Tuesday, February 08, 2011

ممبئي جا هوائي اڏا

ممبئي جا هوائي اڏا

ممبئي ايئرپورٽ تي اسان جي جهاز جي پهچڻ مهل ٻيون به ٻه ٽي اڏامون ڌارين ملڪن کان پهتيون هيون ۽ جهاز مان لهڻ وقت مسافرن جي رش کي ڏسي مون سمجهيو ته اميگريشن ۽ ڪسٽم جي ڪم ۾ وڏو وقت لڳي ويندو، پر پوءِ ايئرپورٽ جي اندر اچي ڏٺم ته مسافرن کي جلد فارغ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪائونٽر هئا، جن مان ڪجهه تي مرد حضرات ته ڪجهه تي هتي جون سانوريون مرهٽي ڇوڪريون ويٺل هيون. پر ڇا ته هُو ڦڙتيءَ سان ڪم ڪري رهيون هيون! هُو هر مسافر کي ائين treat ڪري رهيون هيون، ڄڻ اهو هنن جو باس هجي. اهو ئي رويو هنن جو پنهنجي ملڪ جي انڊين سان هو جيڪي عرب ملڪن يا يورپ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ نوڪريون ڪري موڪل تي وطن وريا هئا. ايئرپورٽ جي عملي جو اهو ئي هڪ سٺو اخلاق آهي، جنهن ڪري ڌارين ملڪن جي ٽوئرسٽن توڙي مڪاني انڊين کي پنهنجي وطن ورڻ تي پريشاني نٿي ٿئي ۽ هنن کي بيزاري ۽ نڌڻڪي پڻي جي احساس بدران عزت افزائي ۽ آڌرڀاءُ ملڻ جي ڪري فخر ٿئي ٿو.

ايئرپورٽ جي اندر چوڌاري نظر ڦيرايم ته ايشيائي ملڪن جي حساب کان ڪافي وڏو ۽ سهڻو لڳي رهيو هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته واش روم به صاف سٿرا هئا، منجهن يورڪ ائسڊ جي ڌپ نه هئي. اسان جو ڪراچي ايئرپورٽ به ڪجهه سال صاف سٿرو رهيو، سندس واش روم به صاف سٿرا ۽ بنا ڌپ جي رهيا، پر هاڻ اهو حال نه رهيو اٿن. جيتوڻيڪ يونيفارم ۾ هڪ يا ٻه ڀنگي بيٺل ضرور نظر اچن ٿا، جيڪي صفائي رکڻ لاءِ ڪا جستجو ڪندا هجن يا نه، پر واش روم مان نڪرندڙ هر مسافر جي رستا روڪ ڪري هن کان خرچي وصول ڪرڻ جي گونگي ڪوشش ضرور ڪن ٿا. گذريل دفعي ايران ويندي هڪ ڀنگيءَ کي چئي ڏنم ته توهان مسافرن کي ٽِپ ڏيڻ لاءِ شڪي ڇو ٿا ڪريو. پگهار نٿو ملنانوَ ڇا؟ سچ يا ڪوڙ هن چئي ڏنو ته، ”ملي ٿو پر اڌ ته ٺيڪيدار کايو وڃي، جو هن ذريعي نوڪري ئي ان شرط تي ملي آهي.“

توهان تهران، مشهد، دهلي ۽ ممبئيءَ جي ايئرپورٽن ۽ ريلوي اسٽيشنن اندر کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ڏسو ۽ ڪراچيءَ جي هوائي اڏي ۽ ريلوي اسٽيشن جي دڪانن تي ڏسو. مڃان ٿو ته اتي به شهر جي دڪانن کان مهانگيون شيون ملن ٿيون، پر ٽڪي پئسي جي حساب سان. اسان وانگر نه، ته ٻِيڻ تي به مهانگي شيءِ ملي، نتيجي ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪو مسافر، چانهه به مجبوريءَ جي حالت ۾ وٺي ٿو. گذريل دفعي جڏهن پهريون دفعو انڊيا آيس ته دهلي، احمد آباد، بڙودا جي ريلوي اسٽيشنن تي مسافرن کي پنهنجن مٽن مائٽن لاءِ تحفا يا پنهنجي کائڻ جون شيون ريلوي اسٽيشنن تان وٺندي ڏٺم ته حيرت ٿي، پر پوءِ شين جي قيمتن جي ڀيٽ ڪيم ته اندازو ٿيو ته اهي شيون ٻاهران خريد ڪري بار ڍوئي ريلوي اسٽيشن پهچڻ کان بهترآهي، اتان ئي وٺجن.

