جناح صاحب جو ڏوهٽو ۽ هوائي ڪمپنيون
ممبئي، ڪراچيءَ کان ڪو گهڻو پري ناهي. ان کان ته پري فيصل آباد، ساهيوال ۽ لاهور آهن. ممبئيءَ ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ هاءِ وي فاصلو لڳ ڀڳ ايترو آهي جيترو ڪراچي ۽ ملتان جي وچ ۾. ڪراچيءَ ۽ ممبئيءَ جي وچ ۾ انڊيا جو فقط هڪ صوبو گجرات آهي. ڪراچيءَ مان هوائي جهاز اڏامي ٿو ته ماکيءَ جي مک وانگر سڌو ئي سڌو ڏيڍ ڪلاڪ کان به اڳ اچيو ممبئيءَ ۾ ٺڪاءُ ڪري. هيٺان سنڌ جو ٺٽو ۽ بدين ضلعو ۽ ان بعد گجرات جا ڀوڄ، ڄام نگر، ڌوراجي، مانڊوي، جهونا ڳڙهه ۽ ڪجهه سامونڊي حصو خليج ڪڇ ۽ خليج کنڀاٽ جو لتاڙي ممبئي پهچي ٿو. کنڀاٽ جو بندرگاهه به آهي. هي اهو شهر آهي، جنهن جي نالي تي شاهه جو هڪ سُر کنڀات آهي ۽ مٿيان شهر مانڊوي ۽ ڌوراجي اهي آهن، جن جا ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ماڻهو پاڻ کي انهن شهرن جي سڃاڻپ سان سڏائين ٿا ۽ سندن ڪميونٽيون آهن جيڪي خير جي ڪم کان مشهور آهن.
ممبئي، جي باءِ روڊ وڃجي ته به ايڏو پري ناهي. اسان جي سنڌ جي بارڊر وارن شهرن مٺي، عمرڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر کان ته اڃا به ويجهو آهي. دراصل ورهاڱي کان اڳ، جڏهن اڃا هوائي سروس عام نه ٿي هئي ۽ ماڻهو باءِ روڊ سفر ڪندا هئا، ته سنڌ جا ماڻهو واپار وڙي يا اعليٰ تعليم لاءِ جهوناڳڙهه، پوني يا ممبئيءَ جهڙن شهرن جو رخ اختيار ڪندا هئا، جو هنن لاءِ گجرات ۽ مهاراشٽرا صوبن جا اهي شهر صوبي پنجاب جي لاهور ۽ مانٽوگمري کان وڌيڪ ويجهو هئا ۽ هونئن به سنڌ الڳ ٿيڻ کان اڳ بمبئي (هاڻ ممبئي) پريزيڊنسي ۾ آئي ٿي، جيئن سنگاپور، مدراس پريزيڊنسي ۾ آيو ٿي. انگريزن مدراس ۾ ويهي سنگاپور جو ڪاروبار هلايو ٿي. سنگاپور ۾ روڊ رستا يا ٻني ٻاري جي ڪم لاءِ مزورن يا ڪاريگرن جي ضرورت پئي ٿي ته هنن مدراس مان موڪليا ٿي، جن تامل زبان ڳالهائي ٿي. اڄ به سنگاپور ۾ جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻهو رهن ٿا، انهن ۾ نوي سيڪڙو تامل آهن ۽ هن ننڍڙي ۽ هاڻ امير ۽ ماڊرن ٻيٽ جي چئن قومي زبانن مان هڪڙي تامل زبان به آهي (۽ ٻيون ٽي آهن: انگريزي، چيني ۽ ملئي). سو گڏيل هندستان وارن ڏينهن ۾ سنڌ جي رهاڪن جي گهڻي اچ وڃ ممبئي ۽ گجرات جي شهرن احمدآباد، بڙودا (جيڪو هاڻ جهوني نالي ودودرا سان سڏجي ٿو) ۽ جهونا ڳڙهه ڏي هوندي هئي ۽ ساڳي وقت هي جيڪي اسان وٽ ڌوراجي، مانڊوي، راجڪوٽي، سورتي ۽ ڪڇي ڪميونٽيون نظر اچن ٿيون، انهن مان ڪيترا ڪٽنب پاڪستان جي وجود کان اڳ ئي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ رهيا ٿي، جن پنهنجي مادري زبان ڪڇي، مارواڙي ۽ گجراتيءَ سان گڏ سنڌي پڻ ڳالهائي ٿي.
