Thursday, February 03, 2011

ايران ۾ رهائش جو بندوبست ۽ سنڌين سان ملاقات - الطاف شيخ

ايران ۾ رهائش جو بندوبست ۽ سنڌين سان ملاقات
الطاف شيخ
اسان جي ٽولي جي سڀني ساٿين جو هڪ ئي هنڌ يعني هتل آرتمان ارڌال ۾ رهڻ جو بندوبست نه ٿي سگهيو جو هن ۾ ايترا گهڻا ڪمرا، بلڪ فلئٽ نما اپارٽمينٽ، خالي نه هئا. ان ڪري اسان جي گروپ ليڊر باقي ڏهاڪو کن بچيلن ۾ جن ۾ آئون به هوس ڀرواري گهٽي ۾ هڪ هوٽل نگين قم ۾ هلي رهايو. لڳو ٿي ته اسان جي ٽريول ايجنسي الحرمين طرفان اسان سان گڏ گائيڊ طور هلندڙ سلمان رضوي ۽ محمد علي وارن جو هتي جي هوٽل وارن سان سٺو وهنوار هو جو هوٽل وارن ان وقت عراق کان آيل عربن کي به ڇڏي اسان کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. ظاهر آهي ته ڪراچي وارا الحرمين گذريل ڏهن سالن کان ڪراچي مان زائرين جا ٽولا هر هفتي هتي وٺي اچن ٿا ۽ هنن جو مشهد توڙي قم ۾ حرم جي ويجهو ڪجهه هوٽلن سان تعلق آهي، جيڪي هر صورت ۾ هنن جي مهمانن کي سهولت ۽ سک پهچائين ٿا ۽ مسواڙ جي rate به ٻين کان گهٽ وٺن ٿا. مون اندازو لڳايو ته ههڙن شهرن ۾ جتي ماڻهن جي پيهه پيهان لڳي پئي آهي، روزانو هزارين ماڻهو پهچن ٿا اتي چڱو جو اسان هن قسم جي ٽريول ايجنسي سان گڏ آياسين جن کي فارسي اچي ٿي، جن جي هتي جي هوٽل وارن سان پراڻي ڄاڻ سڃاڻ آهي ۽ جن اسان لاءِ هتي رهائش جو بندوبست اڳواٽ ڪرائي ڇڏيو نه ته هڪ مسافر جيڪو ٿڪل ٽٽل پهچي ٿو اهو سامان جي هڙ مٿي تي رکي ڪهڙن ڪهڙن رستن تي ڪهڙين ڪهڙِين هوٽلن ۾ خالي ڪمري جو پڇائيندو وتي ۽ هنن ٽريول ايجنسين طرفان هوٽلن جي مالڪن سان اڳواٽ ٻول هجڻ ڪري هوٽل جي مسواڙ مناسب ڏيڻي پوي ٿي. هونءَ به دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ توهان جي ڪمرو اڳواٽ بڪ ڪرائيندائو ته سستو پوندو پر ايئرپورٽ تان بئگ ڪلهن تي رکي ڪنهن به هوٽل جي رسپشن تان خالي ڪمري ۽ مسواڙ جو پڇندائو ته هوٽل وارو توهان جي ابتي کل لاهڻ جي ڪوشش ڪندو ، هو سمجهي ويندو ته هڪ نئون مهمان جيڪو پهريون دفعو پهتو آهي، ان کي پڪ ڀروارين هوٽلن ۾ ڪمرو نه ملي سگهيو آهي ۽ هاڻ هو ٿڪ ۽ مجبوري جي صورت ۾ ڊسڪائونٽ بنا واري اگهه تي به راضي ٿي ويندو. بهرحال اهڙا مسافر جيڪي ڌارئين ملڪ ۾ پهچڻ کان اڳ رهائش جو بندوبست نٿا ڪري پهچن، انهن جي بچاءُ جو هڪ طريقو هميشه ٻڌائيندو رهيو