ممبئيءَ ۾ پهريون دفعو ايندڙن جي معلومات لاءِ اهو لکندو هلان ته ممبئيءَ ۾ ٻه هوائي اڏا آهن. هڪ انٽرنيشنل اڏامن لاءِ ۽ ٻيو ملڪي (ڊوميسٽڪ) اڏامن لاءِ، جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ آهي. پر اسان وٽ ٻنهي پاسن جا مسافر هڪ ئي هنڌ لهن ٿا، رڳو داخل ٿيڻ جا گيٽ جدا آهن. هتي ممبئيءَ ۾ اهي ميل ٻن جي فاصلي تي آهن، جيتوڻيڪ اندر رن وي وغيره ساڳيو آهي. بهرحال هڪ ٽرانزٽ واري مسافر کي ٻاهر نڪرڻ جي تڪليف نٿي ٿئي. مثال طور مون کي ڪراچيءَ کان ممبئي ۽ ممبئيءَ کان پوني تائين به هوائي جهاز ذريعي وڃڻو هجي ها ته ممبئي ايئرپورٽ تي لهي انڊيا ۾ داخل ٿيڻ جو اميگريشن وارن کان “Enter” جو ٺپو هڻائي، ڪسٽمس مان سامان ڪليئر ڪرائي، پنهنجي ڀاڙي تي ٽئڪسي ڪري يا ايئرپورٽ طرفان شٽل سروس ذريعي ڏهن منٽن ۾ مقامي (Domestic) اڏامن جي داخلا واري گيٽ تي پهچي، پوني جي ٽڪيٽ جو ڪوپن ڏيئي جهاز ۾ ويهڻ جو بورڊنگ ڪارڊ وٺي اڳتي وڌان ها ته پوني ويندڙ جهاز به مون کي اتي ئي نظر اچي ها، جتي آءٌ ڪراچيءَ کان ايندي وقت PIA جي هوائي جهاز مان لٿس. يعني اندر ٻئي ايئرپورٽ ڳنڍيا پيا آهن ۽ ايئرپورٽ ڊپارٽمينٽ طرفان سهوليتون به ساڳيون آهن، پر ٻاهر روڊ سائيڊ تي، اندر داخل ٿيڻ جا دروازا ڏهه پنڌرنهن منٽن جي drive تي آهن. بهرحال ممبئيءَ جا هي هوائي اڏا تهران جي امام خميني ايئرپورٽ يا ڪوالالمپور جي هوائي اڏي وانگر شهر کان گهڻو پري نه آهن، بلڪ آءٌ ته اهو ئي چوندس ته شهر جي اندر ئي آهن. جيئن ڪراچيءَ جو شهر وڌي وڃڻ ڪري ملير ۽ قائدآباد سان لڳڻ ڪري ۽ ٻئي پاسي پُلين ڪري شاهراهِه فيصل، گلشنِ اقبال سان وڃي ڳنڍيو آهي ۽ ڪراچيءَ جو هوائي اڏو جهڙو شهر جي وچ ۾ ٿي پيو آهي. تيئن هي ممبئيءَ جا هوائي اڏا آهن، جيڪي سانٽا ڪروز ۽ ولي پارلي (Vile Parle) وارن علائقن جي وچ ۾ آهن. ممبئيءَ جي ڪيترن علائقن مان لوڪل ٽرين وچ مان هلي ٿي، ان ڪري ان علائقي جو هڪ پاسو ايسٽ (اوڀر) سڏجي ٿو ته ٻيو پاسو ويسٽ (اولهه). جيئن ته سانٽا ڪروز ايسٽ به آهي ته ويسٽ به. ممبئيءَ جو هڪ ٻيو مشهور علائقو کار (Khar) ايسٽ به آهي ته ويسٽ به. اهڙيءَ طرح باندرا، دادر، مٽونگا ۽ انڌيري وارا علائقا ايسٽ به آهن ته ويسٽ به. ممبئيءَ جا هي ايئرپورٽ سمجهو ته سانٽاڪروز ايسٽ ۾ آهن. ممبئي يونيورسٽي، جتي مون کي ليڪچر ڏيڻا هئا ۽ اتي جي گيسٽ هائوس ۾ منهنجي رهائش رکي وئي هئي، سا ڪالينا (Kalina) علائقي جي وديا نگريءَ ۾ آهي ۽ هي ڪالينا علائقو سانٽا ڪروز سان ائين ڳنڍيو پيو آهي، جيئن حيدرآباد جي سٽيزن سوسائٽي، قاسم آباد سان. جڏهن هيءَ ممبئي يونيورسٽي ٺهي هوندي، تڏهن هيءَ شهر کان ڪيترائي ميل ڏور رڻ پٽ ۾ ٺهي هوندي، پر هاڻ جهڙو سنڌ يونيورسٽيءَ جو سِٽِي ڪئمپس! ممبئي يونيورسٽيءَ کان ممبئي جي ايئرپورٽ تائين ٽئڪسي ۲۰ منٽ ڪي مس ٿي وٺي. سو توهان جڏهن ممبئيءَ جي ايئرپورٽ تي لهو ٿا ته سمجهو ته ممبئيءَ جي وچ شهر ۾ آهيو ۽ جيڪڏهن ممبئيءَ ۾ توهان جي رهائش جو بندوبست مون وانگر سانٽا ڪروز ۾ آهي يا کڻي ويلي پارلي، کار، جوهو يا انڌيري ۾ آهي ته ڄڻ ايئرپورٽ وٽ ئي آهيو. توهان کي ۵۰ رپين اندر ٽئڪسي اتي پهچائي ڇڏيندي ۽ ان کان ٿورو پرڀرو ڪُرلا (Kurla)، باندرا، پالي هل، سيان (Sion)، پنت نگر، ماهيم، جوگيشوري ۽ پووائي وارا علائقا آهن يعني ممبئي ايئرپورٽ تان توهان ٽئڪسي ڪري انهن هنڌن تي آرام سان پهچي سگهو ٿا ۽ جي سامان ۾ فقط هڪ بئگ يا ٿيلهو آهي ته هتي جي آٽو رڪشا اڃا به سستي آهي. جيڪڏهن هٿين خالي آهيو ته لوڪل ٽرين بيحد سستي آهي. هتي جي لوڪل ريل گاڏيءَ جو سسٽم مون کي بيحد پسند آيو. ان ۾ ڪلاس ئي ٻه آهن. هڪ عام ڪلاس ٻيو فرسٽ ڪلاس. عام ڪلاس جي ٽڪيٽ تمام گهٽ رکي وئي آهي ۽ ان جو پورائو ڪرڻ لاءِ فرسٽ ڪلاس جي تمام گهڻي رکي وئي آهي. مثال طور ڪياماڙيءَ کان گلشنِ اقبال تائين عام ڪلاس جي فقط ڇهه رپيا آهي ته فرسٽ ڪلاس جي ۹۰ رپيا آهي. هڪ ٻه دفعو رش جي ڊپ کان فرسٽ ڪلاس ۾ چڙهيس پر پوءِ آءٌ به سياڻو ٿي ويس. جنهن وقت گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرندو هئس اهو وقت آفيسن جو نه هوندو هو، يعني Rush Hour نه هوندو هو، ته فقط پنج ڇهه رپيا خرچ ڪري عام ڪلاس ۾ چڙهي ممبئيءَ جو سير ڪندو وتندو هوس ۽ مزو به عام ڪلاس ۾ هوندو هو، جنهن ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر ايندا هئا ۽ نه فقط نظر ايندا هئا، پر ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ به تيار هوندا هئا. فرسٽ ڪلاس ۾ رڳو سنجيده قسم جا آفيسر يا بزنيس مين اخبار پڙهندي نظر ايندا هئا.