منهنجي خيال ۾ ڪراچيءَ کان ممبئيءَ منهنجو ننڍي کان ننڍو هوائي سفر چئبو، جو ڪراچيءَ کان لاهور پهچڻ ۾ به ڏيڍ ڪلاڪ ٿو لڳي، پر هي سفر ڏيڍ ڪلاڪ کان به اڳ پورو ٿي ويو ۽ اسان جي جهاز ممبئيءَ جي رن وي کي ڇُهي، لاري يا ڪار وانگر ڦيٿن تي پنهنجي مقرر جاءِ ڏي وڌڻ لڳو. ايئر هوسٽِس جيسين جهاز هڪ هنڌ نه بيهي ۽ ڏاڪڻ نه لڳي، تيسين اسان کي پنهنجين سيٽن تي ئي ترسڻ وارو اعلان ڪيو. اسان پاڪستانين جي ڪلچر خلاف مون ڏٺو ته سڀ مسافر ماٺ ڪري ويٺا رهيا. ڪوبه هلندڙ جهاز ۾ دروازي ڏي نه ڀڳو. اهو شايد ان ڪري به جو جهاز ۾ مسافر ئي ڪي ٻه ڊزن مس هئاسين، جن ۾ جهڙو اڳ ۾ نڪرجي تهڙو آخر ۾. آءٌ دريءَ جو پڙدو هٽائي ٻاهر جو نظارو ڪرڻ لڳس. چوڌاري ڪيترائي هوائي جهاز نظر اچي رهيا هئا، جن مان ڪي اڏامڻ جي تيارين ۾ هئا، ته ڪي اسان جي جهاز وانگر هاڻ لٿا هئا، ڪي- خاص ڪري ايئر انڊيا جا ۽ انڊيا جي ٻين هوائي ڪمپنين جا جهاز، پارڪنگ خاطر بيٺل هئا، جن جو سمجهو ته ممبئي ”هوم پورٽ“ ٿيو. ڊچ ايئرلائين، سنگاپور، ملائيشيا ۽ سعوديه ايئر لائين جهڙين هوائي ڪمپنين جي هوائي جهازن سان گڏ جنهن جهاز منهنجو ڌيان ڇڪايو اهو اسرائيل جو هو. بلڪ هڪ بدران ٻه جهاز بيٺل هئا. ظاهر آهي انڊيا جا اسرائيل سان رشتا ناتا ڪجهه وڌيڪ آهن. آءٌ هنن هوائي جهازن جو ’لوگو‘ غور سان ڏسڻ لڳس. اسرائيل جا هوائي جهاز ڪٿي ٿا ڪراچي، ڪوالالمپور، تهران، دبئي، ڪويت، رياض ۽ جدي جهڙن هوائي اڏن تي نظر اچن. البت هن کان اڳ اسرائيل جو هوائي جهاز ڏسڻ جو موقعو مون کي سنگاپور ۾ مليو هو. انڊيا ۽ سنگاپور وارن جا اسرائيل سان ڪجهه وڌيڪ ئي بهتر تعلقات رهندا اچن. ڪجهه ذاتي ضرورت ڪري ته ڪجهه پنهنجن پاڙيسري ملڪن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي سيني تي مُڱ ڏرڻ لاءِ.