آهي ته ايئر پورٽ تان اچڻ سان پهرين ڏينهن جنهن به هوٽل ۾ رهوته فقط هڪ ڏينهن لاءِ. ان هڪ ڏينهن لاءِ هوٽل وارو گهڻي مسواڙ لاءِ چوي پيو ته مجبورن رهي پئجي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن تازا توانا ٿي هٿين خالي شهر جو چڪر به هڻو ۽ گهٽ اگهه واري پنهنجي ڏانو جي هوٽل يا گيسٽ هائوس ڳولهي باقي ڏينهن ان ۾ رهي پئو. سستي مسواڙ واري هوٽل به ڪوشش ڪري اهڙي کي ترجيح ڏيو جيڪا شهر جي مرڪز ۾ هجي جيئن توهان ان مان نڪرڻ بعد بنا ٽئڪسي ڪرڻ جي اتي جو اتي گهمي سگهو. وچ شهر ۾ توهان کي بس به هر روٽ جي ملندي ۽ ٻين شهرن ڏي وڃڻ لاءِ بسين جا بس اسٽاپ به اتي واڪنگ ڊسٽنس تي ملندائو. ايران جي مختلف شهرن ۾ يا انڊيا، سري لنڪا، ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ مسافرن جي رهڻ لاءِ مختلف قسم جي هوٽلن، گيسٽ هائوسن، هاسٽلن ( ۽ ايران ۾ ته مسافر خانا ۽ اپارتمان هوٽلن) جو جيڪو بندوبست آهي ان جو اسان پنهنجي ملڪ ۾ رهي ڪري اندازو ئي نٿا لڳائي سگهون جتي چاليهه سالن کان ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ اهي ئي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون هوٽلون پيا ڏسون ۽ نوابشاهه، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ٺٽي جهڙن شهرن ۾ جيڪي ضلعا آهن انهن ۾ به رهائش لاءِ ڪو بستو بستو بندوبست ناهي، PIA طرفان شايد جيڪا سمبارا يا ان قسم جي نالي واري هوٽل ڀٽو صاحب جي ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٺهي هئي، ان کي به اهڙو ته خوفناڪ ۽ کنڊر بڻايو ويو آهي، جو موهن جو دڙو ۽ ان هوٽل ۾ ڪو اوڻهين ويهن جو وڃي فرق بچيو آهي. هڪ دفعي (ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي) منهنجو جهاز ڪراچي پهتو ته سنڌ جي سياحت يا شآيد ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي ڪنهن اعليٰ آفيسر مون کي به اچي ڊنر جي دعوت ڏني، جنهن ۾ هنن مختلف ملڪن جي قونصل خانن جي آفيسرن کي دعوت ڏني هئي ته جيئن هنن کي ان ۾ ٻڌايو وڃي ته اسان جي ملڪ ۾ موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي، حيدرآباد جي قلعي، مڪلي جي قبرستان جهڙيون تاريخي ۽ اسلامي آرڪيٽيڪٽ جون شيون آهن. مطلب ته هنن ٽوئرزم کي ترقي ٿي ڏيارڻ چاهي ۽ هن آفيسر ان سلسلي ۾ منهنجي فرئنڪ راءِ وٺڻ چاهي ٿي.