ممبئيءَ جي انهن ٻن ايئرپورٽن مان، جيڪو بين الاقوامي آهي ۽ ڪجهه عرصي تائين سحر انٽرنيشنل ايئرپورٽ سڏبو هو، اهو هاڻ سترهين صديءَ جي مرهٽا شهنشاهه ڇتراپاتي شيواجي نالي سڏجي ٿو ۽ ٻيو ڊوميسٽڪ اڏامن وارو سئنٽا ڪروز ٽرمينل سڏيو وڃي ٿو.

شهنشاهه شيواجي بابت ته اسڪول جي ڏينهن ۾ تواريخ ۾ به پڙهيو هئوسين، پر هتي ممبئيءَ اچي محسوس ٿيو ته مرهٽن جي اهم شخصيت شيواجي بادشاهه آهي، جنهن جو سڄو نالو ڇتراپتي شيوا جي راجي ڀوسلي آهي. نه فقط ممبئيءَ جو هي انٽرنيشنل ايئرپورٽ هن شهنشاهه جي نالي آهي، پر شهر جي جهوني، پراڻي، ۽ اهم ريلوي اسٽيشن جيڪا عمارت سازيءَ کان به مشهور آهي، اها ۽ ٻيون ڪيتريون عمارتون، روڊ رستا، پارڪ لئبريريون ۽ ڪاليج شيواجي جي نالي آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزن جي ٺهرايل هيءَ مرڪزي ريلوي اسٽيشن اڄ به عام طرح ”وي.ٽي“ يا وڪٽوريا ٽرمينل سڏجي ٿي، جيڪا انگلينڊ جي مهاراڻي وڪٽوريا جي ياد ۾ ۱۸۷۸ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ ڏهن سالن بعد ٺهي راس ٿي. شهنشاهه شيواجي جو سڀ کان وڏو Statue (مورتي) تاج محل هوٽل ۽ انڊيا گيٽ وي وٽ آهي.

No comments:

Post a Comment