انڊيا جي سرڪاري هوائي ڪمپني ’ايئر انڊيا‘ آهي، جيڪا وڏي ڪمپني آهي. ظاهر آهي انڊيا پکيڙ توڙي آدمشماريءَ جي حساب سان تمام وڏو ملڪ آهي ۽ انڊيا جا تمام گهڻا ماڻهو ٻاهر رهن ٿا، جيڪي پنهنجي هوائي ڪمپني استعمال ڪن ٿا. ساڳئي وقت تمام گهڻن ملڪن جا ماڻهو انڊيا ۾ نوڪري ڪن ٿا، تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ گهمڻ خاطر ٽوئرسٽ ٿي اچن ٿا. فقط پوني شهر جي ٻن ٽن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڏٺم ته سوين فارينر شاگرد هئا، جيڪي يمن، سري لنڪا، سعودي عرب، ڪينيا ۽ مالديپ جهڙن ملڪن کان علاوه ملائيشيا ۽ ايران جا به هئا، جن ملڪن جي تعليم جو معيار ته تمام ٺيڪ ٺاڪ آهي، پر اتي جي شاگردن ٻڌايو ته جنهن فيلڊ يا مضمون ۾ هُو انڊيا ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اهي ملائيشيا يا ايران جي يونيورسٽين ۾ اڃا متعارف نه ٿيا آهن. سو بهرحال روزانو وڏي انگ ۾ ماڻهو انڊيا اچن ٿا يا انڊيا کان روانا ٿين ٿا. ساڳئي وقت انڊيا جا سرڪاري ادارا هجن يا نيم سرڪاري، اهي بيحد سٺي نموني هلي رهيا آهن ۽ هُو پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ جو هر ڳالهه ۾ معيار بلند رکندا اچن.
ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ آيل چندا ويرانيءَ نالي ايئر انڊيا جي هڪ سنڌي ڊپٽي مئنيجريس ٻڌايو ته، ”ايئر انڊيا جا هوائي جهاز دنيا جي ۱۳۰ شهرن ۾ وڃن ٿا.“
ايئر انڊيا ۱۹۳۲ع ۾، انڊيا جي مشهور بزنيس مئن J.R.D (جهانگير رتنجي داداڀائي) ٽاٽا پنهنجي خاندان جي نالي ”ٽاٽا ايئرلائينس“ شروع ڪئي، جنهن جي مهورت ٽاٽا پاڻ سنگل انجن جهاز کي ڪراچيءَ جي ڊرگ روڊ واري رن وي کان ممبئيءَ جي ’جوهو رن وي‘ تائين جهاز هلائي ڪئي. رستي تي هن احمدآباد ۾ ساهي پٽي هئي. ٽاٽا هڪ پارسي فئملي آهي ۽ هنن جو انڊيا جي ترقيءَ ۾ وڏو حصو آهي. هنن جون ڪيتريون ئي شيون دنيا ۾ قابلِ اعتماد مڃيون وڃن ٿيون. خاص ڪري لاريون، موٽرون ۽ ٽرڪون، ٽاٽا چانهه، ٽاٽا ڪيميڪل ۽ ٻيون ڪئين انيڪ شيون... هن فئمليءَ ۽ سندن بزنيس بابت اڳتي هلي احوال ڪنداسين.
جيستائين انڊيا جي ٻين هوائي ڪمپنين جو سوال آهي ته انهن جي تعريف نه ڪرڻ بخيلپڻو ٿيندو. ائين ته اسان وٽ به بليُو ائيرلائين، ايرو هوائي ڪمپني، شاهين ايئر ڪمپني آهي ۽ اهي پنهنجي حساب سان سٺو ڪم ڪري رهيون آهن، پر انهن کي حڪومت طرفان شايد ايتري همت افزائي ۽ ٽئڪس ۾ ڇُوٽ نٿي ملي جو اڃا مٿڀريون ٿي سگهن. ان مقابلي ۾ انڊيا جون غير سرڪاري هوائي ڪمپنيون، جهڙوڪ ڪنگ فشر ايئرلائين، گو ايئر، انڊيگو ائير لائينس، جيٽ ايئرويز يا Spice Jet ڪمپني، جن جا خوبصورت ۽ نوان جهاز ممبئي ايئرپورٽ تي بيٺل مون کي پنهنجي جهاز جي دريءَ مان نظر اچي رهيا هئا.