 
مون کلندي کيس چيو ته يار خدا جوخوف ڪريو ڇو ٿا سنڌ سرڪار جي خزاني جو خرچ ڪريو ۽ ڊنرن تي پئسو وڃايو. توهان کڻي ماڻهن کي ڏهه ڊنرون کارايو پر ماڻهو ۵۰۰۰ سال پراڻو موهن جو دڙو ڏسڻ بدران پنج سئو سال اڳ جو دهلي وارو لال قلعو ڏسڻ کي ترجيح ڏيندا، حيدرآباد جو هزار سال اڳ جو قلعو ڏسڻ بدران ملاڪا جو ٽي سئو سال اڳ وارو قلعو ڏسڻ پسند ڪندا جو ملائيشيا، ٿائيلنڊ، ايران ۽ انڊيا جهڙن ملڪن ۾ رهائش جو سُک ۽ سهولت آهي. اتي امن امان جي اهڙي صورت آهي جو سڄي رات مني اسڪرٽن ۾ ڇوڪريون بسن ۾ پيون سفر ڪن. پنهنجي ملڪ ۾ شيون ته واقعي ڏسڻ وٽان آهن، جهونيون ۽ تاريخي به آهن پر امن امان ڪٿي آهي؟ عورت ذات ته پري جي ڳالهه آهي هتي ڏينهن ڏٺي جو نر پيا اغوا ٿين. آهي مڪاني ماڻهن جي ئي کاڌي خوراڪ ۽ پاڻي جو بندوبست ڪونه، ڌاريان اچي ڪهڙي ڌوڙ وسائين! صاحب سان گڏ آيل ڪلارڪ جي شايد مولوين تي چڙ هئي تنهن چيو” سائين هتي مولوين ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي“ پر اڄ هتي ايران ۾ رهي ڏسان پيو ته مولوي ته هتي به آهن بلڪه اسان کان به گهڻا. هنن ته ماڳهين ايران کي ٺاهي ڇڏيو آهي. هر هڪ سک جو ساهه کڻي رهيو آهي، ڏينهن رات امن آهي، مرد ته ڇا پر عورتون ۽ ڇوڪريو ن اڪيلي سفر پيون ڪن، رات جو دير دير تائين بازارين ۾ خريداري پيون ڪن ۽ بقول ڪالم نويس ۽ سياسي تجزيي نگار لياقت عزيز جي اڪيليون ڇوڪريون سج لٿي مهل به ويران پارڪن ۾ سڪون سان پينٽنگ ڪندي نظر اچن ٿيون.
ايران ۾ هڪ ته فائو اسٽار کان فور ۽ ٿري اسٽار ٽائيپ هوٽلون آهن. ان کان علاوه حرم ۽ وچ شهر کان ٿورو پري ساديون ۽ سستيون هوٽلون آهن، جيڪي صاف سٿريون هجڻ ڪري ۽ ملڪ ۾ امن امان هجڻ ڪري پاڪستان جي ٻهراڙين جا ڪيترائي ماڻهو انهن غريباڻين ۽ سک وارين هوٽلن ۾ خوشيءَ سان رهيا پيا آهن. ڪهڙو فرق ٿو پوي جي هن کي حرم تائين پهچڻ ۾ اڌ ميل کن پنڌ ڪرڻو ٿو پوي. ان کان وڌيڪ پنڌ ته هنن کي پنهنجي ڳوٺ ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ روزانو ڪرڻو پوي ٿو. ان کان وڌيڪ وقت ته هنن کي اٽي يا کنڊ جي لپ خريد ڪرڻ لاءِ قطار ۾ بيهڻو پوي ٿو.
