جئه موتياڻيءَ کان اِي ميل ذريعي پڇندو رهيس ته ممبئيءَ کان پونا ڪيترو پري آهي ۽ ٿي سگهي ته منهنجي لاءِ ٽرين يا بس جي اڳواٽ ٽڪيٽ وٺي ڇڏجو. جئه ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي هر وقت اهو ئي جواب لکندو رهيو ٿي ته آءٌ ڪوبه فڪر نه ڪريان. پر آءٌ هر وقت ٻُڏتر ۾ رهيس ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي ذهني طرح هر مشڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رکيم ٿي. اها تياري مون لاءِ اها ئي هئي ته پوني وڃڻ ڪئنسل ڪري ڇڏيندس. بهرحال ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ تي جئه موتياڻيءَ جو ڊرائيور ته هو پر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي به گلن جو هار ۽ شال جهليو بيٺو هو. ٻين مسافرن کي وٺڻ لاءِ آيل هتي جا مرهٽا رهاڪو، ٿي سگهي ٿو حيرت کائي رهيا هجن ته هار ۽ شال پارائڻ ڪٿي جي رسم آهي، پر منهنجي خيال ۾ اها رسم نه فقط اسان وٽ پاڪستان ۾ پر ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهي.
ڊاڪٽر مٽلاڻيءَ کي اهو ئي چئي موڪلايم ته پوني مان واپسيءَ تي آءٌ سڌو وٽس ممبئي يونيورسٽيءَ پهچندس. ان بعد ياديو جي وئن ۾ اچي ويٺس جنهن کي پوليس رپورٽنگ لاءِ مون کي وٺي هلڻو هو. ان وقت منجهند جو هڪ ٿيو هو. اهو وقت هر شهر ۾ ٽرئفڪ جئم جو رهي ٿو. رکي رکي چاڪيواڙي ۽ لِي مارڪيٽ جهڙا سوڙها ۽ ڳُتيل علائقا به آيا ٿي، جتي اسان جي گاڏي وک وک ڪري هلي ٿي، انهن رستن جي پاسي تي ٺهيل ڪچن، ڀڳلن ۽ اڌ اگهاڙن فلئٽن ۾ اندر ۽ ٻاهر فٽ پاٿ تي ويٺل مردن، عورتن ۽ ٻارن جي ڪپڙن ۽ افعالن مان لڳو ٿي ته سڄو ممبئي ’بالي ووڊ‘ به ناهي. ڪيترن ئي هنڌن تي غربت جو گراف اسان جي ملڪ کان به هيٺاهين درجي تي لڳي رهيو هو. اهڙن ئي علائقن مان هڪ علائقي جو نالو ياديو ڊرائيور ’ڌروي‘ ٻڌايو.
اسان کي ممبئي ايئرپورٽ ڇڏئي ڪلاڪ ٿي ويو هو، ”اڃا پوليس اسٽيشن نه پئي اچي؟“ مون ڊرائيور کان پڇيو. اسان وٽ ڪراچي توڙي لاهور، حيدرآباد ۽ هر شهر ۾ ٻن ٽن ميلن بعد ڪا نه ڪا پوليس اسٽيشن اچيو وڃي.
”هتي ورڪشاپ ۾ هيءَ گاڏي ڇڏڻي اٿم،“ ڊرائيور ٻڌايو، ”اتي صاحب ٻي گاڏي (ڪار) موڪلي آهي، جنهن ۾ پوليس اسٽيشن تائين هلنداسين ۽ ان ۾ ئي پوني هلڻو آهي.“
آخر اهو ورڪشاپ آيو. اتي ڪار آڻيندڙ ڊرائيور، اسان واري وئن کڻي ويو ۽ اسان هن آرامده ڪار ۾ پنهنجو سفر جاري ڪيو. ڊرائيور پٺيان پير کڻڻ بدران اهوئي سڌو ئي سڌو ڏکڻ ڏي هلندو رهيو. بسون، ڪارون، ڊبل ڊيڪر، نيون ۽ اوچيون عمارتون، بولٽن مارڪيٽ ۽ صدر جهڙيون انگريزن جي دور جون پٿرن جو ٺهيل جهونيون عمارتون، ڪاليج، IT ادارا، شاپنگ پلازا، اسٽور، پارڪ ۽ رکي رکي فٽ پاٿ تي ٺهيل جهوپڙيون ۽ انهن اڳيان انگ اگهاڙا ٻار ۽ رولو ڪتا، گاڏي وارا، هاڪر ۽ بس اسٽاپن اڳيان ممبئيءَ جي رهاڪن جون بس ۾ چڙهڻ لاءِ قطارون، هوٽلون، ريسٽورنٽون، مٺائين جا دڪان، ميڪڊونالڊ ۽ KFC گذرندا ويا. اسان جي ڪار ڏکڻ ڏي ويندي رهي، ويندي رهي!
No comments:
Post a Comment