مٿي بيان ڪيل انڊيا ايئرلائين جي چندا ويرانيءَ ٻڌايو ته، ”ڪنگ فشر ايئر لائينس جا هوائي جهاز ۳۸ شهرن ۾ وڃن ٿا ۽ روزانو ۲۰۰ کان مٿي اڏامون اٿن. انڊيا جي هيءَ ڪنگ فشر هوائي ڪمپني دنيا جي ڇهن اعليٰ (فائيو اسٽار) ايئر لائينس مان هڪ آهي. باقي پنج آهن: ملائيشيا ايئر لائينس، قطر ايئر لائينس، سنگاپور ايئر لائينس، ڪئٿي پئسفڪ ايئرويز ۽ ايشيانا ائيرلائينس. انڊيا جي هيءَ ايئرلائين جيڪا فقط انڊيا جي شهرن ۾ هلي ٿي، اها ڪا اهڙي پراڻي به ناهي. مئي ۲۰۰۵ع کان هنن ٻن هوائي جهازن سان ڪم شروع ڪيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ Go Air وارن ۲۰ جهاز ليز تي وٺي انڊيا جي يارنهن شهرن ۾ سروس مهيا ڪئي. هن هوائي ڪمپنيءَ جا ڀاڙا سڀ کان گهٽ آهن. هن هوائي ڪمپنيءَ جا مالڪ انڊيا جو مشهور پارسي ڪٽنب واديا (Wadia Group) وارا آهن. اڄڪلهه نسلي واديا هن هوائي ڪمپنيءَ جو چيئرمين آهي. منهنجي ڪيترن پڙهندڙن کي شايد اها خبر نه هجي ته هي پارسي چيئرمين نسلي واديا اسان جي قائداعظم محمد علي جناح جو ڏهٽو ٿئي ٿو. نسلي جي پيءُ نيويلي Neville Wadia جيڪو ۱۹۱۱ع ۾ لورپول ۾ ڄائو هو، تنهن محمد علي جناح جي ڌيءَ دينا سان شادي ڪئي هئي، جيڪا ۱۴ ۽ ۱۵ آگسٽ جي وچ واري رات ۾ ۱۹۱۹ع ۾ لنڊن ۾ ڄائي هئي. محمد علي جناح چاهيو ٿي ته سندس ڌيءَ ڪنهن مسلمان سان شادي ڪري. هڪ پارسيءَ سان شاديءَ جو ٻڌي هُو ناراض ضرور ٿيو، پر پوءِ شاديءَ بعد ڌيءَ ۽ پيءُ جا تعلقات نارمل ٿي ويا. هندستان جي ورهاڱي بعد دينا پنهنجي مڙس نيويلي واديا سان گڏ بمبئيءَ ۾ ئي رهي پيئي. دينا پاڪستان ۾ ٻه دفعا آئي آهي، هڪ سندس پيءُ جي وفات وقت، سيپٽمبر ۱۹۴۸ع ۾ ۽ ٻيو دفعو سال ۲۰۰۷ع ۾ ۲۶ مارچ تي آئي. ساڻس گڏ سندس پٽ نسلي واديا (جيڪو انڊيا جي گو ايئر ڪمپنيءَ جو چيئرمين آهي) ۽ پوٽا: جهانگير ۽ نيس (Ness) پڻ هئا. اها خبر Dawn اخبار ۾ پڻ ڇپي هئي، جنهن جي ڪٽنگ منهنجي سامهون آهي. پنهنجي پيءُ جي قبر مٿان گلن جا هار رکي هن وزيٽرس بڪ ۾ لکيو ته:
“My dream to come here has been fulfilled. I will come back to see his dream come true’.
۽ ان جي هيٺان سندس پٽ چيئرمين نسلي واديا جا لکيل رمارڪ آهن ته:
‘It is an honour to be in Pakistan. Thank you for everything’.
جناح جي مزار بعد هن پنهنجي پڦي محترمه فاطمه جناح جي قبر تي گل رکيا ۽ آخر ۾ قائداعظم جي پراڻي گهر ”وزير مئنشن“ جو ديدار ڪرڻ بعد ممبئيءَ روانا ٿي ويا.
No comments:
Post a Comment