هتي ڪيتريون هوٽلون ”اپارتمان هوٽلون“ سڏجن ٿيون، جيڪي گهر وانگر آهن جن ۾وڏا ڪمرا آهن، يا ٻن ٻن ڪمرن جا اپارٽمينٽ آهن جن سان گڏ ڊرائنگ روم يا ٽي وي لائونج به آهي. هر ڪمري يا ٻن ڪمرن کي هڪ ننڍڙو رڌڻو به آهي. ڪيترا ماڻهو هوٽلن کان وڌيڪ هي اپارتمان پسند ڪن ٿا، جتي هو رڌ پچاءُ به ڪري سگهن ٿا. دراصل ملائيشيا، انڊيا ۽ هتي ايران ۾ ته اڃان به وڌيڪ ٽوئرسٽن جي اچڻ ڪري ڪيترن ماڻهن پنهنجي گهرن کي ڊاهي انهن جي جاءِ تي هوٽلون ٺاهيون آهن جو هنن ملڪن ۾ هوٽل بزنيس ٽاپ تي پيو وڃي ۽ ڇو نه وڃي جو ملڪ ۾ امن امان هڪ طرف آهي ته ايمانداري ٻئي طرف. هتي دڪاندارن يا هوٽل وارن کي نه پوليس تنگ ٿي ڪري نه وري ڪو محلي جو غنڊو ڀتو ٿو گهري. ڪيترن ته پنهنجي گهر کي هوٽل بنائڻ جي به تڪليف نه ڪئي آهي. انهي گهر کي اپارتمان هوٽل جو نالو کڻي ڏنو آهي. ڪي ته گهر اهڙا آهن، جيڪي ٽيهه سالن کان اهڙا ئي گهر آهن- سرن ۽ ڪچي مٽي جا جن ۾ ورانڊو به آهي ته اڱڻ به. اسان جي شهر هالا ۾ به ڪنهن زماني ۾ (جڏهن اڃا لائيٽ نه آئي هئي) ته اهڙا ڪچا گهر هئا، بلڪه ٽنڊوآغا ۽ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ اڃا تائين به ڪيترا مرزائن ۽ سيدن جا اهڙا گهر آهن. ايران ۾ ان قسم جا گهر اڪثر مسافر خاني جي نالن سان سڏيا وڃن ٿا، جن جا مسواڙي به پاءُ يا اڌ صدي کان ساڳيا ساڳيا ايندا رهن ٿا. اهڙن گهرن يعني مسافرخانن ۾ رهندڙ مسافر هوٽل وارن کان وڌيڪ هو ملي محسوس ڪن ٿا جو انهن مسافرخانن ۾ ساڳي فيملي جي ويهه ٽهه ڀاتين جو، يا ساڳي ڳوٺ جي دوستن جو ٽولو رهي ٿو. هو ڳوٺ وانگر اتي پاڻ رڌ پچاءُ ڪن. ڪپڙا ڌوئن، سڪائين، استري ڪن، ٻار اڱڻ تي رانديو ڪن، دري تي رکيل ٽيپ رڪارڊ سڄو گهر ٻڌي. هڪ اهڙِي ئي مسافرخاني، جنهن جو نالو طاهري مسافرخانو آهي، ڏسڻ لاءِ اندر گهڙيس ته ان جا مسافر پنهنجي ترجا يعني حيدرآباد جا سڃاڻا نڪتا. مهمان خاني لاءِ هتي عام لفظ ”مهمان پذير“ استعمال ٿئي ٿو. مهمان پذير طاهري جي ٻاهران ٻن همراهن کي سٿڻ قميص ۾ ڏٺم ته پڪ ٿي ته اسان جي ئي ملڪ جا هوندا جو انڊيا، بنگلاديش،سري لنڪا توڙي ترڪي ۽ وچ ايشيا جا زائرين ايران يا عرب ملڪن ۾ پتلون ۾ ئي نظر اچن ٿا. منهنجي پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته هو حيدرآباد جا آهن ۽ هڪ جو نالو علي ڏنو وگهيو شهدادپور يا ڪنهن شهر جي سول ڊپارٽميٽ ۾ آهي ۽ ٻئي پنهنجو نالو غلام حيدر عمراڻي ٻڌايو. اسان کي هڪ ٻئي کي سڃاڻڻ ۾ دير نه لڳي. هو مون کي اندر هلڻ لاءِ چوڻ لڳا ۽ مون به هنن کان خبرچار ٿي ورتي ته هو هتي ڪيئن پهتا، خاص ڪري سندن ڪوئيٽا کان باءِ روڊ اچڻ جو تجربو مون معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ هو هتي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو مسئلو ڪيئن پيا حل ڪن.
هنن ٻڌايو ته هو حيدرآباد جي ٽنڊي آغا جي مشهور شخصيت آغا سيد عبد علي شاهه سان گڏ آيا آهن. ”آغا صاحب هر سال ٻه يا ٽي دفعا ايران زيارتن لاءِ اچي ٿو ۽ پاڻ سان گڏ ٻين کي وٺي اچي ٿو،“ علي ڏني وگهئي ٻڌايو ته هن ڀيري هو پنهنجن ڪجهه ڏهٽن پوٽن ۽ ناٺي غلام مهدي شاهه (عبدالحسين شاهه جي پٽ) ۽ ٻين پاڙي وارن کي به وٺي آيو آهي.“
”مهمان پذير طاهري هڪ ڳوٺاڻي گهر وانگر هو جنهن ۾ هي سڀ واقعي گهر وانگر رهيا پيا هئا. علي ڏنو ۽ غلام حيدر عمراڻي ان وقت گوشت ۽ پٽاٽا وٺي آيا هئا، آغا عبد علي شاهه جو هڪ پوٽو ورانڊي ۾ صوف ڪٽي رهيو هو ۽ هڪ ٻيو ٽنڊي آغا جو سندن پاڙيسري ٻوڙ لاءِ بصر ڇلي رهيو هو. مونکي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد آيا جڏهن آئون پنهنجي ڏاڏيءَ جي ڀاءُ ماستر محمد وريل سان گڏ اٺ تي چڙهي ٽن ڏينهن لاءِ ڀٽ شاهه ميلي وارا ڏينهن اتي رهندو هوس، جتي ماستر محمد وريل ۽ ان جا دوست هن قسم جو گهر مسواڙ تي وٺي رڌ پچاءُ به پاڻ ڪندا هئا ۽ هڪ پڪنڪ جو ماحول هوندو هو. ۽ اهوئي ماحول هتي هن قسم جي رهائش گاهه ۾ نظر اچي رهيو هو ۽ هوٽل جي ننڍڙي ۽ بند ڪمري کان هي مسافرخانو وڌيڪ کليل ۽ دوستاڻي ماحول جو هو، جتي ڪو گوڏ ٻڌي ڏندڻ ڪري رهيو هو ته ڪو حرم ۾ وڃڻ يا خريداري ڪرڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو. اسان ورانڊو لتاڙي کاٻي پاسي واري ڪمري ۾ آياسين جتي سائين عبد علي شاهه پنهنجن ٻن ڏهٽن ضامن شاهه ۽ عمار کان خبرچار وٺي رهيو هو يا کين ايران جون خبرون ٻڌائي رهيو هو جو هو هتي پهريون دفعو آيل ٿي لڳا. سندن نانو سيد عبد علي شاهه حيدرآباد جو سڀ کان سينئر موسٽ ذاڪر آهي، ۽ هو نه فقط حيدرآباد جي امام بارگاهن ۽ مجلسن ۾ مرثيه ، مناقبات، سلام پڙهي ٿو ۽ تقريرون ڪري ٿو پر ٻين شهرن ۾ پڻ. اسان جا هالا ۾ رهندڙ ڪيترائي مائٽ ۽ واقفڪار ماستر فتح محمد شيخ، ڊاڪٽر منور، اميد علي شيخ ۽ پنيلڌو عمراڻي، نواز ۽ محمود عمراڻي ۽ يعقوب پاٽولي وارا کين چڱي طرح سڃاڻن ٿا ۽ جن جي حوالي سان هن مون کي به سڃاتو. باقي ننڍي ٽهي جي همراهن منهنجين لکڻين جي ڪري يڪدم سڃاڻي ورتو. سائين عبد علي ۱۹۲۹ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو، يعني هن جي عمر هن وقت اسي جي ويجهو ٿي پر هو ماشاءَ الله وڏي همت وارو لڳي رهيو هو. هن عمر ۾ ڪوئٽا پاسي کان باءِ روڊ سفر ڪري اچڻ ئي وڏي همت جي نشاني آهي، جو اسان واري (پاڪستان) پاسي وارن رستن جي حالت اهڙي خراب آهي جو جوان به ڏئي وٺيو وهيو رهن. سائين عبد علي ٻڌايو ته هو ننڍپڻ کان ايران اچي رهيو آهي ۽ هي سندن ايڪهترهون ڀيرو آهي، ”گهڻو ڪري اسين هن طاهري مسافر خاني ۾ ئي رهون،“ هن ٻڌايو، ”هي اسان لاءِ سهولت وارو به آهي، ۽ حرم مطهر به ويجهو ٿو پوي.“
سائين عبد علي شاهه جي ڏهٽن سان گڏ سندن پاڙي جا ٻه همعمر دوست هڪ ته سنڌ جي مشهور شاعر ۽ سماجي شخصيت احسن الهاشمي جو پوٽو ۽ علي گوهر شاهه جو پٽ سعادت علي شاهه ۽ ٻيو ٽنڊي آغا ۾ رهندڙ علي ڏنو شاهه صاحب جو پٽ سجاد علي شاهه به هو. هنن نوجوان ٻڌايو ته ٽنڊوآغا ۾ چار امام بارگاهه آهن جن مان مرزا فتح علي جو سڀ ۾ وڏو آهي ۽ ٻيا آهن امام بارگاهه ذوالفقار حسيني، امام بارگاهه تراب وغيره.
سائين عبد علي شاهه جن ٻڌايو ته هن ننڍي هوندي کان وٺي مرثيو ۽ سلام، قصيده. مناقبات وغيره جي پڙهائي شروع ڪئي ۽ چوڏهن ورهن جي ڄمار ۾ شاعري به شروع ڪئي، سندن شاعري جو ڪتاب گنجينه مودت (يعني محبت جو خزانو) سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. ”توهان کان پوءِ ڪير ٿا سمجهوته پڙهائي ۾ سٺو ثابت ٿيندو؟“ مون پڇيو.
”ڪيترائي ڇوڪرا سٺو پڙهن ٿا، سٺو سر اٿن، پر منهنجي ڀاڻيجي منظور حسين شاهه جو پٽ اطهر حسين شاهه سڀ ۾ بهتر آهي. سندس ڄمار ۳۰ سال کن ٿيندي.“
”ڀلا اڄ جي هيءَ نوجوان ٽهي فارسي ڳالهائي يا سمجهي يا نه ؟ مون پڇيو.
”نه بنهه برابر“ سائين عبد علي وراڻيو، ”وڏا سٺي ڳالهائيندا هئا خاص ڪري منهنجو نانو ذوالفقار علي شاهه ۽ سهرو سيد فتح علي شاهه“
سائين عبد علي شاهه جن جا وڏا عبدالهادي شآهه وارا مرزا قليچ بيگ وارن کان به گهڻو اڳ ايران جي شهر اصفهان کان هتي حيدرآباد ۾ اچي رهيا، ٽنڊو آغا ۾ جيڪي هي هنن جا گهر آهن، اها زمين ڦليلي جي ڪناري تائين کين ميرن طرفان مليل آهي. آغا عبد علي کي سندن پڙ ڏاڏو محمد صادق شاهه ۽ ڏاڏو شاهه محمد شاهه چتي طرح ياد آهي. شاهه محمد شاهه کي ٽي پٽ ٿيا: سڀ ۾ وڏو غلام مهدي شاهه، ٻيو علي محمد شاهه جيڪو ۱۹۴۰ع ۾ گذاري ويو ۽ ٽيون جان محمد شاهه (سائين عبد علي جو والد محترم) جنهن جي وفات جو سال ۱۹۶۵ع آهي.
”منهنجو ٻانگ جو نالو محمد صادق شاهه آهي،“ سائين عبد علي ٻڌايو ”پوءِ بعد ۾ منهنجي چاچي علي محمد شاهه جنهن مون کي نپايو، ”عبد علي“ نالورکيو.“ سائين عبد علي کي ٻه پٽ: عاشق حسين ۽ ذاڪر حسين آهن. سيد منور مهدي شاهه ۽ مشتاق حسين شاهه سندن نياڻا آهن. سائين عبد علي صاحب انجمن اماميه سنڌ، حيدرآباد جا صدر به رهي چڪا آهن.

No comments:

Post a Comment